جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

دعا عهد تي هڪ نظر

 

تحرير: غلام قاسم تسنيمي

مهاڳ

امام زمانه عليه السلام سان دلي ناتو جوڙڻ ۽ ساڻس روزانو تجديد بيعت ڪرڻ، غيبت جي زماني ۾ هر منتظر مومن جي اهم ذميواري آهي.

امام محمد باقر عليه السلام جن هن آيت

(ياأَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اصْبِرُوا وَ صابِرُوا وَ رابِطُوا وَ اتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون)(1)

ايمان وارو! (گهڻين تڪليفن کي) سهو ۽ ٻين کي سهڻ سيکاريو (جهاد لاءِ) سندرو ٻڌو ۽ فقط خدا کان ڊڄو ته جئين دلي مرادون لهو.

جي تفسير ۾ فرمائن ٿا: واجبات کي انجام ڏيڻ تي صبر ڪريو، دشمنن آڏو ثابت قدم رهو ۽ پنهنجو رابطو زماني جي امام سان مضبوط بڻايو. (2)

زماني جي امام سان ناتي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ جيڪو ڪم ڪري سگهون ٿا، اهو روزانو دعاءِ عهد جو پڙهڻ آهي. اهڙي دعا جنهن کي روزانو صبح جو پڙهڻ انسان کي غفلت کان ڪڍي سگهي ٿو ۽ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جي ڳچي ۾ ڪنهن جي بيعت آهي، جيستائين ان کي پورو نه ڪريون اها دعا نه ٿا گهري سگهون ته خدايا امام زمانه عليه السلامجو جلد ظهور فرماءِ.

امام صادق عليه السلام کان روايت آهي ته جيڪو به چاليھ ڏينهن دعاءِ عهد پڙهندو، امام زمانه عليه السلام جي مددگارن ۾ شمار ٿيندو، جيڪڏهن سندس ظهور کان اڳ مري ويو ته الله سائين کيس وري زندھ ڪندو ته جئين امام زمانه عليه السلام جي رڪاب ۾ جهاد ڪري سگهي، دعا جي هر لفظ بدران ان لاءِ هزار نيڪيون لکيون وينديون ۽ سندس هزار گناھ معاف ڪيا ويندا.(3)

دعا جي مضمونن تي سراسري نظر

جيتوڻيڪ هيءَ هڪ مختصر دعا آهي پر مضمون جي لحاظ کان معرفت جو عظيم خزانو آهي، هن دعا جي مضمونن کي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو، جن مان اهم هي آهن:

1ـ پالڻهار جي عظمت جو اقرار

عملن جي قبوليت جو دارومدار اسان جي معرفت تي آهي؛ جنهن کي پالڻهار جي جيتري معرفت هوندي سندس عملن جي به اوتري ئي قيمت ٿيندي. الله سائين، سندس رسولن، امامن ۽ فروع دين جي معرفت، هر منتظر لاءِ ضروري آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن مهدوي دعا جي شروعات خدا جي سڃاڻپ سان ٿئي ٿي. جيڪو امام زمانه عليه السلام جي معرفت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان کي گهرجي ته پهريان رب جي معرفت حاصل ڪري.

غيبت جي زماني ۾ هن دعا جي به گهڻي پڙهڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي: الله سائين مون کي پنهنجي معرفت عطا فرماءِ جو جيڪڏهن مون کي پنهنجي معرفت عطا نه ڪيئيءَ ته تنهنجي نبي کي سڃاڻي نه سگهندس، جيڪڏهن تنهنجي نبي کي نه سڃاتو ته تنهنجي حجت کي سڃاڻي نه سگهندس ۽ جيڪڏهن تنهنجي حجت جي معرفت حاصل نه ٿي ته مان دين کان گمراھ ٿي ويندس.(4)

دعاءِ عهد جي شروعات ۾ پاڪ پالڻهار جون سورنهن صفتون بيان ٿيون آهن. عظيم نور جو مالڪ، بلند ڪرسي جو پالڻهار، موجون هڻندڙ سمنڊ جو صاحب، ڇانوَ ۽ اس جو خالق، توريت، انجيل ۽ زبور کي نازل ڪندڙ، عظيم قرآن جو موڪليندڙ، مقرب ملائڪن، نبين ۽ رسولن جو پالڻهار وغيره. اهو به دعا جو اهم ادب آهي ته انسان ڪنهن به شي جي گهرڻ کان اڳ پاڪ پالڻهار جي عظمت جو اقرار ڪري، سندس سهڻين صفتن کي بيان ڪري، ان جي احسانن جا گڻ ڳائي، پوءِ پنهنجي درخواست پيش ڪري. هن دعا ۾ به ان ادب جو لحاظ ڪيو ويو آهي ۽ پالڻهار جي عظمت جو اقرار ڪيو ويو آهي. انهن صفتن مان هر هڪ صفت يقينا پنهنجي اندر معرفت جا سمنڊ رکي ٿي، جنهن تي تفصيل سان لکي به سگهجي ٿو پر مقالي ۾ ايتري گنجائش نه آهي جو بحث کي وڌيڪ کوليو وڃي.

2ـ امام زمانه عليه السلام تي سلام

اسلام ته آهي ئي سلامتي جو دين، ۽ ائين ڇو نه هجي جڏهن ته خود پالڻهار جو هڪ سهڻو نالو، اسماءِ حسنى مان هڪ عظيم اسم ”سلام“ آهي. سلام جي اسلام ۾ تمام گهڻي فضيلت وارد ٿي آهي. امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: سلام لاءِ ستر نيڪيون آهن جن مان اڻهتر سلام ڪرڻ واري لاءِ ۽ هڪ جواب ڏيڻ واري لاءِ آهي.(5)

اهو ثواب ته عام مومن تي سلام ڪرڻ لاءِ آهي، ته پوءِ مومنن جي سرواڻ ۽ اڳواڻ امام زمانه عليه السلام تي سلام جو ڪيترو ثواب هوندو. البته هن دعا ۾ سلام جو منفرد ۽ انوکو انداز آهي. هتي منتظر نه رڳو پنهنجي طرفان سلام ڪري ٿو، بلڪ الله سائين کان گُهر ڪري ٿو ته پالڻهار منهنجي طرفان، منهنجي ماءُ پيءُ جي طرفان، مڙني مومنن ۽ مومنياڻين طرفان جيڪي ڏکڻ ۾ آهن يا اتر ۾، جبلن ۾ آهن يا صحرائن ۾، خشڪي تي آهن يا پاڻي تي، انهن سڀني طرفان امام تائين سلام پهچاءِ!

مطلب ته جيڪو به امام زمانه عليه السلام جي ظهور ۽ عالمي حڪومت جو منتظر آهي اهو ڪڏهن به تنگ نظر، خود پسند، مفاد پرست نٿو ٿي سگهي. ان جي سوچن جو محور رڳو پنهنجي ذات نه هوندي بلڪ هو عالمي سوچ رکندڙ هوندو.

ان کان پوءِ عرض رکي ٿو ته پالڻهار ايترا سلام جن جو وزن تنهنجي عرش جي وزن جيترو هجي، تنهنجي ان مس جيترا سلام جن سان تمام ڪلمات لکجي سگهن. جن کي رڳو تنهنجو علم ڳڻي سگهي ۽ تنهنجو ڪتاب ان تي محيط هجي. مطلب ته سلامن لاءِ انگ اکر ڪتب نه آندا ويا آهن. ائين ناهي چيو ويو ته جئين اسان شڪر ڪندي چوندا آهيون: پالڻهار تنهنجا سوين، هزارين، لکين يا ڪروڙين شڪر، بلڪ چيو ٿو وڃي ته عرش برابر، علم خدا جي مطابق، جن کي ٻيو ڪوئي شمار ئي نه ڪري سگهي.

معرفت جو اهو انداز رڳو هن گهراڻي مان ئي ملي سگهي ٿو، امام حسين عليه السلام جي ننڍڙي نياڻي ابن زياد جي درٻار ۾ جڏهن خطبو ڏنو ته خطبي جي شروعات پالڻهار جي حمد ۽ ثنا سان ڪيائين. فرمايائين:

(الحمد لله عدد الرمل والحصى)

پٿرين ۽ واريءَ جي ذرن جيتري الله جي حمد ۽ ثنا آهي. هاڻي سواءِ پالڻهار جي  ڪير ٿو اندازو لڳائي سگهي !

3ـ امام زمانه سان تجديد بيعت

هن دعا جو اهم مضمون امام زمانه عليه السلام سان تجديد بيعت آهي، روزانو صبح جو امام سان تجديد بيعت جو مطلب اهو ئي آهي ته اسان ان بيعت جا پابند رهنداسين. هتي منتظر پالڻهار جي بارگاھ ۾ عرض رکي ٿو ته يا الله! آءُ امام زمانه عليه السلام سان قول قرار ڪريان ٿو، قول قرار کي عهد پيمان ۾ ۽ ان کي وري بيعت ۾ تبديل ڪندس. بيعت به اهڙي جنهن تي فخر ڪندي سدائين ان تي باقي رهڻ جي درخواست ڪريان ٿو ۽ ان کان ڪڏهن به نه ڦرندس.

ها هيءَ بيعت ان بيعت جو تسلسل آهي جيڪا غدير خم جي ميدان تي الله جي حڪم سان رسول الله صلي الله عليه وآله واسلم جي زباني بيان ٿي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي آڏو ماڻهن کان علي عليه السلام جي هٿ تي بيعت ڪرائي. اتي سڀني امام علي عليه السلام کي امير المومنين ڪوٺي ڪري سندس بيعت ڪئي، کيس مبارڪ باد ڏني. اها ٻي ڳالھ آهي جو ڪي حضرت اتي بخ بخ چئي ڪري پنهنجي قول قرار کان ڦري ويا. پر هن دعا ۾ منتظر، الله سائين کي عرض رکي ٿو ته پالڻهار مان ڪڏهن به ان بيعت جو انڪاري نه ٿيندس.

4ـ امام زمانه عليه السلام جي نصرت جي دعا

پنهنجي آقا ۽ مولا سان تجديد بيعت ڪرڻ کان پوءِ منتظر اها دعا گهري ٿو ته پالڻهار مون کي ان امام جي مددگارن ۾ شمار فرما! ظاهر آهي ته سڀني منتظرن جي مڃتا آهي ته امام زمانه عليه السلام سڀني نبين جي مقصد کي پايه تڪميل تائين پهچائيندا، ڪائنات جي مظلومن جي آرزوئن ۽ تمنائن کي پورو ڪندي عالمي منصف حڪومت قائم ڪندا. قرآن مجيد نبين جي مقصد کي بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:

(لَقَدْأَرْسَلْنا رُسُلَنا بِالْبَيِّناتِ وَ أَنْزَلْنا مَعَهُمُ الْكِتابَ وَ الْميزانَ لِيَقُومَ‏ النَّاسُ)(6)

بيشڪ اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرا معجزا عطا ڪري موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي نازل ڪئي هن لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن.

هاڻي اهڙي حڪومت جي قيام لاءِ امام عليه السلام کي مخلص مددگارن جي ضرورت پوندي. ان دعا ۾ منتظر اها دعا گهري ٿو ته يا الله اها سعادت مون کي نصيب ٿئي. اڄوڪي دور جو هر عزادار مولا حسين عليه السلام جي هي فرياد

(هَل مِن ذَابِّ يَذُبُّ عَن حَرَمِ رَسُولِ اللهِ)(7)

آهي ڪوئي جيڪو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي حرم جو دفاع ڪري؛ ٻڌي روئندو آهي. هو اها تمنا رکي ٿو ته ڪٿي منهنجي دور جو آقا ۽ سردار به اڪيلو نه رهجي وڃي، منتظر عرض رکي ٿو: مون کي امام جي دفاع ڪندڙن ۾ قرار ڏجان!

سورت آل عمران ۾ الله سائين حضرت عيسى عليه السلام جي زباني نقل ڪيو آهي ته انهن فرمايو ته: الله لاءِ منهنجو مددگار ڪير ٿيندو؟ حوارين چيو ته اسان الله جا مددگار ٿينداسين.

(قالَ مَنْ أَنْصاري إِلَى اللَّهِ قالَ الْحَوارِيُّونَ نَحْنُ أَنْصارُ اللَّهِ)(8)

چيائين ته ڪير اهڙو آهي جو خدا ڏي ٿي منهنجو مددگار بڻجي! (اهو ٻڌي) حوارين چيو ته اسين خدا جا طرفدار آهيون.

امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: (انهن پنهنجي قول کي نه پاڙيو ۽ حضرت عيسى عليه السلام کي يهودين جي حوالي ڪري ڇڏيو (اها ٻي ڳالھ آهي جو الله سائين ان کي عرش تي گهرائي ورتو ۽ انهن ڀل چڪ ۾ ڪنهن ٻئي کي ڦاهي ڏئي ڇڏي.) پر اسان جا شيعه اسان جي مدد ڪندا رهن ٿا، اسان لاءِ جلا وطن يا شهيد ٿيندا رهن ٿا، الله سائين انهن سڀني کي سندن فداڪارين جو اجر عطا فرمائي) (9)امام زمانه عليه السلام جي مدد ڪرڻ جا ڪيترا ئي وسيلا ۽ طريقا آهن، انهن مان هڪ سندن مالي حق، خمس ادا ڪرڻ آهي.

امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا: (خمس اسان جي مدد آهي، ان کي اسان کان پري نه ڪريو پاڻ کي جيترو ٿي سگهيوَ اسان جي دعا کان محروم نه ڪريو) (10) امام زمانه عليه السلام فرمائن ٿا: (ڪنهن کي به نٿو جڳائي ته ٻئي جي مرضي کانسواءِ سندس مال ۾ هٿچراند ڪري، پوءِ ماڻهو اسان جو مال ڪئين ٿا کائن ۽ حرام جا مرتڪب ٿين ٿا. جيڪو به اسان جي مال مان ذرو به کائيندو اهو ڄڻ ته باھ کائي ٿو ۽ عنقريب جهنم ۾ ويندو)(11)

اڳتي دعا جا لفظ آهن ته يا الله مان نه رڳو امام جو حامي ۽ مددگار ٿيان بلڪ:

(والمسارعين في قضاءِ حوائجه)

سندس هر حڪم کي انجام ڏيڻ ۾ اڳي کان اڳڀرو هجان. اهو به قرآني مضمون آهي الله سائين حڪم ڪري ٿو ته

(وَ سارِعُوا إِلى‏ مَغْفِرَةٍ مِنْ رَبِّكُمْ وَ جَنَّةٍ عَرْضُهَا السَّماواتُ وَ الْأَرْضُ أُعِدَّتْ لِلْمُتَّقين) (12)

۽ پنهنجي پالڻهار جي بخشش ۽ اهڙي جنت ڏي جلدي ڪريو جنهن جي (رڳو) ويڪراڻ ئي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي، جيڪا انهن پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.

رب جي مغفرت جو بهترين ذريعو ۽ وسيلو الله، رسول ۽ امام جي اطاعت آهي. ٻي جڳھ تي ارشاد آهي:

(وَ أَطيعُوا اللَّهَ وَ الرَّسُولَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُون)(13)

۽ خدا ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته جئين اوهان تي رحم ڪيو وڃي. انهن فداڪارين جو مقصد شهادت ماڻڻ آهي، منتظر دعا ٿو گهري ته پنهنجي آقا ۽ مولا تي جان به گهوري ڇڏي:

(والمستشهدين بين يديه)

حقيقت ۾ منتظر شهادت کي مرڻ نه بلڪ ابدي زندگي ڀائين ٿو جئين ته قرآن پاڪ به ان حقيقت کي بيان ڪندي ارشاد فرمائي ٿو:

(وَ لا تَحْسَبَنَ‏ الَّذينَ قُتِلُوا في‏ سَبيلِ اللَّهِ أَمْواتاً بَلْأَحْياءٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُون)(14)

۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا آهن انهن کي ڪڏهن به مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا (جاڳندا موجود) آهن، پنهنجي پروردگار وٽ (اهي طرح طرح جي) روزي حاصل ڪن ٿا.

روايت ۾ آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن ڪنهن کي اها دعا گهرندي ٻڌو ته:

(اسئلک خير ما تسئل)

يا الله مان تو کان بهترين شيءِ جو سوال ڪريان ٿو، پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم کين فرمايو: جيڪڏهن تنهنجي دعا قبول ٿي ته تو کي شهادت نصيب ٿيندي.(15)

5ـ رجعت جي دعا

رجعت جي معنى آهي ٻيهر دنيا ۾ زندھ ٿيڻ، اهو خالص شيعه عقيدو آهي، منتظر الله سائين کان دعا گهري ٿو ته يا الله! جيڪڏهن منهنجو موت ظهور کان پهريان اچي وڃي؛ اهو موت جنهن کي تون پنهنجي ٻانهَن لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ته مون کي ٻيهر زندھ ڪجان، مون کي قبر مان اٿارجان، ڪفن مون کي ويڙهيل هجي، تلوار منهنجي هٿن ۾ هجي، مان امام عليه السلام جي سڏ تي لبيڪ چوندو اٿي بيهان.

رجعت جو اهو عقيدو قرآن ۽ سنت مان ورتل آهي. ارشاد ٿئي ٿو ته:

(وَ يَوْمَ نَحْشُرُ مِنْكُلِّ أُمَّةٍ فَوْجاً مِمَّنْ يُكَذِّبُ بِآياتِنا فَهُمْ يُوزَعُونَ)(16)

۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر!) جنهن ڏينهن سڀ ڪنهن امت مان هڪ اهڙو گروھ جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هوندو گڏ ڪنداسون. پوءِ انهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون وينديون.

هتي هر امت مان هڪ گروھ کي اٿارڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي جنهن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته اهو عمل قيامت کان اڳ انجام ٿيندو؛ ڇو جو قيامت ڏينهن ته سڀني کي اٿاريو ويندو.

قرآن مجيد ۾ هن ئي دنيا ۾ ٻيهر زندھ ٿيڻ جا ڪيترائي نمونا ذڪر ٿيا آهن،

(ثُمَّ بَعَثْناكُمْ مِنْ بَعْدِ مَوْتِكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُون)(17)

وري اسان اوهان کي اوهان جي مرڻ کان پوءِ جياري اٿاريو ته من اوهين احسان مڃيو.

حضرت عيسى عليه السلام جي لاءِ ملي ٿو ته:

(وَ إِذْ تُخْرِجُ الْمَوْتى‏ بِإِذْني)(18)

۽ جنهن وقت تو مئلن کي (جيئرو ڪري قبرن مان) ڪڍي ٻاهر ڪيو ٿي.

انهن آيتن مان اهو ئي سمجھ ۾ اچي ٿو الله سائين نيڪ ۽ فاسق ماڻهن مان ڪجھ مخصوص ماڻهن کي هن دنيا ۾ وري زندھ ڪندو ته جئين پنهنجي جزا يا سزا ڏسي سگهن، اهو عمل ظالمن لاءِ عبرت ۽ نيڪ ماڻهن لاءِ خوشحالي جو سبب ٿيندو.

6ـ ظهور جي دعا

دعا جي هنن جملن ۾ منتظر انتهائي لطيف لفظن سان ظهور جي دعا گهري ٿو:

(اللهم ارني الطلعة الرشيدة و الغرة الحميده واکحل ناظري بنظرة مني اليه)

الله سائين مون کي ان جمال جو نظارو نصيب ڪر! ان نوراني پيشاني جو ديدار ڪراءِ! منهنجي اکين کي امام جي ديدار جو سرمو پاراءِ!

انهن لفظن ۾ امام عليه السلام جي ظاهري خوبصورتي ڏانهن اشارو ٿيل آهي، امام سڀني مان سهڻا ۽ خوبصورت آهن؛ ڇو جو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان سڀني کان وڌيڪ شباهت رکن ٿا.

جابر بن عبد الله انصاري نقل ڪن ٿا ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: (مهدي منهنجو فرزند آهي، ان جو نالو  منهنجي نالي تي آهي، سندس ڪنيت منهنجي ڪنيت تي آهي، صورت ۽ سيرت ۾ سڀني کان وڌيڪ مون سان شباهت رکندڙ آهي) (19)

هتي ديدار ۽ زيارت کي سرمو ڪوٺيو ويو آهي، ڇو جو سرمو اکين جو جمال آهي ۽ سرمي واري اک ٻين کان الڳ ڏسبي آهي، ان بنياد تي حقيقت ۾ منتظر اها دعا گهري ٿو ٿو ته منهنجي اکين جو سرمو امام جو ديدار آهي جنهن کان پوءِ منهنجي اک ٻين کان بلڪل الڳ لڳندي.

7ـ ظهور جا فائدا

اڳتي ظهور جا فائدا بيان ٿيا آهن ته امام عليه السلام جي ظهور سان ڪائنات ۾ ڪهڙي مثبت تبديلي ايندي، ڪهڙا فائدا نصيب ٿيندا، انهن مان ڪجھ کي هتي مختصر وضاحت سان نقل ڪجي ٿو:

 1ـ (واعمر اللهم به بلادک)

امام جي ظهور سان زمين آباد ٿيندي، زمين ۽ آسمان پنهنجا خزانا ظاهر ڪري ڇڏيندا، انهن جي برڪت سڀني کي ملندي. مال ۽ ڏوڪڙ جيڪڏهن قارون يا فرعون جا هجن ته فساد، تباهي ۽ ويراني جو سبب ٿيندا آهن پر حضرت سليمان عليه السلام يا حضرت داوود عليه السلام جي ملڪيت برڪت ۽ خوشحالي جو سبب آهي.

اهو ان ايمان جو فائدو هوندو جيڪو امام تي رکن ٿا، قرآن مجيد فرمائي ٿو:

پر جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين جي برڪتن (جا دروازا کولي ڇڏيون ها. (20)

ايمان سان واهڻيون وسنديون آهن ۽ شهر آباد ٿيندا آهن:

(وَ لَوْأَنَّهُمْأَقامُوا التَّوْراةَ وَ الْإِنْجيلَ وَ ما أُنْزِلَ إِلَيْهِمْ مِنْ رَبِّهِمْ لَأَكَلُوا مِنْ فَوْقِهِمْ وَ مِنْ تَحْتِ أَرْجُلِهِمْ)(21)

۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو توريت ۽ انجيل ۽ جيڪي (صحيفا) انهن ڏي سندن پروردگار جي طرفان نازل ڪيل هئا. (انهن جي حڪمن تي) قائم رهن ها ته ضرور (سندن) مٿان ۽ پيرن جي هيٺيان (روزي ڏاڍي مزي سان) کائن ها.

2ـ (و احي به عبادک)

ماڻهن کي نئون جياپو ملندو، هتي جياپي ۽ حياتي مان مراد حيواني يا جسماني زندگي نه آهي، بلڪ فڪري حياتي آهي، عقلي ۽ معنوي زندگي آهي، اخلاقي ۽ معاشرتي زندگي آهي. جهڙي ريت قرآن مجيد ۾ ملي ٿو ته نبين، ماڻهن کي اهڙي زندگي ڏانهن سڏيو آهي:

(يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اسْتَجيبُوا لِلَّهِ وَ لِلرَّسُولِ إِذا دَعاكُمْ‏ لِما يُحْييكُم) ‏(22)

ايمان وارو! جڏهن اوهان کي (اسان جو) رسول (محمدصلي الله عليه وآله وسلم) اهڙي ڪم لاءِ سڏي جيڪو اوهان جي زندگي جو سبب هجي ته اوهين خدا ۽ رسول جو حڪم دل سان قبول ڪريو.

ان جو سبب هي آهي ته زمين مٿان جيڪو به فتنو، فساد، تباهي، ويراني ۽ بربادي آهي ان جي پويان انسانن جو هٿ آهي، اهو سڀ ڪجھ انساني عملن جو نتيجو آهي. قرآن مجيد ۾ اهو فلسفو ۽ مضمون هنن لفظن سان به بيان ٿيو آهي:

(وَ ما أَصابَكُمْ مِنْ مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَتْ أَيْديكُمْ وَ يَعْفُوا عَنْ كَثير)(23)

۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سان ۽ (تنهن هوندي به) اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪندڙ آهي.

3ـ (و يحق الحق و يحققه)

امام جي حڪومت جو هڪ ٻيو اهم فائدو هي آهي ته پاڻ باطل کي نابود ڪندا ۽ حق کي زندھ ڪندا. حقيقت ۾ مولا جي ظهور سان خدا ان ڳالھ کي پورو فرمائيندو جنهن جي خوشخبري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ڏني هئائين:

(وَ قُلْ جاءَ الْحَقُّ وَ زَهَقَ الْباطِلُ إِنَّ الْباطِلَ كانَ زَهُوقا)(24)

۽ (اي رسول) چوين ته حق اچي ويو ۽ باطل نيست ۽ نابود ٿيو. ان ۾ شڪ نه آهي ته باطل ميٽجڻ وارو ئي آهي.

4ـ (واجعله اللهم مفزعا لمظلوم عبادک)

بيڪسن جي فرياد رسي ٿيندي، مولا بي يارن جا مددگار ۽ پناهگاھ آهن. هي گهراڻو سڀني لاءِ پناهگاھ آهي.

5ـ (و مجددا لما عطل من احکام کتابک)

امام سڀني معطل ۽ ڀلايل حڪمن کي زندھ فرمائيندا، رسول اڪرم 4 جي سنت کي زندھ ڪندا، دين ۽ قرآن کي زندھ ڪندا، جي هاءُ اسان وٽ حڪم ته آهن پر نافذ ڪونهن، قرآن ته آهي پر عمل ناهي، مولا انهن کي نافذ فرمائيندا، انهن جي حقيقي تفسير بيان ڪندا.

آخر ۾ دعا آهي ته اي الله! امام جي ظهور سان هن امت جا تمام ڏک ۽ غم دور فرما، اسان کي سندس مددگارن ۾ شمار فرما، آمين

حوالا

1ـ سورت آل عمران، آيت 200

2ـ الغيبه، ص199

3ـ المزار الڪبير، ص663.

4ـ ڪمال الدين، ج2، ص512

5ـ بحارالانوار، 46، 11، 76

6ـ سورت حديد، آيت25

7ـ لهوف، ص115

8ـ سورت آل عمران، آيت 52

9ـ تفسير ڪنز الدقائق

10ـ وافي، ج10، ص334

11ـ وسائل الشيعه، ج9، ص541

12ـ سورت آل عمران، آيت133

13ـ سورت آل عمران، آيت132

14ـ سورت آل عمران، آيت 169

15ـ مستدرڪ الوسائل، ج2، ص243

16ـ  سورت نمل، آيت83

17ـ سورت بقره، آيت56

18ـ سورت مائده، آيت110

19ـ ڪمال الدين و تمام النعمه، ج1، ص137

20ـ سورت اعراف، آيت96

21ـ سورت مائده، آيت66

22ـ سورت انفال، آيت24

23ـ سورت شورى، آيت30

24ـ سورت اسراء، آيت81.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found