اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

حضرت امام علي رضا عليه السلام جو عيسائين سان ٿيل مناظرو

 

تحرير: محمد حيات مفڪري

مقدمو:

حضرت امام علي ابن موسي الرضا عليه السلام يارهين ذيقعد سال 148 هجري ۾ هن دنيا تي آيا. سندن بابو امام موسي ڪاظم عليه السلام ۽ سندن امڙ  تڪتم آهي ۽ امام رضا عليه السلام جي ولادت کان پوءِ امام ڪاظم عليه السلام سندن نالو طاهرھ رکيو. امام عليه السلام جي ڪنيت ابوالحسن ۽ لقب رضا آهي.

پاڻ 35 سالن جي عمر ۾ امامت جي عهدي تي فائز ٿيا ۽ سال 203 هجري ۾ مامون عباسي کين شهيد ڪرايو.

امام جا معاصر خليفا

1 ـ هارون رشيد

2ـ  محمد امين

3 ـ عبدالله مامون.

امام عليه السلام مامون عباسي جي خلافت شروع ٿيڻ کان پهريان مديني منورھ ۾ رهندا هيا پر مامون عباسي حڪومت سنڀالڻ کان فورن پوءِ امام عليه السلام کي خراسان گهرائي پنهنجو وليعهد بڻايو.

عباسين جي دؤر ۾ علمي ترقي ٿي رهي هئي ۽ اها علم دوستي سبب ٿي ته دنيا جي ملڪن جو علم ۽ دانش، اسلامي ملڪن ڏانهن به لاڙو ڪري. اسلامي علماء پنهنجي علم جو مشعل قرآن مجيد کي بڻايو. ڌارين قومن جي علمي آثارن جو ترجمو هارون ۽ مامون جي دؤر ۾ پنهنجي اوج تي پهتل هيو. ان سبب جي ڪري اوپرا فڪر اسلام جي چؤديواري ۾ داخل ٿي چڪا هئا. هميشھ اسلام جي حفاظت جي ذميواري اهل بيت عليهم السلام سنڀالي آهي.

بيگانه فڪرن جي موجن ۾ امام رضا عليه السلام جو ڪردار:

انهن مترجمن مان ڪجهه اهڙا مترجم هيا جيڪي متعصب هيا مثال مجوسي، صائبي، نسطوري، رومي، برهمڻ جن ڌاريان آثار علمي زبان عربي ۾ ترجمو ڪيا. انهن مان ڪجھ اهڙا ماڻهو هئا جيڪي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پنهنجا نجس ۽ فاسد عقيدا اسلامي معاشري ۾ ڦهلائين، اهم ڳالھ اها هئي ته اهڙي زماني ۾ سنگين ذميواري امام رضا عليه السلام جي ڪلهن تي هئي.

هي بزرگوار امام ان دؤر ۾ زندگي گذاري رهيو هيو، سٺي نموني حالات کان آگاھ هيو. امام سندرو ٻڌي هڪ انقلابي فڪر ايجاد ڪيو، زهريلي فضا ۽ خطرناڪ حالات ۾ امام اسلام جي حقيقي چهري کي محفوظ رکيو.

ان زماني ۾ هيٺيان ملڪ اسلام جي ڪٽهڙي ۾ شامل هيا، ايران، افغانستان، سنڌ، ترڪمانستان، قفقاز، ترڪي، عراق، سوريه (شام) فلسطين، عربستان، سوڊان، الجزائر، تيونس، مراڪش، اسپين، اهو طبيعي  آهي ته انهن ملڪن جي اسلام کان پهريان واري ثقافت اسلام جي مرڪز ڏانهن منتقل ٿي رهي هئي، بالخصوص مختلف ڪتابن جي ترجمي سبب ۽ مامون طرفان رٿيل مناظرن سبب ثقافتون مخلوط ٿي ويون هيون.

مناظرن مان مامون جو هدف:

بي شڪ مناظرن مان ظاهرن اهو مقصد هيو ته امام رضا عليه السلام جو مان ۽ مرتبو آشڪار ٿئي پر حقيقت ۾ مامون جا ڪهڙ ا مقصد هئا، محققن جي درميان اختلاف آهي،

هڪ ٽولو چئي ٿو ته: مناظرن جو مقصد امام جي حيثيت کي گهٽائڻ هو، اهو ٽولو دليل جي طور تي هڪ واقعو بيان ڪري ٿو.

سليمان مروزي علم ڪلام جو هڪ مشهور عالم هيو خراسان ۾ جڏهن مامون وٽ آيو ته مامون چيو ته توهان امام رضا عليه السلام سان مناظرو ڪيو. هن چيو ته مان نٿو چاهيان ته ڀري مجلس ۾ ان کي شرمندو ڪيان، ڇا ڪاڻ ته سليمان کي پنهنجي علم تي غرور هيو، مامون وراڻيو ته منهنجو به اهو ئي مقصد آهي ته هن جي حيثيت گهٽجي وڃي. (1)

ٻيو ٽولو چئي ٿو ته: مامون جو مقصد هو ته امام جي شخصيت کي فقط علمي صلاحيت تي منحصر ڪري.

ٽيون ٽولو چئي ٿو ته: سياستدان هميشھ اهو چاهيندا آهن ته اهڙا پروگرام قائم ڪن جن ۾ عام ماڻهو رُڌل هجن ته جيئن سندن حڪومت جي ڪمزوري ۽ اصلي مسئلن کان انهن جي توجھ هٽجي.

ڇوٿون ٽولو چئي ٿو ته: مامون پاڻ به علم دوست هو ان ڪري علمي مناظرا قائم ڪندو هو، بهرحال امام رضا عليه السلام جي دؤر ۾ ڪافي سارا مناظرا ٿيا. جيئن جاثليق سان مناظرو، راس الجالوت سان مناظرو، هربز اڪبر سان مناظرو ۽ عمران صابئي سان مناظرو ۽ انهن کان علاوھ ٻيا ڪيترائي مناظرا.

انهن مان هر مناظرو تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي. اڄ به باوجود ان جي جو ٻارنهن سؤ سال گذري ويا آهن ليڪن پوءِ به اهي مناظرا تمام گهڻي ثمر سان ڀريل آهن. متن ۾ مواد به اهم آهي ۽ مناظري جو فن به انوکو آهي، اسان انهن مناظرن مان عيسائين (جاثليق سان) ٿيل مناظرو بيان ڪيون ٿا.

مناظرو: محفل مشهور ۽ سياڻن ماڻهن سان ڀريل هئي ۽ امام رضا عليه السلام جو چاچو محمد بن جعفر به بني هاشم جي هڪڙي ٽولي سان گڏ ويٺل هيو، جڏهن امام عليه السلام محفل ۾ داخل ٿيو ته سندس استقبال لاءِ مامون اٿي بيٺو ته ان سان گڏ ٻيا به اٿي بيٺا. امام عليه السلام مامون سان گڏ ويٺو ليڪن ٻيا ماڻهو امام جي احترام خاطر اڃا تائين بيٺا هئا ايستائين جو انهن کي ويهڻ جو حڪم ڏنو ويو. مامون جاثليق ڏي منهن ڪري چيو ته: اي جاثليق! هي منهنجو سؤٽ علي بن موسي بن جعفر (الرضا) عليه السلام آهي، اهو نبي جي نياڻي فاطمه زهرا سلام الله عليها جي اولاد مان آهي، آئون پسند ڪيان ٿو ته ان سان مناظرو ڪر. ليڪن عدالت جي راھ کي مناظري جي دوران ترڪ نه ڪر. جاثليق چيو: اي امير مومنان! مان ان سان ڪيئن مناظرو ڪيان، هو جنهن ڪتاب مان دليل آڻيندو مان ان ڪتاب جو منڪر آهيان هو ان نبي تي ايمان رکي ٿو جنهن تي مان ايمان نٿو رکان. (2)

ان وقت امام ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ فرمايائين: اي نصراني اگر تنهنجي لاءِ تنهنجي انجيل مان دليل آڻيان ته اقرار ڪندين؟ جاثليق چيو: ڇا ٿي سگهي ٿو ته انجيل جي ڪلام جو انڪار ڪيان؟ ها خدا جو قسم ڀلي کڻي منهنجي نقصان ۾ هجي مان اعتراف ڪندم ۽ مڃيندم.

امام عليه السلام فرمايو: جيڪو به چاهين ٿو پڇ ۽ جواب ٻڌ.

جاثليق: حضرت عيسي عليه السلام ۽ ان جي ڪتاب جي باري ۾ توهان جو ڇا نظريو آهي؟ ڇا انهن ٻنهي منجهان ڪنهن شيءَ جو انڪار ڪرين ٿو؟

امام عليه السلام: آئون عيسي عليه السلام جي نبوت ۽ ان جي ڪتاب ۽ انهي شيءَ جو اعتراف ڪيان ٿو جنهن جي عيسي عليه السلام پنهنجي امت کي بشارت ڏني آهي. پر ان جي انهي نبوت جو انڪار ڪريان ٿو جنهن ۾ محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي نبوت ۽ ان جي ڪتاب جو اعتراف نه ڪيو اٿس ۽ پنهنجي امت کي ان جي بشارت نه ڏني اٿس.

جاثليق : ڇا تون اهو فيصلو ڪرڻ وقت ٻه عادل شاهد پيش ڪري سگهين ٿو؟

امام عليه السلام: جي ها.

جاثليق: بس ٻه شاهد پيش ڪر جيڪي تنهنجي مذهب جا نه هجن پر انهن منجهان هجن جن جو عيسائي انڪار نٿا ڪري سگهن. ۽ اهي اچي محمد صلي الله عليه و آله وسلم جي نبوت تي شاهدي ڏين.  ۽ اسان کان به انهيءَ موضوع تي ٻه شاهد طلب ڪر.

امام عليه السلام: اي نصراني هاڻي انصاف کان ڪم وٺڻو اٿئي، ڇا انهي شخص جي شاهدي قبول ڪندين جيڪو عادل هو ۽ حضرت عيسي وٽ انهيءَ جي وڏي منزلت هئي.

جاثليق: هي عادل مرد ڪير آهي نالو کڻ.

امام عليه السلام: يوحناي ديلمي، جي باري ۾ تنهنجو ڇا نظريو آهي؟

جاثليق: واھ واھ انهيءَ جو نالو کنيو اٿئي جيڪو حضرت عيسي عليه السلام جي نزديڪ سڀني کان وڌيڪ محبوب هو.

امام عليه السلام: توکي قسم ڏيان ٿو ڇا انجيل هن ڳالھ کي بيان ڪيو آهي ته يوحنا چيو: حضرت مسيح مونکي محمد عربي جي دين کان آگاه ڪيو ۽ مونکي بشارت ڏنائين ته مون کان پوءِ اهڙي قسم جو پيغمبر ايندو، مون پڻ حوارين کي بشارت ڏني ۽ انهن ان تي ايمان آندو.

جاثليق: ها اها ڳالھ يوحنا، مسيح کان نقل ڪئي آهي ۽ اهڙي ماڻهو جي بشارت ڏني اٿس ۽ ان جي اهل بيت ۽ وصي جي به بشارت پڻ ڏني اٿس پر اهو نه ٻڌايو اٿس ته اهو واقعو ڪهڙي زماني ۾ واقع ٿيندو ۽ انهي گروھ جا نالا به نه ٻڌايا اٿس ته جيئن اسان انهن کي سڃاڻيون.

امام عليه السلام: اگر اسان ڪنهن کي آڻيون جيڪو انجيل کي پڙهي ۽ انهن آيتن جي تلاوت ڪري جنهن ۾ محمد صلي الله عليه وآله وسلم، ان جي اهل بيت ۽ ان جي امت جو نالو آهي ، ڇا ان تي ايمان آڻيندين.؟

جاثليق: ڏاڍو سٺو. امام عليه السلام نسطاس رومي کي فرمايو ڇا انجيل مان ٽيون سفر (باب ) ياد اٿئي ؟

نسطاس: ها مون کي ياد آهي. پوءِ امام عليه السلام (يهودين جي بزرگ عالم) راس الجالوت ڏانهن منهن ڪري فرمايو: ڇا تون به انجيل کي پڙهين ٿو؟ هن وراڻيو: ها پنهنجي جان جو قسم پڙهندو آهيان. امام عليه السلام فرمايو: ٽئين سفر تي توجهه ڪر ۽ اگر ان ۾ محمد صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي اهل بيت جو ذڪر هجي ته منهنجي نفعي ۾ گواهي ڏي ۽ اگر نه هجي ته گواهي نه ڏي.

پوءِ امام ٽيون سفر پڙهيو ايستائين جو پيغمبر (اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم) جي نالي تي پهتو، اتي امام بيٺو ۽ جاثليق ڏي منهن ڪيائين ۽ فرمايائين: اي نصراني توکي مسيح ۽ ان جي امڙ جو قسم ڇا اهو مڃين ٿو ته مان انجيل کان با خبر آهيان.

جاثليق: جي ها. پوءِ امام عليه السلام پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ۽ اهل بيت عليهم السلام ۽ ان جي امت جو نالو تلاوت ڪيو ۽ پوءِ فرمايائين: اي نصراني! ڇا هي ڪلام عيسي بن مريم جو آهي؟ اگر انجيل ۾  ذڪر ٿيل ان ڳالهه جو انڪار ڪندين ته ڄڻ حضرت موسي عليه السلام ۽ حضرت عيسى عليه السلام جي ڪلام جو انڪار ڪيئي پوءِ ته ڪافر ٿي ويندين.

جاثليق: جيڪو ڪجھ انجيل ۾ منهنجي لاءِ واضح آهي انڪار نٿو ڪيان ۽ ان جو اعتراف ڪيان ٿو.

امام عليه السلام: سڀ شاهد هجو ته ان اقرار ڪيو آهي، پوءِ فرمايو: اي جاثليق جيڪو سوال چاهين ٿو پڇا ڪر.

جاثليق: عيسي بن مريم جي حوارين جي خبر ڏي اهي گهڻا ماڻهو هيا ۽ اها به خبر ڏي ته انجيل جا علماء ڪيترا هيا؟

امام عليه السلام: آگاه شخص کان سوال ڪيو اٿئي. حواري ٻارنهن ڄڻا هيا ۽ انهن مان اعلم ۽ افضل ”لوقا“ هيو، ليڪن نصارا جا عالم ٽي هيا، يوحناي اڪبر سرزمين باغ ۾، ٻيو يوحناي قرقيسام ۽ يوحناي ديلمي رجاز ۾ ، پيغمبر، اهل بيت ۽ امت جا نالا ان وٽ هيا ۽ اهو ئي يوحناي ديلمي هيو جنهن اها خوش خبري عيسى جي امت تائين پهچائي، ۽ پوءِ فرمايائين: اي نصراني! خدا جو قسم اسان ان عيسى تي ايمان آڻيون ٿا جيڪو حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم تي ايمان رکندو هيو، ليڪن فقط اسان جو هن تي هڪ اعتراض آهي ته هو روزا گهٽ رکندو هيو ۽ نماز به گهٽ پڙهندو هيو.

جاثليق هڪدم حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته خدا جو قسم پنهنجي علم کي باطل ڪري ڇڏيئي ۽ پنهنجي ڪم جي بنياد کي ضعيف ڪري ڇڏيئي جڏهن ته مون گمان پئي ڪيو ته تون سڀني مسلمانن کان وڌيڪ علم رکڻ وارو آهين.

امام عليه السلام: ليڪن ڇا ٿيو؟

جاثليق: انهيءَ خاطر جو چوين ٿو عيسي روزا ۽ نماز گهٽ انجام ٿي ڏنا. جڏهن ته حضرت عيسي هڪ ڏينهن به روزي کي افطار ڪو نه ٿي ڪيو ۽ هڪ رات به بطور ڪامل ڪو نه ٿي ستو ۽ قائم الليل ۽ صائم الدهر هو.

امام عليه السلام: ڪنهن جي لاءِ روزا ۽ نماز انجام ٿي ڏنائين؟ جاثليق جواب نٿي ڏيئي سگهيو ۽ ساڪت ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن عيسي جي بندي هجڻ جو اعتراف ٿي ڪيائين ته عيسي جي خدا هجڻ جي دعوي سان ساز گار نه هيو.

امام عليه السلام: اي نصراني توکان ٻيو سوال به ڪيان ٿو. جاثليق: انڪساري سان چيو ته اگر جواب ڏيئي سگهيم ته جواب ڏيندم. امام عليه السلام: ڇا تون انڪار ٿو ڪرين ته عيسى مردن کي خدا جي اجازت سان زندھ ڪندو هيو؟

جاثليق: انڪار ٿو ڪيان، ڇا ڪاڻ ته جيڪو مردن کي زندھ ڪندو ۽ ماڄائي انڌي کي ۽ برص جي مريض کي شفا ڏيندو اهو پروردگار آهي ۽ خدا هجڻ جي لائق آهي.

امام عليه السلام: حضرت اليسع پڻ اهي ڪم ڪندو هيو ۽ پاڻي جي مٿان هلندو هيو، مردن کي زندھ ڪندو هيو ۽ نابينا ۽ برص جي مريض کي شفا ڏيندو هيو ليڪن ان جي امت ان جي الله هجڻ جي دعوا نه ڪئي ۽ ڪنهن به ان جي عبادت نه ڪئي، حزقيل پيغمبر پڻ اهي ڪم ڪيا ۽ مردن کي زندھ ڪيو، پوءِ امام راس الجالوت جي طرف منهن ڪري فرمايو: اي راس الجالوت، ڇا انهي ڳالھ کي تورات ۾ ڏٺو اٿئي ته بخت نصر بني اسرائيل جي قيدين کي بيت المقدس تي حملي وقت بابل وٺي آيو ته خدا تعالي حزقيل عليه السلام کي انهن جي طرف موڪليو ته حزقيل انهن جي مردن کي زندھ ڪيو، هي حقيقت توريت ۾ ذڪر ٿيل آهي سواءِ منڪر جي ڪوبه انڪار ڪونه ڪندو.

راس الجالوت چيو: اسان ان کي ٻڌو آهي ۽ ڄاڻيون ٿا.

امام عليه السلام: سچ ٿو چئين اي يهودي توريت جي هن سفر کي وٺ ۽ امام پاڻ توريت کي پڙهڻ شروع ڪيو، يهودي ڪنبي ويو ۽ حيران ٿي ويو، پوءِ امام عليه السلام نصراني ڏي منهن ڪري پيغمبر اڪرم جا معجزا ٻڌايا. پاڻ سڳورن جي هٿان ڪجھ مردن کي زندھ ڪرڻ ۽ ڪجھ لاعلاج ماڻهن جي شفا کي ذڪر ڪيو ۽ پوءِ فرمايو انهن سڀني معجزن جي باوجود اسان ان کي الله ڪونه سڏيو، حضرت ابراهيم عليه السلام پرندن کي پڪڙي ڪري ذبح ڪيو ۽ انهن کي جبلن تي ڇڏي آيو ۽ پوءِ انهن کي سڏيائين ته سڀ زندھ ٿي ڪري ان وٽ ويا، حضرت موسى عليه السلام پڻ طور جبل تي 70 ماڻهن کي زندھ ڪيو، تون هر گز انهيءَ جو انڪار نٿو ڪري سگهين. ڇاڪاڻ ته توريت، انجيل ۽ قرآن ۾ ان جو ذڪر آيو آهي. پوءِ ڇا اسان انهن سڀني کي پنهنجو خدا مڃيون؟

جاثليق خاموش ٿي ويو ۽ چيائين: بيشڪ تنهنجي ڳالھ صحيح آهي الله تعالي ”وحده لا شريڪ“ کان سواءِ  ٻيو ڪو به معبود نه آهي، وچ ۾ امام هن کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ آخر ۾ امام ان کان سوال ڪيو ته اصل انجيل هينئر توهان کان موڪلائي ويو آهي ۽ ان کان بعد (موجودھ) انجيل چئن ماڻهن ”مرقس، لوقا، يوحنا ۽ متي“ لکيو آهي

جاثليق مڪمل طور تي هيسائجي ويو هيو ۽ ڀڄڻ جو ڪو به گس نه هيس. انهي ڪري امام جڏهن ان کان ٻيا سوال پڇڻ جو چيو ته وراڻيائين هاڻي مون کان سواءِ ٻيو ڪو شخص سوال ڪري، خدا جو قسم مون گمان ڪونه ٿي ڪيو ته مسلمانن ۾ ڪو توهان جهڙو هوندو. (3)

نتيجو:

امام عليه السلام انهيءَ مناظري ۾ جاثليق کي شڪست ڏني ۽ انهن جي نظريات کي باطل ڪيو ۽ اسلام جي حقيقت کي واضح ڪيو، مامون جي گمان جي ابتڙ امام عليه السلام جي شهرت ۾ اضافو ٿيو ۽ دربار جا سڀ ماڻهو امام عليه السلام جي اعلم هجڻ کي تسليم ڪرڻ لڳا، هميشه ايئن ٿيو آهي ته اسلام تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته اهل بيت ۽ آئمه معصومين جي ڪنهن هڪ فرد ان مشڪل کي هٽايو آهي. پوءِ پنجويھ سال خاموش رهڻ جي صورت ۾ هجي يا معاويه سان صلح ڪرڻ جي صورت ۾ يا ڪربلا ۾ شهيد ٿيڻ جي صورت ۾ يا علم ڦهلائڻ جي صورت ۾ يا مناظري جي صورت ۾ يا ڊگهو وقت غيبت ۾ گذاري بالآخر دنيا ۾ عدل قائم ڪرڻ جي صورت ۾ هجي

حوالا

1. عيون الاخبار الرضا (ع) ج 1 ص 179.

  1. سيره پيشوايان ص 544

3. مجموعه آثار ڪنگر جهاني حضرت رضا عليه السلام سال 1366 شمسي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found