آچر, 25 آگسٽ 2019 - Sun 08 25 2019

منو

سورت لقمان

ٽوٽل آيتون: 34

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. الم

  2. هيءَ (سورت) حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن.

  3. جو (سمورو) نيڪ ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.

  4. جي پابندي سان نماز ادا ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ اهي ئي شخص آخرت جو به يقين رکن ٿا.

  5. اهي ئي پنهنجي پروردگار جي هدايت تي هلن ٿا ۽ اهي ئي (قيامت ۾) پنهنجيون دلي مرادون پائيندا.

  6. ۽ ماڻهن ۾ ڪي (نضر بن الحرث پارا) اهڙا آهن جي بيهودا قصا (ڪهاڻيون) خريد ڪن ٿا هن لاءِ ته سواءِ سوچ سمجھ جي (ماڻهن کي) خدا جي (سڌي) راھ کان ٿيڙين ۽ خدا جي آيتن سان مسخريون ڪري اهڙن ئي ماڻهن لاءِ تمام خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.

  7. ۽ جڏهن سندن اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي کان منهن ڦيري (اهڙي طرح) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن انهن آيتون کي ٻڌو ئي ڪين! ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ته (اي پيغمبر) تون کيس دردناڪ عذاب جي (هاڻي ئي) خوش خبري ٻڌائي!

  8. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن.

  9. جو اهي ان ۾ هميشه رهندا. اهو خدا جو پڪو وعدو آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  10. هن آسمانن کي سواءِ اهڙن ٿنڀن جي بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جو جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو (مينهن وسايو) پوءِ اسان ان ۾ هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا.

  11. (اي رسول! کين چئو ته) اها ته خدا جي پيدائش آهي پوءِ (ڀلا) اوهين ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ جي (معبود) اوهان بنايا آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالھ هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.

  12. ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي (۽ حڪم ڏنوسون ته) خدا جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته (سندس نقصان آهي) خدا ته (بهرحال) بي پرواھ (۽) لائق حمد وثنا آهي.

  13. ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو، ته ”اي منهنجا پٽڙا! خدا سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي“

  14. ۽ اسان انسان کي ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوري مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) رکيو ۽ سندس ٿڃ ٻن ورهين ۾ ڇڏائجي ٿي (پنهنجي ۽) سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ تاڪيد ڪيوسون ته منهنجو به شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي والدين جو (به. ۽ نيٺ سڀ کي) مون ڏي موٽي اچڻو آهي.

  15. ۽ جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ تو تي زور ڪن ته مون سان اهڙي شي کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي تو کي خبر به نه آهي ته سندن چيو نه مڃ پر دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رھ! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين دنيا ۾ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌائيندس.

  16. (۽ لقمان چيس ته) اي منهنجا پٽڙا جيڪڏهن ڪو به عمل (سٺو هجي يا بڇڙو) اهر جي ڌاڻي برابر هوندي ۽ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته خدا ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ خدا باريڪ بين خبر رکندڙ آهي.

  17. اي منهنجا پٽڙا نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان (ماڻهن کي) روڪ ۽ جيڪا تڪليف تو کي رسي تنهن تي صبر ڪر. (ڇو ته) بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي.

  18. ۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي.

  19. ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.

  20. ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي خدا توهان جي تابع ڪيو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي بنا علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي خدا جي ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا.

  21. ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه! بلڪ اسين ان (ڳالھ) جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي پاتو. ڀلا توڙي جو شيطان سندن ابن ڏاڏن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟

  22. ۽ جو شخص خدا جي اڳيان سر جهڪائي ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته بيشڪ ان (ايمان جي) مضبوط رسي پڪڙي ۽ (نيٺ ته) سڀني ڪمن جي پڇاڙي خدا ڏي ئي آهي.

  23. ۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪفر ڪري تنهن جو ڪفر تو کي غمگين نه ڪري. انهن سڀني کي ته (نيٺ) اسان ڏي ئي اچڻو آهي. پوءِ جيڪي (به) ڪيو هوندائون (تنهن جو نتيجو) کين ٻڌائينداسون. بيشڪ خدا دلين جي راز کان (به) چڱيءَ طرح واقف آهي.

  24. اسين کين ڪجھ (عرصو) آرام ڪرڻ ڏينداسون. پوءِ (وري) کين مجبور (۽ لاچار) ڪري سخت عذاب ڏي (ڇڪي) آڻينداسون.

  25. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله! (ته پوءِ اي رسول) چوين ته الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن.

  26. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ خدا جو ئي آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) بي پرواھ (۽ هر حال ۾) لائق حمد و ثنا آهي.

  27. ۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون. (۽ مس ٿين ۽ خدا جي علم ۽ ان جون ڳالهيون لکڻ ۾ اچن) تڏهين به خدا جون ڳاليهون نه کٽنديون. بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.

  28. اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو جي پيدا ڪرڻ يا جيارڻ) جهڙو آهي بيشڪ خدا (اوهان سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجھ ڏسي رهيو آهي.

  29. ڇا تون نه ڏٺو آهي ته خدا رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي ٿي) ۽ ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ ان ئي (ڄڻ) سج چنڊ کي اوهان جي تابع ڪيو آهي هر هڪ مقرر (ڪيل) مدت تائين (ائين ئي) هلندو رهندو (ڇا تو هي به خيال نه ڪيو ته) جو ڪجھ اوهين ڪري رهيا آهيو خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.

  30. اهي (سڀ ڳالهيون) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شي) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، پڻ هن ۾ (به) شڪ (شبهو) نه آهي ته الله ئي عاليشان ۽ بلند مرتبي وارو آهي.

  31. ڇا تون هن (ڳالھ) تي به غور نه ڪيو ته خدا جي فضل سان ئي ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته (ڪاٺ ۾ اها طاقت ڏئي) اوهان کي (پنهنجي قدرت جون) نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ به سڀني صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  32. ۽ جڏهن ڇانو ڪندڙ ڪڪر وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا ۽ وري جڏهن کين خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (ڪو پڪو ڪافي) ۽ اسان جي (قدرت جي) نشانين کان انڪار ته رڳو انجام ڀڄيندڙ، احسان نه مڃيندڙ ڪن ٿا.

  33. اي انساو! خدا جو خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾) ڪو پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو. ۽ نڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجھ ڪم ايندو بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪو نه ڏئي، ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) ڌوڪو ڏئي.

  34. بيشڪ الله وٽ ئي قيامت (جي اچڻ) جو علم آهي ۽ اهو ئي جڏهن مناسب (موقعو ڏسي ٿو ته) مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ (نر يا مادي) آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص (ايترو به ته) نه ٿو ڄاڻي ته (اهو) سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪو به شخص (هي به) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي سرزمين ۾ مرندو! بيشڪ خدا (سڀني ڳالهين کان) آگاھ ۽ خبردار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found