اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

سورت طه

ٽوٽل آيتون: 135

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. (اي) طه (رسول الله)

  2. اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته ڪو تون ايڏيءَ تڪليف ۾ پوين.

  3. پر جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو تنهن جي نصيحت لاءِ.

  4. ان جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي جنهن زمين ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.

  5. اهو رحمان آهي جيڪو عرش تي (حڪمراني جي لاءِ) قائم آهي.

  6. جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ۽ جيڪي زمين جي هيٺان آهي سو (سڀ) سندس (ئي) آهي.

  7. ۽ جيڪڏهن تون ڏاڍيان ڳالھ ڪندين (توڙي آهستي تڏهن به) هو ڳجھ کي ۽ ان کان به لڪل ڳالھ کي ڄاڻي ٿو.

  8. الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. سندس سٺا (سٺا) نالا آهن.

  9. ۽ (اي پيغمبر) ڇا تو کي موسى جي خبر پهتي آهي؟

  10. ته جڏهن ان پري کان باھ ڏٺي ته پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته اوهين هتي ترسو مون باھ ڏٺي آهي.من ان مان ڪا چڻنگ اوهان وٽ کڻي اچان يا ته باھ وٽ (وڃڻ سان) مون کي رستي جو پتو پوي.

  11. پوءِ جڏهن باھ وٽ آيو ته ان کي سڏ ٿيو ته اي موسى!

  12. آءُ ئي تنهنجو پروردگار آهيان! تون پنهنجيون ٻئي جوتيون لاھ! ڇو ته تون (هن وقت) طوبى (نالي) هڪ پاڪ پاڪيزه وادي ميدان ۾ آهين.

  13. ۽ مون تو کي (پيغمبري جي لاءِ) پسند ڪيو آهي پوءِ (تو ڏي) جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو سو (چڱي طرح) ٻڌندو رھ!

  14. بيشڪ آءُ ئي الله آهيان مون کان سواءِ ڪو معبود نه آهي سو منهنجي عبادت ڪر ۽ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر!

  15. ڇو ته قيامت ضرور اچڻ واري آهي ۽ آءُ ان (جي وقت) کي لڪائڻ گهران ٿو ته جيئن هر شخص (ان جي خوف کان نيڪي ڪري) ۽ جهڙي ڪوشش ڪئي اٿس تنهن جو بدلو کيس ڏنو وڃي.

  16. پوءِ جيڪو ان (قيامت) کي نٿو مڃي ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳو پيو آهي سو تو کي متان ان (جي مڃڻ) کان روڪي ته تون تباھ ٿي ويندين.

  17. ۽ اي موسى تنهنجي سڄي هٿ ۾ ڇا آهي؟

  18. چيائين ته اها منهنجي لٺ آهي، ان تي ٽيڪ لڳايان ٿو، ۽ ان سان پنهنجين ٻڪرين لاءِ (وڻن جا پن) ڇاڻيان ٿو ۽ ان ۾ منهنجا ٻيا ڪم به آهن.

  19. خدا فرمايو، اي موسى! ان کي زمين تي ته ڦٽو ڪر!

  20. موسى ان کي اڇليو پوءِ ان ئي وقت اها هڪ ڊوڙندڙ نانگ ٿي پيئي.

  21. (اها ڏسي موسى ڀڳو ته) خدا فرمايو، ان کي جهل ۽ نه ڊڄ! اسين ان کي پهرين شڪل ۾ وري ڪري ٿا ڇڏيون.

  22. ۽ پنهنجو هٿ پنهنجي بغل ۾ ته وجھ ته اهو ڪنهن عيب کان سواءِ سفيد ٿي نڪرندو، اهو ٻيو معجزو آهي.

  23. هن لاءِ ته اسين تو کي ڪجھ پنهنجيون وڏيون نشانيون ڏيکاريون.

  24. هاڻي تون فرعون ڏي وڃ! ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.

  25. موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو سينو ڪشادو ڪرڻ فرمائي (دلير بڻائي).

  26. ۽ مون لاءِ منهنجو ڪم آسان ڪرڻ فرمائي.

  27. ۽ منهنجي زبان تان (هٻڪ جي) ڳنڊ کول.

  28. ته اهي منهنجي ڳالھ سمجهن.

  29. ۽ منهنجي اهل مان منهنجي لاءِ هڪ وزير (رسالت جو بار کڻڻ وارو) مقرر ڪر.

  30. منهنجي ڀاءُ هارون کي.

  31. ان جي ذريعي منهنجي پٺ کي مضبوط ڪر.

  32. ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر.

  33. ته اسين ٻئي (گڏجي) تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون.

  34. ۽ تو کي وڌيڪ ياد ڪريون.

  35. بيشڪ تون اسان جي حالت ڏسي رهيو آهين.

  36. فرمايائين، اي موسى تنهنجون سڀئي درخواستون منظو ڪيون ويون.

  37. ۽ اسان تو تي هڪ ٻيو دفعو به احسان ڪيو آهي.

  38. جڏهن تنهنجي ماءُ کي اها ڳالھ الهام ڪئي سون جا هاڻي وحي جي ذريعي تو کي ٻڌايون ٿا.

  39. ته تون (موسى کي) صندوق ۾ رکي ۽ دريا ۾ لوڙهي ڇڏ، پوءِ دريا کيس ڌڪا ڏيندو ڪناري تي اڇلائيندو، پوءِ موسى کي منهنجو دشمن (فرعون) کڻندو ۽ مون تو تي پنهنجي محبت جو (اثر) وڌو (ته جو ڏسي، پيار ڪري) ته جيئن تون منهنجي خاص نظرداري ۾ پلجين.

  40. جڏهن تنهنجي ڀيڻ هلي (۽ فرعون جي گهر اچي) چيائين: چئو ته آءُ اوهان کي هڪ دائيءَ جو ڏس ڏيان جيڪا هن کي چڱي طرح پالي، ته (اهڙيءَ طرح) اسان تو کي وري تنهنجي ماءُ تائين پهچايو ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ تنهنجي جدائي تي) ڏک نه ڪري. ۽ تو هڪ شخص (قبطي) کي ماري ڇڏيو (۽ سخت پريشان هئين) ته اسان تو کي ان غم کان ڇڏايو ۽ اسان تو کي چڱي طرح آزمايو پوءِ تون ڪيترائي سال مدين جي ماڻهن وٽ وڃي رهين، (اي موسى) وري تون ان حد کي پهتين جا حد رسالت جي تبليغ جي لاءِ لکيل هئي.

  41. ۽ مون تو کي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو.

  42. تون پنهنجي ڀاءُ (هارون) سميت اسان جا معجزا کڻي وڃ! ۽ اوهين ٻئي منهنجي ياد ۾ گهٽائي نه ڪجو!

  43. اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.

  44. پوءِ هن سان (وڃي) نرميءَ سان ڳالهايو ته نصيحت مڃي يا ڊڄي.

  45. ٻنهي عرض ڪيو ته اي اسان جا پالڻهار! اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي زيادتي ڪري يا اڃا به وڌيڪ سرڪش ٿئي.

  46. (خدا) فرمايو، ڊڄو نه! بيشڪ آءُ اوهان سان گڏ آهيان (۽ سڀ ڪجھ) ٻڌان ٿو ڏسان ٿو.

  47. مطلب ته اوهين ٻئي هن وٽ وڃو ۽ کيس چئو ته اسين تنهنجي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي ۽ کين نه ستائي اسين تو وٽ تنهنجي پروردگار جو معجزو کڻي آيا آهيون. ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو تنهن لاءِ سلامتي آهي.

  48. بيشڪ اسان ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته ان شخص لاءِ يقيني عذاب آهي جنهن (خدا جي آيتن کي) ڪوڙو ڪيو ۽ (ان جي حڪم کان) منهن موڙيو (مطلب ته ويا ۽ چيائونس ته).

  49. فرعون پڇيو اي موسى نيٺ اوهان ٻنهي جو پالڻهار ڪير آهي؟

  50. (موسى) چيس، اسان جو پالڻهار اهو آهي جنهن هر شي کي سندس لاءِ (مناسب) شڪل عطا فرمائي پوءِ هن (زندگي گذارڻ جا) طريقا ڏسيا.

  51. پوءِ ان پڇيو ته ڀلا اڳين ماڻهن جو حال (ته ٻڌائي) ڇا ٿيو؟

  52. (موسى) چيس انهن ڳالهين جو علم منهنجي پروردگار وٽ هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. منهنجو پروردگار نه غلطي ڪري ٿو ۽ نه ڀلجي ٿو.

  53. جنهن اوهان (جي فائدي) لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ رستا ڪڍيا ۽ ان ئي آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ (خدا ٿو فرمائي ته) اسان ئي ان پاڻيءَ جي ذريعي جدا جدا قسمن جا اوڀڙڪڍيا.

  54. ته جيئن اوهين پاڻ به کائو ۽ جانورن کي به چاريو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  55. اسان ئي ان زمين مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ (مرڻ کان پوءِ وري) ان ۾ (اوهان کي) موٽائينداسون ۽ ان مان ٻئي ڀيري (قيامت) ۾ ڪڍنداسون.

  56. ۽ بيشڪ اسان هن (فرعون) کي پنهنجيون سڀ نشانيون ڏيکاريون تڏهن به هن (سڀني کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نه مڃيو.

  57. (۽) چوڻ لڳو، اي موسى ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته تون پنهنجي جادوءَ جي زور سان اسان کي اسان جي زمين (مصر) ما ڪڍين؟

  58. (چڱو ته ترس!) اسان به تنهنجي اڳيان اهڙو ئي جادو آڻيون ٿا ته پوءِ تون پنهنجي ۽ اسان جي وچ ۾ هڪ وقت مقرر ڪر جنهن جي ابتڙ نه اسين ڪريون ۽ نه تون ۽ (مقابلو) ڪنهن صاف سڌي ميدان ۾ ٿئي.

  59. موسى چيس ته اوهان جي (مقابلي جي) مدت زينت (عيد) جو ڏينهن آهي ۽ ڀل ته ماڻهن کي ڏينهن چڙهي گڏ ڪيو وڃي.

  60. تنهن کان پوءِ فرعون (پنهنجي جاءِ ڏي) موٽي ويو ۽ پنهنجيون تدبيرون (جادوءَ جو سامان) گڏ ڪرڻ کان پوءِ (مقابلي لاءِ) آيو.

  61. (موسى) کين چيو ته اوهان جي ستيا ناس ٿيندي. خدا تي ڪوڙ نه هڻو نه ته هو ڪنهن عذاب سان اوهان جي پاڙ پٽي ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) جنهن به ڪوڙ ٺاهيو سو مراد کي نه پهتو.

  62. تنهن تي اهي ماڻهو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ ڪن ۾ سس پس ڪرڻ لڳا.

  63. (نيٺ) چئي ڏنائون ته بيشڪ هي ٻئي ائين گهرن ٿا ته اوهان کي جادوءَ (جي زور) سان اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪن ۽ اوهان جي سٺي مذهب کي مٽائي ڇڏين.

  64. ته اوهين به پنهنجين (جادو وغيره جي) تدبيرن کي گڏ ڪريو (ان کان) پوءِ قطار ٻڌي (سندن مقابلي لاءِ) اچو. ۽ بيشڪ جيڪو اڄ غالب ٿيو، سو ئي ڪامياب رهندو.

  65. (مطلب ته جادوگرن) چيو اي موسى ته (پهريائين) تون (جادو) اڇلائي يا اول اڇلائڻ وارا اسين ٿيون.

  66. موسى چيو ته، نه اوهين اڇلايو. ته (پوءِ هنن پنهنجو ڪرتب ڏيکاريو) ان ئي وقت موسى کي سندن جادوءَ (جي زور) سان ائين معلوم ٿيو ته هنن جون رسيون ۽ لٺيون ڊوڙي رهيون آهن.

  67. ته موسى کي پنهنجي دل ۾ ڊپ معلوم ٿيو.

  68. اسان (موسى کي) چيو ته نه ڊڄ! بيشڪ تون غالب ٿيندين.

  69. ۽ تنهنجي سڄي هٿ ۾ جا (لٺ آهي سا اڇلائي! ته جيڪي بنايو اٿن تنهن کي ڳهي وڃي. انهن جيڪي ڪرتب ڪيو آهي سو رڳو جادوگر جو فريب آهي. ۽ جادوگر جتي به وڃي ڪامياب نٿو ٿئي.

  70. (مطلب ته موسى جي لٺ جڏهن سڀ هڙپ ڪري ڇڏيو ته اهو ڏسندي ئي) سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا (۽) چوڻ لڳا ته اسان موسى ۽ هارون جي رب تي ايمان آندو.

  71. فرعون (کين) چيو (اڙي) اوهان ان تي ايمان آندو! هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي اجازت ڏيان؟ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان سڀني جو وڏو (گرو) آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، ته پوءِ آءُ ضرور اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان کي کجيءَ جي ٿڙن ۾ سوريءَ تي چاڙهيندس. پوءِ توهان کي (چڱي طرح) معلوم ٿيندو ته اسان (ٻنهي جماعتن) مان ڪنهن جو عذاب زياده سخت ۽ دير تائين رهڻ وارو آهي.

  72. انهن چيو ته جيڪي ظاهر معجزا اڳيان آيا (اسان ڏٺا) تن تي ۽ جنهن (خدا) اسان کي پيدا ڪيو تنهن کان اسين تو کي ترجيح نه ڏينداسون پوءِ تو کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪر تون رڳو (هن فاني) دنيا جي هن حياتيءَ ۾ ئي حڪومت ڪري سگهين ٿو.

  73. (۽ چيائونس ته) بيشڪ اسان پنهنجي پروردگار تي ايمان آندو هن لاءِ ته هو اسان کي اسان جون خطائون ۽ جو جادو تو اسان کي زبردستي ڪرايو سو معاف ڪري. ۽ الله سڀ کان چڱو ۽ سدائين رهڻ وارو آهي.

  74. بيشڪ جيڪو پنهنجي پالڻهار وٽ ڏوهاري ٿي ايندو تنهن جي لاءِ پڪ دوزخ آهي جنهن ۾ نه ته اهو مرندو ۽ نه وري جيئرو رهندو (سيسراٽيون ۽ سڏڪا ڀريندو رهندو)

  75. ۽ جو سندس حضور ۾ ايماندار ٿي ايندو ۽ ان چڱا چڱا ڪم به ڪيا هوندا ته انهن لاءِ تمام وڏا درجا آهن.

  76. هي سدا بهار باغ آهن جن هيٺان واھ وهن ٿا (۽) اهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ جي (گناھ کان) پاڪ صاف رهيا آهن تن جو اهو بدلو آهي.

  77. ۽ اسان موسى ڏي وحي ڪيو تون راتو رات منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي (مصر مان) وٺي نڪر، پوءِ انهن لاءِ دريا ۾ (لٺ هڻي) سڪل رستو بنائي. (۽) تون نه پڪڙجڻ کان ڊڄ ۽ نه (ٻڏڻ جو) ڊپ ڪر.

  78. پوءِ فرعون پنهنجي لشڪر سان سندن پٺيان پيو. پوءِ ته درياءَ (جي پاڻيءَ جو ريلو) جيئن انهن کي ويڙهي ويو سو ويڙهي ويو.

  79. ۽ فرعون پنهنجي قوم کي گمراھ ڪري ڇڏيو ۽ کين هدايت نه ڪئي.

  80. اي بني اسرائيلو اسان اوهان کي اوهان جي دشمن (جي چنبي) کان ڇڏيو ۽ (جبل) طور جي سڄي پاسي جو وعدو ڪيو ۽ اسان ئي اوهان تي من ۽ سلوى لاٿو.

  81. ۽ (فرمايو ته) اسان جيڪي پاڪ (شيون) اوهان کي رزق ڪري ڏنيون آهن تن مان کائو (پيئو) ۽ ان ۾ (ڪنهن قسم جي) شرارت نه ڪريو، نه ته اوهان تي منهنجو غضب نازل ٿيندو. (ياد رکو! ته) جنهن تي منهنجو غضب نازل ٿيو ته اهو پڪ گمراھ (برباد) ٿيو.

  82. ۽ جو شخص توبه ڪري ۽ ايمان آڻي ۽ سٺا سٺا ڪم ڪري ۽ وري ثابت قدم رهي ته اسين ان کي پڪ بخشڻ وارا آهيون.

  83. ۽ (پوءِ جڏهن موسى ستر ماڻهن کي ساڻ ڪري نڪتو ۽ پاڻ اڳ ۾ وڌي آيو ته اسان کيس چيو ته) اي موسى! تو پنهنجي قوم کان اڳي پهچڻ ۾ ڇو تڪڙ ڪئي؟

  84. عرض ڪيائين، اهي به ته منهنجي پويان پويان پيا ٿا اچن ۽ اي منهنجا خدا، مون تو ڏي (اچڻ ۾) هن لاءِ تڪڙ ڪئي ته تون (مون کان) راضي ٿئين.

  85. خدا فرمايو ته پوءِ پڪ اسان تنهنجي قوم جو تو کان پوءِ امتحان ڪيو ۽ سامريءَ انهن کي گمراھ ڪري ڇڏي.

  86. پوءِ (ته موسى ڪاوڙ ۾ ڀرجي افسوس پڇتائيندو پنهنجي قوم ڏي موٽيو ۽ (اچي کين) چوڻ لڳو، اي منهنجي (بدبخت) قوم! ڇا اوهان سان اوهان جي پروردگار هڪ چڱو وعدو (توريت ڏيڻ جو) نه ڪيو هو؟ ڇا پوءِ اوهان سان وعدي ۾ ڊگهو عرصو لڳو يا اوهان گهريو ته اوهان تي اوهان جي پالڻهار جي طرفان غضب پوي، اوهان مون سا ڪيل وعدي (خدا جي عبادت ڪرڻ) جي ابتڙ ڪيو.

  87. انهن چيو ته اسان پنهنجي اختيار سان تو سان ڪيل وعدي جي ابتڙ نه ڪيو آهي پر (ڳالھ هئين آهي ته فرعون جي) قوم جي زيورن جا ڳرا بار جي (مصر مان نڪرڻ وقت) هئا تن کي اسان (سامري جي چوڻ تي باھ ۾ اڇلايو پوءِ اهڙيءَ طرح سامريءَ وڌو.

  88. پوءِ انهن لاءِ (انهن زيورن مان سامريءَ هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙي مورت بنائي. جنهن جو آواز گابي جهڙو هو تڏهن ڪن ماڻهن چيو ته هي اوهان جو (به) معبود آهي ۽ موسى جو معبود آهي پر هو ڀلجي ويو آهي.

  89. ڇا پوءِ نٿا ڏسن ته اهو انهن کي ڪنهن به ڳالھ جو ڪو جواب نٿو ڏئي. ۽ انهن کي نقصان پهچائڻ ۽ نه ڪنهن فائدي پهچائڻ جو اختيار رکي ٿو.

  90. ۽ هارون کين هن کان اڳ چيو به هو ته اي منهنجي قوم! توهان جو رڳو گابي سان امتحان ورتو ويو آهي. ۽ بيشڪ اوهان جو پالڻهار وڏو مهربان (الله) آهي. ته اوهين منهنجي تابعداري ڪريو ۽ منهنجو حڪم مڃيو.

  91. انهن چيو ته اسين ان جي پوڄا تي ڄميا رهنداسون جيستائين اسان وٽ موسى موٽي اچي.

  92. (موسى، هارون کي) چيو اي هارون تو جڏهن هنن کي ڏٺو هو ته گمراھ ٿي پيا آهن، ته تو کي ڪنهن روڪيو.

  93. منهنجي پيروي (جهاد) ڪرڻ کان. ته ڇا تو منهنجي حڪم جي نافرماني ڪئي؟

  94. هارون چيو به ته او منهنجي ماءُ ڄايا ڀاءُ! منهنجي ڏاڙهيءَ کي نه جهل ۽ نه منهنجي مٿي (جي وارن) کي. آءُ (هن ڳالھ کان) ڊنس ته متان تون چوين ته تو بني اسرائيلن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ منهنجي ڳالھ جو ڪو خيال نه رکيو.

  95. (تڏهن سامريءَ کي) فرمايائين ته او سامري! تنهنجو مطلب ڇا آهي؟

  96. (هن جواب ۾) چيو،مون کي اها شيءَ ڏکائي ڏني جا ٻين کي نه سجهي (جبرائيل گهوڙي تي وڃي رهيو هو) ته مون هڪ مٺ (مٽيءَ جي) کڻي ورتي. پوءِ مون (گابي جي قالب ۾) وڌي ته اهو ائين رنڀڻ لڳو ۽ ان وقت ته مون کي منهنجي نفس (اها ڳالھ) چڱي ڪري ڏيکاري.

  97. موسى چيو ته وڃ (پري ٿي) تنهنجي لاءِ (هن فاني دنيا) جي زندگي ۾ ته (هيءَ سزا آهي) جو تون چوندو رهندين ته مون کي هٿ نه لايو نه ته بخار چڙهي ويندو) ۽ آخرت ۾ به) پڪ تنهنجي لاءِ (عذاب جو) وعدو آهي جو تو تان ٽري نه سگهندو. ۽ پوءِ تون پنهنجي معبود (گابي) ڏي (ته) ڏس جنهن تي تون ڄميو رهيو هئين. اسين ان کي ضرور ساڙينداسون وري ان (رک) کي درياءَ ۾ اڏائي ڇڏينداسون.

  98. اوهان جو معبود اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. سڀ ڪا شي سندس علم ۾ گهيريل آهي.

  99. (اي پيغمبر) اهڙيءَ طرح اسان تو کي گزريل واقعات ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ اسان تو کي پنهنجي بارگاھ مان ذڪر (قرآن) عطا ڪيو.

  100. جنهن ان کان منهن ڦيريو سو قيامت جي ڏينهن پڪ (پنهنجي برن ڪرتوتن جو) بار کڻندو.

  101. ۽ ان حال ۾ هميشه رهندو ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي جو قيامت جي ڏينهن اهي ماڻهو کنيو وتندا.

  102. جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو ۽ اسين ان ڏينهن گنهگارن کي (سندن) اکيون ٽيليون (انڌيون) ڪري (پنهنجي سامهون) گڏ ڪنداسون.

  103. پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان هوريان چوندا هوندا ته (دنيا يا قبر ۾) اسين ماڻهو (وڌ ۾ وڌ) ته رڳو ڏھ ڏينهن رهيا هونداسون.

  104. جيڪي اهي چوندا تنهن کي اسين خوب ڄاڻون ٿا ته انهن ۾ جو سڀ کان هوشيار هوندو چوندو اوهين ته بس (وڌ ۾ وڌ) رڳو هڪ ڏينهن رهيا آهيو.

  105. ۽ (اي پيغمبر) تو کان جبلن جو پڇن ٿا (ته قيامت جي ڏينهن اهي ڪيئن هوندا؟) سو تون فرمائين ته انهن کي منهنجو پروردگار ذرا ذرا ڪري اڏائيندو.

  106. پوءِ زمين کي سنئون ميدان ڪري ڇڏيندو.

  107. نه ان ۾ هيٺائين ڏسندين نه مٿاهين.

  108. ان ڏينهن ماڻهو هڪ سڏيندڙ (اسرافيل جي آواز) پٺيان هلندا. ان (هلڻ) ۾ ڪا به ڏنگائي نه هوندي (بلڪل سڌا نوان هلندا) ۽ وڏي مهربان (الله جي دهشت) کان آواز دٻجي ويندا پوءِ تون ڀڻ ڀڻ کان سواءِ ڪجھ نه ٻڌيندين.

  109. ان ڏينهن ڪنهن جي سفارش فائدو نه ڏيندي مگر جنهن کي وڏي مهربان (الله) اجازت ڏني هوندي ۽ ان جي ڳالھ کي پسند ڪيو هوندائين.

  110. ۽ جو ڪجھ انهن ماڻهن جي اڳيان ۽ جيڪي سندن پٺيان آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) هو ڄاڻي ٿو ۽ سندن علم الله کي گهيري نٿو سگهي.

  111. ۽ (قيامت ۾) ساري خدائي جا) منهن. زنده پائنده خدا جي اڳيان عاجزي ڪندڙ هوندا. ۽ جنهن شخص ظلم جو بار (پنهنجي سر تي) کنيو اهو پڪ مراد کي نه پهتو.

  112. ۽ جنهن سٺا سٺا ڪم ڪيا ۽ اهو ايمان وارو به هوندو ته ان کي نه ڪنهن قسم جي بي انصافي جو ڊپ هوندو ۽ نه ڪنهن نقصان جو.

  113. ۽ اهڙي طرح اسان عربي ٻوليءَ ۾ قرآن لاٿو آهي ۽ ان ۾ طرح طرح جون ڊيڄارڻ جون ڳالهيون بيان ڪيون اٿئون ته من اهي پرهيزگار ٿين يا انهن (جي دلين) ۾ يا انهن ۾ سمجھ پيدا ڪري.

  114. پوءِ (ٻنهين جهانن جو) سچو حاڪم خدا برتر ۽ اعلى آهي. ۽ (اي پيغمبر) قرآن (جي پڙهڻ) ۾ جلدي نه ڪر هن کان اڳ جو تو ڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي، ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجو علم اڃا به زياده ڪر.

  115. ۽ اسان آدم کان اڳ ۾ ئي عهدو وٺي ڇڏيو هو (ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃج) ته آدم ان (ڳالھ) کي وساري ڇڏيو ۽ اسان ان جو ارادو پڪو نه ڏٺو.

  116. ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته انهن سجدو ڪيو، مگر شيطان انڪار ڪيو.

  117. ته اسان (آدم کي) فرمايو: اي آدم! پڪ هي تنهنجو ۽ تنهنجيءَ زال جو دشمن آهي سو، هو اوهان ٻنهي کي متان جنت مان ڪڍي، نه ته (دنيا جي) تڪليف ۾ ڦاسي پوندا.

  118. بيشڪ تو لاءِ (جنت ۾) هي ڳالھ آهي جو تون ان ۾ نه بکيو ٿيندين ۽ نه اگهاڙو ٿيندين.

  119. (اتي هي مزو به آهي جو) تو کي ان ۾ نه اڃ لگندي ۽ نه اس لڳندي.

  120. ته شيطان سندن دل ۾ وسوسو وڌو (۽) چيائين ته اي آدم! ڇا آءُ تو کي هميشه (جيئري) رکڻ واري وڻ، زبون نه ٿيڻ واري بادشاهي جو ڏس ڏيان؟

  121. پوءِ انهن ٻنهي (زال مڙس) ان مان ڪجھ کاڌو ته ٻنهي کي سندن اگهاڙ نظر آئي. ۽ ٻئي پاڻ تي جنت جي (وڻن جا) پن ويڙهڻ لڳا ۽ آدم پنهن جي پروردگار جي نافرماني ڪئي تنهن ڪري ناڪام ٿيو (راھ ثواب کان بي راھ ٿيو).

  122. تنهن کان پوءِ ان کي سندس پالڻهار پسند ڪيو پوءِ سندس توبه قبول ڪيائين ۽ سندس هدايت ڪئي.

  123. (خدا) فرمايو ته اوهين ٻئي بهشت مان هيٺ وڃي، اوهان مان هڪڙا ٻين جا دشمن ٿيندا. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي منهنجي طرفان ڪا رهنمائي پهچي ته (ان جي پيروي ڪجو) ڇو ته جو شخص منهنجيءَ هدايت تي هلندو سو نه گمراھ ٿيندو ۽ نه تڪليف ۾ پوندو.

  124. ۽ جيڪو مون کي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيندو تنهن لاءِ بيشڪ گزران آهي ۽ ان کي قيامت جي ڏينهن انڌو _ڪري) اٿارينداسون.

  125. اهو عرض ڪندو ته اي منهنجا پروردگار تو مون کي انڌو ڪري ڇو اٿاريو؟ (دنيا ۾ ته) اکين وارو هوس.

  126. الله فرمائيندو ته اهڙي طرح ئي (هئڻ گهرجي ڇو ته) اسان جون آيتون به ته تو وٽ آيون هيون ته تو انهن کي وساري ڇڏيو. ۽ اهڙي طرح اڄ تو کي وساريو ويندو.

  127. ۽ جيڪو (حد کان) ٽپيو ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن تي ايمان نه آندو تنهن کي اهڙو ئي بدلو ڏبو. پڻ آخرت جو عذاب ته پڪ تمام سخت ۽ گهڻو وقت رهڻ وارو آهي.

  128. ته ڇا! (هنن مڪي وارن کي) ان (خدا) نه ٻڌايو هو ته اسان انهن کان اڳ ڪيترن ئي ماڻهن کي برباد ڪيو جن جي گهرن ۾ اهي ماڻهو گهمن ڦرن ٿا. ان ۾ شڪ نه آهي ته عقل وارن جي لاءِ هن ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.

  129. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرفان اڳ ۾ ئي هڪ انجام ۽ (عذاب جو) هڪ مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (سندن حرڪتن ڪري) يڪدم عذاب جو اچڻ لازمي ڳالھ هئي.

  130. پوءِ (اي رسول) جيڪي اهي ڪافر بڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح، سج نڪرڻ کان اڳ ۽ ان جي لهڻ کان اڳ بيان ڪندو رھ. ۽ ڪجھ رات جون گهڙيون به پاڪائي بيان ڪر ۽ ڏينهن جي طرفن ۾ به، ته تون خوش رهين.

  131. ۽ (اي رسول) جو ان مان ڪجھ ماڻهن کي دنيا جي هن فاني حياتيءَ جي زينت سان نهال ڪيو آهي سو هن لاءِ ته اسين انهن جو ان ۾ امتحان ڪريون، تون پنهنجون نظرون اوڏانهن نه وڌائي. پڻ (ان کان) تنهنجي پروردگار جي روزي (آخرت جو ثواب) گهڻو چڱو ۽ وڌيڪ رهڻ وارو آهي.

  132. ۽ تون پنهنجي گهر وارن کي نماز جو حڪم ڪر ۽ تون پاڻ به ان جو پابند رھ. اسين تو کان رزق ته نٿا گهرون (پر) رزق تو کي ڏيون ٿا. ۽ پڇاڙي ته پرهيزگارِيءَ جي چڱي آهي.

  133. ۽ (مڪي وارا) چوندا پنهنجي پروردگار جي طرفان اسان ڏي ڪو معجزو (اسان جي مرضي وارو) ڇو نٿو آڻين؟ ته ڇا جيڪي (پيشنگويون پهرين ڪتابن (توريت، انجيل) ۾ آيون آهن (سي به) انهن وٽ ڪين پهتيون آهن؟

  134. ۽ جيڪڏهن اسين انهن کي رسول (موڪلڻ) کان اڳ ڪنهن عذاب سان برباد ڪريون ها ته اي اسان جا پروردگار! تو اسان ڏي ڇا لاءِ ڪو رسول نه موڪيلو ته اسين ذليل ٿيڻ ۽ خوار ٿيڻ کان اڳي تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها.

  135. (اي رسول! کين) چئو ته هر هڪ (پنهنجي نتيجي جو) منتظر آهي ته اوهين به انتظار ڪريو. پوءِ اوهين ڄاڻندو ته سڌي رستي وارا ڪير آهن ۽ ڪنهن سڌو رستو لڌو آهي (۽ گمراھ ڪير آهي).

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found