اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

سورت فتح

ٽوٽل آيتون: 29

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي رسول هي حديبيه جو صلح نه آهي پر) اسان حقيقت ۾ تو کي پڌري فتح عطا ڪئي،

  2. ته جيئن خدا تنهنجي (امت جا) اڳيان ۽ پويان قصور معاف ڪري ۽ پنهنجي نعمت تو تي پوري ڪري ۽ تو کي سڌي راھ تي ثابت قدم رکي.

  3. ۽ خدا تو کي زبردست مدد ڏني.

  4. الله اهو ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ تسلي نازل فرمائي ته (جيئن) سندن (پهرئين) ايمان سان گڏ اڃا به سندن ايمان زياده ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا ئي آهن. ۽ خدا (مصلحت کي) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  5. ته ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي اتي هميشه رهندا ۽ انهن تان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏي ۽ اها خدا وٽ وڏي ڪاميابي آهي.

  6. ۽ منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتون تن تي جي خدا جي باري ۾ برا خيال رکن ٿا، عذاب نازل ڪري. مٿن بڇڙي مصيبت پيل آهي ۽ خدا انهن تي غضبناڪ آهي ۽ مٿن لعنت ڪئي اٿس. ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس ۽ اهو ٺڪاڻو بڇڙو آهي.

  7. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آهن. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  8. (اي رسول) اسان تو کي (سڀني عالمن جو) شاهد ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) بڻائي موڪليو.

  9. (ته اي مسلمانو!) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪريو ۽ کيس بزرگ ڄاڻو ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪريو.

  10. بيشڪ جيڪي تو سان بيعت ڪن ٿا سي رڳو خدا سان بيعت ڪن ٿا. خدا جي قوت ۽ قدرت ته سڀني تي غالب آهي ته پوءِ جيڪو انجام ڀڃندو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ پنهنجو قول ڀڃي ٿو ۽ جو شخص ان انجام کي پورو ڪندو جنهن جو خدا ساڻ قرار ڪيو اٿس تنهن کي خدا وڏو اجر ڏيندو.

  11. (اي رسول) ٻهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهيل تو کي چوندا ته اسان جي مالن ۽ اسان جي ٻارن ٻچن اسان کي (حديبيه ۾ اچڻ کان) رجهائي ڇڏيو هو، ۽ تون اسان لاءِ (خدا کان) معافي جي دعا گهر، اهي ماڻهو پنهنجن زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جي سندن دلين ۾ نه آهن. تون چوين ته جيڪڏهن خدا اوهان کي نقصان پهچائڻ گهري يا اوهان کي فائدو رسائڻ گهري ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو خدا جي مقابلي ۾ اوهان لاءِ ڪجھ به ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي خدا کي پوري خبر آهي.

  12. (اهي رڳو اوهان جا بهانا آهن) ڳالھ هي آهي ته اوهان هي ڄاتو هو ته رسول ۽ مومن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻچن ڏي ڪين موٽندا (سڀ مارجي ويندا) ۽ اها ڳالھ اوهان جي دلين ۾ کپي ويئي هئي ۽ (ان ڪري ئي) اوهين طرح طرح جون بدگمانيون ڪرڻ لڳا هئا ۽ (نيٺ) اوهين پاڻ برباد ٿيا.

  13. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول تي ايمان نه آڻي ته اسان اهڙن ڪافرن لاءِ دوزخ جي باھ تيار ڪري رکي آهي.

  14. ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي جنهن کي چاهي سزا ڏئي ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار آهي.

  15. (مسلمانو) هاڻي جو اوهين (خيبر جي) غنيمتن جي وٺڻ لاءِ ويندو ته جي ماڻهو (حديبيه کان) پٺتي رهجي ويا هئا سي اوهان کي چوندا ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هلو. اهي گهرن ٿا ته خدا جي ڳالھ کي بدلائي ڇڏين. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين اسان سان ڪڏهن به نه هلندو اهڙي طرح خدا اڳي فرمائي چڪو آهي. ته اهي چوندا ته (نه) پر اوهين اسان تي سڙو ٿا، (خدا ائين چوندو) ڳالھ هئين آهي ته انهن ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي.

  16. (اي پيغمبر) ٻاهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهلين کي چئو ته جلد ئي هڪ سخت وڙهڻ واري قوم سان وڙهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو ويندو جو اوهين (يا ته) انهن سان وڙهندا ئي رهندو يا اهي مسلمان ئي ٿين. پوءِ جيڪڏهن اوهان (خدا جو) حڪم مڃيو ته خدا توهان کي سٺو بدلو ڏيندو ۽ جيڪڏهن پٺ ڦيرندو جيئن هن کان اڳي پٺ ڦيري اٿو ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو.

  17. (جهاد کان پٺتي رهجي وڃڻ وارن مان) نه ته ڪنهن انڌي تي ئي ڪو گناھ آهي ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ آهي ۽ نه ئي بيمار تي گناھ آهي. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندو ته خدا کيس (بهشت) جي انهن سدا بهار باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جيڪو پٺ ڦيريندو تنهن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيندو.

  18. (اي رسول) بيشڪ خدا ايمان وارن کان تنهن وقت راضي ٿيو جڏهن انهن وڻ جي هيٺان (وڙهي مرڻ جي) بيعت ڪئي ٿي. پوءِ جو ڪجھ انهن جي دلين ۾ هو تنهن کي ڏٺائين پوءِ انهن تي تسلي نازل فرمائي ۽ کين ان جي بدلي ۾ تمام جلد فتح عنايت ڪئي.

  19. ۽ (ان کان سواءِ) ڪيئي غنيمتون (به) جي انهن کي هٿ آيون (عطا ڪيون) ۽ خدا ته (سڀ ڪنهن تي) غالب (۽) حڪمت وارو آهي.

  20. خدا توهان سان ڪيترين ئي غنيمتن جو وعدو فرمايو هو ته اوهين اهي حاصل ڪندو ته ان اوهان کي اها (خيبر جي غنيمت) اڳواٽ ڏني ۽ (حديبيه ۾) ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين ۽ مطلب هي هو ته اهو مومنن جي لاءِ (قدرت جو) نمونو ٿئي ۽ خدا توهان کي سڌي راھ تي هلائي.

  21. ۽ ٻيون (غنيمتون به ڏنائين) جن جي حاصل ڪرڻ جي اوهان کي طاقت نه هئي (۽) خدا ئي انهن تي حاوي هو. ۽ خدا ته هر شي تي قادر آهي ئي.

  22. ۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان سان وڙهن ها ته ضرور پٺي ڏئي ڀڄن ها پوءِ ته اهي نه (ته تنهنجو) سرپرست ئي ڏسن ها ۽ نه مددگار.

  23. اها ئي خدا جي عادت آهي جا اڳي کان هلي اچي ۽ تون خدا جي عادت کي بدليل نه ڏسندين.

  24. ۽ خدا اهو ئي ته آهي جنهن اوهان کي انهن ڪافرن تي فتح عطا ڪرڻ کان پوءِ مڪي جي سرحد ۾ سندن هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪي ڇڏيا ۽ اوهين جيڪي ڪري رهيا هئا خدا تنهن کي ڏسي رهيو هو.

  25. هي اهي ماڻهو ته آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجد الحرام (۾ اچڻ) کان روڪيو ۽ قربانيءَ جي جانورن کي به (اچڻ نه ڏنائون) جو اهي (پنهنجي) مقرر جاءِ تي پهچڻ کان روڪيل رهيا ۽ جيڪڏهن ڪجھ اهڙا ايمان دار مرد ۽ ايمان دار عورتون نه هجن ها جن کان توهان واقف نه هئا ته اوهان انهن کي (جنگ ۾ ڪافرن سان گڏ) پامال ڪري ڇڏيو ها ته پوءِ توهان کي انهن کان بيخبري ۾ نقصان پهچي ها (ته تنهن ۾ توهان کي فتح ٿئي ها پر دير هن ڪري ٿي) جو خدا جنهن کي گهري ته پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري. پر جيڪڏهن اهي (ايماندار ڪافرن کان) جدا ٿي پون ها ته انهن مان جيڪي ڪافر هئا اسين تن کي دردناڪ عذاب جي ضرور سزا ڏيون ها.

  26. (هي اهو وقت هو) جڏهن ڪافرن پنهنجن دلين ۾ ضد ڪئي (ضد به) نادانن جهڙي ضد، پوءِ خدا پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجي طرفان دلجاءِ نازل ڪئي ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالھ تي برقرار رکيو ۽ اهي ماڻهو ان ڳالھ جي لائق ۽ اهل به هئا. ۽ خدا ته هر شي کان خبردار آهي ئي.

  27. بيشڪ خدا پنهنجي رسول کي برابر سچو خواب ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن خدا گهريو ته ضرور اوهين پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ ٿورا وار ڪترائي بيڊپا ٿي امن سان مسجد الحرام ۾ داخل ٿيندو. ته جا ڳالھ اوهان کي معلوم نه هئي ان کي معلوم هئي ته ان مڪي جي فتح ٿيڻ کان اڳ تمام جلد (خيبر جي) فتح عطا فرمائي.

  28. خدا اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ شاهدي لاءِ ته خدا ئي ڪافي آهي.

  29. محمد خدا جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن سي ڪافرن تي تمام سخت آهن ۽ پاڻ ۾ رحم دل آهن تون کين ڏسندين ته (خدا جي اڳيان) جهڪيل سر بسجود آهن. خدا جي فضل ۽ سندس رضامنديءَ جا طلبگار آهن سجدن جي اثر کان سندن پيشانين ۾ نشان پيل آهن. سندن اهي صفتون تورات ۾ به آهن ۽ اهي حالتون انجيل ۾ (به ذڪر ڪيل) آهن. (اهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين وري ٿلهي ٿي ۽ پنهنجن ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي (ايتري جلد ترقي ان لاءِ عطا ڪئي) ته انهن سان ڪافرن جي جيءُ کي ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان خدا معافيءَ جو ۽ وڏي اجر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found