جمع, 18 آڪٽوبر 2019 - Fri 10 18 2019

منو

امام مهدي عجل الله فرجه الشريف جي عظيم حڪومت

تحرير: محمد حيات مفڪري

مهاڳ

هن تحرير جي لکڻ جو مقصد صرف هي نه آهي ته مڪتب اهلبيت عليهم السلام جا پيروڪار دنيا جي اهم مسئلي کان آگاھ ٿين. بلڪه هن تحرير جو مقصد نور ڀرئي ۽ مبارڪ ، با عظمت ۽ با برڪت ڏينهن جي اچڻ ۽ ان ڏينهن خاندان رسالت جي آفاقي ۽ ڪريماڻي حڪومت جي نافذ ٿيڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ آهي.

بس اسان کي پڪو پهه ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ کان ڪيٻائڻ نه گھرجي ،ان رستي ۾ جيڪي رڪاوٽون آهن انهن کي ختم ڪرڻ گھرجي، سڀ کان وڏي رڪاوٽ اسان جا گناهه آهن جيڪي امام جي ظهور ۾ تاخير جو سبب بڻيل آهن ظهور واري زماني جي باري ۾ اگر بحث ڪيو وڃي ٿو ته اسان جي دل کي خوشي، مسرت ۽ سڪون ملي ٿو.

(افضل الجهاد من امتي انتظار الفرج )(1)

منهنجي امت جو بهترين جهاد فرج جو انتظار آهي. ان وقت زماني جا امام، ولي ۽ صاحب امر حضرت بقيت الله الاعظم (عج) پنهنجي ولايت کي ظاهر ڪندا، جنهن سان دنيا وارن کي علم حاصل ٿي ويندو ته زمين، ست آسمان بلڪه فرش کان وٺي عرش تائين هر شيءِ تي خاندان  عصمت ۽ طهارت جي حڪومت آهي. اگر ڪنهن زماني ۾ انهن جي خلافت کي ڇڏيو ويو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته اهي انهي جي قدرت نه رکندا هيا  ليڪن انهن اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته فرعون ۽ هامان ۾ ولايت نه هئي ۽ جيستائين طاغوت کي خدائي قدرت نه آهي اهو ڪنهن به شي جو مالڪ نٿو رهي سگهي جيتوڻيڪ قارون خزانن جو مالڪ هئو ليڪن آخر ۾ اهي خزانه کانئس جدا ٿي ويا ،اگرچه شداد زمين تي جنت ٺاهي ليڪن ان ۾ قدم نه رکي سگھيو.

حضرت امام زمانه (عج) جي عظيم حڪومت ۾ ظالمن ۽ جابرن جو ڪو به حصو ناهي ڇاڪاڻ ته اها صالحين جي حڪومت آهي .

امام زمانه (عج) جي حڪومت جون خاصيتون.

1. عدالت     2. اقتصادي ترقي     3. بيمارين جو خاتمو     4. عقلي تڪامل    5. معنوي تڪامل   6. علمي ۽ ثقافتي تڪامل 7. خلائي سفر 8. قضاوت

  1. عدالت:

عدالت جو مسئلو انساني معاشري ۾ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، الله سائين تمام نبين کي عدل قائم ڪرڻ لاءِ مبعوث ڪيو ۽ آسماني ڪتابن کي امتن جي درميان ان مقصد لاءِ نازل ڪيو ليڪن افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هر دور جي قابيل ۽ عدل جي راھ ۾ ڪنڊا وڇائڻ وارن جي سازشن سبب  ابتدا کان اڄ تائين ۽ امام زمانه (عج)  جي ظهور تائين ڪنهن به انساني معاشري ۾ عادل حڪومت قائم نٿي ٿي سگھي .

ماڻهن ۾ عدالت قائم ڪرڻ ۽ جهان ۾ عدل کي رواج ڏيڻ پيغمبرن جو وظيفو آهي جنهن کي امام زمانه عج جي حڪومت عملي جامو پارائيندي. ان وقت ظالمن ۽ جابرن جي فائيل هميشه لاءِ بند ٿي ويندي ۽ ڪفر ۽ گمراهي جو جھنڊو هميشه لاء سرنگون ٿي ويندو. ان دور ۾ بدعتن جا به آثار نه ملندا . حضرت امام محمد باقر عليه السلام هيٺئين آيت جي:

الَّذينَ إِنْ مَكَّنَّاهُمْ فِي الْأَرْضِ أَقامُوا الصَّلاةَ وَ آتَوُا الزَّكاةَ وَ أَمَرُوا بِالْمَعْرُوفِ و َنَهَوْا عَنِ الْمُنْكَرِ وَ لِلَّهِ عاقِبَةُ الْأُمُورِ) (2)

تفسير بيان ڪندي فرمائن ٿا : ته هي آيت امام مهدي عجل الله فرجه الشريف ۽ ان جي اصحاب جي باري ۾ نازل ٿي آهي . الله سائين انهن کي زمين ۾ مشرق ۽ مغرب جو مالڪ بڻائيندو. ان جي ذريعي دين کي ظاهر ڪندو ،ايستائين جو ظلم ۽ بدعت جا آثار به ڏيکائي نه ڏيندا (3)

اڄ بدعتون قائم ڪرڻ وارا ته ٻين تي ڪفر جون فتوائون هڻن ٿا، ليڪن امام جي زماني ۾ حقيقت معلوم ٿي ويندي.

الله سائين قرآن مجيد ۾ هڪ ٻي جاءِ تي فرمائي ٿو :

( وَ نُريدُ أَنْ نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ اسْتُضْعِفُو افِي الْأَرْضِ وَ نَجْعَلَهُمْ أَئِمَّةً وَ نَجْعَلَهُمُ الْوارِثينَ) (4)

۽ اسان ارادو ڪيو آهي ته زمين جي ڪمزورن تي احسان ڪريون ۽ انهن کي پيشوا ۽ رهبر قرار ڏيون. راهنما به اهڙا هجن جيڪي دنيا کي عدل جي زيور سان سينگاري ڇڏين، ان زماني ۾ هر انسان لاءِ بغير ڪنهن فرق جي بهترين طريقي جي عدالت قائم هوندي .

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا: حضرت قائم عليه السلام سڀ کان پهريان جنهن عدالت کي قائم ڪندا اها هي آهي ته امام عليه السلام جا منادي ندائون ڏيندا ته جيڪي افراد مستحب حج انجام ڏئي رهيا آهن اهي طواف واري جاءِ ۽ حجر اسود انهن ماڻهن جي حوالي ڪن جن تي حج واجب آهي (5)

حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي هڪ خطبي ۾ امام زمانه (عج) جي بشارت ڏيندي فرمائن ٿا :خداوند متعال هن امت ۾ هڪ اهڙو مرد موڪليندو جيڪو مون منجھان هوندو ۽ آءُ ان منجھان آهيان، الله سائين ان جي ذريعي آسمان ۽ زمين جي برڪتن کي جاري ڪندو بس آسمان بارش وسائيندو ۽ زمين زراعت ۽ نباتات پيدا ڪندي، وحشي ۽ درندا جانور پر امن ٿي ويندا. اهو زمين کي عدل سان ايئن ڀري ڇڏيندو جيئن اها ظلم ۽ جور سان ڀريل هوندي. اهو خاندان عصمت اهلبيت عليهم السلام جي دشمنن کي قتل ڪندو ايستائين جو جاهل چوندا ته اگر هي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي ذريت مان هجي ها ته يقينا رحم ڪري ها (6) هن بيان مان واضح  ٿئي ٿو ته درندن کان درندگي ۽ خونريزي جي صفت ختم ٿي ويندي، پنهنجي خواهش مطابق عقيدا ٺاهڻ وارا امام جي عدالت کان بيزار ٿي ويندا.

قضاوت :

ڪفار ۽ منافقين جي لشڪر جي شڪست ۽ دنيا جي ستمگرن جي نابودي سان پوري ڪائنات ۾ عدل الاهي جي حڪومت مضبوط ٿيندي، امام عليه السلام جي حڪومت جي شروع ٿيڻ سان ئي پاڪسازي ۽ ظلم ۽ ستم کي ختم ڪرڻ جو آغاز ٿي ويندو، ان وقت قضاوت جو مسئلو پنهنجي اوج تي هوندو . قابل توجھ ڳالهه هي آهي ته ان زماني ۾ عقل جي تڪميل جي ڪري ماڻهو به عادلانه حڪم جاري ڪرڻ ۽ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده هوندا. ان زماني ۾ قاضي، تزڪيه نفس ۽ غيبي امداد جي صفتن جي بنا تي صحيح حڪم ڪندا ۽ فتني جي باهه کي خاموش ڪندا .

قضاوت جي لاءِ امام عصرعليه السلام کي دليلن ۽ گواهن جي ضرورت نه هوندي جهڙي طرح حضرت دائود عليه السلام کي به گواهن جي ضرورت نه هوندي هئي ، حسن ظريف، امام حسن عسڪري عليه السلام کي خط لکيو جنهن ۾ امام زمانه عليه السلام جي قضاوت جي ڪيفيت جي باري ۾ سوال ڪيو ته امام عسڪري عليه السلام  کان اهو جواب آيو ته : جڏهن اهي قيام ڪندا ته ماڻهن جي درميان پنهنجي علم سان قضاوت ڪندا ،جهڙي طرح حضرت دائود عليه السلام بغير ڪنهن گواھ جي قضاوت ڪندا هيا. (7)

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا : اسلام ۾ خدا جي طرف کان ٻه خون مباح آهن انهن مان ڪو به هڪ حڪم الاهي سان فيصلو نٿو ڪري ايستائين جو الله سائين اسان اهلبيت عليهم السلام مان قائم کي موڪليندو، اهو انهن ٻنهي خونن ۾ خدا جي حڪم سان فيصلو ڪندو ۽ ان ڪم جي لاءِ گواهه طلب نه ڪندو.(8) 

  1. 1. اهو شادي شدهه زاني کي سنگسار ڪندو.
  2. 2. جيڪو زڪات نه ڏيندو ان جي گردن کي ڪٽي ڇڏيندو.

ظهور جي زماني ۾ قاضين جي قضاوت به حقيقت ۽ واقعيت جي بنياد تي هوندي، اهو ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن قاضين وٽ حقيقت ۽ واقعيت کي سمجهڻ لاءِ دليل ۽ گواهه کان سواءِ ٻيو به رستو هجي، روايتن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته امام عليه السلام جي طرفان معين قاضين کي به غيبي امداد حاصل هوندي.

ظهور جي روشن زماني ۾ قاضين جي قضاوت جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي ان باري ۾ امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا جنهن زماني ۾ قائم قيام ڪندو، توهان جو عهد و پيمان توهان جي هٿ جي ترين ۾ هوندو جڏهن به ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ۽ توهان ان کي نه سمجھي سگھو ته ان جي باري ۾ ڪهڙي طرح قضاوت ۽ فيصلو ڪريون ته پنهنجي هٿ جي ترين ۾ ڏسو ۽ جيڪو ڪجھ ان ۾ موجود هجي انهي مطابق فيصلو ڪريو. (9)

 امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا : اهي پنهنجي فوج جي هڪڙي لشڪر کي قسطنطنيه جي طرف موڪليندا، جڏهن اهي خليج ۾ پهچندا ته انهن جي پيرن تي ڪجھ لکيو ويندو جنهن جي سبب ماڻهو انهن کي پاڻي تي هلندي ڏسندا ته چوندا هي پاڻي تي هلڻ وارا ان جا يار ۽ انصار آهن ته پوءِ اهو پاڻ ڇا هوندو؟ پوء انهن جي لاءِ شهر جا دروازا کولي ڇڏيندا ۽ اتي جيڪا شيء چاهيندا ان جو حڪم ڪندا.

حضرت امام محمد باقرعليه السلام جن فرمائن ٿا :پوء ڪوفي ڏانهن موٽي ويندا ۽ 313 افراد کي دنيا جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليندا، مولا انهن جي گردنن ۽ سينن تي هٿ ڦيرائيندا جنهن جي سبب اهي فيصلو ڪرڻ ۾ غلطيون نه ڪندا (10)

اقتصادي ترقي

ظهور جي زماني ۾ اقتصادي ترقي ۽ پيشرفت کي بيان ڪرڻ کان پهريان غربت ۽ تنگدستي جي باري ۾ هڪ اهم نڪتو بيان ڪريون ٿا ، جيڪو اقتصادي نظام جي ناڪامي جو دليل آهي، غيبت جي زماني ۾ پوري دنيا ۾ تمام گھڻا جرم مالي پريشاني، غربت ۽ اقتصادي بحران جي سبب پيش اچن ٿا ۽ آئنده به ظهور تائين رونما ٿيندا رهندا. هي هڪ شي آهي جيڪا قتل ۽ غارت،خونريزي ۽ چوري ۽ ڌاڙن جهڙي واقعات جي بنياد آهي ، جرمن جو ٻيو وڏو سبب گھڻو مال گڏ ڪرڻ جي هوس ۽ لالچ آهي، قدرتمند ۽ حريص مال ۽ دولت ۾ اضافي جي نيت سان معاشري کي لُٽي ٿو ۽ قوم ۽ ملت جو خون وهائي ٿو.

ظهور جي زماني ۾ نه صرف اهي ٻه عامل پر جنايت، خيانت ۽ جرم جا تمام سبب نابود ٿي ويندا ۽ نجات ۽ سعادت جا سبب فساد ۽ تباهي جي سببن جي جڳهه والاريندا، ان مبارڪ دور ۾ مال ۽ دولت جي ڪثرت هوندي، ليڪن ان کي ذخيرو ڪرڻ ۽ اضافو ڪرڻ جي خواهش نه هوندي. ان وقت دولت، سرمايو ۽ گھڻيون نعمتون هونديون ليڪن هلاڪت ۽ گمراهي ۽ دين جي حدن جي پائمالي نه ٿيندي، ان زماني ۾ دنيا جي دولت امام زمانه عليه السلام وٽ هوندي، ڇا توهان کي خبر آهي ته زمين جي سيني ۾ قيمتي پٿر ،سون ، چاندي ۽ ٻين تمام قيمتي شين جا خزانا لڪل آهن ڇا توهان کي خبر آهي ته زمين پنهنجي اندر سون جا پهاڙ لڪائي رکيا آهن.

ظهور جو زمانو لڪل ۽ مخفي شين جي آشڪار ٿيڻ ۽ آگاهي جو زمانو آهي، ان وقت زمين ۾ مخفي سرمايو ۽ ثروت ظاهر ٿي ويندا، جنهن مان ان زماني جا ماڻهو استفادو ڪندا.

حالات تي قابو پائڻ جي قدرت :

اسان جيڪو ڪجھ بيان ڪيو آهي، خاندان عصمت ۽ طهارت جي ڪلام ۾ ان جي تصريح ٿيل آهي، اسان جي ان ڳالهه لاءِ شاهد حضرت باقرالعلوم عليه السلام جي هي روايت آهي خدا جو قسم اهي جنگ ڪندا ايستائين جو سڀ خدا کي يڪتا سمجھن ۽ ٻئي ڪنهن شيء کي ان جو شريڪ نه ڄاڻن، ايستائين جو هڪ ڪمزور عورت مشرق کان مغرب جي قصد سان نڪري ۽ ڪوئي ان کي ان ڪم کان نه روڪي ، الله سائين زمين کان ٻج خارج ڪندو ۽ آسمان کان بارش وسائيندو، ماڻهو پنهنجي مال مان زڪات ڪڍي حضرت امام مهديعليه السلام جي طرف کڻي ايندا. الله سائين اسان جي شيعن ۾ اضافو ڪندو، اگر انهن کي هي سعادت حاصل نه ٿئي ته اهي يقينا گمراهي ۽ هلاڪت ۾ مبتلا ٿي ويندا. (11)

جهڙي طرح ثروت ۽ فقر و فاقو انسان جي سعادت جو سبب واقع ٿي سگھن ٿا اهڙي طرح ظلم ۽ خيانت جو سبب به واقع ٿي سگھن ٿا  يعني فقر ۽ مال ٻئي انسان جي سعادت جو سبب به بڻجي سگھن ٿا.

ظهور جي مبارڪ زماني ۾ انسانيت، ولايت جي پناهه ۾ هوندي ۽ پوري دنيا جي ماڻهن تي خدا جي رحمت جو سايو هوندو جو انهن کي حضرت امام مهدي عليه السلام الاهي ولايت جي قدرت جي وسيلي ڪنٽرول ڪرڻ وارو هوندو، ان عظيم سعادت سبب ظهور جي پر مسرت زماني ۾ ماڻهن جي مال ۾ چاهي ڪيترو به اضافو ٿي وڃي، مگر اهو مال انهن جي گمراهي ۽ سرڪشي جو سبب نه ٿيندو.

اگر اسان امام عليه السلام جي ظهور جي روشن زماني سان پنهنجي زماني جي ڀيٽ ڪريون ته اسانکي خبر پوندي ته اسان جي موجوده دور ۾ پوري دنيا ۾ ڪروڙين بکيا انسان موجود آهن، جن جي فلاح ۽ نجات جي لاءِ ڪو به اثرائتو قدم ناهي کنيو ويو، ان باري ۾ هن رپورٽ تي توجهه ڪندا “دنيا جي 30 ملڪن ۾ اضطراري حالت جو اعلان ٿي چڪو آهي ۽ صرف آفريڪا ۾ 67 ميليون ماڻهن کي فوري امداد جي ضرورت آهي.  ان کان سواء صوماليه جا ماڻهو بک ۾ مري رهيا آهن ، هي تمام پريشانيون بک، تنگدستي، بي روزگاري، دنيا جي ملڪن جي ناقص اڳواڻي ۽ رهنمائي جو زندهه ثبوت آهن . اگر دنيا جون سياسي شخصيتون ملي ڪري انهن نقصانن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ته دنيا ۾ ايتري تعداد ۾ ماڻهو بک ۾ زندگي بسر نه ڪن ، ليڪن ظهور جي زماني ۾ غربت ۽ تنگدستي جو نالو ۽ نشان به نه هوندو. امام زمانه (عج) جي حڪومت دنيا کي جنت بڻائي ڇڏيندي، سڄي زمين جي مٿاڇري تي خوشيون ۽ شادمانيون هونديون.

بيمارين جو خاتمو:

جنهن ڏينهن دنيا خوشين جو گهوارو بڻجي ويندي ۽ پوري ڪائنات جنت وانگر خوشي ۾ ٻهڪندي هوندي ان وقت بيماري جو نالو ۽ نشان به نه هوندو.

امام محمد باقر عليه السلام جن فرمائن ٿا:

(من ادرک  قائم اهل بيتي من ذي عامة برا، ومن ذي ضعف قوي)

جيڪو به منهنجي اهل بيت عليهم السلام جي قائم کي درڪ ڪندو اگر مريض هوندو ته شفا پائيندو ۽ اگر ضعيف هوندو ته طاقتور ٿي ويندو ، ظهور جي زماني ۾ جسماني مرض ۾ مبتلا انسان شفاياب ٿي ويندا. قابل توجهه هي ته ڪيتريون ئي جسماني ۽ نفسياتي بيماريون ، مسئلن جي سبب جهنم ۾ وٺي وينديون، ليڪن ظهور جي با برڪت زماني ۾ هر قسم جي روحاني ۽ نفساني ڪمزوري زائل ٿي ويندي ، جنهن جي سبب جسماني بيمارين جو خود بخود خاتمو ٿي ويندو.

عقلي تڪامل:

انسان جي وجود جي تخليق تمام حيرت انگيز آهي، يعني اگر انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي وٺي ته اهو تمام اهم ڪم انجام ڏيئي سگھي ٿو، ليڪن اگر اهو پنهنجي اندر پوشيده قوتن کان آگاهه نه هجي ته اهو صرف پنهنجي زندگي گذاري، تمام وڏي سرمائي کي ضايع ڪري ڇڏي ٿو.

حضرت امير ڪائنات علي ابن ابي طالب عليه السلام جن جي مبارڪ ڪلام ۾ بارها انسانن کي انهن جي حقيقت کان آگاهه ڪيو ويو آهي، افسوس جو اڄ جي زماني ۾ به امام جي انهي ڪلام تي عمل نٿو ڪيو وڃي.

امام زمانه (عج) حڪومت جي دوران دنيا ۽ دنيا وارن کي نظم ۽ سڪون واري زندگي عطا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ولايت جي عظيم مقام کان فائدو وٺندي دنيا ۾ تبديلي ۽ دنيا وارن ۾ عقلي تڪامل ايجاد ڪندا.

امام محمد باقرعليه السلام جن فرمائن ٿا: جڏهن اسان جو قائم قيام ڪندو ته خدا جي ٻانهن جي مٿي تي پنهنجو مبارڪ هٿ ڦيرائيندو اهڙي طرح انهن جي عقلن کي متمرڪز (هڪ جاء تي بيهارڻ) ۽ انهن جي اخلاق جي تڪميل ڪندو (12)

معنوي تڪامل:

انسان مادي ۽ معنوي ٻن شين جو مجموعو آهي. هن زماني ۾ ماديات تي ته گھڻي توجهه ڏني وڃي ٿي پر معنويات جي طرف توجھ نٿي ڏني وڃي. ان سبب جي ڪري معنوي پهلو ناقص آهي، ليڪن ظهور جي زماني ۾ جيڪو انسانن جي تڪامل جو زمانو آهي، تمام انساني معاشرو مادي ۽ معنوي ٻنهي پهلوئن ۾ تڪامل تائين پهچي ويندو، يعني انسان ڪامل ٿي ويندو، تنهن ڪري ان زماني کي ڏسڻ ۽ ان ۾ زندگي گذارڻ وارا خوش نصيب هوندا، جهڙي طرح  اهي ظهور جي زماني ۾ امام عليه السلام جا فرمانبردار هوندا اهڙي طرح اهي غيبت جي زماني ۾ به امام عليه السلام جي پيروي ڪندا هوندا ، حضرت رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا:

لولا ان شياطين يحومون علي قلوب بني آدم لنظروا الي الملکوت )(13)

اگر انسان جي دل ۾ شيطان جڳهه نه بڻائين ته اهو عالم ملڪوت جو مشاهدو ڪري سگھي ٿو. ان بنا تي جڏهن ظهور جي زماني ۾ ابليس ۽ شيطان نابود ٿي ويندا ۽ جڏهن انهن وسوسن ۾ اثر نه هوندو ته پوءِ انسان جي دل نورانيت ۽ پاڪيزگي سان سرشار ٿي ويندي ۽ انسان عالم ملڪوت جي نوراني دنيا کي ڏسي سگهندو.

ياد رکڻ گهرجي ته غيبت جي زماني ۾ ٻه اهم عامل انسان جي عالم ملڪوت تائين پهچڻ ۾ رڪاوٽ آهن انهن مان هڪ شيطان ۽ ٻيو نفس اماره آهي، ليڪن ظهور جي زماني ۾ شيطان نابود ٿي ويندو ۽ انسانن جو نفس اماره تبديل ٿيڻ جي ڪري معنوي بلندي تائين رسائي حاصل ڪري وٺندو.

علم ۽ ثقافت جو ڪامل ٿيڻ

هي دور هڪ ترقي يافته دور شمار ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪمپيوٽر، روبورٽ، ريڊار، فضائي مشينون ۽ آبدوز ڪشتيون موجود آهن ليڪن امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا علم جا ستاويهه حروف آهن سڀني نبين ۽ پيغمبرن جيڪو علم آندو آهي اهي ٻه حرف آهن اڄ تائين ماڻهن ان ٻن حرفن کان علاوه ڪجھ به نه ڄاتو آهي جڏهن قائم آل محمد عليهم السلام قيام ڪندا ته باقي پنجويهه حروف ظاهر ڪري ماڻهن ۾ پکيڙيندا ۽ اهي پهرين ٻن حرفن ۾ اضافو ڪندا ته جيئن پورا ستاويهه حروف ماڻهن جي درميان ڦهلجي وڃن (14)

خدا ئي ڄاڻي ٿو ته انهيءَ علمي ترقي سان دنيا ۾ ڪيتريون ۽ ڪهڙيون تبديليون هونديون. اسان خدا کان اها ئي دعا گھرون ٿا ته ان زماني ۾ اسان به زندهه هجون ۽ اهي دنيا جون ترقيون ڏسون ۽ امام جي زيارت کان مشرف ٿيون. ظهور جي زماني ۾ امام عليه السلام دنيا کي برهانن ۽ دليلن جي ذريعي علم ۽ آگاهي سان سرشار ڪندو. ان زماني ۾ ماڻهو چاهين ته تمام وڏن علمي خزانن تائين رسائي حاصل ڪري سگھن ٿا. اهي علم لدني جي ذريعي برهاني علم حاصل ڪري سگھن ٿا  ۽ اهڙي نموني اهي قطعي نتيجن تائين پهچي سگھن ٿا .

خلائي سفر:

اڄ جي خلائي سفر ۾ ڪيترا ئي خطرات موجود آهن ۽ اهو خلائي سفر ناقص آهي تمام دانشور اهو چون ٿا ته هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا اسان کي پنهنجي حقيقي کوجنا ۽ تحقيق ۾ پنهنجي نظر هيٺ رکي ٿي ۽ اسان جي اعمال کي ڏسي رهي آهي ، اها هڪ اهڙي قوت آهي جنهن جي حقيقت اسان تي واضح نه ٿي آهي.

حضرت رسول خدا  صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ائمه معصومين عليهم السلام جيئن امير المومنين عليه السلام ۽ امام سجاد عليه السلام جي خلائي  سفر جا ڪجھ نمونا روايتن ۾ نقل ٿيل آهن، انهن مان معراج هڪ واضح ترين مثال آهي .

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا :  جڏهن مان معراج تي پئي ويس ته خداوند متعال حضرت مهدي (عج )  جي خلائي سفر جي باري ۾ مون سان ڪلام ڪيو، مون پڇيو ته اي پروردگار ڇا اهي مون کان بعد منهنجا وصي هوندا؟ جنهن کان پوءِ مون هڪ آواز ٻڌو: اي محمد ؛ اهو منهنجو ولي ، منهنجو دوست، منهنجو منتخب ۽ توهان ۽ توهان جي امت تي منهنجي حجت آهي ۽ اهو تنهنجو وصي، جانشين ۽ توهان کان بعد ۾ منهنجي بهترين مخلوق آهي. مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم يقينا مان پنهنجي دين کي ان جي وسيلي سان ظاهر ڪندس ۽ پنهنجي ڪلمي کي ان جي وسيلي سان برتر ڪندس. انهن وصين منجھان آخري جي ذريعي زمين کي پنهنجي دشمنن کان پاڪ ڪندس، حتما ان کي زمين جي مشرق ۽ مغرب جو مالڪ بڻائيندس، هوائن کي ان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيندس، سخت بادلن کي ان جي تابع قرار ڏيندس، ان کي سواري ۾ مٿي کڻي ويندس، يقينا پنهنجي لشڪر سان ان جي مدد ڪندس ، پنهنجي ملائڪن جي ذريعي ان جي مدد ڪندس، ته جيئن هو منهنجي دعوت کي آشڪار ڪري سڀني ماڻهن کي توحيد ۽ يڪتا پرستي تي گڏ ڪندو، پوء ان جي سلطنت کي پائيدار بڻائي ،زماني کي قيامت تائين پنهنجي دوستن ۾ قرار ڏيندس (15)

حوالا

[1]. بحارالانوار ، ج77، ص 143.

  1. 2. سورت حج، آيت 41.
  2. 3. احقاق الحق، ج 13، ص 341.
  3. 4. سورت قصص، آيت 5
  4. 5. بحارالانوار، ج 52، ص 374.
  5. 6. التشريق باالمنن، ص 299.
  6. 7. بحارالانوار،ج 52 ص 264.
  7. 8. ڪمال الدين، ص 671.
  8. 9. الغيبة مرحوم نعماني، ص 319.
  9. 10. بحارالانوار، ج25، ص،345.
  10. 11. بحارالانوار، ج25، ص 325.

12 . بحارالانوار، ج52، ص 336.

13 . بحارالانوار، ج 70، ص 59.

14 .بحارالانوار، ج52، ص 336.

15 .بحارالانوار، ج 52، ص 312.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found