خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

والدين جي عظمت صحيفه سجاديه ۾

تحرير: محمد رفيق چانڊيو

هر عاقل ماڻهو والدين جي عظمت جو قائل آهي ۽ انهن جي عظمت سڀني اديان ۾ بيان ٿي آهي. پر جهڙي ريت عظمت والدين کي اسلام بيان ڪيو آهي ٻئي ڪنهن به دين اهڙي نموني سان بيان ناهي ڪيو. ان کان وڌيڪ اهميت جوڳي ڳالهه اها آهي جو اها عظمت هڪ معصوم شخص جي زباني بيان ٿئي. اسان هن مختصر مقالي ۾ هڪ معصوم (امام زين العابدين عليه السلام) جي زباني والدين جي عظمت کي بيان ڪنداسين. جنهن کي امام عليه السلام صحيفه سجاديه جي دعا نمبر 24 ۾ بيان ڪيو آهي امام عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:

( اللهم صل على محمد عبدك ‌و‌ رسولك، ‌و‌ أهل بيته الطاهرين، ‌و‌ اخصصهم بأفضل صلواتك ‌و‌ رحمتك ‌و‌ بركاتك ‌و‌ سلامك، ‌و‌ اخصص اللهم والدى بالكرامة لديك، ‌و‌ الصلاة منك، ‌يا‌ أرحم الراحمين)

اي منهنجا الله تون پنهنجون صلواتون، برڪتون ۽ رحمتون  مخصوص قرار ڏي  محمد وآل محمد سان ۽ اي خدا منهنجي والدين کي صاحب ڪرامت (صاحب احترام) قرار ڏي ۽ منهنجي والدين تي پنهنجي صلوات ۽ رحمت قرار ڏي تون سڀ کان وڌيڪ مهربان آهين.

شارح صحيفه سجاديه پنهنجي شرح رياض سالڪين ۾ لکي ٿو ته: امام عليه السلام پهريان محمد وآل محمد تي صلوات ۽  برڪت جو ذڪر ڪيو.

1ـ  شايد انهي جي ڪري جو دعا جي قبوليت جي شرطن منجهان هڪ شرط صلوات به آهي.

2ـ شايد انهي جي لاءِ ته امام عليه السلام دعا جو طريقو ٿا سمجهائڻ گهرن ته جڏهن به توهان دعا گهرو ته ان جي شروعات محمد و آل محمد تي صلوات سان ڪريو.

3ـ شايد انهي جي ڪري جو روايتن ۾ ذڪر ٿيل آهي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم ۽ امام علي عليه السلام امت جي لاءِ هڪ پيءُ وانگر آهن.

4ـ  شايد انهي جي ڪري جو حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس آل جو مقام بلند ۽ والا آهي.

اگر اسان امام عليه السلام جي هن جملي:

(واخصص اللهم والدي باالکرامت لديک  صلات منک يا ارحم الراحمين)

اي خدا منهجي والدين کي پنهنجي نزديڪ صاحب ڪرامت قرار ڏئي ۽ انهن تي پنهنجي رحمت ۽ صلوات مخصوص قرار ڏي تون سڀ کان وڌيڪ مهربان آهين. تي غور ڪندا سين ته معلوم ٿيندو ته هر شي کي سڃاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته انهي جي باري ۾ انسان علم رکندو هجي. انهي ڪري امام عليه السلام جن  خداوند متعال کان سوال ڪن ٿا:

(و‌ ألهمنى علم ‌ما‌ يجب لهما على الهاما، ‌و‌ اجمع لى علم ذلك كله تماما، ثم استعملنى بما تلهمنى منه، ‌و‌ وفقنى للنفوذ فيما تبصرنى ‌من‌ علمه حتى ‌لا‌ يفوتنى استعمال شى ء علمتنيه، ‌و‌ ‌لا‌ تثقل أركانى عن الحفوف فيما ألهمتنيه)

اي الله سائين والدين جي حق ۾ مون تي جيڪا ذميواري رکي اٿئي مون کي ان جو علم عطا ڪر ۽ مون کي جيڪو علم عطا ڪيو اٿئي انهي تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي ۽ اهو عمل مون کي ڏکيو به نه لڳي ۽ مون کا رهجي به نه وڃي.

پوءِ مٿس لازمي آهي ته پهريان ان ذميواري کي سڃاڻي ته الله سائين ڪهڙي ذميواري مٿس فرض قرار ڏني آهي انهي جي لاءِ بهتر آهي ته انسان قرآن پاڪ ۽ روايتن ڏانهن رجوع ڪري ته قرآن پاڪ ۽ روايتن انسانن تي ڪهڙيون ذميواريون لاڳو ڪيون آهن. اگر قرآن پاڪ ۽ روايتن ۾ غور ۽ ويچار ڪيو وڃي ته قرآن پاڪ ۽ روايتن ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي اهو صرف مسلمانن لاءِ نه بلڪه انسانن لاءِ بيان ڪيو ويو آهي.

اسلام ۾ ان ڳالهه جي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته توهان والدين سان احسان ڪريو، ڀلي کڻي توهان جا والدين ڪافر ، مشرڪ ۽ گناهگار ئي ڇو نه هجن. ايسيتائين جو حڪم ڪيو ويو آهي ته توهان انهن جي اطاعت ڪريو سواءِ الله جي نافرماني جي.

قرآن مجيد جي 4 سورتن ۾ والدين سان نيڪي جو حڪم توحيد سان گڏ بيان ڪيو ويو آهي.

1ـ سوره بقره،  آيت 83

2ـ سوره نساء آيت 36 

3ـ سوره انعام  151  

4ـ سوره اسراء  23

ايسيتائين جو سورت لقمان ۾ خدا تعالي فرمائي ٿو: جيتوڻيڪ توهان کي شرڪ اختيار ڪرڻ لاءِ زور ڀرن پر توهان شرڪ اختيار نه ڪريو انهي جي با وجود به والدين سان دنيا ۾ نيڪي ڪريو.

خداوند متعال پنهنجي شڪر سان گڏ والدين جي شڪر کي بيان ڪيو آهي. خداوند متعال فرمائي ٿو:

(ان اشکر لي ولوالديک) (1) 

انهي جي ڪري روايتن ۾ آيو آهي ته جنهن انسان مخلوق جو شڪر ادا نه ڪيو ان خالق جو شڪر ادا نه ڪيو. امام عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: مخلوق ۾ سڀ کان وڌيڪ حقدار والدين آهن.

 امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا:

(ثلاثة لم يجعل الله تعالي لاحد من الناس فيهن رخصة؛ برالوالدين برين کانا او فاجرين والوفاءُ بالعهد للبر والفاجر و اداء الامانة)

ٽي شيون اهڙيون آهن جن ۾ الله سائين ڪنهن به شخص کي ترڪ ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني. والدين سان نيڪي چاهي نيڪ هجن يا بد،

واعدو وفا ڪرڻ چاهي واعدو نيڪ ماڻهو سان هجي يا فاسق سان ۽ امانت ادا ڪرڻ.

 امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا: والدين لاءِ اولاد تي ٽي شيون واجب آهن، هر حالت ۾ الله سائين جو شڪر، جنهن شي ءِ جو حڪم ڪن ان کي انجام ڏيڻ ۽ جنهن کان روڪن ان کان رڪجي وڃڻ. هر حالت ۾ والدين جي لاءِ ڀلائي جو ذڪر ڪرڻ.

والدين کي تڪليف نه ڏيڻ.

الله سائين جو حڪم آهي توهان پنهنجي رب جي عبادت ڪريو ۽ والدين سان نيڪي ڪريو. جڏهن ٻنهي مان هڪ يا ٻئي پوڙها ٿين ته توهان انهن کي اف به نه چئو ۽ انهن جي اڳيان دانهون (وڏي آواز سان ڳالهائڻ ) به نه ڪريو بلڪه آرام سان ڳالهايو.

امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته:

( لو علم الله شيئا ادني من اف لنهي عنه و ادني العقوق من العقوق ان ينظر الرجل الي والديه فيحد النظر اليهما) (2) 

والدين جي نسبت تواضع قرآن مجيد جو حڪم

( واخفض لهما جناح الذل من الرحمة قل رب ارحمهما کما ربياني صغيرا)

امام سجاد عليه السلام جن فرمائن ٿا:

اللهم صل على محمد ‌و‌ آله كما شرفتنا ‌به‌، ‌و‌ صل على محمد ‌و‌ آله، كما أوجبت لنا الحق على الخلق بسببه، اللهم اجعلنى أهابهما هيبة السلطان العسوف، ‌و‌ أبرهما ‌بر‌ الأم الرؤوف، ‌و‌ اجعل طاعتى لوالدى ‌و‌ برى بهما أقر لعينى ‌من‌ رقدة الوسنان، ‌و‌ أثلج لصدرى ‌من‌ شربة الظمآن حتى أوثر على هواى هواهما، ‌و‌ أقدم على رضاى رضاهما، ‌و‌ أستكثر برهما ‌بى‌ ‌و‌ ‌ان‌ ‌قل‌ ، ‌و‌ أستقل برى بهما ‌و‌ ‌ان‌ كثر)

اي خدا تون صلوات موڪل محمد ۽ ان جي آل تي جيئن انهن جي ذريعي اسان کي شرف ۽ فضيلت عطاءَ ڪئي اٿئي ۽ جيئن انهن جي  ڪري اسان جي حق کي واجب قرار ڏنو اٿئي، اي الله سائين منهنجي دل ۾ والدين جو اهڙي قسم جو رعب ويهاري ڇڏ جيئن هڪڙي بادشاھ جو رعب ماڻهن جي دلين ۾ هوندو آهي ته جيئن هڪ مهربان ماء وانگر والدين سان محبت ڪريان ۽ انهن جي اطاعت کي ننڊ کان به وڌيڪ مٺو سمجهان ۽ انهن جي راضپي کي پنهنجو راضپو سمجهان ۽ انهن جي چاهت کي پنهنجي چاهت سمجهان ۽ انهن جي نيڪي اگر گهٽ هجي ته انهي کي وڌيڪ سمجهان ۽ پنهنجي نيڪي کي اگر وڌيڪ هجي ته گهٽ سمجهان.

( اللهم خفض لهما صوتى، ‌و‌ أطب لهما كلامى، ‌و‌ ألن لهما عريكتى، ‌و‌ اعطف عليهما قلبى، ‌و‌ صيرنى بهما رفيقا، ‌و‌ عليهما شفيقا ، اللهم اشكر لهما تربيتى، ‌و‌ أثبهما على تكرمتى، ‌و‌ احفظ لهما ‌ما‌ حفظاه منى ‌فى‌ صغرى)

امام عليه السلام جن فرمائن ٿا: اي منهنجا الله منهنجي آواز کي گهٽ ۽ منهنجي عمل کي ڀلو قرار ڏي ۽ منهنجي مزاج کي نرم ۽ متواضع بڻاءِ ۽ منهنجي دل کي اهڙي نموني متوجھ ڪر جو مان انهن جو رفيق ۽ انهن تي شفيق هجان ۽ انهن جي حفاظت ۽ سنڀال ڪري سگهان جهڙي نموني سان انهن ننڍپڻ ۾ منهنجي حفاظت ڪئي.

پالڻهار اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

حوالا

1ـ سورت لقمان، آيت 14

2ـ نورالثقلين ج 3 ص 149 حديث 153

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found