ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

حضرت رسول خدا (ص) جا امام محمد باقر عليه السلام ڏانهن موڪليل سلام

 

تحرير: محمد حيات مفڪري

مقدمو:

 جهان جي تقدير بدلائڻ لاءِالله سائين حجاز جي پهاڙين ۾ رهندڙ جاهل قوم ۾ وسندڙ هڪ پاڪ ۽ عزت واري گهراڻي مان هڪ شخص عبدالمطلب جي صلب مان عبدالله نالي فرزند کي وجود ۾ آندو، ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته عبدالله جي صلب مان اهڙي شخصيت وجود ۾ ايندي جيڪا هن دنيا ۾ انقلاب برپا ڪندي، پر ان جي باوجود ڪجهه اهڙا ماڻهو به موجود هئا جن کي حضرت عبدالله جي چهري مان روشن مستقبل جون شعائون نظر اچي رهيون هيون.

عربستان ۾ رهندڙ هڪ عورت حضرت عبدالله کي شادي جي آڇ ڪئي پر حضرت عبدالله اها آڇ قبول نه ڪئي، جڏهن حضرت آمنه سان شادي ڪيائين ڪجھ ڏينهن کان پوءِ وري انهيءَ عورت سان ملاقات ٿيس ته کانئس پڇيائين ته شادي جي باري ۾ توهان جو ڇا ارادو آهي؟ ته انهيءَ عورت وراڻيو ته مون وٽان وڃڻ کان پوءِ ڪهڙو ڪم انجام ڏنو اٿو؟ ته حضرت عبدالله وراڻيو مون آمنه سان شادي ڪئي آهي. تڏهن ان عورت چيو ته جنهن نور جي ڪري مان توهان سان شادي ڪري رهي هيس اهو نور توهان جي چهري مان غائب ٿي ويو آهي ۽ اهو نور اوهان ٻي جڳھ تي منتقل ڪري آهي، عزيزو توهان کي خبر آهي ته اهو نور حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جو نور هئو.

جڏهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو نور دنيا جو ظاهري لباس تن تي ڪري مڪي جي سرزمين تي ظاهر ٿيو ته روم جي محلات جا ڪنگرا ڪرڻ لڳا. ڪجھ نهرون خشڪ ٿي ويون. فارس جو (مجوسين جي عبادت گاه جي ٻريل باه وارو) آتشڪدو وسامي ويو ۽ شيطان چيخون ڪري چوڻ لڳو ڇو ته حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم هن دنيا تي آيا آهن ۽ اهي انسان ذات کي گمراهي مان خارج ڪري راه مستقيم جي طرف هدايت ڪندا، ان ڪري مان مايوس ٿي ويو آهيان.

هن موضوع ۾ ٽن شخصيتن جو تعارف ضروري ٿو سمجهان

1ـ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم  2ـ حضرت جابر بن عبدالله انصاري  3ـ حضرت امام محمد باقر عليه السلام

1ـ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم

خدا جي قابل افتخار مخلوق حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن 17 ربيع الاول سن 1 عام الفيل تي دنيا تي آيا، پاڻ ننڍپڻ کان ئي اخلاق جا پيڪر، سچ جا مجسما ۽ امانتدار هيا. ايتري قدر جو مشرڪ ۽ ڪافر به انهن وٽ امانتون رکندا هئا. سندن کير پيئڻ جي مدت دوران ڪنهن اچي حضرت عبدالمطلب کي خبر ڏني ته دائي حليمه کان محمد صلي الله عليه وآله وسلم گم ٿي ويو آهي ۽ جڏهن حضرت عبدالمطلب غضبناڪ ٿيندو هيو ته ماڻهو ان کان ڊڄندا هئا. جڏهن اهو ٻڌائين ته حضرت عبدالمطلب ندا ڏني ته اي بني هاشم ۽ بني غالب سوار ٿيو محمد صلي الله عليه وآله وسلم گم ٿي ويو آهي ۽ قسم کنيائين ته گهوڙي تان نه لهندو ايستائين جو محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي ڳولي نه لهي يا هزار اعرابي ۽ سئو قريش کي قتل نه ڪري. پوءِ آواز  ٻڌائين ته بتحقيق خدا محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي ڪڏهن به گم نه ڪندو. حضرت عبدالمطلب چيو ته هو ڪٿي آهي؟ ندا آئي ته فلان وادي ۾ ام عنيلان جي وڻ جي هيٺان آهي.

ابن مسعود چئي ٿو ته جڏهن اسان ان وادي وٽ آياسين ته اسان ڏٺو ته هو انهيءَ وڻ مان تازيون کجور کائي رهيو آهي ۽ ان جي ڀر ۾ ٻه جوان بيٺا آهن ۽ جڏهن اسان قريب وياسين ته اهي ٻئي جوان هليا ويا ۽ اهي جبرائيل ۽ ميڪائيل عليهما السلام هيا، پوءِ اسان ان کان سوال ڪيوسين ته تون ڪير آهين ته هن وراڻيو ته آئون عبدالله بن عبدالمطلب جو فرزند آهيان.

يعني ننڍي هوندي کان حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم خدا جي حفاظت ۾ هيا. ننڍي هوندي کان ئي ان جي خدمت لاءِ فرشتا منتخب ڪيا ويا هئا جيڪي ان کي غسل ڪرائيندا هئا ۽ لباس بدلائي کيس خوشبو هڻندا هئا.

حضرت صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن سفر ڪندا هئا ته ان جي مٿان بادل ڇانو ڪندا هئا. حضرت فاطمه بنت اسد فرمائي ٿي ته اسان جي گهر جي صحن ۾ هڪ کجي جو وڻ هيو جيڪو خشڪ ٿي ويو هيو. هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم وڻ وٽ آيا ۽ ان کي پنهنجي هٿ سان مس ڪيائون ته ان وقت کان پوءِ اهو وڻ سائو ٿي ويو ۽ کارڪون جهلڻ شروع ڪيائين. مان هر ڏينهن ان مان کارڪون گڏ ڪري ٽوڪري ۾ رکندي هيس جڏهن منجهند جو وقت ٿيندو هيو ته حضرت اها ٽوڪري کڻي اها کجي بني هاشم جي ٻارن ۾ تقسيم ڪندا هئا.

پوءِ هڪ ڏينهن آيا ته جيئن کارڪون  ٻارن ۾ ورهائين، ته مان چيو ته اڄ کجي کارڪون ڪونه ڏنيون آهن. بيبي فرمائي ٿي ته مان ڏٺو ته کجي جي قريب آيا ۽ کجي سان ڪجھ ڳالهايائون ۽ اچانڪ کجي جهڪي ويئي ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم هن مان جيتريون کارڪون چاهيون اوتريون پٽيون پوءِ کجي پنهنجي جڳھ تي وڃي بيٺي. ان ڏينهن کان پوءِ مون خدا کان دعا گهري ته خدا مون کي هڪ پٽ ڏي جيڪو محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو ڀاءُ ٿئي، ان رات حضرت ابو طالب منهنجي نزديڪ آيو ۽ مان علي ابن ابي طالب عليهما السلام جي رزق سان نوازي ويس. جيڪو ڪڏهن به بت جي قريب نه ويو ۽ ڪنهن به بت کي نه پوڄيائين، اهو سڀ ڪجهه محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي برڪت جي ڪري هيو. اهڙي نموني علي ابن ابي طالب عليهما السلام وجود ۾ آيا ۽ حضرت زهرا عليها السلام سان شادي ڪيائون ۽ ان جي بطن اطهر مان امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام وجود ۾ آيا. مولا حسين عليه السلام جي صلب مان حضرت امام سجاد عليه السلام ۽ امام سجاد عليه السلام جي صلب مان امام محمد باقر عليه السلام وجود ۾ آيا . جنهن جي لاءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  جابر بن عبدالله انصاري جي ذريعي سان سلام موڪليا .

جابر بن عبدالله انصاري  فرمائي ٿو: هڪ ڏينهن پيغمبراڪرمصلي الله عليه وآله وسلم مون کي فرمايو: مون کان پوءِ منهنجي خاندان مان هڪ شخص کي ڏسندين جنهن جو نالو منهنجو نالو هوندو ۽ جنهن جي صورت منهنجي شبيهه هوندي هو ماڻهن جي مٿان علم جا دروازا کوليندو.

۽ جڏهن حضرت جابر  حضرت امام محمد باقر عليه السلام کي مديني جي گهٽي ۾ ڏٺو ته کيس چيائين ته: تنهنجي ناني تنهنجي لاءِ سلام موڪليا آهن. جابر ان ڏينهن کان وٺي پيغمبراڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي احترام خاطر امام محمد باقر عليه السلام جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مسجد نبوي ۾ هليو ويندو هيو ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي اڳڪٿي کي نقل ڪندو هئو.

هتي هڪ سوال پيش اچي ٿو ته ڇا سلام جي ايڏي اهميت آهي جو هڪ معصوم ٻئي معصوم جي لاءِ سلام موڪليا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي اهي سلام جڏهن ايڏي وڏي فاصلي سان هجن. ڇاڪاڻ ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت ۽ امام عليه السلام جي ولادت ۾ تقريبا پنجاهه سال جو فاصلو هيو، هن مان سلام جي اهميت سان گڏو گڏ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پاران جابر بن عبدالله انصاري  جي زندگي جي ضمانت به سمجهه ۾ اچي ٿي ته جابر ان وقت تائين زندھ هوندا. جيڪڏهن زنده نه هجن ته پوءِ سلام ڪيئن ڏيندا؟ هتي سلام جي فضيلت کي بيان ڪرڻ لازم سمجهان ٿو.

سلام جي فضيلت

روايات مان اها شي سمجھ۾ اچي ٿي ته اگر انسان ڪنهن ٻئي شخص تي سلام ڪري ٿو ته ٻيو شخص اهو سمجهي ته هن سلام ڪرڻ واري طرفان منهنجي جان ،مال ۽ عزت محفوظ آهي.

سلام قرآن جو ٻيو نالو آهي  ۽ خدا جي نالن مان هڪ نالو سلام آهي

 السَّلَامُ الْمُؤْمِنُ الْمُهَيْمِنُ

 يعني خدا سلامتي کي مهيا ڪري ٿو ۽ خطري کي ٻين کان دور ڪري ٿو.

قيامت جي ڏينهن مومنين کي چيو ويندو ته

ادْخُلُوها بِسَلامٍ آمِنِينَ

 يعني سلامتي ۽ امن سان بهشت ۾ داخل ٿيو. رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمائن ٿا: اي انس جنهن سان به ملاقات ڪرين ان کي سلام ڪر، الله سائين تنهنجي نيڪين کي وڌائيندو ۽ پنهنجي گهر جي دروازي تي به سلام ڪر ، خدا تنهنجي برڪت ۾ اضافو ڪندو.

ان کان علاوه هڪ ٻئي تي وڏي سلام موڪلڻ سان پاڻ ۾ محبتون وڌن ٿيون.

2ـ جابر بن عبدالله انصاري

جابر بن عبدالله انصاري نبي جو پيارو صحابي هيو هن جو ڏاڏو عمر بن حرام بن ڪعب بن غَنَم هيو ۽ سندن نسبت خزرج سان وڃي ملي ٿي. جابر جو والد هجرت کان پهرين مسلمان ٿيو  ۽ پيمان عقبه ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم هن کي پنهنجي قبيلي جو نمائيندو ٺاهيو هيو ۽ اهو جنگ احد ۾ شهيد ٿيو.

قبيله خزرج ۽ اوس ۾ ننڍي عمر وارو جابر هيو جنهن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي بيعت ڪئي. جنگ بدر ۽ احد کان سواءِ اڪثر جنگين ۾ شرڪت ڪيائين. خلفاء راشدين جي دؤر ۾ سياست کان پري رهي ڪري پنهنجي علمي فعاليت ۾ مشغول رهيو.

جڏهن معاويه حڪومت حاصل ڪئي ته چاهيائين ته منبر رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي مديني کان شام منتقل ڪري، جابر پهريون ماڻهون هيو جڪو معاويه وٽ ويو ۽ کيس اُنهي ڪم کان روڪيائين.  سندن اولاد به اسلام جي خدمت ڪئي. برک عالم استادالفقهاء والمجتهدين شيخ مرتضي انصاري جي نسبت به جابر بن عبدالله انصاري تائين پهچي ٿي.

جابر کي گهڻين حديثن جي نقل ڪرڻ خاطر حديث ۾ مُڪَثِر سڏيو وڃي ٿو، يعني گهڻيون حديثون بيان ڪرڻ وارو، ايستائين جو امام محمد باقر عليه السلام کان نقل ڪندي امام جعفر صادق عليه السلام ۽ امام موسي ڪاظم عليه السلام به جابر کان احاديث نبوي نقل ڪيون آهن. حديث ڪساء جو ناقل به جابر ابن عبدالله انصاري آهي ، حضرت جابر اهو پهريون شخص آهي جنهن اربعين ۾ امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪئي.

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ان شخص تي اعتماد هئڻ جي ڪري امام محمد باقر عليه السلام جي لاءِ سلام موڪليا، حضرت جابر  رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي دؤر سان گڏ مولا علي عليه السلام، امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام، ان کان پوءِ امام سجاد عليه السلام ۽ امام محمد باقر صلي الله عليه وآله وسلم جن جو زمانو ڏٺو.

3ـ شخصيت امام محمد باقرعليه السلام

حضرت امام محمد باقر عليه السلام جي سن 57 هجري ۾ مديني شهر ۾ ولادت ٿي. سندن والد گرامي امام سجاد عليه السلام جي شهادت وقت سندن عمر 37 يا 38 سال هئي. سندن نالو محمد ڪنيت ابو جعفر  ۽ سندن لقب باقر ۽ باقر العلوم آهن.

سندن والده (ام عبدالله) امام حسن مجتبي عليه السلام جي ڌيءَ هئي. انهي لحاظ کان امام اهڙو پهريون شخص هيو جيڪو پيءُ ماءُ ٻنهي جي طرفان فاطمي ۽ علوي هيو. اهوئي ته سبب هيو جو جڏهن امام حسن ۽ امام حسين عليه السلام جن جا خون جا جزا مليا ته هڪ اهڙي شخصيت وجود ۾ آئي جنهن شخصيت علم تي پردن کي هٽائي انسان ذات تي علم جا دروازا کولي ڇڏيا. سندن شهادت 114 هجري ۾ ٿي، سندن امامت جي مدت 19 يا 20 سال هئي.

پاڻ هڪيونيورسٽي جو بنياد رکيائون جنهن کي امام صادق عليه السلام پايه تڪميل تي پهچايو. ايستائين جو  پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جا صحابي به سندن وجود کان استفادو ڪري رهيا هئا.  امام محمد باقر عليه السلام جي علمي شهرت اسلامي ملڪن جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي هئي، سندن لقب باقر العلوم يعني علم جا دروازا کولڻ وارو ۽ علمي مشڪلات کي ٽوڙڻ وارو هيو.

 اهل سنت جو دانشور ابن حجر هيثمي لکي ٿو ته: محمد باقر عليه السلام معارف جا ايترا لڪل خزانا آشڪار ڪيا آهن ۽ احڪام جي حقيقتن کي بيان ڪيو آهي ۽ علم جي حڪمن کي بيان ڪيو آهي جيڪي هر ڪنهن تي آشڪار آهن سواءِ بي بصيرت جي ۽ انهي سبب جي ڪري کين علم جو جمع ڪرڻ وارو ۽ علم جي پرچم کي لهرائڻ وارو چيو ٿو وڃي .

علم کي آشڪار ڪرڻ وارو ۽ علم جي دروازي کي کولڻ وارو

جيئن ته مٿي حديث بيان ٿي ته مون کان پوءِ منهنجي خاندان مان اهڙي شخص کي ڏسندين جنهن جو نالو منهنجي نالي جهڙو ۽ هن جي صورت منهنجي مشابهه هوندي. هو ماڻهن جي مٿان علم جي دروازن کي کوليندو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ان وقت اها اڳڪٿي ڪئي هئي جڏهن امام محمد باقر عليه السلام جن جي ولادت به نه ٿي هئي، ان قصي کي سال گذري ويا ۽ امام سجاد عليه السلام جو زمانو پهتو. هڪ ڏنهن حضرت جابر مديني جي گهٽين مان گذري رهيو هو ته سندس نگاهه امام باقر عليه السلام تي پئي، جڏهن غور ڪيائين ته منجهس اهي نشانيون ڏٺائين جيڪي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم بيان ڪيون هيون، حضرت جابر  پڇيو ته تون ڪير آهين ۽ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ امام عليه السلام وراڻيو ته منهنجو نالو محمد بن علي بن الحسين عليهم السلام آهي. جابر سندن پيشاني تي بوسو ڏنو ۽ چيائين ته: تنهنجي ناني منهنجي ذريعي سان تنهنجي طرف سلام موڪليا آهن ! جابر ان ڏينهن کان پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي احترام ۽ امام عليه السلام جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ خاطر هر روز ٻه دفعا امام عليه السلام جي زيارت ڪندا هئا ۽ مسجد نبوي ۾ مجموعي ۾ ويهي ڪري پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي اڳڪٿي کي نقل ڪندا هئا. جابر جا امام عليه السلام کي سلام پهچائڻ واريون حديثون ڪافي ساريون آهن. جيڪي ساڳئي مضمون سان وارد ٿيون آهن. اهي روايتون رجال ڪشي ، ڪشف الغمه، امالي صدوق، امالي شيخ طوسي ۽ اختصاص مفيد ۾ نقل ٿيون آهن، بظاهر اهي روايتون هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ رکن ٿيون. ڇا ڪاڻ ته ڪنهن روايت ۾ آهي ته حضرت جابر مديني جي گهٽي ۾ امام عليه السلام سان ملاقات ڪئي، ڪنهن ۾ آهي ته حضرت جابر امام سجادعليه السلام جي گهر ۾ امام باقر عليه السلام سان ملاقات ڪئي ۽ ڪنهن ۾ آيو آهي ته امام عليه السلام جابر  جي گهر ويو ته اتي جابر امام عليه السلام کي سڃاتو.

ڪجهه روايتن ۾ چٽي نموني بيان ٿيل آهي ته انهن ڏينهن ۾ حضرت جابر  نابينا هيو ليڪن روايتن جي طرف غور ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته انهن ۾ ڪو به ٽڪراءُ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته حضرت جابر  امام عليه السلام سان گهڻي محبت ۽ اخلاص جي ڪري ڪيترائي دفعا ملاقات ڪئي هجي ۽  پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو سلام پهچايا هجن ته جيئن امام عليه السلام جي عظمت واضح ٿئي. باقي رهيو امام عليه السلام کي سڃاڻڻ سو ممڪن آهي اهو واقعو حضرت جابر جي نابينا ٿيڻ کان پهريان جو هجي. ڇا ڪاڻ ته شيخ مفيد امام محمد باقر عليه السلام کان روايت نقل ڪري ٿو ته امام عليه السلام فرمايو: جابر بن عبدالله انصاري وٽ ويم ۽ ان تي سلام ڪيم، سلام جو جواب ڏنائين ۽ پڇيائين ته تون ڪير آهين ته اهو واقعو هن جي نابينائي کان بعد جو هيو ۽ پهريان واقعا هن جي نابينائي کان اڳ جا هئا.

حوالا

1ـ مناقب آل ابي طالب عليه السلام: ص 33

2ـ بحارالانوار: ج 46 ص 226، اصول ڪافي ج 1 ص 304.

3ـ سوره حشرآيه 23

4ـ سوره حشر آيت : 46

5ـ بحارالانوار:ج  76، ص 3

6ـ  بلاذري :ج 1ص 286

7ـ طبري :ج 1 ص 239

8ـ سيره  پيشوايان :ص 315

9ـ الصوائق المحرقه؛ ص 201

10ـ ارشاد: ص 262

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found