Logo

رسول اڪرم (ص) امام صادق (ع) جي نظر ۾

سنڌيڪار: امير حسين جسڪاڻي

مهاڳ

نبين جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته تمام نبين مان ڪجھ ئي اهڙا نبي آهن جن جي زندگي ۽ حالات کي جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن جي مبارڪ زندگي وانگر تمام تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي؛ ڇو جو اڪثر نبين جي زندگي کي تاريخ بيان ئي نه ڪيو آهي زندگي ته پري جي ڳالهه آهي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڪثر نبين جا ته نالا به تاريخ ۾ موجود نه آهن .

ليڪن ان ڳالھ تي فخر ڪري سگھجي ٿو ته اسان جا نبي سڳورا ان اشخصيت، عظمت ۽ منزلت جا ملڪ آهن جو تاريخ سندن تمام زندگي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ خداوند الم به سندن پاڪ ۽ نوراني زندگي ۽ سندن صفات کي بيان فرمايو آهي الله سائين سندن اخلاق جي عظمت کي

نور جي ولادت :

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن سلمان فارسي کان نقل ڪندي فرمائن ٿا حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته: خدا وند عالم مون کي پنهنجي نور مان خلق فرمايو آهي. اهڙي ئي طرح امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا: خداوند عالم جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم سان خطاب ڪندي فرمايو: اي محمد، هنن آسمانن ۽ زمينن ،عرش ۽ دريائن کي خلق ڪرڻ کان پهريان مون تنهنجي ۽ علي عليه السلام جي نور کي خلق ڪيو آهي.

حضرت امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته: ابليس ان رات پنهنجي دوستن اڳيان فريادون ڪيون،۽ انهن کان  مدد طلب ڪئي ته اهي ابليس جي چوڌاري گڏ ٿيا ۽چوڻ لڳا؛ سردار ڪهڙي شئ توکي ڊيڄاريو آهي. ۽ايترو خوفزده ٿيو آهين؟

ته ابليس چوڻ لڳو توهان تي افسوس آهي جو رات کان هن وقت تائين زمين ۽ آسمان ۾ ٿيندڙ تبديلين کي محسوس نٿا ڪريو. مونکي يقين ٿي ويو آهي ته ڪوئي نئون حادثو واقع ٿيو آهي، جڏهن ته حضرت عيسى عليه السلام کان وٺي اڄ تائين اهڙو واقعو نه ٿيو هيو. سڀ پکڙجي وڃو ۽ جاچ پڙتال ڪريوته آخر ڇا ٿيو آهي، جو سڀ ڪجھ تبديل ٿي ويو آهي.

اهي سڀ وڃن ٿا ۽ موٽي اچي چون ٿا ته اسان کي اهڙو ڪوبه واقعو محسوس نه ٿيو آهي، ابليس چيوته اهو ڪم توهان  جي سمجھ کان مٿي آهي ۽ مونکي پاڻ ڪرڻو پوندو. ابليس اٿيو ۽ ڳولاءُ ڪرڻ لڳو؛ جڏهن مڪي شريف ۾ پهتو ته فرشتن جو ميڙ ڏٺائين، چاهيائين ته داخل ٿئي ليڪن فرشتن اجازت نه ڏنس، وري ابليس غار حرا جي طرف ويو ۽ چاهيائين ته ان ۾ داخل ٿئي ليڪن حضرت جبرائيل روڪيس ۽ چيائينس ته اي خدا جي رحمت کان تڙيل! هتان هليو وڃ. جنهن تي ابليس چيو ته آئون توکان ڪجھ سوال پڇڻ چاهيان ٿو؛ حضرت جبرائيل فرمايو ڪهڙا سوال؟ ابليس چيو ته ڪالهه کان هن وقت تائين ڪهڙو واقعو وجود ۾ آيو آهي؟ حضرت جبرائيل عليه السلام فرمايو: الله جي رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جي ولادت ٿي آهي. (2)

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جا مبارڪ نالا

ڪلبي، عرب جي تمام وڏن حسب ۽ نسب سڃاڻڻ وارن مان شمار ٿيندو آهي، اهو چوي ٿو: حضرت امام صادق عليه السلام جن مون کان سوال ڪيو ته جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جا قرآن ۾ ڪيترا نالا بيان ڪيا ويا آهن؟

مون جواب ڏنو ته: آقا ٻه يا ٽي نالا بيان ڪيا ويا آهن. امام صادق عليه السلام جن فرمايو: قرآن مجيد ۾ جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جا ڏهه نالا بيان ڪيا ويا آهن

”محمد، احمد، عبد الله، طه، يس، نون، مزمل، مدثر، رسول ۽ ذڪر“.

 ان کان پوء امام هر نالي جي لاء آيت جي تلاوت فرمائي ۽ فرمايو : ”ذڪر“ جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي نالن مان هڪ نالو آهي ۽ اسان سڀ اهل بيت،  اهل ذڪر آهيون. اي ڪلبي! اڄ جنهن شي جي باري ۾ سوال ڪرڻ چاهين، سوال ڪر.

ڪلبي چوي ٿو: مون کي خدا جو قسم! جناب صادق آل محمد عليه السلام جي هيبت سبب مون کان سڄو قرآن وسري ويو ۽ هڪ به حرف ياد نه آيو جنهن جي باري ۾ مان امام کان سوال ڪيان .

رسول اڪرم جي نالي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي عظمت

حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي مبارڪ نالي ”محمد، جو امام جعفر صادق عليه السلام تي اهڙو اثر ظاهر ٿيندو هو جو ٻڌڻ سان ئي امام جي چهري جو رنگ تبديل ٿي ويندو هو. امام عليه السلام ڪڏهن ڪڏهن جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي مبارڪ نالي ٻڌڻ کان پوء فرمائيندا هئا: مان قربان انهي نالي تان.

ابو هارون چوي ٿو: هڪ ڏينهن مان امام جعفر صادق عليه السلام جي بارگاهه ۾ شرفياب ٿيس، امام عليه السلام جن فرمايو ته: اي ابو هارون! ڪافي ڏينهن ٿيا آهن جو مان تو کي ڏسي نه سگھيو آهيان. مون عرض ڪيو: آقا! خدا وند عالم مون کي هڪ پٽ عطا ڪيو آهي جنهن ڪري مان ڪجھ ڏينهن مصروف هيس. امام عليه السلام فرمايو خدا توکي ٻچڙو بخشي ڏئي. ان جو نالو ڇا رکيو اٿئي؟ چيم آقا ان جو نالو  محمد رکيو آهي جئين ئي امام عليه السلام نالو ٻڌو ته احترام ۾ امام عليه السلام جو چهرو مبارڪ جھڪي ويو ايترو جھڪيو جو نزديڪ هيو ته زمين تي وڃي لڳي. امام عليه السلام پنهنجن مبارڪ چپن تي ٽي مرتبا محمد، محمد ،محمد، ورجايو ۽ ان کان پوء فرمايو: منهنجي جان منهنجي اولاد بلڪي هي پوري ڪائنات جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم تان قربان؛ ۽ فرمايو: اي ابو هارون! پنهنجي ان پٽ کي ڪڏهن به گار نه ڏجان،  مار نه ڏجان ۽ ان سان ڪڏهن به بري طريقي سان پيش نه اچجان، بعد ۾ فرمايو: زمين تي ڪو اهڙو گهر نه آهي جنهن ۾ محمد نالو هجي ۽ اهو گھر مبارڪ ۽ برڪت وارو نه هجي.

جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جون تورات ۽ انجيل ۾ وصفون

خداوند عالم جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي وصف بيان ڪندي فرمائي ٿو:

 الَّذِينَآتَيْناهُمُالْكِتابَيَعْرِفُونَهُكَمايَعْرِفُونَأَبْناءَهُمْوَإِنَّفَرِيقاًمِنْهُمْلَيَكْتُمُونَالْحَقَّوَهُمْيَعْلَمُونَ (3)

اهي جن کي آسماني ڪتاب عطا ڪيوسين ان کي پنهنجن پٽن وانگر سڃاڻين ٿا ليڪن انهن مان ڪجھ حق کي ڄاڻي واڻي لڪائن ٿا.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن

” يَعْرِفُونَهُكَمايَعْرِفُونَأَبْناءَهُمْ “

 جي باري ۾ فرمائن ٿا: خداوند عالم تورات ۽ انجيل ۾ جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ،سندن بعثت، هجرت ۽ صحابين جي هن طرح سان وصف فرمائي آهي.

مُّحَمَّدٌ رَّسُولُ اللَّهِ وَ الَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بيْنَهُم...... (4)

محمد صلي الله عليه وآله وسلم خدا جو موڪليل (رسول)  آهي ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن اهي ڪافرن آڏو سخت آهن ۽ پاڻ ۾ مهربان آهن ۽ انهن کي هميشه رڪوع جي حالت ۾ ڏسندين ۽ اهي هميشه خدا جي فضل ۽ رضايت کي طلب ڪندا رهن ٿا ۽ انهن جي چهري تي سجدي جا آثار واضح ۽ روشن آهن اهي وصفون تورات ۾ اهڙي طرح سان بيان ٿيل آهن.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: جناب رسول خدا عليه السلام ۽ ان جي صحابين جون اهي وصفون تورات ۽ انجيل ۾ بيان ٿيون آهن جڏهن جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي خدا وند عالم رسول بڻائي موڪليو ته اهل ڪتاب (يهودي ۽ نصارا) ان کي سڃاتو ليڪن ان جي باوجود به انهن ان جو انڪار ڪيو جهڙي طرح خدا وند عالم فرمائي ٿو:

فَلَمَّاجَاءهُم مَّا عَرَفُواْكَفَرُوا ْبِهِ (5)

 جنهن وقت اهو پيغمبر انهن وٽ آيو ان جي باوجود جو اهي کيس پهريان کان سڃاڻيندا هئا، سندس انڪار ڪيائون.

افضل ترين مخلوق

حسين بن عبد الله چوي ٿو: امام جعفر صادق عليه السلام کي عرض ڪيم: ڇا جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم آدم عليه السلام جي اولاد جا به سردار آهن؟ امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو: مون کي خدا جي ذات جو قسم! رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم تمام ڪائنات جا سردار آهن خدا وند عالم جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان بهترين ڪابه مخلوق پيدا نه آهي.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن هڪ ٻئي جاءِ تي فرمائن ٿا: جڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي جبرائيل معراج لاء وٺي ويو ته جبرائيل به هڪ منزل کان پوء جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو ساٿ ڇڏي ڏنو. رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن جبرائيل کي فرمايو: اي جبرائيل! تون اهڙي حالت ۾ مون کي اڪيلو ٿو ڇڏين. جبرائيل وراڻيو: آقا توهان اڳتي وڃو خدا جو قسم توهان ان جاء تي ويا آهيو جتي نه توهان کان پهريان ڪو ويو آهي نه ئي وري ڪو ويندو.

زهد ۽ سچائي

ابن سنان چوي ٿو ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمايو: جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم وٽ هڪ شخص آيو ان وقت جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم هڪ تڏي تي ويٺا هئا ۽ انهي تڏي جا نشان جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي بدن مبارڪ تي ظاهر هئا. ان شخص جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي انهن جاين تي چميون ڏيندي عرض ڪيو: اي منهنجا آقا! اوهان تان قربان، ڪسرى ۽ قيصر (ايران ۽ روم جا بادشاه) هرگز انهي تي راضي نه ٿين ها. اهي ته ريشمي بسترن تي آرام ڪندا آهن جڏهن ته توهان هن پوري ڪائنات جا سردار آهيو ليڪن اوهان ان کجي جي تڏي تي آرامي آهيو. حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: خدا جو قسم! مان انهن کان وڌيڪ فضيلت رکان ٿو، مان ڪٿي دنيا ڪٿي. دنيا جلدي گذرڻ واري آهي دنيا جي مثال ان شخص جيان آهي جيڪو هڪ وڻ جي سائي هيٺيان وڃي ويهي جيستائين ان وڻ جي ڇانو آهي ته هو  کائنس استفادو ڪري ٿو ۽ جڏهن اها ختم ٿي وڃي ٿي ته اهو هليو وڃي ٿو.

حوالا

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.