جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

حقيقي شيعن منجھان امام حسن عسڪري عليه السلام جون اميدون

 

تحرير: سرفراز مهدي چانڊيو

شيعن جي يارهين امام حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جي ولادت، اٺين ربيع الثاني سن 232 ھ. ق جمعي جي ڀلاري ڏينهن (1)  مديني ۾ ٿي. (2) ۽ جهان کي پنهنجي نور سان روشن ڪيو. سندس والد حضرت امام هادي عليه السلام ۽ سندس والده، نيڪ سيرت، پاڪيزه ۽ پارسا خاتون، جنهن جو نالو ”حُديثه“ ”سلسل“ ۽ سوسن بيان ڪيو ويو آهي. هي باعظمت بيبي اسلامي فڪر جي آگاهي رکندڙ ۽ پاڪيزه خاتون هئي. سندس فضيلت لاءِ اهو ئي ڪافي آهي، جو امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت کان پوءِ، ان بحران ۽ اضطراب واري صورتحال ۾ شيعن جي پناهگاھ ۽ اعتماد جو مرڪز رهي. (3)

امام جي امامت جو عرصو ڇھ سال هيو جنهن ۾ عباسين جي ٽن خليفن (المعتز بالله، المهتدى بالله، ۽ المعتمد بالله) سان ـ جن منجھان هر هڪ ٻي کان وڌيڪ ظالم هيو.  زندگي گذاري.  امام جي امامت سن 254 هجري کان شروع ۽ سن 260 هجري ۾ مولا جي شهادت سان اختتام تي پهتي.

امام جي ولادت جي مناسبت سان هن مقالي ۾ ”حقيقي شيعن مان امام جون اميدون “ جي عنوان سان ڪجھ ذڪر ڪندا سين. اميد ته آخرت لاءِ شفاعت جو وسليو بڻبو.

يارهين امام جي نگاھ ۾ هر شيعو سڏائيندڙ (جنهن ۾ شيعي جون حقيقي صفتون  ۽ خاصيتون نه هجن) شيعو  شمار نٿو ٿئي. سندس نگاھ ۾ حقيقي شيعه اهي آهن، جيڪي پنهنجي ديني رهبرن وانگر، ماڻهن جي خدمت واري واٽ تي رهندي پنهنجي ديني ڀائرن جي خدمت ۾ فعال  ۽ ڪوشان رهن ۽  الاهي دستورن جا پابند هجن.

جهڙوڪ : امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي هڪ سهڻي  ۽ دلنشين ڪلام ۾ شيعي جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:

(شيعة عَلِّىٍ هُمُ الّذين يؤثِرُونَ اِخوانَهم عَلى اَنفُسِهِم وَ لَو كانَ بِهِم خصاصَةٌ وَ هُمُ الَّذينَ لايَراهُمُ اللّه حَيثُ نَهاهُم وَ لا يَفقَدُهُم حَيثُ اَمرَهُم، وَ شيعَةُ عَلِىٍّ هم الَّذينَ  يَقتَدُون بِعَلىٍ فى اكرامِ اِخوانِهُم المُؤمِنين) (4)

يعني علي (عليه السلام) جا شيعا ۽ پيروڪار اهي آهن جيڪي پنهنجي (ديني) ڀائرن کي پاڻ تي ترجيح ڏين ٿا، توڙي جو پاڻ محتاج ۽ ضرورت مند هجن، ۽ علي (عليه السلام) جا شيعا ۽ پيروڪار اهي آهن جيڪي هر ان شي کان جنهن بابت پالڻهار روڪيو اٿن  رڪجي وڃن ٿا ۽ جنهن شي جو امر ڪيو آهي، ان تي عمل ڪن ٿا.  ۽ اهي پنهنجي مومن جي ڀائرن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ ۾ خود علي  عليه السلام جي پيروي ڪن ٿا.

ٻي مقام تي شيعن جون نشانيون بيان ڪندي فرمائن ٿا:

(علامات المؤمنين خمسٌ صلاة الاحدى و الخمسين و زيارة الاربعين و التختم فى اليمين و تعفير الجبين و الجهر ببسم اللّه الرحمن الرحيم ) (5)

مومنن (شيعن) جون پنج نشانيون آهن:  هر روز 51 رڪعتون پڙهڻ (17 واجب ۽ 34 نافله)، اربعين ۾ زيارت امام حسين عليه السلام، سڄي هٿ ۾ منڊي پائڻ، پيشاني کي خاڪ تي رکڻ، ۽ بسم الله الرحمن الرحيم کي بلند آواز سان پڙهڻ.

شيعن منجھان امام عسڪري جون اميدون

 ظاهري طور تي معاشري ۾ موجود رهندڙ آخري امام جون پنهنجي شيعن منجھان اميدون، جنهن کان بعد سندس فرزند مهدي موعود عليه السلام جي غيبت صغرى ۽ پوءِ وري غيبت ڪبرى شروع ٿي وئي، ۽  ڊگھي عرصي لاءِ ماڻهو ۽ معاشرو سندس ظاهري موجودگي کان محروم رهندا، اهميت ۽ دقت طلب شي آهي ، ۽ سندس عظيم ۽ قيمتي فرمان تشيع جي غربت واري دور لاءِ، اهڙي دور ۾ جڏهن محبوب ۽ مولا جي جدائي جو غبار سندس پيروڪارن جي دلين ۽ سرن مٿان سايو ڪيو ويٺو هجي، اهميت ۽ دقت طلب مسئلو آهي، هاڻي هتي انهن اميدن ۽ توقعات منجھان ڪجھ کي بيان ڪيون ٿا:

1ـ غور ۽ فڪر

هميشه تاريخ ۾ مڙني مادي ۽ معنوي ترقين جي جڙ هڪ پاسي غور و فڪر  ته ٻي پاسي وري محنت، ڪوشش ۽ تلاش رهي آهي. اگر بشر 20 ۽ 21 صديءَ ۾ صنعتي ۽ ٽيڪنالوجي ميدان ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ته ان جو سبب به غور ۽ مسلسل جدوجهد آهي، ائين ئي انسان ۽ معاشري جي معنوي ترقي  پڻ عقل منجھان فائدو حاصل ڪندي غور و فڪر ڪندي مسلسل جدوجهد ڪرڻ سببان آهي، سڀئي پيغمبر، امام ۽ نيڪ بندا،  غور ۽ فڪر ڪندڙ هئا، ان ئي سبب جي ڪري امام جعفر صادق عليه السلام ابوذر غفاري جي منزلت بيان ڪندي فرمايو: ابوذر (مٿس خدا جي رحمت هجي) جي سڀ کان گھڻي عبادت غور و فڪر ۽ عبرت حاصل ڪرڻ هئي. (6) 

الله جي عظيم آسماني ڪتاب، قرآن مجيد  پڻ غور و فڪر  لاءِ عظيم ۽ خدائي اهميت جو قائل آهي.  ۽ پنهنجا سهڻا ۽ رسا خطاب علم ، عقل، دقت، غور ۽ فڪر بابت بيان فرمايا آهن. قرآن مجيد ۾  لفظ ”علم“ ۽ ان جا مشتقات هزار ڀيرو استعمال ٿيا آهن جيڪي سندس اهميت کي بيان ڪن ٿا ، ان کان وڌيڪ اهو ته 17 آيتن ۾ بلڪل واضح ۽ صراحت سان انسان کي فڪر جي دعوت ڏني وئي آهي، ۽ ڏهن کان وڌيڪ آيتون لفظ ”اُنظُرُوا“ (غور ڪريو) سان شروع ٿين ٿيون ۽ پنجاھ کان وڌيڪ ڀيرا  لفظ عقل ۽ ان جا مشتقات بيان ڪيا ويا آهن ۽ چئن آيتن ۾ واضح نموني سان قرآن مجيد ۾ غور ۽ تدبر ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي (7)  ۽ اهڙي ريت لفظ فقه ۽ تفقه ۽ ان جهڙن ٻين لفن کي پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. (8)

ان غور ۽ فڪر جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ئي امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي شيعن مان اميد ٿو رکي  ته هو غور ۽ فڪر ڪندڙ هجن،  تنهن ڪري فرمايو: (عَليكُم بِالفِكرِ فَاِنَّهُ حَياة قَلب البَصير وَ مَفاتيحُ اَبوابِ الحِكمَةِ) (9)

توهان مٿان غور  ۽ فڪر ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته غور ۽ فڪر ڪرڻ، آگاھ دل جي زندگي  ۽ حڪمت جي دروازن جي چاٻي آهي. اهي انسان جيڪي پنهنجي عقل سان نه سوچين ۽ دل جي اکين وسيلي  حقيقتون سمجھڻ لاءِ دقت نه ڪن ته اهي قيامت جي ڏينهن  انڌا محشور ٿيندا.

امام حسن عسڪري عليه السلام  ان حقيقت کي قرآن مجيد  جي هڪ آيت جي ضمن ۾ ، اسحاق بن اسماعيل نيشاپوري ڏانهن لکيل خط ۾  هن ريت بيان ڪيو آهي:

 اي اسحاق! پالڻهار توکي ۽ تو جهڙن ٻين مٿان  جيڪي پالڻهار جي رحمت جي دائري م آهن  ۽ تو وانگر خدا دادي بصيرت رکندڙ آهن ، پنهنجي نعمتن کي تمام ڪيو آهي. ..  تنهن ڪري اي اسحاق! پڪ سمجھ ته جيڪو هن دنيا مان نابينا ويندو ته آخرت ۾ به نابينا  ۽ گمراھ هوندو اي اسهاق اکيون انڌيون ناهن ٿينديون، بلڪه سينن ۾ موجود دليون (غور ۽ فڪر نه ڪرڻ سببان) نابينا ٿي وينديون آهن، ۽ پالڻهار جو پنهنجي محڪم ڪتاب ۾ هي فرمان موجود آهي جنهن ۾ ان ظالمن جي زباني (10) هن ريت نقل ڪيو آهي: پالڻهار مونکي ڇو انڌو محشور ڪيو اٿئي، جڏهن ته مان دنيا ۾ ڏسندو هيس؟ پالڻهار (سندن جواب ۾) فرمائي ٿو: جهڙي نموني اسان جون آيتون تو وٽ پهتيون  ۽ تون انهن کي وساري ڇڏيو، تنهن ڪري اڄ تون به وساريو ويندين (11) ڪڏهن وري مولا ان خطري بابت هوشياري وٺرائن ٿا ته معاشري ۾ ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي رڳو نماز پڙهڻ، مستحبي نمازون اداڪرڻ، ۽ واجب ۽ مستحب روزا رکڻ کي ئي عبادت ٿا سمجھن، انهن جي رازن ۽ رمزن ۾ غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪن نه وري زماني جي حالتن بابت سوچين ٿا، اهڙن انسانن جي وچ ۾ مولا غور ۽ فڪر جي اهميت کي بن ريت بيان ٿو ڪري:

(لَيست العِبادَةُ كَثرَةَ الصِّيامِ وَ الصَّلوةِ وَ اِنّما العِبادَةُ كَثرَةُ التفكُّرِ فى اَمرِ اللّه) (12) عبادت گھڻن روزن رکڻ ۽ نمازون پڙهڻ جو نالو ناهي، بيشڪ عبادت جي حقيقت خدائي امر ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ آهي.

2 ـ ايمان جي چاهت ۽ فائدو پهچائڻ

غور ۽ فڪر يا تامل ۽ تدبر، جي حقيقي ۽ يقيني  اهميت ان مهل ظاهر ٿيندي جڏهن ايمان، عمل  ۽ ڪوشش تي پهچي. ورنه اهڙو غور ۽ فڪر جنهن جي ڪڍ ايمان ۽ عمل نه هجي اهو ڪارساز ۽ مقصود ناهي.

ان ئي سبب جي ڪري امام عليه السلام پنهنجي شيعن کي ٻن خصلتن ڏانهن توجھ ڏياريندي تاڪيد ڪن ٿا ته:

(خِصلَتانِ لَيس فَوقَهُما   شَى‏ءٌ الايمانُ بِاللّه، وَ نَفعُ الاِخوان) (13)

ٻن خصلتن کان وڌيڪ ڪا به شي ناهي، هڪ الله تي ايمان، ٻيو پنهنجي (ديني) ڀائرن کي فائدو پهچائڻ.

3 ـ خدا ۽ قيامت جي ياد

غور ۽ فڪر مان حاصل ٿيل ايمان جي پويان عمل، خدا جي ياد ۽ عبادت کي انجام ڏيڻ ضرور هوندو آهي.  ان ئي سبب جي ڪري امام عليه السلام جي پنهنجي شيعن مان هڪ اميد اها به آهي ته پنهنجي رب ۽ سندس رسول  کي نه وساريو تنهن ڪري فرمايو: (اَكثرُوا ذِكرُ اللّه و ذِكرَ المَوتِ وَ تِلاوَةَ القُرآن و الصَّلاةَ عَلى النَّبى) (14)

پالڻهار جي ذات ۽ موت کي گھڻو ياد ڪيو، قرآن جي تلاوت گھڻي ڪيو،  ۽ هميشه پنهنجي رسول  (سندس آل مٿان) صلوات موڪليندا رهو

توهان منجھان مڙني کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين اهو انسان آهي جيڪو موت کان پوءِ واري حالتن کي ياد ڪري،۽ پنهنجي ضمير کي پنهنجي عملن جو فيصلو ڪندڙ بڻائي. (15)

4ـ پنهنجي عملن جو حساب ۽ ضمير آڏو جوابده رهڻ

شيعن منجھان امام جي هڪ اميد اها به آهي  ته هو پنهنجي عملن جو حساب ڪن ۽ پنهنجي عملن کي ڏسي  هر رات ۽ ڏينهن انهن جي جاچ ڪندي پنهنجي ضمير ۽ اخلاق آڏو جوابده هجن

تنهن ڪري ضروري آهي ته هر ڏينهن جي ابتدا ۾ پاڻ سان نيڪ  عملن کي انجام ڏيڻ ۽ برن عملن کان بچڻ جو شرط ڪري (مشارطو) ۽ سڄو ڏينهن ان شرط جو پابند رهي (مراقبو) ۽ رات جو وري حساب ڪري (محاسبو) پنهنجي ضمير آڏو  جوابده رهي.

۽ اهي انسان جيڪي اجتماعي ذميوارين ۾ مصروف آهن  اهي ماڻهن ۽ حڪومت جي آڏو به جواب پيش ڪرڻ جا ذميوار آهن، ان سان گڏ خدا ، سندس رسول ۽ پنهنجي ضمير آڏو پڻ هو جوابده آهن.

ممڪن آهي ته ڪجھ ان ڳالھ کي هوشياري سمجھندا هجن ته هو حساب ڪرڻ، حساب ۽ جواب ڏيڻ کان ڀڄندا رهن ۽ هڪ نموني سان پيش اچن ليڪن انهن کي ڄاڻڻ گھرجي ته اهڙي رفتار، هوشياري ۽ زندگي  شمار نٿي ٿئي، ان ئي سبب جي ڪري امام عسڪري عليه السلام فرمائن ٿا:

(اَكيَسُ الكيِسين مَن حاسب نَفسَه وَ عَمِلَ لما بَعدِ المَوت ) (16)

سڀني کان وڌيڪ هوشيار اهو آهي جيڪو پنهنجو حساب پاڻ ڪري ( ۽ خد سندس رسول ۽ پنهنجي ضمير آڏو جوابده هجي)  ۽ موت کان پوءِ واري  زندگي لاءِ ڪوشش ڪري.

5 ـ  تقوا، پاڪائي، سچائي ۽ امانتداري

 امام عليه السلام جي پنهنجي شيعن ۽ پيروڪارن منجھان اهم، واضح ۽  ضرروي اميدن ۽ انتظارن منجھان اندروني صفتون تقوا ۽ پرهيز گاري آهن ، جيڪي انسان کي گناھ انجام ڏيڻ ۽ حرام ڪمن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار رکن ٿيون. ۽ انهن ٻن عظيم وصفن سان گڏ  سچائي ۽ امانتداري به آهن جن جي اهميت هي آهي جو هر معاشري جي نظم و ضبط  ۽ آرام کي انهن صفتن جي رواج ڏيڻ سان،  ان معاشري جي رهندڙن لاءِ سعادت ۽ مشڪلات جي حل جي ضمانت ڏئي سگھجي ٿي. تنهن ڪري امام مٿين صفتن ۽ ڪجھ ٻين وصفن بابت شيعن کي تاڪيد ڪندي فرمائي ٿو:

(اُوصيكُم بِتَقوىَ اللّهِ وَ الوَرَعِ فى دِينِكم والاِجتهاد لِلّه و صِدقِ الحَديثِ وَ اَداءِ الاَمانَةِ اِلى مَن اِئتَمَنَكُم مِن بِرِّ اَوفاجِرٍ وَ طُولِ السُّجُودِ وَ حُسنِ الجَوار فَبِهذا جاءَ مُحَمَّد (ص) صَلّوا فى عَشايِرِهِم وَ اَشهِدُوا جَنائِزَهُم وعُودُوا مرضاهُم، وَ اَدّوا حُقُوقَهُم، فَاِنَّ الرَّجُل مِنكم اِذا وَرِعَ فى دِينِهِ وَ صَدَقَ فى حَديثِهِ وَ اَدّى الاَمانَةَ و حَسُنَ خُلقُه مَعَ النّاس قيلَ هذا شيعى فَيسرّنى ذلك) (17)

توهان کي وصيت ٿو ڪريان ته تقوا اختيارڪيو ۽ پنهنجي دين ۾ ورع ۽ خدا جي راھ ۾ ڪوشش ، سچائي ۽ امانتن کي واپس ڪرڻ جي  پوءِ امانت رکندڙ ڀلو هجي يا خراب، ۽ سجدن کي طولاني ڪرڻ، پاڙي وارن سان چڱائي جي، ڇاڪاڻ ته حضرت محمد انهن ڪمن لاءِ آيو هيو. انهن (مخالفن) جي گروهن ۾ نماز پڙهو(يعني نماز جماعت ۾ شرڪت ڪيو)  انهن جي جنازين جي تشييع ۾ وڃو انهن جي بيمارن جي عيادت ڪيو، دنس هق ادا ڪيو،  ڇاڪاڻ ته توهان منجھان اگر ڪنهن دين جي حفاظت ڪئي، گفتگو ۾ سچار رهيو، امانتون واپس ڪيون، ماڻهن سان ڀلي اخلاق سان پيش آيو ته چوندا هي شيعو آهي.

6ـ  غبيت جي زماني ۾ دين، ولايت تي قائم رهڻ

مولا جي آخري اميد پنهنجي شيعن منجھان جنهن ڏانهن هن لکڻي ۾ اشارو ڪيون ٿا اها هي آهي  ته  امام زمانه عجل الله فرجه الشريف جي غيبت ڪبرى جي زماني ۾ ، جيڪو بي انتها سخت ۽ مشڪل زمانو آهي جنهن ۾ حوصلي ۽ طاقت کان وڌيڪ صبر ۽ پابند رهڻ جي ضرورت آهي، ان دور ۾ امام جو انتظار ۽ اميد هي آهي ته انسان ۽ شيعه غبيت جي زماني جي سختي کي برداشت ڪن ۽ بردباري  ۽ استقامت ڪندي  خدائي دين ۽ والايت  ۽ امامت واري نظام تي ثابت قدم رهن ۽ هميشه مهدي موعود عجل الله فرجه الشريف جي ظهور جي  دعا ڪندا رهن ڇاڪاڻ ته

(وَ اللّهِ لَيَغيبَنَّ غَيبَةً لايَنجُوا فيها مِن الهَلَكَةِ اِلّا مَن ثَبّته اللّهُ عَزَّ وَ جَلَّ بِاِمامَتِهِ وَ وَفّقَهُ لِلدّعاء بتَعجيل ) (18)

خدا جو قسم ! (حضرت مهدي عجل الله فرجه الشريف) جي غيبت طولاني هوندي،  جنهن ۾ ڪير به نجات حاصل نه ڪندو، سواءِ انهن انسانن جي جن کي خداوند متعال سندس امامت جي عقيدي جو قائل ۽ پابند رکي ۽ کيس ان جي فرج لاءِ دعا جي توفيق عطا فرمائي.   

 ان کان علاوه مولا جي اميدن منجھان هي به آهي ته شيعي کي بهترين انسانن منجهان هئڻ گهرجي بدترين انسانن منجھان نه، عزت نفس رکندڙ ۽ ذلت کان دور هجي، اسان لاءِ فخر جو سبب هجي  شرمندگي ۽ خواري جو سبب نه،

دعا آهي ته پنهنجي اصلاح وسيلي مولا جي اميدن تي پورا لهي معاشري جي اصلاح لاءِ پاڻ پتوڙي سگھون. هن دعا سان گڏ ته  اللهم عجل لوليک الفرج.

حوالا

1ـ مسعودي ۽ علي بن عيسى اربلي مولا جي ولادت کي سن 231 هجري ۾ بيان ڪيو آهي

2 ـ اصول ڪافي ، ج 1 ص 503

3 ـ شيخ عباس قمي، الانوار البهية،   ص 151

4 ـ  محمدي، ري شهري، ميزان الحڪمة ج 5، ص 231.

5 ـ  بحارالانوار،  ج 95، ص 348  ،  مصباح المتهجد، ص 787، روضة الواعظين، ج 1، ص 195.

6 ـ  بحارالانوار،  ج 22، ص 431.

7ـ  سورت  نحل، آيت 44؛ سورت آل عمران، آيت 191 ۽ سورت نحل، آيت 69.

 8  ـ ب يان ٿيل انگ اکر  «المعجم المفهرس» محمد فؤاد عبدالباقي، دارالحديث القاهره) موجب آهن.

9  ـ محمد باقر مجلسي، بحارالانوار، ج 8، ص 115 ۽ االحڪم الزاهرة، ج 1، ص 19.

10 ـ  علي  بن شعبه حراني ، تحف العقول، ص 513 ۽ 514.

11  ـ  سورت طه، آيت 126.

12 ـ بحارالانوار، ج 71، ص 322، وسائل الشيعه، ج 11، ص 153 ؛ اصول ڪافي ج 2 ص 55 ۽ تحف

العقول، ص 518، حديث 13.

13 ـ  تحف  العقول، ص 518، حديث 14.

14 ـ ساڳيو،  ص  487.

15 ـ حر عاملي،  وسائل   الشيعه، ج 16، ص 98.

16 ـ  ساڳيو. 

17ـ ساڳيو، ج 8، ص 389، حديث 2 ۽ تحف العقول، ص 518، حديث 12 ۽ ميزان الحڪمةج 10، ص 491

18 ـ شيخ صدوق، ڪمال الدين ج 2، ص 384.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found