اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

امام حسن عسڪري عليه السلام جي زندگي ۽ امام زمانه عج جي غيبت لاءِ آمادگي

تحرير: محمد حيات مفڪري 

مهاڳ

امام حسن عسڪري عليه السلام سن 232 هه ۾ هن دنيا تي آيا. سندن والد جو نالو حضرت امام علي نقي عليه السلام ۽ والده جو نالو حضرت حُدَيثه آهي. جيئن ته امام عليه السلام عباسي خليفي جي حڪم مطابق سامراء ۾“عسڪر” نالي محلي ۾ رهندا هئا ان جي ڪري عسڪري مشهور ٿيا. سندن مشهور لقب ” نقي “ ۽ ” زڪي “ ۽ سندن ڪُنيت ” ابو محمد “ آهي. سندن امامت جي مدت 6 سال ۽ ڪل عمر مبارڪ 28 سال هئي. سن 260 هه ۾ شهادت پاتائون ۽ سامراء ۾ پنهنجي والد جي قبر جي ڀرسان دفن ڪيا ويا.

امام عليه السلام جا هم عصر خليفا هن ريت آهن.

1. المعتز بالله 252 کان 255 هه تائين.

2. المهتدي بالله 255 کان 256 هه تائين.

3. المعتمد بالله 256 کان 279 هه تائين.

عباسي خليفن پهريان بنو اميه کان بنو هاشم جو انتقام وٺڻ جي نالي تي قيام ڪيو ۽ شيعن جي مدد حاصل ڪيائون ليڪن حڪومت

ملڻ کانپوءِ بنو اميه کان به بدترين ثابت ٿيا. انهن جيڪي ظلم ڪيا انهن جي تفصيل هيٺ پيش ڪجي ٿي.

  1. معتز معتز، متوڪل عباسيءَ جو پٽ هيو. متوڪل جي قتل کانپوءِ ترڪن ملڪ جي امور تي تسلط ڄمايو ۽ معتز کي پنهنجو سربراهه بڻايائون. اهڙي نموني جو معتز انهن جي اشاري تي عمل ڪندو هيو بالآخر ترڪن ئي ان کي قتل ڪيو.
  2. المهتدي: مهتدي، امام عليه السلام کي زندان موڪليو. امام عليه السلام ان جي حڪومت جي آخري رات تائين زندان ۾ هئا.
  3. معتمد: هي هڪ عياش قسم ۽ اخلاقي براين ۾ جڪڙيل شخص هيو. عوام ان کان راضي نه هيو. خلافت بظاهر ان جي هٿ ۾ هئي پر حقيقت ۾ هلائڻ وارو ان جو ڀاءُ ” موفق “ هيو.

امام  عليه السلام جي زماني جا سياسي ۽ اجتماعي حالات

عباسي خليفا هر امام جي زماني ۾ ظلم ڪندا هئا ۽ امامن کي طرح طرح جون اذيتون ڏيندا هئا پر اهي اذيتون ۽ مشڪلاتون ٽن امامن امام محمد تقي عليه السلام ، امام علي نقي عليه السلام ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ پنهنجي اوج تي پهچي چڪيون هيون ليڪن امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ اهي سختيون سڀ کان وڌيڪ هيون جن جا هيٺيان ٻه سبب هئا.

1. امام حسن عسڪري عليه السلام جي زماني ۾ عراق ۾ شيعا هڪ عظيم قدرت ۽ طاقت حاصل ڪري چڪا هئا ۽ سڀني ماڻهن کي خبر هئي ته هي گروهه وقت جي ظالمن تي اعتراض ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪنهن به خليفي جي حڪومت کي شرعي سمجھڻ وارو ناهي ڇاڪاڻ ته شيعا ان ڳالهه جا معتقد آهن ته امامتِ الاهي، اولادِ علي عليه السلام ۾ باقي آهي ۽ انهيءَ زماني ۾ امام عليه السلام جي شخصيت سڀني تي عيان هئي.

2. عباسي خاندان ۽ ان جا پيروڪار  متواتر روايتن جي مطابق ڄاڻيندا هئا ته مهدي موعود عجل الله تعالى فرجه جيڪو سڀني فاسد حڪومتن کي ختم ڪرڻ وارو هوندو، حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جي نسل مان هوندو؛ انهيءَ جي ڪري هميشه امام عليه السلام جي زندگيءَ تي ڪڙي نظر رکندا هئا. انهن سببن جي ڪري امام عليه السلام مٿان ايتري سختي هئي جو امام  کي مجبور ڪيو ويو ته هر هفتي سومر ۽ خميس جي ڏينهن درٻار ۾ حاضر ٿين. عباسي حڪمران ايترا ته خوفزده هئا جو فقط ان ڳالهه تي اڪتفا نه ڪيائون بلڪه معتز، امام کي قيد ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ” سعيد حاجب “ کي حڪم ڏنائين ته امام کي ڪوفي ڏانهن روانو ڪري ۽ امام  کي قتل ڪري ڇڏي، ليڪن معتز کي ترڪن قتل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ مهديءَ خليفي به امامکي زندان ۾ رکيو ۽ قتل جو ارادو ڪيائين ليڪن اهو به ترڪن جي هٿان قتل ڪيو ويو.

امام عسڪريءَ  عليه السلام جون امنيتي تدبيرون

ابو هاشم دائود بن قاسم جعفري چوي ٿو ته اسان ڪجھ ماڻهون زندان ۾ هئاسين جتي امام عسڪري عليه السلام ۽ سندن ڀاءُ جعفر کي به قيد ڪيو ويو هئو. ادب خاطر امام  جي طرف ڊوڙياسين ۽ امام جي چوڌاري گڏ ٿياسين. قيدخاني ۾ هڪ عجمي شخص هيو جنهن جي دعوا هئي ته هو شيعو آهي امام ان جي طرف متوجھ ٿيا ۽ فرمايائون: اگر توهان ۾ اهو شخص نه هجي ها جيڪو توهان مان ناهي، ته توهان کي ٻڌايان ته ڪڏهن آزاد ٿيندو. پوءِ امام ان شخص “عجمي” کي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ جڏهن هو ٻاهر هليو ويو ته امام فرمايو: هي شخص اوهان مان ناهي ان کان پاسو ڪيو! توهان جيڪي به ڳالهيون ڪيون آهن ان شخص خليفي لاءِ هڪ رپورٽ تيار ڪئي آهي جيڪا هن وقت ان جي لباس ۾ موجود آهي.

اسان مان هڪ شخص ان جي تلاشي ورتي ته واقعا هڪ خطرناڪ رپورٽ ان جي لباس مان پيدا ٿي. هي واقعو ٻڌائي ٿو ته امام  ۽ ان جا شيعا زندان ۾ به خليفي جي نظر هيٺ زندگي گذاريندا هئا.

2. امام جي ساٿين منجھان احمد بن اسحاق نالي هڪ شخص چوي ٿو ته آءُ امام جي حضور ۾ پهتس ۽ امام کان درخواست ڪيم ته پاڻ ڪجھ لکن جيئن آءُ امام جي طرفان لکيل خط کي سڃاڻي سگھان ۽ امام جي نالي تي اگر ڪو جعلي خط هجي ته ان ۾ فرق ڪري سگھان. امام  فرمايو: منهنجا اکر ڪڏهن سنهي قلم سان ۽ ڪڏهن ٿلهي قلم سان هوندا آهن اگر ائين ڏسين ته پريشان نه ٿيجان.

3. امام جي پيروڪارن مان هڪ شخص چوي ٿو ته اسان هڪ ٽولي جي شڪل ۾ سامراء ۾ داخل ٿياسين. امام جي گهر جي ٻاهران انهن جي ملاقات جا منتظر هئاسين، ايتري ۾ هڪ خط اسان تائين پهتو جنهن جو مضمون هن ريت هيو: ڪو به مون ته سلام نه ڪري ۽ ڪو به مون ڏانهن اشارو نه ڪري ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ توهان جي جان کي خطرو آهي.(1)

4. عبدالعزيز بلخي چوي ٿو ته هڪ ڏينهن رستي تي ٻڪريون ۽ رڍون وڪڻڻ واري واپاري وٽ هيس. اچانڪ امام حسن عسڪري عليه السلام جن کي ڏٺم ته شهر جي دروازي جي طرف وڃي رهيا آهن. دل ۾ سوچيم ته ماڻهن کي ٻڌايان ته هي حجت خدا آهن. انهن جي معرفت پيدا ڪيو. ليڪن امام جڏهن منهنجي قريب پهتا ته اشاري سان سمجھايائون ته خاموش ٿي وڃ. مون جلديءَ ۾ امام جو بوسو ورتو، امام عليه السلام فرمايو احتياط ڪر. اگر راز فاش ڪيئي ته ماريو ويندين. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته امام ڪيتري ڪنٽرول هيٺ زندگي گذاريندا هئا.

امام حسن عسڪري  عليه السلام جن جي سرگرمين جا مختلف پهلو

1. علمي ڪوشش:

جيتوڻيڪ امام حسن عسڪري عليه السلام نامناسب حالات ۾ زندگي گذاري رهيا هئا پر انهن سخت حالتن جي باوجود مخفي طور تي اهڙا شاگرد تيار ڪيائون جن مان هر هڪ اسلام جي معارف کي پهچائڻ ۾ هڪ اثرائتو قدم کنيو. شيخ طوسي سندن شاگردن جو تعداد 100 کان به وڌيڪ لکيو آهي. شاگردن جي تربيت کان علاوه مسلمانن کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ وارو امام ع کانسواءِ ٻيو ڪو به نه هيو.

ابن شهر آشوب لکي ٿو ته: ”اسحاق ڪندي“ هڪ فلسفي هيو جيڪو ”قرآن ۾ تناقض“ يعني قرآن ۾ متضاد ڳالهيون“ جي موضوع تي ڪتاب لکي رهيو هيو. هڪ ڏينهن ان جي شاگردن مان هڪ امام وٽ حاضر ٿيو. امام کيس فرمايو ته ڇا توهان مان ڪو اهڙو شخص ناهي جيڪو توهان جي استاد جي ڳالهين جو جواب ڏئي؟ ان جواب ڏنو ته اسان شاگرد آهيون  تنهنڪري اعتراض نٿا ڪري سگھون. امام ان کي فرمايو: جڏهن موٽي وڃين ته پنهنجي استاد سان انس پيدا ڪر ۽ پوءِ کيس چئئ ته مونکي هڪ مسئلو پيش آيو آهي جنهن جو جواب توهان کان سواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڏئي سگهي.

اهو مسئلو هي آهي ته ڇا ممڪن آهي ته قرآن نازل ڪرڻ واري جو مقصد ٻيو هجي ۽ توهان ان مان اندازو ٻيو لڳايو هجي؟ شاگرد جڏهن اهڙو سوال ڪيو ته هو فڪر ۾ غرق ٿي پڇڻ لڳو ته هي سوال تو ڪنهن کان سکيو آهي؟ شاگرد چيو: امام حسن عسڪري عليه السلام جن کان. ان کانپوءِ ان پنهنجو ڪتاب ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو.(2)

هڪ سال سامراء ۾ سخت قحط پيش آيو، وقت جي خليفي ”معتمد“ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته نماز استسقاء (برسات جي لاءِ نماز) پڙهن. ماڻهن ٽي ڏينهن مسلسل نماز پڙهي ۽ دعا گھري پر برسات نه آئي، چوٿين ڏينهن جاثليق مسيحي گهڻن مسيحين ۽ راهبن سان گڏ ويو. هڪ مسيحي بزرگ جڏهن به پنهنجي هٿن کي آسمان جي طرف بلند پئي ڪيو ته وڏڦڙو مينهن وسڻ پئي لڳو هيو، ٻئي ڏينهن به ائين ٿيو، ان ڪري ڪجھ مسلمان مسيحيت جي طرف مائل ٿي ويا. جڏهن خليفي اها حالت ڏٺي ته امام کي زندان مان درٻار ۾ گھرايائين ۽ چيائين ته پنهنجي ناني جي امت کي گمراهيءَ کان نجات ڏي.

امام عليه السلام فرمايو ته مسيحي راهبن کي چئو ته سڀاڻي ميدان ۾ اچن ٻئي ڏينهن جڏهن ميدان ۾ ويا ته امام به بيابان ۾ ويا. جڏهن مسيحين دعا گهري ته آسمان  بادلن سان ڀرجي ويو ۽ برسات اچڻ شروع ٿي وئي. امام اشارو ڪيو ته ان راهب جي هٿ کي پڪڙين ۽ ان جي هٿ ۾ جيڪا شيءِ هجي ان کي پنهنجي قابو ۾ آڻين. جڏهن ان شيءِ کي غور سان ڏٺائون ته اها هڪ انسان جي هڏي هئي. امام اها هڏي وٺي ڪري هڪ ڪپڙي ۾ ويڙهي ۽ راهب کي ڏيندي فرمايو ته هاڻي دعا ڪر. جڏهن راهب دعا گھري ته مسئلو ان جي ابتڙ ٿيو، ڪڪر گم ٿي ويا ۽ سج نڪري آيو. ماڻهون حيرت ۾ پئجي ويا.

خليفي امام کان پڇيو ته هيءَ هڏي ڇا جي آهي؟ امام فرمايو ته خدا جي نبين منجهان هڪ نبيءَ جي جسم جي هڏي آهي هن هڏيءَ کي ڪنهن نبيءَ جي قبر مان کنيو اٿن ۽ اها هڏي جڏهن به ظاهر ٿيندي ته بارش پوندي.

خليفي امام جو احترام ڪيو ۽ امام ۽ سندن مڃڻ وارن کي زندان مان آزاد ڪيائين.(3)

2. شيعن سان رابطي جو ڄار وڇائڻ: امام جي زماني ۾ تشيع مختلف علائقن ۽ شهرن ۾ ڦهلجي چڪي هئي. مثال جي طور ته ڪوفو، بغداد، نيشاپور، قم، مدائن، خراسان، يمن، ري، آذربائيجان، سامراء، جرجان ۽ بصرو شيعن جا مرڪز شمار ڪيا ويندا هئا.

تاريخي شاهدين جي مطابق امام برجستا شخصيتن مان سڀني علائقن جي لاءِ نمائندا چونڊيا ۽ انهن سان رابطي ۾ هوندا هئا.

3. سياسي مخفي فعاليتون: امام سڀني سختين جي باوجود مخفي فعاليتن جو سلسلو جاري رکيو ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا هئا. عثمان بن عمري امام جو هڪ گهرو دوست هيو. اهو گيهه وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هيو. امام عليه السلام جا شيعا اگر زڪوات يا خمس ڏيڻ چاهيندا هئا ته ان جي حوالي ڪندا هئا ۽ هو انهيءَ مال کي گيهه جي ٿانون ۽ مشڪن ۾ وجھي امام تائين پهچائيندو هيو.

دائود امام جو خدمتگار هيو ۽ حمام جي ڪاٺين جي ذميواري سندس حوالي هئي. اهو چوي ٿو ته هڪ ڏينهن امام مونکي گھرايو ۽ هڪ ٿلهي ڪاٺي مون کي ڏيندي فرمايو ته هيءَ ڪاٺي عثمان بن سعيد وٽ کڻي وڃ ۽ ان کي ڏي. آءُ ڪاٺي کڻي روانو ٿيس رستي ۾ هڪ شخص مونکي چيو ته هن گڏهه کي رستي تان پري ڪر. مون اها ڪاٺي گڏهه کي هنئي ته ڪاٺي ٽٽي پئي، مون جڏهن ڪاٺيءَ جي ٽٽل جاءِ تي نگاهه ڪئي ته ڪاٺيءَ جي اندر مونکي ڪجھ خط نظر آيا. آءُ جلدي امام وٽ واپس آيس.

ان تاريخي داستان مان خبر پئي ٿي ته امام پنهنجي خطن جو سلسلو ڪيئن جاري رکندا هئا.

4. شيعن جي مالي مدد ڪرڻ: ابو هاشم جعفري چوي ٿو ته آءُ مالي لحاظ کان پوئتي پيل هيس. چاهيم ته امام ڏانهن مالي مدد جي لاءِ خط لکان پر شرم جي ڪري نه لکيم. ليڪن جڏهن گهر ۾ داخل ٿيس ته امام مون ڏانهن 100 دينار موڪليا ۽ هڪ خط لکيائون ته هر وقت ضرورت محسوس ڪرين اسان کان گُھرڻ ۾ شرم نه ڪجان. ، انشاء الله پنهنجي مقصود کي حاصل ڪندين.

5. اهم شيعا سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي ڪرڻ: امام جي سڀني فعاليتن ۾ اهم فعاليت اها هئي ته بزرگ شيعا شخصيتن مان جيڪي سختين جي هيٺان زندگي گذاري رهيا هئا، هر هڪ جي دلگرميءَ سان حمايت ۽ رهنمائي ۽ سندن حوصلن کي بلند ڪري رهيا هئا ته جيئن اهي پنهنجين ذميوارين کي بهتر طريقي سان انجام ڏئي سگهن.

6. غيبي آگاهيءَ کان ڀرپور فائدو وٺڻ: غيبي خبرون امام جي زندگي جو هڪ اهم حصو آهن؛ هر امام غيبي خبرون ڏيندو هيو ليڪن امام جي دور ۾ غيبي خبرون تمام گھڻيون ٻڌڻ ۾ آيون. ان جو ڪارڻ سڀ کان وڌيڪ سختي ۽ حڪومتي ڪنٽرول هيو.  ته جيئن امام غيبي علم جي ڪري پنهنجي پاڻ ۽ شيعن مٿان ايندڙ مصيبتن کي دور ڪري سگهي.

هڪ ٻيو عامل اهو هيو ته امام علي نقي عليه السلام کانپوءِ ماڻهون فڪر ڪن پيا ته ”محمد بن علي“ امام حسن عسڪري عليه السلام جن جو ڀاءُ امامت تي فائز ٿيندو ليڪن امام غيبي خبرن جي ذريعي پنهنجي منصب کي ثابت ڪيو. ابو هاشم جعفري چوي ٿو ته جڏهن به امام جي حضور ۾ پهچندا هئاسين ته هڪ نئون دليل ۽ نشاني سندن امامت تي ڏسندا هئاسين.(4)

7. شيعن کي غيبت جي دور لاءِ آماده ڪرڻ: هر امت جي رهبر جو غائب ٿيڻ هڪ غير طبيعي ڪم آهي ۽ ان جو قبول ڪرڻ عام ماڻهن جي لاءِ مشڪل آهي. نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ پهرين امامن به ماڻهن کي امام زمانه عج جي غيبت کان آگاهه ڪيو پر اهو ڪم امام علي نقي عليه السلام ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جن دور ۾ وڌيڪ نظر آيو. امام علي نقي عليه السلام ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي دور ۾ پنهنجي نمائندن جي ذريعي شيعن سان رابطو رکندا هئا. اهو به غيبت جي آمادگيءَ لاءِ هڪ ذريعو هيو جتي امام حسن عسڪري عليه السلام خود سامراء ۾ به سوالن جا جواب نمائندن جي ذريعي پهچائيندا هئا. اهڙي نموني ڏسنداسين ته امام زمانه عج به غيبتِ صغرى ۾ انهيءَ طريقي کي اپنايو ۽ شيعن کي آهسته آهسته دوران غيبت ڪبرى لاءِ آماده ڪيو.

8. امام مهدي عج جي غيبت جي خبر ڏيڻ: احمد بن اسحاق چوي ٿو ته امام حسن عسڪري عليه السلام جي حضور ۾ پهتس ۽ چاهيم ته امام کان پنهنجي بعد واري امام جي باري ۾ سوال ڪيان. امام منهنجي سوال کان پهريان فرمايو ته: اي احمد بن اسحاق جڏهن کان الله سائين آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو آهي ان کان وٺي قيامت تائين زمين کي هرگز حجتِ خدا کان خالي نه ڇڏيو آهي ۽ نه ڇڏيندو. خداوند متعال حجت خدا جي وجود جي برڪت سان ماڻهن جي مٿان مصيبتن ۽ مشڪلاتن کي دفع ڪندو آهي ۽ ان جي وجود جي ڪري بارش وسائيندو آهي ۽ زمين مان لڪيل برڪتن کي آشڪار ڪندو آهي.

سوال ڪيم ته اوهان کان پوءِ امام ڪير آهي؟

امام جلديءَ ۾ اٿيا ۽ هڪ ڪمري ۾ ويا ۽ ٿوري دير ۾ پنهنجي ڪلهن تي ٽن سالن جو هڪ ٻار کڻي آيا جنهن جا رخسار چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪي رهيا هئا ۽ فرمايائون ته: احمد بن اسحاق اگر تون خدا ۽ امامن وٽ محترم نه هجين ها ته پنهنجو هي پٽ نه ڏيکاريان ها. هي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن جو هم نام ۽ هم ڪنيت آهي. زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو جهڙيءَ طرح سان اها ظلم سان ڀرجي چڪي هوندي. هي هن امت ۾ خضر ۽ ذوالقرنين وانگر (غيبت ۾) آهي. هن جي غيبت (ڊگھي هجڻ) ڪري گھڻا ماڻهون شڪ ۾ پئجي ويندا. فقط اهي ماڻهو نجات حاصل ڪندا جن کي الله تعالى امامت جي عقيدي ۾ ثابت قدم ۽ امام جي ظهور جي لاءِ دعا جي توفيق بخشي آهي.

ابوالاديان چوي ٿو ته آءُ امام حسن عسڪري عليه السلام جن جو خادم هيس. امام عليه السلام مون کي ڪجھ خط ڏنا جيڪي شهر تائين پهچائڻا هئا. امام عليه السلام بيماريءَ جي حالت ۾ هئا. امام عليه السلام خط لکيا ۽ فرمايائون ته اهي مدائن کڻي وڃ. پندرنهن ڏينهن کانپوءِ جڏهنسامراء ۾ داخل ٿيندين ته منهنجي گهر مان روئڻ جو آواز بلند ٿيندو ۽ منهنجي جنازي کي غسل واري جڳهه تي ڏسندين. مون عرض ڪيو مولا توهان کانپوءِ امام ڪير ٿيندو؟ امام عليه السلام فرمايو: جيڪو منهنجي جنازي جي نماز پڙهائيندو اهو امام ٿيندو. امام ٻي نشاني ٻڌائي ته جيڪو ڪمربند ۾ موجود شيءِ جي خبر ڏيندو اهو ئي مون کانپوءِ امام ٿيندو.

ابوالاديان چوي ٿو ته آءُ جڏهن پندرنهن ڏينهن کانپوءِ سامراء شهر ۾ داخل ٿيس ته امام جي گهر مان روئڻ جو آواز اچي رهيو هيو. جعفر (امام عليه السلام جو ڀاءُ) دروازي وٽ ويٺو هيو، ماڻهو ان کي پنهنجي ڀاءُ جو پرسو ۽ سندس امامت جي مبارڪباد ڏئي رهيا هئا. آءُ پريشان ٿي ويس ته جعفر امام ڪيئن ٿيندو جڏهن ته آءُ پاڻ هن کي شراب پيئندي ۽ جُوا کيڏندي ڏٺو آهي. ليڪن جڏهن جعفر جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ بيٺو ته هڪ ننڍڙو ٻار اڳتي آيو ۽ جعفر کي پري ڪري جنازي نماز پڙهايائين ۽ پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته جن خطن جا جواب کڻي آيو آهين اهي مون کي ڏي. خط ان جي حوالي ڪيم. هاڻي فقط ڪمربند رهيل هيو. ”حاجز وشاء“ حاضر هيو جعفر کان پڇيائين ته اهو ٻار ڪير هيو؟ جعفر چيو ته خدا جو قسم اڄ تائين مون ان کي نه ڏٺو آهي. ايتري دير ۾ قم وارن جو هڪ ٽولو آيو ۽ امام حسن عسڪري عليه السلام جن جي باري ۾ سوال ڪيائون. جڏهن معلوم ٿين ته امام رحلت ڪري چڪا آهن ته چيائون ته امام جو جانشين ڪير آهي؟ ماڻهن جعفر ڏانهن اشارو ڪيو. جعفر کان سوال ڪيائون ته اسان ڪجھ خط ۽ پئسا آندا آهن. اهي ڪنهن موڪليا آهن؟ اهو جواب کان عاجز رهيو ۽ چوڻ لڳو ته اسان کان غيب جي تقاضا رکن ٿا. ايتري ۾ گھر مان هڪ خادم ٻاهر آيو ۽ چيائين ته خط فلان فلان ماڻهن موڪليا آهن ۽ انهيءَ ڪمر بند ۾ هڪ هزار دينار آهن جن مان ڏهن تي سون جو پاڻي چڙهيل آهي. قم وارن چيو امام اهو ئي آهي جنهن توهان کي موڪليو آهي. اهڙي نموني امام حسن عسڪري عليه السلام ماڻهن کي امام زمانه عج جي غيبت جي لاءِ آماده ڪيو.

_____________________________

حوالا

  • بحار الانوار ج 50 ص 26
  • مناقب ج 4 ص 424
  • نور الابصار ص 167
  • اعلام الورى ص 375

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found