جمع, 18 آڪٽوبر 2019 - Fri 10 18 2019

منو

غائب امام جا فائدا

تحرير: افتخار علي سولنگي 

مهاڳ

ڪجھ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو سوال پيدا ٿيندو آهي ته امام مهدي عجّل فرجهم شيعن جو ٻارنهون امام بقول انهن جي زندھ آهي پر غائب، ته ان غائب امام جو ڪهڙو فائدو؟ جيڪو نه نظر اچي ٿو ۽ نه ئي وري انجو ماڻهن سان ڪو رابطو آهي؟

هن سوال کي هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:

امام، هدايت جو چراغ آهي ۽ چراغ مان فائدو تڏهن ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان تائين انسان جي پهچ هجي. جڏهن اهو چراغ (امام) انسان جي پهچ ۾ نه هجي ۽ حاضر نه هجي ته ان جو ڪهڙو فائدو؟ (1)

هن سوال جي پيدا ٿيڻ جي وقت جي باري ۾ ته هي ۽ هن قسم جهڙا ٻيا سوال ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن،

 آيت الله العظمى صافي گلپائيگاني دامت برڪاته فرمائن ٿا:

امام مهدي عجّل فرجهم جي غيبت شروع ٿيڻ وقت بلڪه سندس ولادت ۽ ان کان پهريان نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم ۽ امامن عليهم السلام جي دور ۾ اهي سوال پيدا ٿيا ته امام مهدي عجّل فرجهمڇو غيبت ۾ ويندا؟ انهن جي غيبت جو وقت ڪهڙو هوندو؟ غيبت جو فائدو ڪهڙو آهي؟(2) ٻين لفظن ۾ امام غائب جو ڪهڙو فائدو آهي؟

انهن سوالن منجهان اسين پنهنجي هن لکڻي ۾ هن سوال جو جواب ڏينداسين ته امام غائب جو ڪهڙو فائدو آهي؟

جواب کي سمجهڻ لاءِ هيٺين مقدمن ڏانهن توجھ ڪرڻ ضروري آهي:

پهريون مقدو:

اهل لغت چون ٿا ته “غيب” ان شيءَ کي چئبو آهي جيڪا ڏسڻ وارن کان ۽ انسان جي ظاهري اک کان مخفي ۽ لڪيل هجي. (3) ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ واري ۽ جنهن شي کي ڏٺو وڃي انهن جي وچ ۾ ڪا رڪاوٽ هوندي آهي. اها رڪاوٽ ۽ مانع ڪڏهن وقت ۽ زمان هوندو آهي جيئن گذريل وقت ۽ زماني ۾ ٿيل ڪجھ واقعا. انهن کي هلندڙ وقت (زمان حال) وارا ماڻهو ڏسي نٿا سگهن يا ڪڏهن وري اها رڪاوٽ ۽ مانع مڪان يا جاءِ هوندي آهي. جيئن هڪ شهر ۾ ڪو حادثو ٿيندو آهي ته ٻئي شهر وارا انهيءَ وقت پنهنجي ظاهري اکين سان بغير ڪنهن واسطي جي ڏسي نٿا سگهن ان جي ڪري غائب ٿي ويو يعني دور، پري، گم ۽ مخفي يا لڪي ويو. (4)

نتيجو

الف) جيڪا شي غائب آهي اها معدوم ناهي ۽ ختم ناهي ٿي بلڪه وجود رکي ٿي پر ڏسڻ ۾ نٿي اچي، اها به سڀني کان غائب ناهي بلڪه انهن جي لاءِ غائب آهي جن لاءِ رڪاوٽ ۽ مانع هجي ان جي ڪري جيڪا شي غائب آهي اها حاضر به آهي پر ظاهر ناهي، (يعني غائب هجڻ حاضر جي مقابلي ۾ ناهي بلڪه ظاهر جي مقابلي ۾ آهي)

ب) ڪنهن شيءَ جي غائب هجڻ جو مطلب اهو ناهي ته ان جا سڀئي اثر يا ڪم ختم ٿي وڃن  بلڪه فقط اهي اثر نه هوندا آهن جن ۾ ان شيء جو ظاهر هجڻ ضروري ۽ شرط آهي يعني اها شيءَ ظاهر هوندي ته هي اثر هوندس ۽ اهو اثر يا ڪم  انهن جي لاءِ نه هوندو جن جي لاءِ اها شي ءَ غائب هجي، نه سڀني جي لاءِ.

ٻيون مقدمو:

مهدوي اصطلاح مطابق غيبت: امام مهدي عجّل فرجهمغائب آهي يعني امام وجود رکي ٿو، ماڻهن سان رابطي ۾ به آهي، پنهنجا ڪم ۽ ذميواريون به پوريون ڪري ٿو پر اسين ان کي نٿا سڃاڻون. (5)

ٽيون مقدمو:

قرآن مجيد ڪجھ الاهي انسانن جي غيبت جو تذڪرو ڪيو آهي. جيئن حضرت عيسي مسيح زندھ آهي پر غائب آهي. سندس ظاهري وجود انسان جي لاءِ غائب آهي پر وجود رکي ٿو ۽ ان وقت ظاهر ٿيندو جڏهن امام زمانه عجّل فرجهم ظهور ڪندا.

اهڙي نموني حضرت خضر عجّل فرجهم(6) جي غيبت جو مثال، جيڪو الله جي اذن سان ماڻهن جي وچ ۾ ڪم ڪري جڏهن ته انکي ڪير به سڃاڻي نٿو ايتري قدر جو موسي نبي جهڙو شخص به انکي سڃاڻي نه سگهيو هو. حضرت خضر عجّل فرجهمٻيڙي کي سوراخ ڪيو، هڪ جوان کي قتل ڪيو ۽ ڪرندڙ ديوار کي بيهاريو پر ان کي ڪير سڃاڻي نه سگهيو ته هي حضرت خضر آهي لهذا ماڻهن جو نه سڃاڻڻ ۽ معرفت نه رکڻ سبب نٿو ٿئي ته اهو الاهي انسان ۽ حجت خدا پنهنجي ذميواري ادا نه ڪري .

نتيجو هي ته امام غائب يعني اهو امام جيڪو موجود آهي امت محمدي سان رابطي ۾ آهي. ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڏٺو ويندو آهي. پر سڃاتو نه ويندو آهي ته هي ئي اهو امام آهي جيڪو غيب ۾ آهي.

اسين هاڻي اچون ٿا پنهنجي سوال جي جواب جي طرف ته امام غائب جيڪو وجود رکي ٿو، حاضر آهي پر ظاهر نه آهي، ان امام غائب جا هي فائدا آهن:

1ـ عذاب الهي کان امان:

نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن لاءِ قرآن ۾ آيو ته

وما کان الله ليعذبهم وانت فيهم، (7)

جيستائين (اي محمد) تنهنجو وجود انهن جي وچ ۾ آهي ته الله انهن تي عذاب نازل نه ڪندو “ يعني رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم امان آهي، بغير ڪنهن شڪ جي خاتم الانبياء جو مادي وجود 11 هجري ۾ رحمت الاهي جي طرف هليو ويو، پوءِ عذاب نازل ڇو نه ٿيو؟ جڏهن ته قرآني آيت چوي ٿي ته اگر رسول جو مادي وجود نه هجي ته عذاب نازل ٿيندو، حديثن جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم کان پوءِ هر دور ۾ ان جو جانشين بر حق موجود آهي جيڪو نه نبي آهي ۽ نه وري رسول، بلڪه الله جي طرفان امام مقرر ٿيل آهي ان جي ڪري عذاب نازل نٿو ٿئي، امام زمانه عجّل فرجهم خود فرمائن ٿا: اني امان لاهل الارض. (7) آءُ زمين وارن جي لاءِ امان آهيان.

ممڪن آهي ته ڪير چوي ته عذاب ان ڪري نازل نٿو ٿئي جو قرآن جي مطابق اگر استغفار ڪريو ته پوءِ عذاب نازل نه ٿيندو. چاهي رسول الله جو وجود نه به هجي ”

وما کان الله معذبهم و هم يستغفرون“ (9)

ان جو جواب هي آهي اهو استغفار جيڪو عذاب جي مصيبت کي ٽاري ان جا ٽي قسم آهن؛ مقبول، مشروط ، مردود (رد ٿيل يا رد ڪيل)

الف) استغفار مقبول:

حجت خدا (انبياء، آئمه اطهار ) جو استغفار الله جي بارگاھ ۾ قبول آهي.

ب) استغفار مشروط:

انسانن جو استغفار ڪرڻ پر انهيءَ شرط سان ته انهن جي استغفار سان گڏ حجت خدا جو استغفار پڻ هجي ته پوءِ اهو بارگاھ الهي ۾ قبول پوندو.

جيئن حضرت يوسف جا ڀائر پنهنجي ڪڌي ڪم تي پشيمان ٿيا ۽ استغفار ڪيائون ۽ پنهنجي والد حضرت يعقوب کان درخواست ڪيائون ته اسان جي لاءِ استغفار ڪر ته حضرت يعقوب نبي چيو ته آءُ اوهان جي لاءِ پوءِ استغفار ڪندس ”

قالو يا ابانا استغفرلنا ذنوبنا و انا کنا مخاطئين قال سوف استغفرلکم ... (10)

توڙي جو حضرت يوسف عجّل فرجهمجا ڀائر نادم ۽ پشيمان هئا پر انهن جو استعفار ان وقت تائين ڪم جو نه ٿيو جيستائين حجت خدا حضرت يعقوب نبي جي مبارڪ زبان تان استغفار جاري نه ٿيو ۽ حجت خدا جي زبان تان استغفار جاري ٿيڻ ان لاءِ ضروري آهي جو هو ئي فيض الاهي لاءِ واسطو ۽ دنيا ۾ رهندڙن لاءِ عذاب ٽارڻ جو سبب آهي. اهوئي سبب آهي جو امام زمانه عجّل فرجهمفرمائن ٿا: انا خاتم الاوصياء و بي يدفع الله عزوجل البلاء، (11) آءُ خاتم الاوصياء (وصين جو خاتم) آهيان ۽ منهنجي ڪري الله مصيبتن ۽ بلائن کي ٽاري ٿو.

ج) استغفار مردود:

فقط انسانن جو استغفار ڪرڻ (انهن سان گڏ حجت خدا جو استغفار نه هجي) ته اهڙو استغفار عذاب کي نه ٿو ٽاري سگهي. (12)

جواب جو خلاصو هي ته هر قسم جو استغفار عذاب الاهي کي نه ٿو ٽاري بلڪه پهرئين يا ٻئين قسم جو استغفار عذاب کي ٽاريندو آهي.

2ـ اميد ۽ رغبت جو شوق

اهو عقيدو رکڻ ته اسان جو امام ۽ رهبر زندھ آهي، حاضر آهي، اگر چه ظاهر نه هجي. انسان کي اميد عطا ڪري ٿو ۽ هر نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ رغبت، شوق ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو، جهڙي نموني سان جنگ ۾ سپاهين جو حوصلو ان وقت تائين پست ناهي ٿيندو جيسيتائين انهن جو ڪمانڊر (ليڊر) مري نه وڃي پوءِ اگرچه اهو ڪمانڊر پنهنجي مورچي ۾ هجي ۽ سپاهين جي اکين کان غائب. ان جي باوجود به ان ڪمانڊر جو وجود اميد ڏياريندڙ، شوق، حوصلو ۽ همت پيدا ڪندڙ هوندو آهي.

ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيو آهي جو ڪمانڊر جي مرڻ سان ان جي سپاهين جا حوصلا پست ٿي ويندا آهن ۽ کٽيل جنگ به هارائي ويهندا آهن. جيئن جنگ احد ۾ رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم جي شهادت جي ڪوڙي خبر ڦهلجڻ سان مسلمانن جا حوصلا پست ٿي ويا. (13)

اهڙي ريت امام مهدي عجّل فرجهمجو وجود به مومن کي اميد ڏياري ٿو. سندس حوصلي ۽ همت کي وڌائي ٿو ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ جذبي ۽ شوق جو سبب ٿئي ٿو.

3ـ امت جي اعمال تي ناظر ۽ شاهد هئڻ:

فرمان الاهي آهي ته ”

قل اعملوا فسيري الله عملکم و رسوله والمومنون. (14)

توهان جي عملن کي الله، ان جو رسول ۽ مومن ڏسن ٿا، هر انسان پنهنجي عملن تي گواھ ۽ شاهد آهي پر پوري امت جي عملن تي ناظر ۽ شاهد ناهي. هن آيت جي ذيل ۾ ڪيتريون ئي روايتون آيون آهن جن ۾ مومنن مان مراد امام آهي. (15) اهو امام جيڪو نبي جو وارث آهي ، امام زمانه عجّل فرجهماگر چه غائب آهي. پر امت جي اعمال تي ناظر آهي.

جهڙي نموني ڪجھ روايتن ۾ آهي ته هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا پوري امت جا اعمال امام زمانه عجّل فرجهموٽ پيش ڪيا ويندا آهن، مهدوي عقيدي وارو هميشھ پنهنجي اعمال جي حساب و ڪتاب ۾ هوندو آهي ته سندس اعمال ان جي امام وٽ پيش ڪيا وڃن ٿا. ان جي ڪري گناھ جي طرف قدم نه کڻندو آهي.

4ـ سر مشق ۽ مثالي نمونو هئڻ:

نبي يا امام (حجت خدا) فقط علمي ۽ هدايت جي حوالي سان سرمشق ۽ نمونو ناهي هوندو بلڪه ان جو سڄو وجود هر حوالي سان هڪ مثالي نمونو هوندو آهي. قرآن فرمائي ٿو: قد کانت لکم اسوة حسنة في ابراهيم، (16) توهان جي لاءِ ابراهيم بهترين نمونو آهي، يا هن آيت ۾ ”

لقد کان لکم في رسول الله اسوة حسنة“(17)

توهان جي لاءِ رسول الله ۾ اسوه حسنه ۽ بهترين نمونو آهي. سرمشق ۽ مثالي نمونو ٿيڻ نبي يا امام جي وجودي آثار منجهان آهي ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته ان جي سڃاڻپ ۽ معرفت به هجي ته هي نبي يا امام آهي جيئن نبي اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم ان کان پهريان جو مڪي وارا ان کي نبي يا رسول جي عنوان سان سڃاڻن، انهن لاءِ صادق ۽ امين جي طور تي مثالي نمونو هئا.

البته ان ڳالھ کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪجي ته اگر حجت خدا جي معرفت حاصل ٿئي ته پوءِ ان جي بهتر انداز سان پيروي ڪري سگهجي ٿي.

امام مهديعجّل فرجهم پڻ هر لحاظ کان سر مشق ۽ مثالي نمونو آهن توڙي جو غائب آهن.

5ـ واسطه فيض هئڻ ۽ هدايت ڪرڻ:

علامه طباطبائي رحمه الله عليه هن آيت جي ذيل ۾ چون ٿا: ”

و اذ ابتلي ابراهيم ربه بکلمات“ (18)

امامت هڪ اهڙي نعمت ۽ هديو آهي جيڪا نبوت، رسالت، دين ۽ دنيا جي خلافت ۽ حڪومت کان هڪ ٻي نعمت آهي ۽ امام جو هڪ ڪم الله جي امر جي طرف هدايت ڪرڻ آهي”وجعلنا منهن ائمه يهدون بامرنا .....“ (19) انهن (پيغمبرن ) منجهان ڪجھ کي جڏهن صبر ڪيائو ۽ اسان جي آيتن تي يقين رکيائون ته امام قرار ڏنو سين. جيڪي اسان جي امر جي طرف هدايت ڪندا هئا، هن آيت ۽ اهڙي نموني سان ٻين آيتن ۾ (20) امام جو هڪ ڪم الله جي امر جي طرف هدايت ڪرڻ آهي ۽ ”امر“ مان مراد ملڪوت ۽ عالم جو باطن آهي. يعني امام هن عالم جي باطن تي ولايت تڪويني رکي ٿو. جڏهن ته انسان هن عالم جو حصو آهي ان ڪري امام ماڻهن جي قلوب ۽ اعمال مٿان ولايت تڪويني رکي ٿو ۽ ان ولايت جي ڪري انهن جي ڪمال ڏانهن هدايت ڪري ٿو ۽ اهو ڪمال مطلق خود فيض الهي آهي جنهن لاءِ امام واسطو بڻجي ٿو ته انسان ان ڪمال حقيقي تائي پهچي سگهي. (21)

امام زمانه عجّل فرجهم پنهنجي ذميواري (هدايت ۽ فيض الاهي) ادا ڪن ٿا. انهيءَ لاءِ اهو ضروري ناهي ته ظاهر به هجن ڇا ڪاڻ ته هو وجود رکن ٿا ۽ حاضر  به آهن. البته اها هدايت يا فيض جيڪو امام جي ظاهر هجڻ سان مربوط آهي ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اها هدايت ۽ فيض هتي مراد ناهي.

6ـ امام، علت بقاء عالم:

جيتوڻيڪ هن ڪائنات جو آخري هدف ۽ غايت خود خدا آهي. ليڪن هن جهان جي مخلوق منجهان بهترين مخلوق انسان ڪامل آهي پوءِ اهو انسان ڪامل نبي جي صورت ۾ هجي يا سندس وصي جي صورت ۾، فعل الاهي جو هدف ۽ غايت آهي. حديث قدسي آهي ته

لولاک لما خلقت الافلاک“(22)

اگر تون نه هجين ها ته افلاڪ کي خلق نه ڪريان ها، يعني ڪائنات جي پيدائش جي علت ۽ سبب انسان ڪامل (نبي اڪرم) آهي. اهڙي ئي نموني امام هن دنيا جي بقاء جو سبب آهي، ”

لو بقيت الارض بغير امام لسلخت (23)

اگر امام زمين تي نه هجي ته هي زمين اندر هلي وڃي (تباھ ٿي وڃي)

يا امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

”لولا الحجة لساخت الارض باهلها“ (24)

اگر حجت خدا زمين تي نه هجي ته هي زمين پنهنجي رهڻ وارن سان گڏ اندر هلي وڃي.

نتيجو: اهو چوڻ ته امام مهدي عجّل فرجهمغائب آهي ۽ ان جو ڪو به فائدو ناهي، صحيح فڪر ناهي، اهو فڪر غيبت جي صحيح مفهوم ۽ معني نه سمجهڻ سان پيدا ٿيندو آهي ، جڏهن ته امام زمانه عجّل فرجهمموجود آهي، حاضر آهي. امت سان رابطي ۾ آهي. انهن جي هدايت ڪري ٿو ۽ ان وقت ظاهر ٿيندا جڏهن الله تعالي انهن کي اجازت ڏيندو.

آخر ۾ رب پاڪ کان دعا آهي ته امام زمانه عجّل فرجهم جي ظهور ۾ تعجيل فرمائي ۽ اسان کي سندس مڃڻ وارن ۾ شمار فرمائي آمين. 

حوالا

1ـ عصاره خلقت، صفحو 82.

2ـ اسرار و فلسفه غيبت، صفحو 7.

3ـ المصباح المنير في غريب الشرح الڪبير، ماده غاب.

4ـ تاج العروس من جواهر القاموس، ماده غاب.

5ـ تعميق فوائد امام غائب در پرتو امام شناسي و غيبت شناسي صفحو 3.

6ـ حضرت خضر جي باري ۾ اختلاف آهي ته هو نبي هيو يا نه؟ جڏهن ته قرآن جي تعبير مطابق هو عبد آهي. عبدا من عبادنا. سورت ڪهف، آيت 65.

7ـ سورت انفال، آيت 33.

8ـ شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمة، جلد 2، صفحو 239، دار الحديث قم، 1380.

9ـ سورت انفال، آيت 33.

10ـ سورت يوسف، آيت 97، 98

11ـ شيخ صدوق، ڪمال الدين و تمام النعمة، جلد 2، صفحو 171

12ـ تعميق فوائد امام غائب در پرتو امام شناسي و غيبت شناسي، صفحو 36.

13ـ تاريخ طبري، جلد 7، صفحو 308.

14ـ سورت توبه، آيت 105.

15ـ يعبوب ڪليني، اصول ڪافي، جلد، صفحو 219، دار الڪتب الاسلاميه، 8 جلدي.

16ـ سورت ممتحنه، آيت 4.

17ـ سورت احزاب، آيت 21.

18ـ سورت بقره، آيت 124. ترجمو: ۽ جڏهن ابراهيم کي سندس رب ڪلمات سيکاريا.

19ـ سورت سجده، آيت 24.

20ـ جيئن سورت انبياء، آيت 72 ۽ 73.

21ـ تفسير الميزان، جلد 1، صفحو 270.

22ـ بحار الانوار، جلد 15، صفحو 28، حديث 48.

23ـاصول ڪافي، جلد 1، صفحو 179، حديث 10.

24ـاصول ڪافي، جلد 1، صفحو 334.

 

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found