سومر, 17 جون 2019 - Mon 06 17 2019

منو

سورت حمد (آيتون 7)

  1. الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  2. سڀ حمد فقط الله لاءِ ئي آهي (جيڪو) سڀني جهانن جو پالڻهار

  3. وڏو مهربان نهايت رحم وارو

  4. جو (بدلي ڏيڻ واري) ڏينهن قيامت جو مالڪ آهي

  5. (اي الله) اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا

  6. ثابت قدم رک اسان کي واٽ سڌي تي

  7. واٽ انهن جي جن کي تو نعمت عطا ڪئي نه (واٽ انهن جي) جن تي ڏمر ٿيو ۽ نه (واٽ) انهن جي جيڪي گمراھ ٿيا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found