Logo

گفتگو جا آداب قرآن ڪريم جي نظر ۾

تحرير: غلام قاسم تسنيمي

الله سائين پوري ڪائنات کي پنهنجي علم ۽ حڪمت سان بهترين بڻايو آهي، هن سڄي ڪائنات ۾ هر شي پنهنجي جڳه تي سهڻي آهي، ان کان وڌيڪ سهڻي ٿي ئي نٿي سگهي نه ته الله سائين اهڙو ئي بڻائيس ها. پر الله سائين جڏهن انسان کي بڻايو ته پاڻ کي احسن الخالقين سڏيائين. انسان کي جيڪي نعمتون الله سائين عطا ڪيون آهن، انهن مان هڪ زبان آهي، جنهن ذريعي هو پنهنجو ما في الضمير بهترين نموني بيان ڪري سگهي ٿو. خود اهو بيان به الله عز و جل جي هڪ نعمت آهي.اسان کي گهرجي ته ان نعمت مان صحيح فائدو وٺون، قرآن مجيد ان جا بهترين نسخا ٻڌايا آهن، جيڪي هن ريت آهن

1. ڄاڻ مطابق ڳالهائڻ، جنهن ڳالهه جي خبر نه هجي ان ۾ مداخلت نه ڪرڻ

لا تقف ما ليس لك به علم

جنهن شي جو علم نه اٿي ان جي پيروي نه ڪر . اسراء، 36

2. نرمي سان ڳالهائڻ:

فقولا له قولاً ليّناً لعله يتذكر او يخشى» طه، 44

ان سان نرمي سان ڳالهايو متان هو عبرت وٺي يا خدا کان ڊڄي

3. پنهنجي گفتار کي عمل سان ملايون:

«لم تقولون ما لا تفعلون

 اهڙي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو جنهن تي عمل نٿا ڪريو . صفّ 3

4. انصاف ۽ عدالت واري ڳالهه ڪريون:

و اذا قلتم فاعدلوا

 جڏهن ڳالهايو ته عدالت ۽ انصاف جو خيال رکو . انعام، 152

5. حق مطابق ڳالهه ڪريون

قولوا قولاً سديداً

هميشه حق ۽ سچ ڳالهايو . احزاب، 70

6. شفقت ۽ دلسوزي سان ڳالهايون:

فقل لهم قولاً ميسوراً

انهن سان نرمي ۽ شفقت سان ڳالهايو. . اسراء، 28

7. بلاغت سان ڳالهايون، جيئن مڪمل ڳالهه پهچي وڃي:

و قل لهم فى انفسهم قولاً بليغاً نساء، 63

بلاغت سان کين اعمال جو نتيجو ٻڌائين

8. فصاحت جو خيال رکون:

و اخى هرون هو افصح منّى لساناً فارسله معى قصص، 34

منهنجي ڀاءُ هارون جي زبان فصيح آهي، کيس مو ساڻ موڪلينس.

9. نيڪ ڳالهايون:

قولو للناس حسناً

ماڻهن سان نيڪ ۽ سٺو ڳالهايو . بقره، 83

10. وڌيڪ سٺي نموني ڳالهايون:

قل لعبادى يقولوا التى هى احسن

 منهنجي ٻانهن کي چئو ته سٺي کان سٺو ڳالهائين. اسراء، 53

11. وڻندڙ انداز سان ڳالهايون:

و قولوا لهم قولاً معروفاً

۽ انهن سان وڻندڙ انداز سان ڳالهايو. نساء، 8

12. ڪريماڻي انداز سان ڳالهايون:

و قل لهما قولاً كريماً

انهن سان احترام ۽ ڪريماڻي انداز سان ڳالهايو . اسراء، 23

13. پاڪيزه ڳالهه ڪريون:

و هدوا الى الطيّب من القول حج، 24

پاڪ ڳالهه ڏانهن سندن هدايت ڪئي وئي آهي.

14. ڪوشش ڪريون ته پنهنجي ڳالهين ۾ الله سائين ڏانهن دعوت ڏيون

و من احسن قولاً ممن دعا الى اللَّه و عمل صالحاً فصّلت، 33

ان کان وڌيڪ ڪير سهڻو ڳالهائيندڙ آهي جيڪو الله طرف دعوت ڏيئي ۽ نيڪ عمل ڪري.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2012 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.