سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

سورت يس

ٽوٽل آيتون: 83

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. يس

  2. قسم آهي حڪمت سان پر ٿيل (هن) قرآن جو،

  3. (ته) اي رسول! تون بلا شڪ يقيني پيغمبرن مان آهين،

  4. (پڻ دين جي بلڪل) سڌي رستي تي (ثابت قدم) آهين.

  5. جيڪو وڏي مهربان (۽) غالب (خدا) جو نازل ڪيل آهي.

  6. هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي (تو کان) اڳ ڪنهين پيغمبر جي ذريعي خدا جي عذاب کان) نه ڊيڄاريو ويو آهي، تنهنڪري اهي بيخبر آهن.

  7. انهن مان گهڻن تي ته (عذاب جون) ڳالهيون پڪ بلڪل سچيون ثابت ٿيون آهن اهي ماڻهو ته ايمان نه آڻيندا.

  8. بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن ۽ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن (جنهن ڪري) اهي ڪنڌ مٿي کنيل اٿن (ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگهن)

  9. ۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي ۽ وري کين ڍڪي ڇڏيو آهي تنهن ڪري اهي نٿا ڏسي سگهن.

  10. ۽ (اي رسول) انهن لاءِ (هيءَ ڳالھ) هڪجهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي (ڪڏهن به) ايمان آڻڻ وارا نه آهن.

  11. تون ته رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جو نصيحت مڃي ۽ ڏسڻ کان سواءِ خدا جو خوف رکي ته تون ان کي (گناهن جي) معافي ۽ هڪ باعزت (۽) آبرو واري اجر جي خوش خبري ٻڌائي.

  12. اسان ئي پڪ مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي ڪم اڳي ڪري چڪا آهن (تن کي) ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم ڇڏيل تن) نشانين کي به لکندا رهون ٿا ۽ اسان هر شي کي هڪ ظاهر کليل پيشوا ۾ گهيري رکيو آهي.

  13. ۽ (اي پيغمبر) انهن جي اڳيان هڪ ڳوٺ (انطاڪيه) وارن جو مثال بيان ڪر جڏهن وٽن پيغمبر آيا.

  14. هن ريت ته جڏهن اسان انهن ڏي ٻه ڄڻا (پيغمبر، يوحنا ۽ يونس) موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن کي) ٽئين (پيغمبر شمعون) سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.

  15. انهن (کين) چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ خدا ڪجھ به نازل (وازل) ڪين ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا.

  16. تڏهن انهن پيغمبرن چيو ته اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.

  17. ۽ (اوهين مڃو يا نه مڃو) اسان تي ته رڳو ظاهر بظاهر (خدا جو حڪم) پهچائڻ فرض آهي.

  18. انهن چيو ته: بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بد) فالي سمجهي آهي (ڏڪر ۾ مبتلا ٿيا آهيون) جيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو.

  19. (پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفالي ااوهان سان آهي، ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو.

  20. ۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو،

  21. انهن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوهان کان ڪا اجرت نه ٿا گهرن ۽ اهي سڌي راھ تي آهن.

  22. مون کي ڇا ٿيو آهي جو جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي تنهن جي عبادت نه ڪريان؟ هوڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.

  23. ڇا ان کان سواءِ (آءُ) اهڙن کي معبود بنايان جو جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته مون کي سندن سفارش ڪجھ به ڪم نه ايندي ۽ نه (اهي) مون کي (ان مصيبت کان) ڇڏائي سگهندا.

  24. (جيڪڏهن ائين ڪريان ته پوءِ) ته ان وقت بيشڪ آءُ ظاهر گمراهي ۾ هوندس.

  25. مون ته اوهان جي پالڻهار تي ايمان آندو (آهي) سو منهنجي ڳالھ ٻڌو (۽ مڃو پر انهن ماڻهن کيس سنگسار ڪري ڇڏيو)

  26. تڏهن (کيس خدا جو) حڪم ٿيو ته بهشت ۾ وڃ! (تنهن وقت به ان کي قوم جو خيال آيو ته) چيائين ته جيڪر منهنجي قوم ڄاڻي ها ته،

  27. ڇا جي ڪري مون کي منهنجي پالڻهار بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.

  28. پڻ اسان سندس (رحلت کان) پوءِ ان جي قوم تي (سندن تباهيءَ لاءِ) نه ته ڪو آسمان مان لشڪر لاٿو ۽ نه اسين ڪڏهن به (ايتري ڳالھ تي لشڪر) لاهڻ وارا هواسون.

  29. اها ته رڳو هڪ ”رڙ“ هئي (جا ڪئي ويئي) پوءِ ته اهي يڪدم (چراغ سحري وانگر) وسامي (مري) ويا.

  30. هاءِ افسوس بندن جي حال تي جو وٽن ڪو به اهڙو رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.

  31. ڇا انهن ماڻهن (ايترو به) نه سوچيو ته اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيتران ئي امتن کي برباد ڪري ڇڏيو. جيڪي انهن وٽ وري ڪڏهين به اچي نٿا سگهن!

  32. (هاءُ) البت انهن سڀني کي اسان جي (بارگاھ ۾) ضرور حاضر ڪيو ويندو.

  33. ۽ انهن جي سمجهڻ لاءِ منهنجي قدرت جي هڪ نشاني مئل (وساڻل) زمين آهي جو اسان ان کي (پاڻيءَ) سان جيئرو ڪيو ۽ اسان ئي ان مان داڻا ڪڍيا جيڪي اهي ماڻهو ان مان کائين ٿا.

  34. ۽ اسان ئي زمين ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ اسان ئي ان ۾ (پاڻي جا) چشما جاري ڪيا.

  35. ته جيئن انهن جي ميوي مان کائين ۽ ان (ميون) کي سندن هٿن نه ٺاهيو آهي (پر خدا بنايا آهن) ته ڇا اهي ماڻهو (تڏهين به) شڪر نه ٿا ڪن؟

  36. اهو (هر عيب کان) پاڪ آهي جنهن زمين مان پيدا ٿيڻ وارين شين ۽ خود ماڻهن مان ۽ انهن شين کي جن جي (خود) انهن کي (به) خبر نه آهي سڀني جا جوڙا (جوڙا) پيدا ڪيا آهن.

  37. پڻ (اسان جي قدرت جي) هڪ نشاني رات آهي جنهن کان اسين ڏينهن کي ڇڪي ڪڍون ٿا ته ان وقت اهي ماڻهو اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا،

  38. ۽ (هڪ نشاني) سج آهي جيڪو پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو (سڀ کان) غالب واقف ڪار جو ٻڌل اندازو آهي.

  39. ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي سڪل ٽاري وانگر (سنهو ۽ چٻو) ٿي پوي ٿو.

  40. نه سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان آهي ۽ نه رات ئي ڏينهن کان اڳي وڌي سگهي ٿي. سج چنڊ ۽ تارا سڀئي (پنهنجي پنهنجي مدار تي) آسمان ۾ تري رهيا آهن.

  41. ۽ انهن لاءِ (منهنجي قدرت جي) نشاني هيءَ (به) آهي ته سندن وڏن کي (نوح جي) ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو،

  42. ۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙيءَ) جهڙيون (ٻيون سواريون به) پيدا ڪيون جن تي (اهي ماڻهو) سوار ٿين ٿا.

  43. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته کين ٻوڙي (ماريون) پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس ٿيندو ۽ نه اهي (پاڻ اتان) ڇڏائي سگهندا.

  44. پر اسان جي مهربانيءَ سان ۽ جيئن ته هڪ (خاص) وقت تائين (کين) آرام ڏيڻ (منظور) آهي.

  45. ۽ جڏهن انهن ڪافرن کي چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب کان) ڊڄو جيڪو هر وقت اوهان سان گڏ اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي پٺيان (موجود آهي ته) من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (تڏهين به منهن موڙن ٿا)

  46. ۽ انهن جي حالت هيءَ (آهي) جو سندن پالڻهار جي نشانين مان ڪا نشاني اچي ٿي ته اهي ماڻهو منهن موڙڻ کان نه ٿا رهن.

  47. ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جيڪا خدا توهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان ڪجھ (خدا جي راھ ۾ به) خرچ ڪريو ته (اهي) ڪافر ماڻهو ايمان وارن کي چون ٿا ته ڀلا اسين ان شخص کي (کارايون) جنهن کي (اوهان جي خيال ۾) خدا گهري ها ته خود کارائي ها، اوهين ماڻهو ته رڳو ظاهر گمراهي ۾ (پيل آهيو).

  48. پڻ چون ٿا ته (ڀلا) جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته نيٺ اهو (قيامت جو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو؟

  49. (اي رسول) اهي رڳو هڪ سخت چيخ (صور) جا منتظر آهن جا کين اوچتو (تنهن وقت) پڪڙيندي جڏهن اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا.

  50. پوءِ اهي نه وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا.

  51. ۽ وري (جڏهن ٻيو ڀيرو) صور ڦوڪي ويندي ته يڪدم اهي سڀ ماڻهو (پنهنجي پنهنجي) قبرن مان نڪرندا نڪرندا) پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) ڏي ڊوڙندا (ايندا).

  52. پڻ (حيران ٿي) چوندا، هاءِ افسوس! (اسين ته ستا پيا هئاسون) اسان کي اسان جي سمجهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو؟ (جواب ايندو ته) هي اهو ئي (قيامت جو) ڏينهن آهي جنهن جو وڏي مهربان (خدا) انجام ڪيو هو ۽ پيغمبرن سچ چيو هو.

  53. اها (قيامت ته) رڳي هڪ سخت رڙ هوندي پوءِ ان وقت ئي انهن سڀني کي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويندو.

  54. پوءِ (چيو ويندن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ اوهان ماڻهن کي ته رڳو اهو بدلو ڏنو ويندو جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا.

  55. بيشڪ جنت وارا اڄ (قيامت جي ڏينهن) هڪ نه ٻي مشغوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيا آهن.

  56. ۽ اهي ۽ سندن زالون (ٿڌين) ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (آرام سان) ويٺا آهن.

  57. بهشت ۾ انهن لاءِ (تازا) ميوا (تيار رکيا) آهن ۽ جو ڪجھ گهرندا سو (به) انهن لاءِ (حاضر) آهي.

  58. مهربان پروردگار جي طرفان سلام چيو ويندن.

  59. ۽ (حڪم ڪنداسون ته) اي گنهگارو! اڄ نيڪ (ماڻهن) کان جدا ٿيو!

  60. اي آدم جي اولاد! ڇا مون اوهان کي هيءُ تاڪيد نه ڪيو هو ته (خبردار!) شيطان جي عبادت نه ڪجو! اهو پڪ اوهان جو ظاهر دشمن آهي.

  61. ۽ هي ته (ياد رکو!) رڳو منهنجي عبادت ڪجو! اهو ئي (ڇوٽڪاري جو) سڌو رستو آهي.

  62. (تنهن هوندي به) ان اوهان مان گهڻي خلق کي گمراھ ڪيو آهي. ته ڇا اوهان (ايترو به) نه ٿي سمجهيو.

  63. هيءُ اهو جهنم آهي جنهن جو اوهان سان انجام ڪيو ويو هو.

  64. ته جيڪو ڪفر ڪندا هئا تنهنجي ڪري (ماٺ ميٺ ۾) اڄ ان ۾ داخل ٿيو.

  65. اڄ سندن واتن تي مهر هڻنداسون ۽ جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جا هٿ خود اسان کي ٻڌائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا.

  66. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته سندن اکين کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ رستو ڳوليندا وتن پر هو ڪٿي ٿا ڏسي سگهن؟

  67. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جتي هجن اتي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا.

  68. ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي ابتو گهٽائيندا (ٻارڙن وانگر بي پهچ) ڪريون ٿا ڇا پوءِ اهي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن؟

  69. ۽ هن پيغمبر کي اسان نه شعر سيکاريو آهي ۽ نه شاعري سندس شان جي لائق آهي. هيءُ (ڪتاب) ته رڳي نصيحت ۽ ظاهر قرآن آهي.

  70. هن لاءِ ته جيڪو زنده (دل عقل وارو) هجي تنهن کي (عذاب کان) ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي (عذاب جو) قول ثابت ٿي (وڃي ۽ حجت باقي نه رهي).

  71. ڇا انهن هن تي به غور نه ڪيو جو اسان سندن فائدي لاءِ ڍور ان شي مان پيدا ڪيا جنهن کي اسان جي قدرت ئي بنايو پوءِ اهي ماڻهو (اسان جي فضل ۽ ڪرم سان) انهن جا مالڪ آهن.

  72. ۽ اسان ئي ڍورن کي سندن تابعدار ڪيو ته انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائين ٿا.

  73. ۽ انهن لاءِ انهن (ڍورن) ۾ ڪيئي فائدا آهن ۽ پيئڻ جي شي (کير) ڇا پوءِ اهي ماڻهو (تڏهن به) شڪر نه ٿا ڪن؟

  74. ۽ ماڻهن خدا کي ڇڏي (فرضي هٿرادو) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته کين انهن کان ڪا مدد ملي.

  75. (هوڏانهن) اهي سندن مدد نه ڪري سگهندا، ۽ اهي (ڪافر) انهن (معبودن) جو لشڪر آهي ۽ (قيامت ۾) انهن سڀني جي پيشي ٿيندي.

  76. پوءِ (اي پيغمبر) سندن ڳالهيون تو کي رنج نه ڪن ڇو ته اهي جو ڪجھ لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي اسين بيشڪ ڄاڻون ٿا.

  77. ڇا آدمي هن تي به غور نه ڪيو ته اسان ئي ان کي هڪ (ذليل) نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اجهو اهي ظاهر مقابل (ٿيو) آهي.

  78. ۽ اسان بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پيدائش (جي ڳالھ) کي ڀلجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ڀلا جڏهن هي هڏيون (ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينديون ته (پوءِ) ڪير (وري ٻيهر) جيئرو ڪندو؟

  79. (اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن انهن کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو اهو ئي انهن کي جياريندو ۽ اهو سڀ ڪنهن (قسم جي) پيدا ڪرڻ کي ڄاڻندڙ آهي.

  80. جنهن اوهان لاءِ (مرغ ۽ غفار جي) سائي وڻن مان باھ پيدا ڪئي پوءِ اجهو اوهين ان مان ٻاريندا آهيو.

  81. جنهن (خدا) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو انهن جهڙن جي پيدا ڪرڻ جي قدرت نٿو رکي ڇا؟ هاءُ! (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو ئي وڏو پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.

  82. سندس شان ته هي آهي جو جڏهن ڪنهن شي (جي پيدا ڪرڻ جو) ارادو ڪري ٿو ته سندس حڪم رڳو ان (شي) کي هي چوڻ آهي ته ”ٿي!“ ته (يڪدم) ٿي پوي ٿي.

  83. اهو خدا (هر عيب) کان پاڪ صاف آهي جنهن جي قبضه قدرت ۾ هرشي جي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found