اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت حج

ٽوٽل آيتون: 78

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄندا رهو (ڇو ته) قيامت جو زلزلو (ڪا معمولي ڳالھ نه آهي) هڪ تمام (سخت) شي آهي.

  2. جنهن ڏينهن اوهين ان کي ڏسندو ته هر کير پيارڻ واري (دهشت کان) پنهنجي کير پياڪ (ٻار) کي وساري ڇڏينديءَ سڀ پيٽ واريون زالون (خوف کان) پنهنجا پنهنجا ٻار ڪيرائي ڇڏينديون. پڻ (گهٻراهٽ ۾ ماڻهو تو کي متوالا معلوم ٿيندا هوڏانهن اهي نشي وارا نه هوندا، پر الله جو عذاب تمام سخت آهي (جو ماڻهو بدحواس ٿيا آهن).

  3. ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي بنا سمجھ جي خدا جي باري ۾ (خواھ مخواھ) وڙهن ٿا ۽ سڀ ڪنهن سرڪش شيطان جي پٺيان هلن ٿا.

  4. جنهن (شيطان) جي باري ۾ فيصلو ٿي چڪو آهي ته جيڪو ساڻس دوستي رکندو تنهن کي هو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب تائين پهچائيندو.

  5. اي انسانو! جيڪڏهن اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ٻيهر جيئرو ٿي ۾ اٿڻ ڪنهن قسم جو شڪ آهي ته بيشڪ اسان اوهان کي (اول) مٽيءَ مان تنهن کان پوءِ نطفي مان وري ڄميل رت مان، وري گوشت جي ٻوٽيءَ جي صورت ڏنل ۽ اڻ صورت ڏنل مان پيدا ڪيو ته اوهان تي (پنهنجي قدرت) ظاهر ڪريون. (ته پوءِ اوهان جو ٻيهر جيئرو ڪري اٿارڻ ڪهڙي وڏي ڳالھ آهي) ۽ اسان زالن جي پيٽ ۾ جنهن (نطفي) کي گهرون ٿا، هڪ مقرر ڪيل مدت تائين ترسايون ٿا وري اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ڪڍون ٿا، وري پاليون ٿا هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني جي زور کي پهچو. ۽ اوهان مان ڪي ته اهڙا آهن جي (پوڙهائپ کان اڳ) مرن ٿا ۽ اوهان مان ڪنهن کي نڪميءَ عمر (ٻڍاپڻ) ڏي ڦيريو وڃي ٿو ته، هن لاءِ ته ڄاڻڻ کان پوءِ ڪجھ به نه ڄاڻي. ۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀرڻ لڳي ٿي ۽ سڀ ڪنهن رونق واريءَ جنس جون شيون پيدا ڪري ٿي.

  6. اهي (قدرت جا ڪرشما) هن ڪري (ڏيکاريا وڃن ٿا ته جيئن سمجهو) ته بيشڪ خدا برحق آهي پڻ (هي به) ته بيشڪ اهو ئي مئلن کي جياري ٿو ۽ يقينا اهو ئي سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي.

  7. ۽ يقينا قيامت اچڻ واري آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ بيشڪ جي ماڻهو قبرن ۾ آهن تن کي خدا ٻيهر جياريندو.

  8. ۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جي خدا جي باري ۾ سواءِ ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب (جو کين راھ ڏسي) خدا جي آيتن کان منهن موڙي (خواھ مخواھ) خدا جي باري ۾ لڙڻ (مرڻ) تي تيار آهن.

  9. هن لاءِ ته (ماڻهن کي) خدا جي راءِ کان ٿيڙين. اهڙي (نابڪار) جي لاءِ دنيا ۾ (به) خواري آهي ۽ قيامت جي ڏينهن (به) اسين ان کي دوزخ جي عذاب (جو مزو) چکائينداسون.

  10. (۽ ان وقت کين چونداسون ته) اها سزا انهن ڪرتوتن جي آهي جن کي تنهنجن هٿن اڳ ئي ڪيو هو ۽ بيشڪ خدا بندن تي ڪڏهن به ظلم نٿو ڪري.

  11. ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (بيهي) الله جي عبادت ڪري ٿو پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو فائدو پهچي ٿو ته ان سان فرحت ٿيس. پر جيڪڏهن مٿس ڪا تڪليف پهتي ته (يڪدم) منهن موڙي (ڪفر ڏي ڀڳو) ان دنيا ۽ آخرت (ٻنهي ۾) نقصان ڪيو اهو ئي ظاهر نقصان آهي.

  12. خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شي کي (حاجت وقت) سڏي ٿو جا نه ان کي نقصان ئي پهچائي سگهي ٿي ۽ ان کي نه فائدو پهچائي سگهي ٿي. اها ئي ته حد درجي جي گمراهي آهي.

  13. ۽ ان کي (حاجت روائي لاءِ) سڏي ٿو جنهن جو نقصان ان جي فائدي کان وڌيڪ ويجهو آهي. بيشڪ اهڙو مالڪ به بڇڙو ۽ اهڙو رفيق به برو آهي.

  14. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (تن کي) خدا اهڙن باغن ۾ آڻي داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. بيشڪ خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.

  15. جيڪو (غصي ۾) هي گمان ڪري ٿو ته خدا دنيا ۽ آخرت ۾ سندس مدد نه ڪندو سو آسمان تائين هڪ رسي ڇڪي پوءِ وڍي ڇڏي (ته گهٽي مري وڃي) پوءِ ڏسي ته جا ڳالھ کيس ڪاوڙ ڏياري ٿي تنهن کي سندس تدبير پري ڪري ٿي (يا نه!).

  16. ۽ اهڙي طرح اسان (قرآن) کي کليل ۽ روش (بڻائي) نازل ڪيو ۽ بيشڪ خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي هدايت ڪري ٿو.

  17. ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ايمان آندو (مسلمان) ۽ يهودي ۽ لامذهب ماڻهو ۽ عيسائي ۽ مجوسي (آتش پرست) ۽ مشرڪ (ڪافر) خدا تن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن (پورو پورو) فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شي کي ڏسي رهيو آهي.

  18. ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ (ٽڻ) ۽ جانور ڪيترائي ماڻهو خدا کي سجدو ڪن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا به آهن جن تي (نافرماني سبب) عذاب (جو اچڻ) لازم ٿي چڪو آهي. ۽ جنهن کي خدا خوار ڪري تنهن کي ڪو عزت ڏيڻ وارو نه آهي. بيشڪ خدا جو چاهي ٿو سو ڪري ٿو.

  19. هي اهي (مومن، ڪافر) ٻه جماعتون پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندڙ آهن جي پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ پاڻ ۾ وڙهن ٿا پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا تيار ڪيا آهن. (اهي کين پهرايا ويندا) ۽ انهن جي مٿن تي (ٽهڪندڙ) گرم پاڻي وڌو ويندو.

  20. جنهن (جي گرميءَ) سان جو ڪجھ سندن پيٽ ۾ هوندو (آنڊا بڪيون وغيره) ۽ کلون ڳري وينديون.

  21. ۽ انهن (جي مارڻ) لاءِ لوھ جا گرز هوندا.

  22. جڏهن به گهٻراهٽ جي ڪري ان (دوزخ) مان نڪرڻ گهرندا ته (گرز هڻي) ان ۾ هڪلايا ويندا. ۽ (کين چيو ويندو ته) سڙڻ جي عذاب جو مزو چکيو.

  23. بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي خدا اهڙن (سرسبز) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا، انهن کي اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتيءَ (جا هار) پهرايا ويندا ۽ سندن پوشاڪ اتي ريشمي هوندي.

  24. ۽ (اهو هن ڪري جو دنيا ۾) کين سٺي ڳالھ (توحيد جي ڪلمه) جي هدايت ڪئي سون ۽ کين لائق حمد (خدا تعالى) جو رستو ڏيکاريو ويو.

  25. بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ خدا جي راھ کان ۽ ان عزت واريءَ مسجد (مسجد الحرام) کان ماڻهن کي روڪين ٿا جنهن کي اسان ماڻهن لاءِ عبادت گاھ بنائي آهي، اتي رهڻ وارو ۽ ٻاهر وارو (ٻئي) برابر آهن ۽ جو ان ۾ شرارت سان گمراهي جو ارادو ڪندو تنهن کي دردناڪ عذاب چکائينداسون.

  26. ۽ (اي رسول! اهو به وقت ياد ڪر) جڏهن اسان بيت الله جي جاءِ ابراهيم لاءِ ظاهر ڪئي ۽ (کيس چيوسون ته) مون سان ڪنهن شيءَ کي شريڪ نه ڪريو ۽ منهنجي گهر کي طواف ۽ قيام ۽ رڪوع، سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ صاف رکج!

  27. ۽ ماڻهن ۾ حج جي خبر ڪر. اهي تو وٽ (ڪيئي) پيادا به اچن هر طرح جي (ڏٻرين) سوارين تي به اچن جي پري پنڌ کان اچن ٿيون.

  28. هن لاءِ ته پنهنجي (دنيا ۽ آخرت جي) فائدن حاصل ڪرڻ لاءِ حاضر ٿين ۽ جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي تنهن تي (ڪهڻ وقت) مقرر ٿيل ڏينهن ۾ الله جو نالو پڙهن، سو ان مان اوهين (قربانيءَ جو گوشت خود به) کائو ۽ بکئي فقير کي به کارايو.

  29. پوءِ کين گهرجي ته پنهنجي (بدن جي) ميل (مٽي) دور ڪن ۽ پنهنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ قديم (عبادت) گهر (ڪعبه) جو طواف ڪن.

  30. اهو ئي (حڪم) آهي. پڻ ان کان سواءِ) جو شخص خدا جي عزت ڏنل شين جي تعظيم ڪندو ته اها ان لاءِ سندس پالڻهار وٽ سندس حق ۾ گهڻي چڱي آهي. ۽ چوپايو مال سواءِ ان جي جيڪو اوهان سان بيان ڪيو وڃي ٿو سو سڀ حلال ڪيو ويو آهي، پوءِ اوهين ناپاڪ بتن کان پاسي رهو ۽ لغو (اجائي) ڳالهين راڳ وغيره کان به بچندا رهو.

  31. خاص الله جا ٿي (رهو) ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ جيڪو خدا سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو سو ڄڻ ته آسمان تان ڪريو پوءِ ان کي (يا ته وچ تي ئي پکي يا وري) هوا ان کي ڪنهن پراهين جاءِ وڃي اڇلايو.

  32. اهو (ياد رکو) ۽ جيڪو خدا جي نشانين جي تعظيم ڪندو ته ڪو شڪ نه آهي ته اها به دلين جي پرهيزگاريءَ سان حاصل ٿئي ٿي.

  33. ۽ (انهن، چوپاين) ۾ هڪ مقرر وقت تائين اوهان لاءِ ڪيئي فائده آهن وري قربانيءَ لاءِ قديم (عبادت) گهر (ڪعبو) آهي.

  34. ۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ اسان قربانيءَ جو طريقو مقرر ڪيو آهي هن لاءِ ته جيڪو چوپايو مال خدا کين ڏنو آهي، تنهن تي (ذبح وقت) الله جو نالو پڙهن. نيٺ ته اوهان جو معبود هڪ الله آهي سو سندس ئي فرمانبردار ٿيو. ۽ (اي پيغمبر) عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ٻڌاءِ.

  35. جن جون دليون جڏهن خدا جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن مٿن مصيبت پوي ٿي ته صبر ڪندڙ آهن ۽ نماز قائم ڪندڙ آهن ۽ جيڪو رزق الله کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا ڪارڻ) خرچ ڪن ٿا.

  36. ۽ قربانيءَ جي (ٿلهن متارن) اٺن کي به اسان اوهان لاءِ خدا جي نشانين مان ڪيو آهي ان ۾ اوهان لاءِ ڪيئي ڀلايون آهن پوءِ (قرباني ڪرڻ وقت) قطار ۾ بيهاري انهن تي الله جو نالو پڙهو. پوءِ جڏهن اهي (وڍجي) پاسن ڀر ڪري پون ته انهن مان اوهين کائو ۽ بي سواليءَ ۽ سواليءَ کي به کارايو. اهڙي طرح اسان انهن جانورن کي اوهان جي وس ۾ ڪيو آهي. (ته) من اوهين احسان مڃيو.

  37. خدا کي نه انهن (قربانين) جو گوشت پهچي ٿو ۽ نه انهن جو رت پر وٽس اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. خدا انهن جانورن کي (ان لاءِ) اوهان جي وس ۾ ڪيو اٿس ته جيئن اوهان کي هدايت ڪئي اٿس تئين اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو. ۽ (اي رسول) نيڪي ڪرڻ وارن کي (بهشت جي) خوشخبري ٻڌائي.

  38. بيشڪ خدا ايمان وارن کان (ڪافرن کي) هٽائيندو رهي ٿو. خدا سڀ ڪنهن خيانت ڪندڙ ناشڪر کي ڪڏهن به پسند نٿو ڪري.

  39. جن (مسلمانن) سان ڪافر جنگ ڪندا رهن ٿا جيئن ته (گهڻو) ستايا ويا تنهن ڪري کين به (جهاد جي) اجازت ڏني ويئي. ۽ خدا ته سندن مدد ڪرڻ تي بلڪل قادر آهي.

  40. هي اهي (مظلوم) آهن جن (ويچارن کي) هن چوڻ تي ته ”اسان جو پالڻهار خدا آهي“ ناحق سندن گهرن مان ڪڍيو ويو هو ۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي هڪڙن سان ٻين کي دور دفع نه ڪري ها ته گرجائون ۽ يهودين جون عبادت گاهون ۽ مجوسين جا عبادت خانا ۽ مسجدون جن ۾ خدا جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڊاٺيون وڃن ها. ۽ جيڪي الله جي مدد ڪندا تن جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ خدا بلڪل زبردست غالب آهي.

  41. هي اهي (شخص) آهن جن کي جيڪڏهن اسين روءِ زمين ۾ طاقت ڏينداسون تڏهن (به) اهي پابندي سان نمازون ادا ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جي ڪرڻ جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙين ڳالهين کان (ماڻهن کي) روڪيندا. ۽ (ائين ئي) سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي.

  42. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اهي (ڪافر) تو کي ڪوڙو ٿا چون ته (ڪا وڏي ڳالھ نه آهي) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود وارن.

  43. ۽ ابراهيم جي قوم ۽ لوط جي قوم.

  44. ۽ مدين وارن (به پنهنجن نبين کي) ڪوڙو چيو. پڻ موسى کي به ڪوڙو ڪيو. تڏهن به مون ڪافرن کي ڍر ڏني (ان کان) پوءِ انهن کي پڪڙيم، ته تو ڏٺو منهنجو عذاب ڪهڙو آهي.

  45. سو ڪيترن ڳوٺن کي اسان برباد ڪيو ۽ اهي سرڪش هئا پوءِ اهي (ڳوٺ) پنهنجن ڇتن ڀر ڪريل پيا آهن ۽ (ڪيترا) اجڙيل کوھ ۽ (ڪيترائي) مضبوط وڏا وڏا محل (ويران) ٿي ويا.

  46. پوءِ ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گميا ڦريا نه آهن! ته سندن اهڙيون دليون ٿين جن سان اهي (حق جي ڳالهين کي) سمجهن. يا انهن جا اهڙا ڪن ٿين جن سان (سچين ڳالهين کي) ٻڌن. سو اکيون ته انڌيون نه ٿيون ٿين پردليون جيڪي سينن ۾ آهن سي انڌيون ٿين ٿيون.

  47. ۽ (اي رسول) تو کان عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا ۽ الله پنهنجي وعدي جي ابتڙ ڪڏهن نه ڪندو. بيشڪ (قيامت جو) هڪ ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ جيڪي اوهين ڳڻيو ٿا سو هڪ هزار ورهين جي برابر آهي.

  48. ۽ ڪيترن ئي ڳوٺن (جي ماڻهن) کي مون ڍر ڏني هوڏانهن اهي سرڪش هئا، نيٺ انهن کي پڪڙيم ۽ (کين) مون ڏي ئي موٽي اچڻو آهي.

  49. (اي رسول!کين) چئو ته اي ماڻهو! آءُ ته اوهان لاءِ رڳو ظاهر (عذاب کان) ڊيڄاريندڙ آهيان.

  50. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (آخرت ۾) تن لاءِ بخشش ۽ (جنت جي) عمدي روزي آهي.

  51. ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي (ڪوڙو ڪرڻ) ۾ (اسان کي) عاجز ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، سي ئي دوزخي آهن.

  52. (اي رسول) اسان ته تو کان اڳ ڪو به رسول يا نبي موڪليو ته ائين ٿيو جو هن کي هيءَ حالت پيش آئي ته جڏهن (تبليغ احڪام جو) ارادو ڪيو ته شيطان سندس ارادي ۾ (ماڻهن کي وسوسو وجهي) خلل ٿي وڌو. پوءِ جو ڪجھ وسوسو شيطان وجهي ٿو تنهن کي خدا مٽائي ٿو. پوءِ پنهنجن حڪمن کي مضبوط ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

  53. ۽ شيطان جو (وسوسو) وجهي (به) ٿو هن لاءِ ته خدا ان کي انهن ماڻهن لاءِ آزمائش (جو سبب) بڻائي جن جي دلين ۾ (ڪفر جو) مرض آهي ۽ جن جون دليون سخت آهن ۽ بيشڪ (اهي) ظالم (مشرڪ ته) آهن گهريءَ مخالفت ۾ (پيل) آهن.

  54. (هن لاءِ به) ته جن کي (آسماني ڪتابن جو علم) عطا ڪيل آهي اهي ڄاڻن ته اهو (وحي) بيشڪ تنهنجي پروردگار جي طرفان حق سچ (نازل) ڪيل آهي (اهو خيال ڪري) مٿس اهي ماڻهو ايمان آڻين، پوءِ سندن دليون الله جي سامهون عاجزي ڪن. ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تن کي الله سڌي رستي تي پهچائي ٿو.

  55. ۽ ڪافر ته ان قرآن کان هميشه شڪ ۾ پيا رهندا تان جو قيامت مٿن اوچتو اچي ڪڙڪي يا (هئين چئو ته) انهن تي سخت منحوس ڏينهن جو عذاب نازل ٿئي.

  56. ان ڏينهن جي حڪومت ته خاص خدا جي لاءِ ئي هوندي. اهو ماڻهن جي وچ ۾ (پيل اختلاف) جو فيصلو ڪندو. پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي نعمت وارن (سرسبز) باغن (بهشت) ۾ رهندا.

  57. ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته اهي ئي (ڪم بخت) آهن جن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.

  58. ۽ جن ماڻهن خدا جي راھ ۾ ديس ڇڏيو وري شهيد ڪيا ويا يا (فطري موت) مئا خدا انهن کي (آخرت ۾) ضرور عمدي روزي عطا ڪندو. ۽ بيشڪ سڀني روزي ڏيڻ وارن مان الله ئي سڀني کان چڱي روزي ڏيندڙ آهي.

  59. اهو کين اهڙي هنڌ (بهشت ۾) پهچائيندو جنهن کان هو نهال ٿيندا. ۽ بيشڪ خدا سڀ ڪجھ ڄاڻندڙ بردبار آهي.

  60. اهو (ٺيڪ) آهي. ۽ جنهن شخص (پنهنجي دشمن کي) ايترو ئي ستائي جيتري ان کي تڪليف پهچائي وئي آهي، وري ان تي (ٻيهر) زيادتي ڪئي ويئي ته الله ضرور ان مظلوم جي مدد ڪندو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي.

  61. اها (مدد) هن ڪري (ڏني ويندي) ته خدا (وڏو قادر آهي اهو ئي ته) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

  62. (پڻ) هن لاءِ (به) ته يقينا الله ئي برحق آهي ۽ ان کانسواءِ جنهن کي (مصيبت وقت) سڏين ٿا (سي سڀ) باطل آهن ۽ (هي به) يقيني (ڳالھ آهي ته) الله ئي (سڀ کان) بلند رتبه بزرگ آهي.

  63. ڇا ايترو به به نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو، پوءِ زمين ڦري ساوڪ واري ٿئي ٿي، بيشڪ خدا (بندن تي) وڏو مهربان خبر رکندڙ آهي.

  64. جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سو سڀ) سندس آهي ۽ بيشڪ خدا (سڀ کان) بي پرواھ (۽) حمد جي لائق آهي.

  65. ڇا تو ان تي نظر نه ڪئي ته سموري زمين ۾ جيڪي آهي الله تنهن کي اوهان جي اختيار ۾ ڪيو آهي ۽ ٻيڙين کي (به) جيڪي دريا ۾ سندس حڪم سان هلن ٿيون، اهو ئي آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جهلي ٿو پر جي سندس حڪم هوندو (ته ڪري پوندو). بيشڪ خدا ماڻهن تي گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.

  66. پڻ اهو ئي (ته قادر مطلق آهي) جنهن اوهان کي (شروع ۾ ماءُ جي پيٽ ۾) جياريو پوءِ اهو ئي اوهان کي ماريندو، وري اوهان کي (ٻيهر) جيئرو ڪندو. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته انسان ڏاڍو بيشڪر آهي.

  67. (اي رسول) اسان سڀ ڪنهن لاءِ هڪ طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن موجب اهي ان تي هلن ٿا پوءِ انهن کي گهرجي ته هن دين (اسلام) ۾ تو سان جهڳڙو نه ڪن ۽ تون پنهنجي پالڻهار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين.

  68. ۽ جيڪڏهن (اڃا به) ماڻهو تو سان جهڳڙو ڪن ته تون کين چئو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

  69. جن ڳالهين ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تنهن ۾ خدا قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ (بلڪل ٺيڪ) فيصلو ڪندو.

  70. (اي رسول) ڇا تون نٿو ڄاڻين ته جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. بيشڪ اهي سڀ (ڳالهيون) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل موجود) آهن. ان ۾ شڪ ئي نه آهي ته اهو (سڀ ڪجھ) خدا لاءِ آسان آهي.

  71. ۽ اهي ماڻهو خدا کي ڇڏي اهڙيءَ شي کي پوڄين ٿا جنهن لاءِ خدا ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ انهن جي (حق هئڻ) جي خود کين ڪا خبر نه آهي. ۽ قيامت ۾ ته ظالمن جو ڪو مددگار نه هوندو.

  72. ۽ (اي رسول) جڏهن انهن ڪافرن کي اسان جون آيتون جيڪي ظاهر ۽ روشن آهن پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته سندن منهن ۾ تون، ناراضي (جا آثار) ڏسين ٿو (ايتري تائين جو) جيڪي کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ٿا تن تي حملو نه ڪري ويهن. (اي رسول! کين) چئو ته ڇا پوءِ آءُ اوهان کي ان کان به بڇڙي ڳالھ جي خبر ڏيان؟ _چڱو ٻڌو) اهو جهنم آهي. جنهن (۾ وجهڻ جو) خدا ڪافرن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جاءِ آهي.

  73. اي انسانو! هڪ مثال بيان ڪجي ٿو پوءِ ان کي ڪن لڳائي ٻڌو. جن کي اوهين خدا کان سواءِ سڏيو ٿا، سي هڪ مکي به بنائي نه سگهندا جيتوڻيڪ سڀئي ان لاءِ گڏ ٿين ۽ جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شي کسي وٺندي ته اها ان کان ڇڏائي نه سگهندا. (مزي جي ڳالھ ته) طالب ۽ مطلوب (پوڄاري ۽ بت) ٻئي هيڻا آهن.

  74. خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهرجي اهڙو قدر انهن نه ڪيو. بيشڪ خدا ته تمام زبردست غالب آهي.

  75. خدا فرشتن مان ڪن کي پنهنجا پيغام پهچائڻ لاءِ چونڊيندو آهي ۽ (اهڙي طرح) انسانن مان به، بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي (۽ سڀ) ڏسي ٿو.

  76. جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان (ٿي گذريو) آهي تنهن کي (خدا چڱي طرح) ڄاڻي ٿو، ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا ويندا.

  77. اي ايمان وارو! رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪريو ۽ ڀلائي ڪريو ته من اوهان ڪامياب ٿيو.

  78. ۽ جو حق جهاد ڪرڻ جو آهي خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو ان اوهان کي پسند ڪيو ۽ اوهان تي دين ۾ ڪا سختي نه ڪئي اٿس. اوهان جي پيءُ ابراهيم جي ملت کي (اوهان لاءِ مقرر ڪئي اٿس). ان (خدا) اوهان جو اڳي ئي مسلمان (فرمانبردار) نالو رکيو ۽ هن قرآن ۾ به) (ته جهاد ڪريو) هن لاءِ ته رسول اوهان تي شاهد ٿئي ۽ اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو. پوءِ اوهين نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا جي (حڪمن کي ئي) مضبوط جهليو. اهو ئي اوهان جو سرپرست آهي. پوءِ (اهو ڪهڙو) چڱو سرپرست آهي ۽ ڪهڙو چڱو مددگار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found