سومر, 17 جون 2019 - Mon 06 17 2019

منو

سورت احقاف

ٽوٽل آيتون: 35

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. حم

  2. (هي) ڪتاب (۽) زبردست حڪمت واري خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي.

  3. اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي پوري تدبير سان ۽ هڪ مقرر (ڪيل) مدت لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ ڪافر جن ڳالهين کان ڊيڄاريا ويا آهن تن کان منهن موڙ ڪندڙ آهن.

  4. (اي رسول! کين) چئو (ته مون کي ٻڌايو ته سهي) ته خدا کان سواءِ جن جي اوهين عبادت ڪيو ٿا تنهن کي اوهان ڏٺو آهي؟ مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شي انهن زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا (اڳين جي) علمي روايت ته مون وٽ آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو،

  5. ۽ ان کان وڏو گمراھ ڪير آهي جو خدا کان سواءِ اهڙن کي پڪاري ٿو جي قيامت جي ڏينهن تائين کيس جواب نه ٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن.

  6. ۽ جڏهن (قيامت ۾) گڏ ڪيا ويندا ته اهي (معبود) انهن جا دشمن هوندا ۽ سندس پوڄا (پاٽ) کان انڪار ڪندا.

  7. ۽ جڏهن کين اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ڪافر حق ڳالھ کي جنهن مهل وٽن پهچي ٿي چون ٿا ته هي پڌرو جادو آهي.

  8. (اي رسول) هو چون ٿا ڇا ته قرآن کي پاڻ ٺاهيو اٿس (کين) چئو ته جيڪڏهن مون ان کي ٺاهيو آهي ته خدا جي مقابلي ۾ مون لاءِ (اوهين) ڪجھ به ڪم نه ايندا ته جيڪي ڳالهيون اوهين هن باري ۾ ڪندا رهو ٿا تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ اهو شاهد بس آهي ۽ اهو گهڻو بخشندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  9. (اي رسول کين) چئو ته آءُ رسولن مان ڪو نئو رسول نه آهيان ۽ آءُ نه ٿو ڄاڻان ته آئينده مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ نه (هيءَ ڳالھ ته) اوهان سان (ڇا ڪيو ويندو) آءُ ته رڳو ان جو پابند آهيان جنهن جو مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.

  10. (اي رسول کين) چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن (هي) قرآن خدا جي طرفان آهي ۽ اوهان ان کان انڪار ڪيو هوڏانهن بني اسرائيلن مان هڪ شاهد اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي ڏني آهي ۽ ايمان به آندائين ۽ اوهان وڏائي ڪئي (ته توهان جي ظالم هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ) بيشڪ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.

  11. ۽ ڪافر ماڻهو مومنن جي باري ۾ چون ٿا ته جيڪڏهن اهو (دين) چڱو هجي ها ته اهي ماڻهو ان ڏي اسان کي اڳتي نه ڌڪن ها، ۽ جڏهن قرآن جي وسيلي سنئين راھ تي نه آيا ته هاڻي چوندا، هي ته پراڻو ڪوڙ آهي.

  12. هوڏانهن قرآن کان اڳ موسى جو ڪتاب هو جو اڳواڻ ۽ وڏي رحمت هو. ۽ هي (قرآن) اهو ڪتاب آهي جو عربي زبان ۾ (ان کي) سچو چوندڙ آهي هن لاءِ ته (هن سان) ظالمن کي ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ خوش خبري آهي.

  13. بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) ثابت رهيا تن کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.

  14. اهي جنت وارا آهن جو سدائين ان ۾ رهندا جيڪي عمل (دنيا ۾) پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.

  15. ۽ اسان انسان کي پنهنجيءَ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. (ڇو ته) سندن ماءُ ان کي رنج سان پيٽ ۾ رکيو ۽ کيس رنج سان ئي ڄڻيو. ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ جي (مدت) ٽيھ مهينا آهي تان جو جڏهن پوري جوانيءَ کي پهتو ۽ چاليهن ورهين (جي عمر) کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي توفيق عطا فرمائي ته تو جيڪي احسان مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيا آهن آءُ تن جو شڪر ادا ڪريان ۽ اها (به توفيق عطا فرمائي) ته مان اهڙو (ته) نيڪ ڪم ڪريان جنهن کي تون پسند ڪرين. ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪي ۽ تقوى پيدا فرمائي آءُ ته تو ڏي رجوع ٿيس ۽ آءُ بيشڪ تابعدارن مان آهيان.

  16. هي اهي آهن جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن سي قبول ڪنداسون ۽ بهشت (۾ وڃڻ) وارن ۾ اسين سندن گناهن کان درگذر ڪنداسون. (هي اهو) سچو وعدو آهي جيڪو انهن سان ڪيو ويندو هو.

  17. ۽ جنهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو ته اوهان تي حيف آهي. ڇا اوهين مون کي ڌمڪايو ٿا ته آءُ ٻيو ڀيرو (قبر مان) ڪڍيو ويندس هوڏانهن مون کان اڳي ڪيترائي ماڻهو مري چڪا آهن (۽ ڪو به وري جيئرو نه ٿيو). اهي ٻئي (ماءُ پيءُ) دانهون ڪري رهيا هئا ته تو تي افسوس آهي، ايمان آڻ! (خدا جو) بيشڪ سچو وعدو آهي. پوءِ چوي ٿو ته هي رڳو اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن.

  18. هي اهي آهن جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي آهي اهڙن امتين سان گڏ جيڪي انهن کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي خساري وارا آهن.

  19. ۽ جنهن جا جهڙا ڪم هوندا تهڙا سندن درجا هوندا ۽ اهو هن لاءِ جو خدا سندن ڪمن جو بلڪل پورو عوض ڏيندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو.

  20. ۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باھ جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن جيئن ته) اوهان پنهنجي دنيوي زندگيءَ ۾ پنهنجا مزا ماڻي چڪا آهيو ۽ ان ۾ عيش آرام ڪري چڪا آهيو سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا. ۽ هن ڪري (به) ته اوهين بدڪاريون ڪندا هئا.

  21. ۽ (اي رسول) تون عاد جي ڀاءُ (هود) کي ياد ڪر جڏهن ان پنهنجي قوم کي احقاف (جي علائقي ۾) ڊيڄاريو. هوڏانهن هن کان اڳ ۽ ان کان پوءِ (به) ڊيڄارڻ وارا گذري چڪا هئا ۽ هود (پنهنجي قوم کي چيو) ته خدا کان سواءِ ڪنهين جي عبادت نه ڪريو. مون کي ته تمام سخت ڏينهن جي عذاب کان اوهان جو ڊپ آهي.

  22. انهن چيو ته تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ڇا ته تون اسان جي معبودن کان اسان کي ڦيرين؟ ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن عذاب جي تون اسان کي ڌمڪي ڏئين ٿو سو آڻي ڏيکار.

  23. هود چيو ته (ان جي) خبر اڳي الله کي آهي ۽ آءُ اوهان کي اهو (پيغام) پهچايان ٿو جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي پر آءُ ڏسان ٿو ته اوهين جاهل قوم آهيو.

  24. پوءِ جڏهن انهن ماڻهن ان (عذاب) کي ڏٺو جو ڪڪر وانگر سندن ميدانن ڏي اڀرندو ٿي آيو ته چوڻ لڳا ته اسان تي وسڻ وارو ڪڪر آهي، نه! نه! هي (ڪڪر) اهو (عذاب) آهي جنهن جي جلد اچڻ جي اوهان گهر ڪئي هئي. اها هوا آهي جنهن ۾ دردناڪ عذاب آهي.

  25. جا سڀ ڪنهن شي کي پنهنجي پروردگار جي حڪم سان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندي ته اهي اهڙا (برباد) ٿيا جو سندن گهرن کان سواءِ ڪجھ به نظر نه ٿي آيو. اسين اهڙي طرح ڏوهاري کي بدلو ڏيون ٿا.

  26. ۽ بيشڪ اسان عاد (جي قوم) کي اهڙين ڳالهين جي طاقت ڏني هئي جن جي اسان اوهان کي طاقت نه ڏني آهي ۽ اسان کين ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ڏنيون پوءِ نه سندن ڪنن ۽ نه سندن اکين ۽ نه سندن دلين انهن کي ڪجھ به فائدو ڏنو ڇو ته اهي الله جي نشانين جو انڪار ڪندا هئا ۽ جنهن ڳالھ تي ٺٺوليون ڪندا هئا سو مٿن اچي ڪڙڪيو.

  27. ۽ (مڪي وارو!) اسان اوهان جي آس پاس وارا ڳوٺ برباد ڪيا ۽ پنهنجي (قدرت جون) ڪيئي نشانيون انهن کي ڏيکاري (سمجهايوسون) ته من اهي ماڻهو باز اچن (پر ڪير ٿو ٻڌي!)

  28. ته پوءِ خدا کان سواءِ جن (بتن کي) انهن ماڻهن (خدا) جي تقرب لاءِ معبود بنائي رکيو هو تن سندن مدد ڇو نه ڪئي؟ پر اهي ته (مصيبت جي وقت) انهن کان گم ٿي ويا ۽ اهو سندن ڪوڙ ۽ ٺاھ هو جنهن کي گهڙيندا هئا.

  29. ۽ جڏهن اسان جنن مان ڪي (جن) تو ڏي متوجه ڪيا ته دل لائي قرآن ٻڌن. ۽ جڏهن اتي پهتا تڏهن (هڪ ٻئي کي) چوڻ لڳا ته ماٺ ڪري ٻڌو. پوءِ جڏهن (پڙهڻ) پورو ٿيو ته پنهنجي قوم ڏي واپس موٽيا ته (کين عذاب کان) ڊيڄاريون.

  30. ته انهن کي چيائون اي ڀائرو! اسان هڪ اهڙو ڪتاب ٻڌي آيا آهيون جو موسى کان پوءِ نازل ٿيو آهي (۽) جي (ڪتاب) اڳ ۾ (نازل ٿيا) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي سچي (دين) جو ۽ سڌي راھ جو ڏس ڏسيندڙ آهي.

  31. اي اسان جي قوم! خدا جي طرف سڏڻ واري جي ڳالھ مڃو ۽ خدا تي ايمان آڻيو اهو اوهان جا گناھ بخشيندو ۽ (قيامت ۾) اوهان کي دردناڪ عذاب کان پناھ ۾ رکندو.

  32. ۽ جنهن خدا ڏي سڏڻ واري جي ڳالھ نه مڃي ته (ياد رکو! ته) اهو (خدا کي روءِ زمين ۾) ڪو عاجز (ته) ڪري نه سگهندو ۽ نه (وري) ان کان سواءِ سندس ڪو به سرپرست ئي ٿيندو. (پوءِ) اهي ئي ظاهر گمراهي ۾ آهن.

  33. ڇا انهن ماڻهن سوچيو ڪين آهي ته جنهن خدا آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪيو ڪين، سو ان ڳالھ تي بيشڪ قادر آهي ته مردن کي جيئرو ڪندو اهو بيشڪ سڀ ڪنهن ڳالھ تي قادر آهي.

  34. ۽ جنهن ڏينهن ڪافر (دوزخ جي) باھ جي اڳيان پيش ڪيا ويندا (ته انهن کان پڇيو ويندو ته) ڇا هاڻي به هي برحق نه آهي؟ اهي چوندا ته پنهنجي پروردگار جو قسم هاءُ (برابر حق آهي) خدا فرمائيندو ته وٺو هاڻي پنهنجي انڪار ۽ ڪفر جي بدلي عذاب جا مزا چکو.

  35. ته (اي رسول) پيغمبرن مان جيئن اولو العزم (عالي همت) صبر ڪندا رهيا تون به صبر ڪندو رھ! ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهر نه ڪر! جنهن ڏينهن اهي ماڻهو ان قيامت کي ڏسندا جنهن جو انهن سان انجام ڪيل آهي ته ائين ڀائيندا ته ڄڻ اهي ڏينهن جي هڪ گهڙيءَ کان سواءِ (دنيا ۾) رهيا ئي نه هئا. هي پيغام پهچائڻ آهي ته پوءِ اهي ئي هلاڪ ٿيندا جي بدڪار هئا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found