جمع, 18 آڪٽوبر 2019 - Fri 10 18 2019

منو

امام زمانہ عليه السلام جون لکتون ۽ توقيعات

 تحرير: راشد علي چانڊيو 

مهاڳ:

هن ڳالھ ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه آهي ته زمين ڪنهن به وقت الله تعالي جي نمائيندي ۽ هادي کان خالي ناهي هوندي، هميشه هڪ معصوم ماڻهن جي درميان موجود هوندو آهي جيڪو انهن جي درميان الله تعالي جي حڪم کي بيان ڪندو آهي، اڄ به پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشينن منجهان هڪ جانشين موجود آهي جيتوڻيڪ اُهو هادي ماڻهن جي نظر کان اوجهل آهي پر سندس برڪتون ۽ خيراتون اڄ به مڙني انسانن جي مٿان جاري آهن.

هن وقت به پيش ايندڙ مسائل ۽ شبهات جي حل لاءِ امام زمانه عجل الله فرجه الشريف جي توقيعات ۽ لکتن ڏانهن رجوع ڪيو وڃي ٿو، اُهي توقيعات ۽ لکتون امام عليه السلام پنهنجي خاص، مورد اعتماد ۽ جليل القدر اصحاب ۽ عالمن ڏانهن موڪليون آهن. هن تحرير ۾ امام عليه السلام جي توقيعات ۽ لکتن جي مختصر وضاحت ڪنداسين.

توقيع ڇا آهي ؟

توقيع جي معنا آهي حاشيو لکڻ ۽ اصطلاح ۾ ان خط ۽ حڪم کي چيو ويندو آهي. جيڪو ڪنهن بادشاه يا خليفي جي چوڻ تي اُن جو خاص فرد لکندو آهي. (1) پر شيعن وٽ انهن لکتن، فرمانن ۽ خطن کي توقيع ڪوٺيو ويندو آهي جيڪي امام زمانہ عليه السلام جي غيبت ۾ امام عليه السلام جي طرفان پنهنجي شيعن تائين پهتا آهن ۽ توقيعات مان اسان جي مراد به اِها ئي آهي، مشهور  شيعه ڪتابن جهڙوڪ: ڪمال الدين شيخ صدوق، غيبت شيخ صدوق، احتجاج طبرسي، بحارالانوار مجلسي وغيره ۾ امام زمانه عليه السلام جون تقريبا 80 توقيعات  نقل ٿيل آهن انهن مان اڪثر جو تعلق سفيرن ۽ پنهنجي نواب خاص سان آهي، ڪجهه جو تعلق  شيعه علماء  سان آهي جيڪي ڪجھ سوالن جي جوابن ۾ ذڪر ٿيون آهن ۽ ڪجھ انهن شخصن جي باري ۾ لعنت ۽ نفرين تي مشتمل آهن جن امام عليه السلام ڏانهن ڪوڙي نيابت يا ڪوڙ جي نسبت ڏئي پنهنجي پاڻ کي امام جو سفير چورايو هو.

توقيعات جا مرحلا

الف ـ امام عليه السلام پاران غيبت صغرا ۾ توقيعات

غيبت صغرا جي ( 255کان 329ھ تائين واري) محدود عرصي دوران جيڪو تقريبا 74 سال تي مشتمل آهي امام زمانه عليه السلام جون توقيعات چار خاص نائبن (عثمان بن سعيد، محمد بن عثمان، حسين بن روح ۽ علي بن محمد سمري) جي ذريعي  شيعن جي سوالن جي جواب طور ۽ انهن کي پيش ايندڙ شبهات جي جواب ۾ موڪليون وينديون هيون، اسان هتي  امام عليه السلام طرفان پنهنجي آخري نمائيندي (علي بن محمد سمري) ڏانهن موڪليل توقيع  کي بيان ڪريون ٿا:

( بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ يَا عَلِيَّ بْنَ مُحَمَّدٍ السَّمُرِيَّ أَعْظَمَ اللَّهُ أَجْرَ إِخْوَانِكَ فِيكَ فَإِنَّكَ مَيِّتٌ مَا بَيْنَكَ وَ بَيْنَ سِتَّةِ أَيَّامٍ فَاجْمَعْ أَمْرَكَ وَ لَا تُوصِ إِلَى أَحَدٍ فَيَقُومَ مَقَامَكَ بَعْدَ وَفَاتِكَ فَقَدْ وَقَعَتِ الْغَيْبَةُ التَّامَّةُ فَلَا ظُهُورَ إِلَّا بَعْدَ إِذْنِ اللَّهِ تَعَالَى ذِكْرُهُ وَ ذَلِكَ بَعْدَ طُولِ الْأَمَدِ وَ قَسْوَةِ الْقُلُوبِ وَ امْتِلَاءِ الْأَرْضِ جَوْراً وَ سَيَأْتِي إِلَى شِيعَتِي مَنْ يَدَّعِي الْمُشَاهَدَةَ أَلَا فَمَنِ ادَّعَى الْمُشَاهَدَةَ قَبْلَ خُرُوجِ السُّفْيَانِيِّ وَ الصَّيْحَةِ فَهُوَ كَذَّابٌ مُفْتَرٍ وَ لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ الْعَلِيِّ الْعَظِيم‏ ) (2)

شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان ۽ رحيم آهي، اي علي بن محمد سمري! خداوند عالم منهنجي غيبت دوران تنهنجي ڀائرن جو اجر وڌائي، تون ڇهن ڏينهن کان پوءِ هن دنيا تان هليو ويندين، تنهن ڪري پنهنجا ڪم سميٽي وٺ ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نائب نه بڻاءِ، ڇاڪاڻ ته هاڻي منهنجي غيبت ڪبري شروع  ٿي رهي آهي ان ڪري جو هاڻي مان ظاهر نه ٿيندس سواءِ الله تعالي جي حڪم جي  تمام گهڻي عرصي کان پوءِ جڏهن دليون زنگجي وينديون ۽ زمين ظلم ۽ جور سان ڀرجي ويندي، عنقريب منهنجي شيعن پاران منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪئي ويندي، ڄاڻي وٺو ته جيڪو به سفياني ٽولي جي خروج ۽ آسمان کان آواز اچڻ کان اڳ منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪري اهو ڪوڙو  ۽ بهتان هڻڻ وارو آهي، ڪابه طاقت ۽ قدرت  الله تعالي، بزرگ ۽ اعلي کان وڏي نه آهي

ب ـ امام طرفان غيبت ڪبري ۾  توقيعات

اڄ به غيبت ڪبري دوران امام مهدي عليه السلام جو پنهنجي شيعن سان اڻسڌو رابطو جاري آهي، هن عرصي دوران امام جون توقيعات شريف پنهنجي خاص ماڻهن ڏانهن صادر ٿيون آهن، غيبت ڪبري دوران جيڪي توقيعات صادر ٿيون آهن انهن ۾ ٻه خصوصيتون آهن

پهرئين: اها ته اُهي توقيعات ضرورت وقت هر ڪنهن جي لاءِ صادر نه ٿيون آهن( يعني صرف خاص افراد تائين محدود رهيون آهن)

ٻئين: اها ته اهي شبهات جي جواب، جرح، ڪنهن شخص جي عدالت ۽ روزانه پيش ايندڙ مسائل جي حل لاءِ صادر ٿيون آهن.

دليل جي طور تي اسان هتي امام عليه السلام جي غيبت ڪبري دوران اهم توقيع ڏانهن جيڪا شيخ مفيد رحمه الله عليه سان خطاب طور صادر ٿي آهي اشارو ڪريون ٿا:

اسان تنهنجي دعائن تي توجهه ڏني آهي، الله سائين تنهنجي ان مقام سبب جيڪو دوستن جي نزديڪ رکين ٿو تنهنجي حفاظت ڪري ۽  تو کي دشمنن جي سازشن کان محفوظ رکي. جيتوڻيڪ اسان اهڙي جاءِ تي آهيون جتي دشمن اسان تائين نٿا پهچي سگهن جڏهن ته هاڻي ۽  جيستائين هي دنيا فاسقن جي هٿن ۾ آهي خداوند عالم جي مصلحت به اسان ۽ اسان جي شيعن بابت اها آهي. اسان تنهنجي زندگي کان هر وقت آگاهه آهيون ۽ جيڪي خبرون ۽ اذيتون اسان جي دشمنن جي طرفان توکي ملن ٿيون انهن کان به آگاھ آهيون، جيڪي اذيتون توکي ملن ٿيون اهڙيون اڳين نيڪ شخصن کي به ملنديون هيون. پر اسان توکي ڪڏهن به وساريو ناهي توتي مڪمل توجهه ڏني آهي نه ته تون تمام وڏين مصيبتن ۾ اچي وڃين ها يا وري دشمن توکي ختم ڪري ڇڏين ها، تقوا ۽ پرهيزگاري کي هميشه پاڻ سان گڏ رکجان... (3)

امام عليه السلام جا خط ۽ توقيعات شريفه

هتي هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪي توقيعات امام عليه السلام ڏانهن منسوب ٿيل آهن ڇا حقيقت ۾ به اُهي توقيعات امام عليه السلام جون پنهنجيون لکتون ۽ خط آهن؟

يعني امام پنهنجي هٿن سان لکيون آهن يا نه امام ڪنهن کي حڪم ڪيو آهي ان امام جي چوڻ تي توقيع لکي آهي؟ جواب ۾ چونداسين ته ائين نه آهي جو سڀئي توقيعات امام عليه السلام پنهنجي مبارڪ هٿن سان لکيون هجن  پر انهن مان ڪجهه يقني طور تي امام عليه السلام پنهنجي هٿن سان لکيون آهن ۽ ڪجهه ٻيون پنهنجي معتمد اصحاب کان لکرايون آهن. جيئن ڪجھ عالمن جو اعتقاد آهي ته ڪجهه توقيعات کي لکڻ وارو امام عليه السلام پاڻ ئي آهي ايستائين جو امام عليه السلام جا جيڪي خاص اصحاب ۽ اُن وقت جا مشهور عالم هئا انهن وٽ مشهور هئو ۽ اهي انهي تحرير کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا ۽ هن دعوا جا ڪجهه شاهد آهن جن کي هتي ذڪر ڪريون ٿا:

1ـ اسحاق بن يعقوب چئي ٿو: مون کي هڪ مشڪل پيش آئي مون هڪ خط لکي محمد بن عثمان جي ذريعي سان حضرت مهدي عليه السلام جي خدمت ۾ موڪليو، مون کي اُنهي جو جواب امام عليه السلام جي پنهنجي هٿن سان لکيل خط ذريعي مليو. (4)

2ـ شيخ صدوق رحمه الله عليه کان به انهي طرح نقل ٿيو آهي: امام زمانه عليه السلام پاران منهنجي والد محترم لاءِ هڪ خط صادر ٿيو هئو جيڪو هن وقت تائين مون وٽ موجود آهي. (5)

3ـ شيخ ابو عمر عامري چئي ٿو: ابن ابي غانم قزويني جو شيعن جي هڪ وڏي ٽولي سان ڪنهن مسئلي تي اختلاف ٿي پيو. انهن پنهنجي اختلاف کي حل ڪرڻ لاءِ امام زمانه عليه السلام جي خدمت ۾ خط لکيو ۽ پنهنجي مسئلي کان امام عليه السلام کي آگاھ ڪيائون، امام عليه السلام پاران اُنهي مسئلي جو پنهنجي هٿن سان لکيل جواب کين موصول ٿيو. (6)

ٻئي نظرئي مطابق جن جو چوڻ آهي ته توقيعات امام عليه السلام پنهنجي هٿن سان ناهن لکيون پر انهن جي حڪم سان سندن معتمد افراد لکيون آهن انهيءَ لاءِ به ڪجهه شاهد ذڪر ڪيا ويا آهن جن مان ڪجهه هتي پيش ڪريون ٿا.

1ـ ابو نصر هبة الله چئي ٿو: امام زمانه عليه السلام جون توقيعات اُنهن خطن وانگر ئي صادر ٿينديون هيون جيئن امام حسن عسڪري عليه السلام جي دور ۾ عثمان بن سعيد ۽ محمد بن عثمان جي ذريعي شيعن جي لاءِ صادر ٿينديون هيون. (7)

2ـ عبدالله بن جعفر حميري کان نقل ٿيل آهي ته: جڏهن عثمان بن سعيد وفات ڪري ويو امام عليه السلام جون توقيعات جهڙي نموني سان عثمان جي زندگي ۾ اسان تائين پهچنديون هيون اهڙن ئي اکرن سان ملنديون رهيون. (8)

هن وضاحت مان اهو نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته ڪجهه توقيعات امام زمانه عليه السلام جي پنهنجي اکرن سان صادر ٿيون آهن ۽ ڪجهه امام عليه السلام جي چوڻ تي ڪنهن معتمد شخص جي لکت سان، هر لحاظ سان هي توقيعات امام زمانه عليه السلام جي طرفان ئي صادر ٿيون آهن.

حضرت امام مهدي عليه السلام جي طرفان جاري ٿيل توقيعات  ۾ ڪافي خصوصيتون آهن جن مان اسان ڪجهه جي طرف اشارو ڪريون ٿا.

امام عليه السلام جو پنهنجي غيبت ڪبري جي خبر ڏيڻ ۽ پنهنجي ظهور جون علامتون بيان ڪرڻ:

امام عليه السلام پنهنجي ان توقيع ۾ جيڪا علي بن محمد سمري ڏانهن لکي هيائون، فرمائن ٿا:

( فقد وقعت الغيبة التامة فلا ظهور الا بعد اذن الله ا...( (9)

هاڻي منهنجي غيبت ڪبرى شروع ٿي چڪي آهي ۽ منهنجي ظهور جي ڪا خبر ناهي سواءِ ان جي جو جڏهن الله جو حڪم ٿيندو اهو به تمام گهڻي مدت کان پوءِ جڏهن ماڻهن جي دلين تي زنگ چڙهي ويندا ۽ هي دنيا ظلم ۽ جور سان ڀرجي ويندي.

امام عليه السلام جو شيعن جي احوال کان واقف هجڻ

امام عليه السلام شيخ مفيد رحمه الله عليه کي پنهنجي توقيع ۾ هن طرح ارشاد فرمايو: اسان تنهنجي زندگي جي سڀني حالتن کان واقف آهيون، جيڪي خبرون ۽ اذيتون توکي دشمنن جي طرفان رسن ٿيون انهن کان به مڪمل طور تي آگاه آهيون، جيڪي تو کان پهريان صالح انسان هئا انهن جي به اهڙي ڪيفيت هوندي هئي، پر اسان ڪڏهن به تو کي وساريو ناهي تو تي اسان جي مڪمل توجهه آهي نه ته تون تمام وڏين مصيبتن ۾ پئجي وڃين ها يا وري دشمن تو کي ختم ڪري ڇڏي ها، تقوا ۽ پرهيز گاري کي هميشه پاڻ سان گڏ رک... (10)

امام عليه السلام جو پنهنجي ديدار ۽ نائبي جي دعوا ڪرڻ وارن کان لاتعلقي

امام عليه السلام هڪ خط علي بن محمد سمري ڏانهن  انهن شخصن جي باري ۾ لکيو جن امام عليه السلام جي ديدار ۽ سندس نائب هجڻ جي دعوا ڪئي هئي. جنهن ۾ امام عليه السلام فرمايو:

(وسياتي من شيعتي من يدعي المشاهدة...( (11)

عنقريب منهنجي شيعن منجهان ڪجهه منهنجي ڏسڻ ۽ منهنجي نيابت جي دعوا ڪندا، ڄاڻي وٺو ته جيڪو به شخص سفياني ٽولي جي خروج ۽  آسماني آواز کان پهريان منهنجي ڏسڻ جي دعوا ڪري اهو ڪوڙو آهي ۽ مون ڏانهن ڪوڙ جي نسبت ڏئي رهيو آهي.

آئمه اهلبيت عليهم السلام بابت شڪ ڪرڻ وارن جو شڪ دور ڪرڻ لاءِ توقيع

امام عليه السلام ڪجهه شيعن لاءِ توقيع صادر ڪئي جن جو گمان هئو ته امام حسن عسڪري عليه السلام جو ڪو به جانشين ناهي، امام عليه السلام هن ريت فرمايو: توهان منهنجان ڪجهه ماڻهن دين جي امر ۾ شڪ ڪيو آهي ۽ جيڪو شڪ ۽ ترديد صاحبان امر جي باري ۾ توهان جي دلين ۾ موجود آهي اُن جي خبر مون تائين پهتي آهي، هن کي ٻڌي ڪري  نه توهان جي خاطر ۽ نه پنهنجي خاطر غمگين ٿيو آهيان، ڇو جو حق اسان سان آهي، اسان ڪنهن ٻئي جا محتاج ناهيون سواءِ الله تعالي جي. ان لحاظ سان جيڪو به اسان جي اطاعت کان منهن موڙيندو اهو اسان کي ڪڏهن به وحشت ۾ نه وجهندو. اسان الله جي نعمتن جو سبب آهيون ۽ ماڻهو اسان جي وجود جي طفيل انهن نعمتن کان سيراب ٿين ٿا، اي انسانو! ڇا جي ڪري توهان شڪ ڪري رهيا آهيو؟ هن ڳالهه کي توهان مشڪوڪ ڪري رهيا آهيو؟ ڇا توهان ناهي ٻڌو ته الله تعالي جو فرمان آهي:

)يا ايها الذين آمنو اطيعو الله و اطيعو الرسول و اولي الامر منکم( (12)

ڇا توهان ناهي ٻڌو ته توهان جي گذريل امامن عليهم السلام سان حادثا پيش آيا آهن ۽ ايندڙ امامن کي به حادثا پيش ايندا؟ ڇا توهان کي خبر ناهي ته الله سائين توهان لاءِ مضبوط ڪوٽ ۽ قلعا قرار ڏنا آهن جن وٽ پناهه وٺو ۽ اوهان لاءِ حضرت آدم عليه السلام جي زماني کان وٺي امام عسڪري عليه السلام جي زماني تائين مورچا ۽ پناهگاهون قرار ڏنيون اٿس ته انهن ۾ پناهه وٺو ۽ علامتون مقرر ڪيون اٿس جن وسيلي هدايت وٺو اهڙي ريت جو جيڪڏهن انهن منجهان هڪ غائب ٿئي ٿو ته ٻيو ظاهر ٿئي ٿو ۽ جڏهن به هڪ ستارو غروب ڪري ٿو ٻيو چمڪڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن امام حسن عسڪري عليه السلام رحلت ڪئي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ماڻهن کان جدا ٿي ويو ته توهان گمان ڪيو ته پالڻهار پنهنجي دين کي باطل ۽ پنهنجي ۽ ماڻهن جي درميان واري واسطي کي قطع ڪري ڇڏيو. ايئن نه هئو ۽ قيامت تائين به ائين نه ٿيندو ايستائين جو خدا جو امر ظاهر ٿئي. جڏهن ته ماڻهن کي اهو امر نه وڻندو. گذريل امام (عسڪري عليه السلام) سعادت واري موت ماڻي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن وانگر ماڻهن کان جدا ٿي ويو. ليڪن ان جي وصيت، ان جو علم، ان جي اولاد، ان جو جانشين اسان جي درميان آهي ۽ ظالمن ۽ گنهگارن کان سواءِ ڪنهن جو ان بابت اسان سان ڪو اختلاف ڪونهي ۽ ڪافر ۽ منڪر کان علاوه ٻيو ڪو ان عظيم منصب جي دعوا نه ڪندو، جيڪڏهن الله جي امر مغلوب ٿيڻ ۽ الله جي راز ظاهر ٿيڻ جو لحاظ نه رکيو وڃي ها ته اسان جو امر اهڙي ريت اوهان جي سامهون ظاهر ٿئي ها جو توهان جا عقل دنگ رهجي وڃن ها ۽ توهان جا شڪ شبها ختم ٿي وڃن ها... ڇا توهان نٿا ڄاڻيو ته جيڪي واقعا گذريل امامن عليهم السلام سان ٿيا اهي روايتن جي روشني ۾ توهان جي سامهون آهن.

امام عليه السلام پاران پنهنجي شيعن لاءِ دعائيه توقيع

امام عليه السلام پنهنجي پهرئين نائب جناب عثمان بن سعيد جي رحلت کان پوءِ هن ريت فرمايو: خداوند عالم سندس پٽ جي حفاظت ڪري جيڪو پنهنجي پيءَ جي موجودگي ۾  به قابل اعتماد هو، خداوند عالم کانئس ۽ سندس پيءَ کان راضي هجي ۽ سندس پيءَ جي روح کي خوشحال ڪري، جنهن جو پٽ اسان جي نزديڪ پنهنجي پيءَ واري منزلت رکي ٿو، جيڪو ڪجهه هو اسان جي طرفان چوي اهو اسان جي ئي چوڻي آهي ۽ اسان جي فرمانن تي عمل ڪندڙ آهي(13)

يا جيڪو ابو عمر عمري کان نقل ٿيل آهي امام عليه السلام اُنهي توقيع ۾ پنهنجي شيعن کي فرمائي ٿو: بسم الله الرحمن الرحيم. پروردگار عالم اوهان کي فتنن کان بچائي، اسان کي ۽ اوهان (شيعن) کي يقين وارو روح عطا فرمائي ۽ اسان ۽ اوهان کي بري عاقبت کان پري رکي. (14)

امام عليه السلام احمد بن اسحاق اشعري  جي حق ۾ دعا ڪندي هي توقيع لکي: بسم الله الرحمن الرحيم اي اسحاق! تنهنجو خط مون تائين پهتو خداوند عالم تو کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. (15)

يا جيڪا توقيع امام عليه السلام شيخ ابوالقاسم حسين بن روح کي لکي: خداوند عالم تنهنجي عمر طولاني فرمائي، سڀ ڀلايون توتي وسائي، تنهنجي عمل کي خير ۽ خوبي سان تمام ڪري ۽ تنهنجي نيڪ بختي کي هميشه قائم رکي. (16)

امام عليه السلام پاران مخالفن ۽ بدعت ڪرڻ وارن کان لاتعلقي لاءِ توقيع

امام عليه السلام محمد بن علي شلمغاني جيڪو ”ابن ابي الغراقر“  جي نالي سان مشهور هئو، کان لا تعلقي جو اظهار ڪيو ۽ مٿس لعنت ڪئي، هو پهريان شيعه مذهب تي هئو بعد ۾ منحرف ٿي ويو ۽ هڪ جعلي مذهب کي اختيار ڪيائين، امام عليه السلام هن ريت فرمايو: (اي ابو القاسم حسين بن روح) جن ماڻهن جي دينداري ۽ اعتماد بابت تو کي يقين هجي، انهن تائين هي حڪم پهچاءِ ته محمد بن علي شلمغاني جنهن تي خدا پنهنجي عذاب ۾ جلدي ڪري ۽ کيس مهلت نه ڏئي، اسلام کان منحرف ٿي ويو آهي، ان کان پري ٿي وڃو هن خدا جي دين ۾ ملحدي وارو طريقو اختيار ڪيو آهي، هن اهڙي دعوا ڪئي آهي جيڪا ڪفر جو باعث بڻي آهي، خدا تي ڪوڙ ۽ تهمت هنئي اٿس ۽ پنهنجي پاڻ کي وڏي مصيبت ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو اٿس، جيڪو به حق کان ڦري وڃي ۽ خدا تي ڪوڙ هڻي اهو گمراه ۽ پنهنجو نقصان ڪندڙ آهي. اسان هن کان خدا ۽ ان جي رسول جي خاطر بيزاري اختيار ڪريون ٿا ۽ مٿس لعنت ڪريون ٿا، اُن جي ظاهر ۽ باطن تي هر وقت خدا جي لعنت هجي ۽ انهن تي به لعنت هجي جيڪي هن جا پيروڪار آهن. (17)

دعا جي تعليم ۽ توسل جي لاءِ توقيع

نقل ٿيل آهي ته عبدالله بن جعفر حميري دعا جو طريقو ۽ توسل پيدا ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو، امام عليه السلام توقيع جي ذريعي سان فرمايو: جڏهن به چاهيو ته اسان جي واسطي سان الله ۽ اسان سان توسل پيدا ڪريو ته هن طرح خداوند عالم کي عرض ڪريو:

(سلام علي آل ياسين السلام عليک يا داعي الله و رباني آياته ، السلام عليک يا باب الله و ديان دينه..) (18)

هن جي وضاحت هن ريت آهي ته هي دعا ”زيارت آل ياسين” جي نالي سان مشهور آهي ۽ هن کي محدث قمي مفاتيح الجنان ۾ امام زمانه عليه السلام جي زيارت جي عنوان سان ذڪر ڪيو آهي.

شبهات ۽ فقهي حڪمن جا جواب

محمد بن يعقوب ڪليني رحمه الله عليه، اسحاق بن يعقوب کان نقل ڪيو آهي: مون محمد بن عثمان بن سعيد عمري جي خدمت ۾ عرض ڪيو، منهنجو خط ”جنهن ۾ پنهنجو مشڪلون لکيون اٿم امام عليه السلام جي خدمت تائين پهچايو. امام عليه السلام جو توقيع ۾ جواب آيو: انهن جي قريب ٿيڻ ايئن آهي جو انهن کي خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ قرابت جي ڪا به ضرورت ناهي، جيڪو به منڪر ٿيندو اهو اسان منجهان ناهي ۽ اُن جو حشر نوح جي پٽ وارو ٿيندو، منهنجي چاچي جعفر (ڪذاب) جو حشر  حضرت يوسف پيغمبر جي ڀائرن وارو ٿيندو.

هاڻي تنهنجو جواب ته فقاع (اُٻريل جوءَ جو پاڻي) پيئڻ حرام آهي... ۽ اٻريل گوگڙو جو پاڻي پيئڻ ۾ ڪو حرج ڪونهي.

مان توهان جي رقمن کي قبول نه ڪندس سواءِ ان جي جو توهان پنهنجي پاڻ کي پاڪ ڪريو، هر هڪ جي مرضي آهي  ته هو اسان سان ٿئي يا چاهي اسان کان جدا ٿئي، ڇو جو جيڪا نعمت خداوند عالم اسان کي ڏني آهي اُها اوهان کي ڏنل نعمتن کان وڌيڪ بهتر آهي، پر جيڪي شبهات يا واقعا پيش اچن ٿا اُن لاءِ روايتن ۽ اسان جي علماء جي طرف رجوع ڪريو اُهي اسان جي طرفان اوهان لاءِ حجت آهن ۽ مان الله جي طرفان انهن تي حجت آهيان. (19)

حوالا

[1] ـ سيماي آفتاب ، حبيب الله طاهري ص 242

2ـ ڪمال الدين ج 2 ص 516

3ـ بحارالانوار:ج 53 ص 174

4ـ بحارالانوار:ج 51ص 349

5ـ انوارالنعمانيه :ج 3 ص 24

6ـ بحارالانوار:ج 53 ص 178

7ـ بحارالانوار:ج 51 ص306

8ـ بحارالانوار:ج  51 ص 349

9ـ  ڪمال الدين :ج 2 ص 516

10ـ بحار الانوار ج 53ص 174

11ـ ڪمال الدين :ج 2 ص 516

12ـ سورتانسان: آيت 59

13ـ ر.ک سيماي آفتاب ص 242.

14ـ  بحارالانوار :ج 53 ص 178

15ـ  احتجاج :ج2 ص 279

16ـ احتجاج :ج ج2 ص 290

17ـ بحارالانوار :ج 2 ص 290

18ـ بحارالانوار:هج 53 ص 171

19ـ احتجاج : ج 2 ص 283

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found