ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جي بعثت جا هدف

 

تحرير: امير حسين جسڪاڻي

مهاڳ:

لفظ بعثت هڪ عربي لفظ آهي جنهن جي معني ڪنهن شي تي اڀارڻ، يا آماده ڪرڻ آهي.

بعثت يعني شرڪ جي خلاف اڀارڻ

بعثت يعني جهالت جي خلاف اڀارڻ

بعثت يعني نسل پرستي جي خلاف اڀارڻ بعثت يعني غلامي جي زنجيرن جي خلاف اڀارڻ

بعثت يعني بدعتن جي خلاف قيام ڪرڻ

بعثت يعني زماني جي ظالمن ۽ طاغوتن جي خلاف قيام ڪرڻ

بعثت يعني زماني جي متڪبرن ۽ ڊڪٽيٽرن جي خلاف قيام ڪرڻ

بعثت يعني ڪوڙن ۽ اقتدار طلبن جي خلاف قيام ڪرڻ

بعثت يعني معاشري ۾ صحيح ۽ حقيقي اقتدار جي ترويج لاءِ ماڻهن کي آماده ڪرڻ

بعثت يعني اسلام جي قانونن کي سڀني انسانن تائين پهچائڻ

بعثت يعني ماڻهن کي اسلام محمدي جي صحيح شناخت ۽ سڃاڻپ ڪرائڻ

بعثت يعني ماڻهن آڏو اسلام جي حقيقي رهنمائن ۽ ليڊرن جي سڃاڻپ ڪرائڻ

بعثت يعني انساني معاشري کي قرآني تعليمات سان نوازڻ

بعثت يعني سماجي انصاف جي وسعت لاءِ ڪوشش ڪرڻ

بعثت يعني توحيد ۽ خدائي پرچم کي دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لهرائڻ

هي لکت انهيءَ عظيم ۽ بابرڪت شي جي هدفن ڏانهن اشاري جي مختصر ڪوشش آهي.

  1. هدايت

حضرت رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم ۽ تمام نبين جي بعثت جو هدف ۽ مقصد معاشري جي هدايت ۽ ماڻهن کي پاڪيزه بڻائڻ آهي اصلي محور ۽ معيار به اهو ئي آهي ته انساني معاشري کي گمراهي ۽ ضلالت جهڙي اونداهي کان ڪڍي ماڻهن جي هدايت ڪجي ۽ انهن کي نيڪ بڻائجي الله جا نبي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن. الله سائين پنهنجي نوراني ڪتاب ۾ فرمائي ٿو(كُلٌّ آمَنَ بِاللَّهِ وَ مَلائِكَتِه ِوَكُتُبِه ِوَرُسُلِه ِلانُفَرِّقُ بَيْنَ أَحَدٍ مِنْ رُسُلِهِ) (1) حقيقت ۾ سڀ  نبي الله سائين، ملائڪن ۽ آسماني ڪتابن تي ايمان رکن ٿا ۽ اهي خدائي رسالت رکن ٿا ۽ اسان انهن جي رسالت ۽ انهن جي هدف جي درميان فرق جا قائل نه آهيون، سڀئي نبي الله سائين تي ايمان آڻڻ جي بنياد تي مبعوث ڪيا ويا آهن ۽ انهي بنياد تي سڀني نبين جو هدف ۽ مقصد فقط معاشري جي اصلاح ۽ هدايت ڪرڻ آهي.  فرق فقط ايترو آهي ته هر نبي پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ظاهر ٿيو ۽ انسان ذات جي هدايت ۾ مصروف رهيو.

اسان هن ڊگهي انساني تاريخ ۾ نظر ڦيرايون ته الله سائين جي طرف کان موڪليل نبين جا ٿورائتا آهيون ڇو جو اگر انسانن جي هدايت جي لاءِ کين نه موڪليو وڃي ها ته اڄ انسان، انسان نه هجي ها فقط انساني شڪل جو هڪ ڍانچو هجي ها، تنهنڪري نبين جو ڊيڄارڻ ۽ بشارت ڏيڻ انسان جي هدايت لاءِ آهي.

  (لَقَد ْمَنَّ اللَّهُ عَلَى الْمُؤْمِنينَ إِذ ْبَعَثَ فيهِم ْرَسُولا ًمِنْ أَنْفُسِهِمْ يَتْلُوا عَلَيْهِمْ آياتِهِ وَيُزَكِّيهِمْ) (2) بيشڪ خدا وند عالم مومنن تي احسان ڪيو آهي جو انهن منجھان ئي انهن لاءِ رسول کي موڪليو ته جيئن انهن لاءِ سندس آيتون ۽ نشانيون بيان ڪري ۽ انهن کي پاڪيزه بڻائي. 

هتي اهم ۽ خاص احسان اهو آهي ته الله سائين جناب رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم کي نه فقط سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ بلڪه پوري ڪائنات لاءِ هدايت جي آخري ڪڙي ۽ مڪمل دين کي پيش ڪندڙ نبيءَ طور موڪليو آهي.

  1. ايمان ۽ تقوا کي مڪمل ڪرڻ

اهي انسان جن هر ان شيءِ تي ايمان آندو جيڪا جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم تي نازل ٿي ۽ هر شي کي خدا جي طرفان ڄاڻيندي نيڪ ۽ صالح عمل انجام ڏنا ته اهي ئي مومن ۽ صالح انسان آهن. ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي بعثت جو هدف ۽ مقصد به انسانن جي ايمان کي ڪامل ڪرڻ ۽ انهن کي نيڪ ۽ صالح بڻائڻ آهي. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي مبارڪ بيان ذريعي انسانن کي قرآن جي آيتن جي تلاوت ڪري ٻڌائيندا هئا ۽ انهن لاءِ صراط مستقيم کي بيان ڪندا هئا جنهن ڪري سندن دلين ۾ ايمان جي نورانيت اجاگر ڪري انهن جي دلين ۾ سمائجي ويا  ۽ اهو ئي بعثت جي هدفن منجھان اعلى ۽ اهم هدف آهي. جڏهن ته آيتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ايمان ۽ تقوا، لازم ۽ ملزوم آهن ڇو جو صالح عمل ڪرڻ، ايمان جي مرحلي کان پوءِ ۽ ايمان جو لازمو آهي. يعني ايمان ۽ عمل صالح جي درميان عملي ملازمو آهي جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻ وارو نه آهي بس جيڪڏهن ڪير ايمان آڻي صالح ۽ نيڪ عمل انجام ڏئي ته ان لاءِ عظيم اجر ۽ جزا آهي. ڇو جو سڀني نبين خاص ڪري پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم  ماڻهن جي دلين ۾ ايمان پيدا ڪرڻ لاءِ تمام گھڻي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي آهي.

  1. تعليم ۽ تربيت

قرآن مجيد جي آيتن جي مطابق معاشري جي تعليم ۽ تربيت به نبين جي بعثت جي هدفن منجھان هڪ هدف آهي. سڀني نبين جي اها ذميواري آهي ته اهي معاشري جي تربيت ڪن ۽ ماڻهن کي سکيا ڏين. الله سائين پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمائي ٿو (يَتْلُوا عَلَيْهِمْ آياتِهِ و َيُزَكِّيهِمْ وَ يُعَلِّمُهُمُ الْكِتابَ وَالْحِكْمَةَ و َإِنْ كانُوا مِنْ قَبْلُ لَفي ‏ضَلالٍ مُبينٍ) (3 ) انهن مٿان قرآني آيتن جي تلاوت ڪري انهن کي پاڪيزه بڻائي ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو توڙي جو اهي ان کان پهريان کلم کلا گمراهي ۾ هئا.

هي آيت تعليم ۽ تربيت جي اهميت کي بيان ڪري ٿي انهي کان علاوه ٻيون به ڪافي آيتون آهن جيڪي بيان ڪن ٿيون ته نبي انهي لاءِ مبعوث ٿيا آهن ته جيئن ماڻهن کي انهن شين جي ڄاڻ ڏين جيڪي نٿا ڄاڻين. انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو علم، عمل جو مقدمو آهي ۽ انسان کي پنهنجي علم تي عمل عمل ڪرڻ گھرجي چاهي پوءِ ڪو نبي مبعوث ٿئي يا نه، ڇو جو اهي انسان جيڪي نبين جي دعوت کي سمجهي نه سگهيا آهن اهي به پنهنجي عقل مطابق ذميوار آهن ته پنهنجي علم تي عمل ڪن ۽ نبي به ذميوار آهن ته انسانن کي  انهن شين جي تعليم ڏين جن کان  اهي اڻ واقف آهن. ۽ هي آيتون (وَيُعَلِّمُكُمْ ما لَمْ تَكُونُوا تَعْلَمُون)(4) (َوَ عَلَّمَكَم ما لَمْ تَكُنْ تَعْلَمُ)(5) به ان ڳالھ جي تائيد ڪندڙ آهن

  1. تحريفات جي اصلاح

فرض ڪريو ته الله سائين هڪ نبي موڪليو جنهن ماڻهن کي حق جي هدايت ڪئي ليڪن ڪجھ زماني گذرڻ سبب  يا ٻين سببن جي ڪري انهي نبي جي دعوت ۾ تحريف ٿي وئي يعني جيڪا شي ان نبي جي زماني ۾ ماڻهن جي هدايت جو سبب هئي هاڻي اها ساڳئي شي ماڻهن جي گمراهي جو سبب بڻجي وئي آهي، اسان جي زماني ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جهڙوڪ: انجيل الله سائين جي طرفان جناب عيسي عليه السلام تي نازل ٿيو هو ليڪن اصلي ڪتاب هن وقت موجود ناهي ۽ جيڪو موجود آهي اهو جناب عيسي جي هڪ شاگرد جو لکيل آهي ليڪن اهو به يقيني ناهي ته ان شاگرد ڏانهن ڏنل نسبت صحيح به آهي يا نه، جڏهن ته انجيل جي لکائي به تاريخي ڪتابن وانگر آهي ته جناب عيسي آيو پنهنجي شاگردن جي درميان ويٺو انهن سوال ڪيا جناب عيسي جواب ڏنا وغيره.... انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته موجود انجيل اصلي نه آهي جيڪو جناب عيسي تي نازل ٿيو هو. انهي جو واضح دليل اهو آهي ته انهي ڪتاب ۾ اهڙيون ڳالهيون موجود آهن جيڪي عقل ۽ آسماني شريعت جي ابتڙ آهن.  بس تحريف  اهڙي شي آهي جيڪا واقع ٿي سگھي ٿي ادل دليل علي امکان الشيء وقوعه) ڪنهن شي جي ممڪن هجڻ لاءِ سڀ کان وڏو دليل ان جو واقع ٿيڻ آهي. بس ممڪن آهي ته الله سائين ڪنهن نبي کي ماڻهن ڏانهن حقيقي راھ جي هدايت لاءِ موڪلي ۽ مٿس ڪتاب به نازل ڪري ليڪن زماني جي گذرڻ سان ان ۾ تحريف واقع ٿئي. ان صورت ۾ ضروري بڻجي ويندو ته ڪو نبي اچي ته جئين انهي تحريفات جو مقابلو ڪري ۽ انهن کي ختم ڪري.

 اتي هڪ ٻيو سوال به پيدا ٿئي ٿو آهي ته تحريفات جي خاتمي لاءِ ايندڙ نبي پاڻ سان ٻيا حڪم به کڻي اچي ٿو يا نه؟

  1. ديني اختلافن کي حل ڪرڻ

ڪجھ آيتن ۾ بيان ٿيو آهي ته اهل ڪتاب جا ڪجھ عالم ماڻهن کان حقيقتن کي لڪائيندا هيا ۽ پنهنجي مفادن لاءِ اختلافات ايجاد ڪنداهئا جيڪي سبب ٿيا ته الله سائين نبي موڪلي ته جيئن انهن جي اختلافن کي حل ڪري ۽ ماڻهن کي حقيقت کان آگاهه ڪري (يا أَهْلَ الْكِتابِ قَدْ جاءَكُمْ رَسُولُنا يُبَيِّن ُلَكُمْ كَثيراً مِمَّا كُنْتُمْ تُخْفُونَ مِنَ الْكِتابِ وَ يَعْفُوا عَنْ كَثيرٍ) (6) اي اهل ڪتاب اسان جو نبي توهان ڏانهن اچي ٿو ته جيئن اهي گھڻيون ڳالهيون توهان لاءِ بيان ڪري، جيڪي توهان خدا جي ڪتاب مان لڪايون آهن گھڻين ڳالهين کان درگذر به ڪري ٿو. 

ان مان ظاهر ٿيو ته ڪجھ اهڙا عالم هيا جيڪي ڄاڻيندا هئا ليڪن ماڻهن کان لڪائيندا هئا. ان کان علاوه ٻيون به آيتون آهن جيڪي ان ڳالھ کي بيان ڪن ٿيون ته اهي عالم هٿ جون ڳالهون لکي خدا ڏانهن منسوب ڪندا هئا (فَوَيْلٌ لِلَّذينَ يَكْتُبُونَ الْكِتابَ بِأَيْديهِم ْثُمَّ يَقُولُونَ هذا مِنْ عِنْدِ اللَّهِ) (7) يا (يُحَرِّفُونَ الْكَلِمَ عَنْ مَواضِعِهِ) (8) ويل آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي هٿ سان ڪتاب لکي پوءِ چون ٿا ته هي الله سائين طرفان نازل ٿيل آهي.

يا هي آيت : ڳالهين کي پنهنجي اصلي جاين تان ڦيرائيندا آهن (يعني الله سائين جي آيتن ۾ تحريف ڪندا آهن)

اهو ڪم اهل ڪتاب جي گھڻن ئي عالمن جو هيو. قرآن فرمائي ٿو ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم آيو ۽ لڪيل حقيقتن کي ظاهر ۽ روشن ڪيو.

  1. قضاوت

قرآن مجيد نبين جي مبارڪ وجود جو هڪ فائدو اهو بيان ڪيو آهي ته خدا جي اصلي حڪم کي ماڻهن تائين پهچائيندا هئا ۽ ماڻهن جي درميان قضاوت به ڪندا هئا جهڙوڪ حضرت داود عليه السلام جنهن لاءِ پالڻهار فرمايو (يا داوُدُ إِنَّا جَعَلْناكَ خَلِيفَةً فِي الْأَرْض ِفَاحْكُمْ بَيْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ و َلا تَتَّبِعِ الْهَوى) (9) اي دائود! اسان توکي زمين ۾ پنهنجو جانشين بڻايوسين، بس تون ماڻهن جي درميان حق سان فيصلو ڪر ۽ پنهنجي نفس جي پيروي نه ڪر. الله سائين جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي باري ۾ فرمائي ٿو (إِنَّا أَنْزَلْنا إِلَيْكَ الْكِتابَ بِالْحَقِّ لِتَحْكُمَ بَيْنَ النَّاسِ بِما أَراكَ اللَّه وَ لا تَكُنْ لِلْخائِنينَ خَصيماً) (10) اسان تو ڏانهن حق سان سان ڪتاب نازل ڪيو سين ته جيئن خداجي عطا منجھان ماڻهن جا فيصلا ڪرين ۽ خيانت ڪارن جو حامي نه بڻجي. 

انهن آيتن مان واضح ٿيو ته نبين جي بعثت جو هڪ مقصد قضاوت ڪرڻ آهي.

  1. انذار ۽ تبشير

قرآن مجيد جي آيتن مان اهو به واضح  ٿئي ٿو ته سڀئي نبي، انسانن کي ڊيڄارڻ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاء مبعوث ڪيا ويا آهن.  ڪڏهن ايئن به هوندو آهي ته انسان هڪ آيت يا هڪ شيءِ کي ڄاڻيندو آهي ۽ ڏانهس متوجھ به هوندو آهي ليڪن مٿس عمل نه ڪندو آهي ته ان مهل سندس دل ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن انسان  جو هجڻ ضروري آهي ته جيئن سجاڳ ڪري ۽ کيس ڪم انجام ڏيڻ تي اڀاري، تنهن ڪري سڀئي نبي اهو ڪم، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاڙيندڙ (بشير ۽ نذير) جي عنوان سان انجام ڏين ٿا، قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ۽ پهريان وارن نبين کي نذير ۽ بشير قرار ڏين ٿيون، ايتري قدر جو جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي مبارڪ صفتن مان هڪ نذير به آهي (وَ إِنْ مِنْ أُمَّةٍ إِلاَّ خَلا فيها نَذيرٌ) (11) ڪا به اهڙي امت نه آهي جنهن ۾ ڪو نذير ۽ ڊيڄارڻ وارو نه هجي. هر معاشري ۾ هڪ نذير جو هجڻ ضروري آهي جيڪو پنهنجي قوم يا امت کي ڊيڄاري ته جيئن سندس قوم ايندڙ خطرن ۽ مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگھي، تنهن ڪري قرآن مجيد جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي وصفن مان ڪجھ جاين تي ” بشير ۽ نذير “ کي ذڪر ڪيو آهي جنهن مان معلوم ٿيو ته نذير ۽ بشير هجڻ به نبوت جو هڪ هدف ۽ مقصد آهي.

  1. ظلم ۽ فساد جي خلاف جنگ

قرآن مجيد جي آيتن مان بعثت جو هڪ هدف عملي طريقي سان ظلم ۽ ظالمن جي خلاف جنگ ڪرڻ آهي، قرآن مان ملي ٿو ته جنهن به قوم ڏانهن نبي يا پيغمبر کي مبعوث ڪيو ويندو هيو انهي قوم ۾ ڪجھ خاص قسم جا فساد ۽ ظلم پاتا ويندا هئا، جڏهن ته سڀني نبين جو هڪ گڏيل مقصد، خدا جي عبادت ۽ وحدانيت جي طرف دعوت ڏيڻ هئو.

(وَ لَقَدْ بَعَثْنا في ‏كُلِّ أُمَّةٍ رَسُولاً أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاجْتَنِبُوا الطَّاغُوتَ)(12) ۽ بيشڪ هر قوم ڏانهن رسول موڪليو سين ته جيئن (کين چوي ته) خدا جي عبادت ڪريو ۽ طاغوت کان دوري اختيار ڪريو.

  1. خدا جي وحدانيت ۽ هيڪڙائي جي دعوت

پيغمبرن ۽ نبين جي اهم هدفن منجھان هڪ، خدا جي توحيد ۽ وحدانيت ڏانهن دعوت ڏيڻ ۽ انسانن کي شرڪ کان بچائڻ آهي. سڀني نبين جو هدف خدا جي توحيد کي انسانن تائين پهچائڻ هيو قرآن جي آيت ۾ ملي ٿو (وَ ما أَرْسَلْنا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَسُولٍ إِلاَّ نُوحي ‏إِلَيْهِ أَنَّهُ لا إِلهَ إِلاَّ أَنَا فَاعْبُدُونِ) (13) اسان تو کان پهريان جنهن به نبي کي موڪليو آهي انهي ڏانهن وحي ڪئي آهي ته مون کان سواءِ ڪو به معبود ناهي ۽ فقط منهنجي ئي عبادت ڪريو.

سورت نحل جي آيت 26 مان اسان کي جيڪو اهم نڪتو حاصل ٿئي ٿو، اهو هي ته توحيد يعني ظالمن سان مقابلو ڪرڻ ۽ انهن جي وجود کي زمين تان مٽائڻ، ڇو جو ظالمن سان گڏ وحدانيت باقي نٿي رهي سگھي. جيڪڏهن معاشرو خدا جي توحيد کي اپنائڻ چاهي ٿو ته  مٿس اهو ضروري آهي ته پهريان ظالمن جي نفي ڪري ۽ انهن جي نالي ۽ نشان کي زمين تان مٽائي.

  1. قيامت (معاد) جي دعوت ڏيڻ

آخرت جي زندگي جي طرف دعوت ڏيڻ به نبين جي اهم هدفن منجھان هڪ آهي، سڀئي نبي ان ڳالهه جي تاڪيد ڪندا هئا ته دنياوي زندگي کان علاوه هڪ ٻي به زندگي آهي، جيڪا هميشه رهڻ واري ۽ ابدي آهي. جنهن ۾ انسان کان دنياوي زندگي ۾ ڪيل سڀني عملن جو پڇاڻو ٿيندو. تنهنڪري سڀني تي ضروري آهي ته عمل ڪرڻ وقت احتياط ڪن ته جيئن ان ڏينهن مشڪلاتن جو منهن نه ڏسن ۽ خدا جي ڪنهن عذاب جا مستحق نه ٿين. هيٺ ڏنل آيت ۾ ڏسون ته جناب نوح عليه السلام پنهنجي قوم کي ڪيئن دعوت ڏئي ٿو:

(لَقَدْ أَرْسَلْنا نُوحاً إِلى‏ قَوْمِهِ فَقالَ ياقَوْم ِاعْبُدُوا اللَّهَ ما لَكُمْ مِنْ إِلهٍ غَيْرُهُ إِنِّي أَخافُ عَلَيْكُمْ عَذابَ يَوْمٍ عَظيمٍ)(14) اسان نوح کي پنهنجي قوم ڏانهن موڪليو، جناب نوح چيو؛ اي قوم وارو، خدا جي عبادت ڪريو. ڇا ٿي ويو اٿو جو ان خدا کي ڇڏي غير ڏانهن وڃو ٿا مان توهان مٿان ان عظيم ڏهاڙي جي عذاب کان ڊڄان ٿو.

حوالا

1: سورت بقره، آيت 285

2. سورت آل عمران، آيت  164

3. سورت جمعه، آيت 2

4. سورت بقره، آيت 151

5. سورت نساء، آيت 113

6. سورت مائده، آيت 15

7. سورت بقره، آيت 79

8. سورت نساء، آيت 46

9. سورت ص، آيت 38

10. سورت نساء، آيت105

11. سورت فاطر، آيت 24

12. سورت نحل، آيت 36

13. سورت انبياء، آيت 25

14. سورت اعراف، آيت 59

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found