آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

سورت حجرات جي تفسير (پهريون حصو)

تحرير: مولانا غلام قاسم تسنيمي

سورت جي مضمونن تي هڪ نظر

جيتوڻيڪ هن سورت ۾ رڳو 18 آيتون آهن، پر انهن ۾ به اسلامي معاشري ۽ رسول اڪرم صلى لله عليه وآله وسلّم جن جي شخصيت بابت تمام اهم مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ڇو جو هن سورت ۾ اهم اخلاقي مسئلن جو ذڪر ٿيو آهي تنهن ڪري هن سورت کي اخلاق يا ادب جي سورت به ڪوٺيو ويو آهي.

ٿلهي ليکي هن سورت جو خلاصو هن ريت ڪري سگهجي ٿو:

پهريون حصو: هن سورت جون ابتدائي ۽ شروعاتي آيتون رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ جي ادب بابت آهن ته مسلمانن کي ڪهڙي ادب سان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ گهرجي.

ٻيون حصو: هن سورت ۾ ڪجھ نهايت ئي اهم ”اجتماعي اخلاقي مسئلا به بيان ٿيا آهن جن جي خيال رکڻ سان اسلامي معاشري ۾ پيار، محبت، الفت، ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ابتڙ انهن کي ڇڏي ڏيڻ سان معاشري ۾ منافقت، بدبيني، هڪٻئي بابت بدگماني، انتشار ۽ ناامني پيدا ٿيندي.

ٽيون حصو: مسلمانن جي وچ ۾ پيش ايندڙ اختلافن، جهيڙن ۽ جهڳڙن کي ڪيئن حل ڪجي، ڪهڙي نموني ساڻن مقابلو ڪجي؟ ظاهر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اسلامي معاشري ۽ مسلمانن کي اهڙي صورتحال کان گذرڻو پوندو آهي. هن سورت ۾ ان بابت جامع ۽ نهايت ئي ڪارائتو حل پيش ڪيو ويو آهي.

چوٿون حصو: الله سائين وٽ فضيلت جي معيار کي بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ تقوى جي اهميت بابت گفتگو ڪئي وئي آهي.

پنجين حصي ۾ اهو مضمون بيان ٿيو آهي ته ايمان رڳو زباني دعوا جو نالو نه آهي بلڪ ايمان ۾ دلي عقيدي سان گڏ انساني عملن جو به اهم ڪردار آهي، جنهن لاءِ مال ۽ نفس سان جهاد کي علامت طور بيان ڪيو ويو آهي.

ڇهين حصي جو عنوان هي آهي ته اسلام ۽ ايمان، مومنن لاءِ خدا جو عظيم هديو آهن تنهنڪري الله سائين تي احسان جتائڻ ۽ ٿورو ڪرڻ بدران کين ان عظيم نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.

سورت جي آخري ستين حصي ۾ الله سائين جي علم، ڄاڻ ۽ آگاهي کي روشن ڪيو ويو آهي، ته پاڪ پالڻهار ڪائنات جي سڀني رازن کان آگاھ آهي، هو نه رڳو انسان جي عملن کان واقف آهي بلڪ سندس نيتن جو به ڄاڻو آهي، هاءُ! ڪائنات جو ڪو به ذرو پالڻهار جي علم کان ٻاهر نه آهي. حقيقت ۾ خدا جي علم جو مسئلو ئي هن سورت جي سڀني مسئلن جي اجراءَ جي لاءِ ضامن آهي، مطلب هي ته جيڪڏهن اسان اها معرفت حاصل ڪري وٺون ۽ يقين رکون ته خدا اسان جي سڀني مسئلن ۽ نيتن جو ڄاڻو آهي ته هوند هي دنيا نيڪين جو مرڪز بڻجي، جنت جو ڏيک ڏئي ۽ دنيا مان سڀني براين جي پاڙ پٽجي وڃي.

هن سورت کي حجرات چوڻ جو سبب

هن سورت جو نالو، هن جي چوٿين آيت مان ورتل آهي، جنهن ۾ هي لفظ ڪتب آندل آهي. جنهن جي وڌيڪ وضاحت اسان اڳتي هلي ڪنداسين.

هن سورت جي تلاوت جي فضيلت

هن سورت جي تلاوت جي فضيلت جي لاءِ رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي هي حديث ڪافي آهي جنهن ۾ ملي ٿو ته:

من قرأ سورة الحجرات اعطى من الاجر عشر حسنات بعدد من اطاع اللَّه و من عصاه،

 جيڪو به هن سورت جي تلاوت ڪندو ته الله سائين کيس پنهنجي سڀني اطاعت ڪندڙن ۽ نافرماني ڪندڙ ن جي تعداد کان ڏھ ڀيرا وڌيڪ نيڪيون عطا ڪندو.

انهيءَ حوالي سان امام صادق عليه السلام جي حديث آهي ته:

من قرأ سورة الحجرات فى كل ليلة، او فى كل يوم، كان من زوار محمد:

جيڪو به هر ڏينهن يا هر رات ۾ سورت حجرات جي تلاوت ڪندو اهو حضرت محمد عليه السلام جي زوارن مان ٿي ويندو.

روشن آهي ته ايڏو وڏو ثواب، جو هر اطاعت ڪندڙ کان  ڏھ ڀيرا وڌيڪ نيڪيون ملن، اهو ان صورت ۾ ممڪن ٿي سگهندو جو تلاوت ڪندڙ انسان هن سورت ۾ بيان ڪيل سڀني فرمانبرادرين ۽ نافرمانين جي ڪمن ۾ سوچ ويچار ڪري ۽ پوءِ پنهنجي عمل کي اطاعت ڪندڙن جي عملن سان ملائي ۽ نافرمانن کان جدا ڪري. نه ته رڳو زباني تلاوت سان ايترو ثواب ڪيئن ملي سگهندو! ڇو جو تلاوت، عمل جو مقدمو آهي.

ڀلايون ۽ برڪتون

اهلسنت ڀائرن جي تفسير ۾ آهي ته سيدنا رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: الله مون کي توريت جي جاءِ تي ست وڏيون سورتون (بقره، آلعمران، نساءَ، مائده، انعام، اعراف ۽ يونس) عطا فرمايون ۽ انجيل جي جاءِ تي ٻه سئو آيتن واريون سورتون عطا ڪيون ۽ زبور جي جاءِ تي سو کان گهٽ آيتن واريون سورتون عطا ڪيون ۽ مون کي مفصل سورتون وڌيڪ ڏنيون. مفصل جي وضاحت ڪندي علامه ابن جوزي لکيو آهي ته ننڍي هجڻ ۽ انهن ۾ بسم الله الرحمن الرحيم سان فصل، جدا جدا ڪرڻ جي ڪري مفصل سڏيون ويو آهن. (1)

علماءِ عاملين لکيو آهي ته جيڪو هن سورت کي ڏھ ڀيرا پڙهندو الله عز و جل ان کي هر مرض کان شفا ڏيندو. جيڪڏهن ڪنهن حامله عورت کي هيءَ سورت لکي ٻڌي ويندي ته ان جو ٻچو رب ڪريم جي ڪرم سان صحت ۽ سلامتي سان ڄمندو. جنهن ٻچي جي ماءُ کي ڇاتي ۾ کير تمام گهٽ آهي. هن سورت کي لکي ٻڌڻ سان ان ۾ کير گهڻو ڪرڻ فرمائيندو. انشاءَ الله العزيز. (2)

ڇو جو هن سورت جو ٻيو نالو اخلاق ۽ ادب جي سورت به آهي؛ تنهنڪري مناسب آهي ته اصل سورت جي تفسير کان اڳ، ادب بابت ڪجھ تفصيلي گفتگو ڪجي

”ادب“ جو اشتقاق

ادب  “دب” لفظ مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي ”سُرڻ ۽ پٽ تي ريڙهيون پائڻ“ (To creep and crawl) ننڍڙي ريڙهين ڏيندڙ ٻار لاءِ به ڪم اچي ٿو. ”ادب“ لفظ جي معني آهي انهيءَ ريڙهينڏيندڙ ٻارکي پنڌ سيکارڻ. قرآن اهومعنى خيز اکر هن طرح ادا ڪيو آهي: “ثمسواڪرجلا”-جانور جيڪو پيرن تي ٿو هلي تنهن کي سنئون ڪري بيهارڻ ته هن جي نظر آسمان تائين پهچي. هن معنى ۾ به اهو لفظ ڪم ۾ اچي سگهي ٿو ته “حيوان مان ماڻهو ڪرڻ.” سنڌي اصطلاح موجب مطلب ٿيندس “اڻ گهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سنئون سڌو ڪرڻ.” اهو ئي غرض هو جو اڳي استاد، اديب مقرر ٿيندا هئا ته ٻار جڏهن ڇهن ستن ورهين کان وڏو ٿئي ته هن جي تاديب شروع ٿئي. تاديب کانسواءِ تعليم بي سود آهي. اها ڳالهه ڪندي حافظ جي هڪ سهڻي سٽ ياد ٿي اچيم:

حافظا علم و ادب ورز، کہ در مجلس شاه

ہرکہ را نيست ادب، لائق صحبت نہ بود.. (3)

ادب ۽ آداب جي معني ۽ مفهوم

“ادب” عربي ٻولي جو وسيع معنائون رکندڙ لفظ آهي، جنهن جو جمع آهي “آداب” اسلام جي ظهور کان اڳ هي لفظ فقط مهماني، طعام ۽ دسترخوان جي معنى ۾ استعمال ٿيندو هو، يعني مهمانن کي طعام جي دعوت ڏيڻ يا دسترخوان تي سڏڻ! عربن وٽ شروع کان ئي مهمان نوازي کي شرافت، مهذب پڻي ۽ سٺن اخلاقن جي نشاني طور ڄاتو ويندو هو، يعني جيڪو جيترو مهمان نواز آهي اهو عام اخلاق، آداب ۽ ڪردار جي حوالي سان به اوترو ئي مهذب، شريف ۽ با وقار آهي. دسترخوان کي به “مادبه” ان ڪري چيو ويو، جو اهو گهڻن لذيذ شين سان سينگاريل هوندو آهي. گويا ڪو به شخص ايستائين مڪمل ادب حاصل نٿو ڪري سگهي، جيستائين سڀئي سهڻا اخلاق ۽ آداب ان ۾ پوري طرح جمع نٿا ٿين. ڇو ته ادب ظاهر ۽ باطن کي اخلاق حسنه سان سينگارڻ ۽ نفس کي مهذب بنائڻ جو ئي نالو آهي. ان کان سواءِ “ادب” جو لفظ عقلمندي، خوش بياني، شائستگي، سٺي تربيت، نيڪ ڪم جي دعوت ڏيڻ، نفس جي رياضت، مروت، احتياط، دور انديشي، خدمت، خير خواهي، هر ڳالھ ۽ هر ڪم درستگي سان چوڻ ۽ ڪرڻ، هي شي جي حدن کي سڃاڻڻ ۽ حفاظت ڪرڻ، موقعي، محل ۽ رتبن جو لحاظ رکڻ، ڏوھ يا غلطي تي سزا ڏيڻ يا تنبيھ ڪرڻ، عاجزي، انڪساري ۽ نوڙت جو مظهر بڻجي وڃڻ، وڏن جي عزت، تعظيم ۽ احترام ڪرڻ، ننڍن تي شفقت ۽ هڪ جيڏن سان نرمي ۽ محبت وچان پيش اچڻ، سٺي نثر ۽ نظم ۽ خاص طرح سٺن اخلاقن، ساراهيل طور طريقن ۽ نيڪ رسمن ۽ عادتن لاءِ استعمال ٿيندو  آهي. (5)

۽ پڻ اهڙو ملڪو، جيڪو انسان کي هر هڪ ناشائسته ۽ اڻ وڻندڙ  قول ۽ فعل کان روڪي، بهرحال علم ۽ عرفان جي صاحبن “ادب ۽ آداب” بابت ڪيئي معنائون بيان ڪيون آهن:

عربي لغت جو ماهر ابو منصور محمد بن احمد ازهري متوفي 370 ھ لکي ٿو ته: ادب تي اهو نالو ان ڪري پيو جو هو ماڻهن کي سٺن ۽ ساراهيل ڪمن ڏانهن سڏيندو آهي ۽ خراب، قبيح ڪمن کان روڪيندو آهي. انهن کي ادب ٿو ڏئي يعني کين دعوت ٿو ڏيئي ۽ ادب جو اصل آهي سڏڻ يا دعوت ڏيڻ. (6)

شيخ اسماعيل بن حماد الجوهري متوفي 393 ھ لکي ٿو ته: ادب مان مراد آهي نفس کي سڌارڻ يا سيکارڻ. (7)

علامه ابن اثير جزري متوفي 606 ھ ۽ علامه ابن منظور متوفي 711 ھ لکن ٿا ته:

 آدب القوم الي طعامه”

 يعني قوم کي طعام جي دعوت ڏنائين ۽ مادبه مان مراد اهو طعام آهي جيڪو ڪو شخص تيار ڪندو آهي ۽ ماڻهن کي ان ڏانهن دعوت ڏيندو آهي.

 سمي ادبا لانه يادب الناس الي المحامد و ينهاهم عن المقابح

 ادب کي اهو نالو ان ڪري ڏنو ويو آهي جو اهو ماڻهن کي نيڪين ڏانهن سڏيندو آهي ۽ براين کان روڪيندو آهي. (8)

دين اسلام ۾ آداب جي اهميت

دين اسلام ۾ آداب کي بنيادي ۽ اهم حيثيت حاصل آهي، ۽ اسلام پينگهي کان وٺي قبر تائين هر موقعي، هر ڳالھ ۽ هر ڪم جا آداب ۽ سهڻا طور طريقا سيکاريا آهن ۽ زندگي جو ڪو به اهڙو موقعو يا محل ناهي، جنهن بابت آداب جي تعليم ۽ ترغيب نه ڏني وئي هجي. دين ۽ دنيا جي سڀني معاملن جي سونهن ۽ سينگار به آداب جي ادائيگي ۾ آهي، يعني هر هڪ قول، فعل، ڪيفيت ۽ احوال ۾ اهي طور طريقا اختيار ڪرڻ، جن کي الله تعالى ۽ سندس محبوب نبي پسند فرمايو آهي. اسلامي آداب جا بنيادي مآخذ قرآن پاڪ ۽ سنت رسول اڪرم آهن. الله تعالى جي پاڪ قرآن مجيد جي سموري تعليم جو دارو مدار به اخلاق ۽ آداب تي مبني آهي. تنهنڪري چيو ويو آهي ته:

اکثر ما في القرآن آداب و اخلاق. (9)

ادب روايتن جي روشني ۾

دين مبين اسلام ۾ ادب جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هر ڪنهن سان ادب سان پيش اچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، نموني طور ڪجھ روايتن ڏانهن اشارو ڪريون ٿا:

امام علي عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا ته:

الاداب حلل مجددة(10)

ادب جو خيال رکڻ نون قيمتي ڪپڙن يا زيورن جيان آهي.

ٻئي جڳھ تي ارشاد فرمائن ٿا ته:

 الادب يغني عن الحسب(11)

ادب انسان کي ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ کان بي نياز بڻائي ٿو.

امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا ته:

خمس من لم تكن فيه لم يكن فيه كثير مستمتع! قيل و ما هن يا ابن رسول اللَّه

قال: الدين و العقل و الحياء و حسن الخلق و حسن الادب:

 جنهن ۾ هي پنج شيون نه هجن ان اندر ڪي قابل لحاظ صفتون نه آهن: ڪنهن پڇيو ته سائين اهي پنج شيون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون ته: دين، عقل، حياءُ، ڀلو اخلاق ۽ سهڻو ادب.

ٻئي جڳھ تي به امام صادق عليه السلام جو ارشاد آهي ته:

لا يطمعن ذو الكبر فى الثناء الحسن، و لا الخب فى كثرة الصديق، و لا السيئ الادب فى الشرف،(12)

وڏائي ڪرڻ واري کي ماڻهن کان ذڪر خير جي اميد نه رکڻ گهرجي، ڌوڪي باز کي گهڻن دوستن جي اميد نه رکڻ گهرجي، اهڙي نموني بي ادب کي عزت ۽ آبرو جي اميد نه رکڻ گهرجي.

ادب جي ايتري اهميت جي ڪري ئي اسان کي عظيم ديني اڳواڻن جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو ته اهي انهن ادبن جو حد کان وڌيڪ خيال ڪندا هئا، ايستائين جو ٻارن آڏو به انهن جو لحاظ ڪندا هئا.

بنيادي طور تي دين آهي ئي آداب جو مجموعو، خدا جا ادب، رسالت جا ادب، معصوم امام جي بارگاھ ۽ روضي جا ادب، استاد جا ادب، ماءُ پيءُ جا ادب، عالم ۽ دانشمند جا ادب وغيرھ. جيڪڏهن قرآن مجيد جي آيتن تي سوچ ويچار ڪجي ته معلوم ٿيندو ته خود خداوند متعال پنهنجي ٻانهن سان ڳالهائڻ ۾ ادب جو خيال رکيو آهي، ته پوءِ عام ماڻهن ۽ مخلوق طرفان خدا يا سندس رسول آڏو ادب جي لحاظ رکڻ جي اهميت جو اندازو لڳائڻ نهايت سولو آهي.

روايت ۾ آهي ته جڏهن سورت مومنون جون ڪجھ آيتون نازل ٿيون، جن ۾ ڪجھ اسلامي ادبن جو بيان هو جهڙوڪ نماز ۾ خضوع ۽ خشوع جو خيال رکڻ، ته ان کان اڳ ڪڏهن ڪڏهن رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن نماز ۾ آسمان ڏانهن ڏسندا هئا، پر جڏهن اهي آيتون نازل ٿيون ته ان کان پوءِ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جن ڪڏهن به نماز ۾ آسمان ڏانهن نه نهاريو. ۽ هميشه هيٺ زمين ڏانهن ئي ڏسندا هئا. (13)

ادب جي اهميت خود انهيءَ سورت جي آيت سان به واضح ٿئي ٿي جتي فرمايو ويو آهي ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم آڏو ادبن جو خيال رکندو ته اهو توهان جي دل جي پاڪ ٿيڻ، تقوا جي قبوليت ۽ گناهن جي مغفرت جو سبب آهي. جڏهن ته بي ادبن کي جانورن جيان بي عقل ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ مان ئي استفادو ڪندي ڪجھ عالمن جو چوڻ آهي ته نه رڳو رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم آڏو ادب جو خيال رکڻ، سهڻو عمل آهي، بلڪ عالمن، دانشورن، فڪري رهبرن آڏو به ادب جو خيال نهايت ڪارائتو عمل آهي جنهن جا ڪيترائي نيڪ فائدا آهن. (14)

ظاهر آهي ته معصوم امامن جي بارگاھ ۾ ادب جو خيال رکڻ ته اڃا به وڌيڪ موثر عمل آهي. ايتري قدر جو روايتن ۾ وارد ٿيو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو جنابت جي حالت ۾ امام جي خدمت ۾  پهتو ته مولا کيس فرمايو:

اما تعلم انه لا ينبغى للجنب ان يدخل بيوت الانبياء؟(14)

ڇا تو کي خبر نه آهي ته جنابت واري جي لاءِ جائز نه آهي ته نبيءَ جي گهر ۾ داخل ٿئي.

جڏهن ته ٻئي روايت ۾ هي تعبير ڪتب آندي وئي آهي ته:

 ان بيوت الانبياء و اولاد الانبياء لا يدخلها الجنب(15)

جنابت واري جي لاءِ جائز نه آهي ته هو نيبن يا نبين جي اولاد جي گهرن ۾ داخل ٿئي.

خلاصو هي ته وڏن يا ننڍن جي آڏو ادب جو خيال رکڻ بابت اسلام ۾ تمام اهم حڪم ڏنا ويا آهن، هتي جيڪڏهن انهن سڀني بابت تفصيلي گفتگو ڪجي ته تفسير کان خارج ٿي وينداسين. تنهنڪري هتي امام زين العابدين عليه السلام جي رسالة الحقوق مان استاد آڏو ادب بابت اشارو ڪريون ٿا: تو تي تو کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ واري جو حق هي آهي ته ان جو احترام ڪرين، سندس ڪچهري کي غنيمت سمجهين، سندس ڳالهين کي ڪن ڏئي ٻڌين، سندس بلڪل سامهون ويهين، جيڪڏهن سندس غير موجودگي ۾ کيس گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي ته ان جو دفاع ڪرين، سندس عيبن کي لڪائين، سندس فضيلتن کي ظاهر ڪرين، سندس دشمنن سان گڏ نه ويهين، سندس دوستن سان دشمني نه ڪرين، جڏهن ائين ڪندين ته الله جا ملائڪ گواهي ڏيندا ته تو سندس پيروي ڪئي، خدا ڪاڻ ان کان علم حاصل ڪيو، مخلوق ڪاڻ نه. (16)

رب جي عطا ڪيل توانائي ۽ سگھ سان اسان هاڻي اصل سورت جي تفسير شروع ڪريون ٿا، ان نيت سان ته مومنن لاءِ علمي طور تي فائديمند ۽ عمل جو مقدمو بڻجندي ۽ مولف جي لاءِ آخرت جو ذخيرو قرار پائيندي. وما توفيقي الا بالله.

جاري ...................

 

حوالا

1ـ زاد المسير و اشيته، ج7، ص452.

2ـ تفسير احسن البيان، سنڌي، ج8، ص312.

3ـ شخصيت ۽ چونڊ تقريرون، ص69.

4ـ المنجد ص24؛ مصباح اللغات، ص29؛ لغت نامه دهخدا ص1547؛ فرهنگ آصفيه، ج1، ص129؛ شرح اصطلاحات تصوف، ج1، ص126؛ غياث اللغات فارسي، ص21؛ فيروز اللغات، ص77؛ عربي سنڌي لغت ص9؛ اشعة اللمعات، ج4، ص1.

5ـ تهذيب اللغة ، ج1، ص94.

6ـ الصحاح للجوهري، ج1، ص86.

7ـ النهايه ج1، ص30؛ لسان العرب، ج1، ص94.

8ـ دائرة المعارف العشرين، ج1، ص248) (مددي ڪتاب ، آداب المريدين، ص27.

9ـ نهج البلاغه، حڪمت5.

10ـ بحار الانوار، ج75، ص68.

11ـ بحار الانوار، ج75، ص68.

12ـ تفسير مجمع البيان، تفسير فخر رازي، نمونه، وغيرھ سورت حجرات جي ابتدائي آيتن جي تفسير ۾

13ـ تفسير نمونه، ج‏22، ص: 145)

14ـ بحار الانوار، ج27، ص255)

15ـ تفسير نمونه، ج‏22، ص: 145)

16ـ محجة البيضاءَ، ج3، ص255، باب آداب الصحبة و المعاشرة.

 

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found