ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

امام حسين عليه السلام جي قيام جا اخلاقي ۽ تربيتي آثار

 

تحرير: مولانا ساجد علي سبحاني

دنيا ۾اڀرڻ واريون تمام تحريڪون ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ وجود ۾ اينديون آهن. جنهن تحريڪ جو مقصد جيترو بلند هوندو ان تحريڪ کي تاريخ جي ورقن ۾ اوتري ئي مقبوليت ملندي ۽ سٺي لفظن ۾ ياد رکي ويندي. انجي مقابلي ۾ اگر ڪنهن تحريڪ جو مقصد فتنو ۽ فساد هجي ته ان تحريڪ جي تاريخ ڪارن ڌٻن کانسواءِ ڪجهه به ناهي.

 ڪنهن به تحريڪ جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ ان تحريڪ جي مقصدن جو ڄاڻڻ ضروري آهي. عظيم مقصد رکڻ واريون تحريڪون ئي عظيم هونديون آهن. هتي هڪ تمام اهم نقطو ذهن ۾ رهي ته عظيم مقصد عظيم قربانيون به گهرندا آهن، جيترو مقصد وڏو هوندو ان جي حاصل ڪرڻ لاءِ به ايتري ئي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ايتريون ئي گهڻيون قربانيون به ڏيڻيون پونديون.

امام حسين عليه السلام به ان ڳالهه کان باخبر هئا ته هن راه ۾ کيس پنهنجا جانثار ساٿي ۽ پنهنجي اهل بيت جي قرباني به ڏيڻي پوندي، ليڪن امام عليه السلام کي هي به معلوم هو ته اگر يزيد ۽ يزيدي فڪر جو خاتمو نه ٿيو ته اهي اچڻ واري تاريخ ۾ دنيا اڳيان دين اسلام جو هڪ اهڙو منفور ۽ بدنما چهرو يعني حق کي باطل ۽ باطل کي حق بڻائي ڪري دنيا جي اڳيان پيش ڪندا. لهذا امام حسين عليه السلام کي اسلام جي بقا ۽ حيات جي لاءِ منظور هو ته امام ۽ سندس جانثار ساٿي راه خدا ۾ قربان ٿي وڃن ۽ سندس اهل بيت قيدي ٿي ڪري درٻارن ۾ ڦيرايا وڃن.

قيام جو پيغام

امام حسين عليه السلام جي قيام ۾ عقيدتي، اخلاقي، عرفاني، سياسي، تربيتي ، تاريخي پيغام ۽ بي شمار سبق آهن. لهذا امام حسين عليه السلام جي قيام جي سببن کي فقط اموي حڪمرانن جي جفاڪاري سان مقابلي ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. اسان کي گهرجي ته اسان قيام امام حسين عليه السلام کان حاصل ٿيندڙ سبق کي غور سان سمجهون، جڏهن ته انساني زندگي جو هر ساهه ۽ هر لمحو به قيام امام عليه السلام جي ماهيت ۽ حقيقت کي سمجهڻ جي لاءِ وقف ڪيو وڃي پوءِ به گهٽ آهي.

امام حسين عليه السلام جي قيام جا اخلاقي آثار

ڪربلا جو حادثو، امام حسين عليه السلام ۽ سندس خاندان جا سخن ۽ اهي احساسات ۽ اخلاق جيڪي عاشورا جي موجدن ڏيکاريا، اجتماعي روين ۾ پنهنجي اصلاح ڪرڻ يا اخلاق سکڻ جو بهترين ذريعو آهن. صبر، ايثار، جوانمردي، وفا، عزت، دليري، تعلقات کان آزادي، توڪل، خدا جي ڳولا، همدردي، بزرگي وغيره عاشورا جا اخلاقي پيغام آهن.

هن زنده ۽ جاويد واقعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اخلاقي جلوا ڏسي سگهجن ٿا. اسان هتي ڪجهه جي مختصر وضاحت ڪريون ٿا.

  1. صبر:

امام حسين عليه السلام ۽ سندس اصحاب صبر ۽ تحمل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. امام عليه السلام هميشه پنهنجي اصحاب ۽ اقرباءَ کي صبر جي تلقين ڪندي نظر اچن ٿا : صبر ۽ مقاومت کان ڪم وٺو اي عظمت وارن جي اولاد. ڇو جو موت اوهان کي غم ۽ سختي کان بچائي، ڪشادي  جنت ۽ هميشه رهڻ واري نعمتن تائين پهچائيندي آهي.[1] ڪربلا جي ميدان ۾ اسان کي هڪ ٻي شخصيت نظر اچي ٿي جنهن صبر جو اهڙو مظاهرو ڪيو جو تاريخ ۾ ان جي مثال نٿي ملي انهي سببان ان جو نالو ام المصائب پئجي ويو. حضرت زينب سلام الله اها هستي آهي جنهن پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي ڀاءُ ۽ پٽن کي شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ شهادت کان پوءِ خيمن کي جلايو ويو پوءِ به صبر ڪيائين ، سرن تان چادر لاٿي وئي پوءِ به صبر ڪيائين  ۽ جڏهن حضرت امام حسين عليه السلام کي ان حالت ۾ ڏٺن جو سر ڪٽيل هيس ۽ ظلم و ستم جي انتها  ٿي وئي هئي ان وقت پالڻهار سان مخاطب ٿيندي فرمايائون: اللهم تقبل منا هذا القربان اي پالڻهار اسان جي هي قرباني پنهنجي بارگاه ۾ قبول فرما.

  1. توڪل:

امام حسين عليه السلام جي ڪلمات، افعال ۽ ڪردار مان واضح ٿئي ٿو ته ڪهڙي نموني الله سائين تي توڪل ڪندا هئا. امام عليه السلام  جڏهن مديني کان سفر جو آغاز ڪيو تڏهن به الله سائين تي ئي توڪل ڪندي ۽ جيترو به رستو طئي ڪيو خدا تي توڪل جي سبب ئي طئي ڪيو. امام عليه السلام مڪي کان نڪرندي  ارشاد فرمائن ٿا:

فمن کان باذلا فينا مهجته موطنا علي لقاءَ الله نفسه فليرحل معنا فاني راحل مصبحا ان شاءَ الله

جيڪو به اسان جي راه ۾ پنهنجو خون وهائڻ چاهي ٿو ۽ خدا سان ملاقات جو مشتاق آهي اهو اسان سان گڏ هلي، مان سڀاڻي سفر لاءِ نڪري رهيو آهيان.[2]

  1. دليري:

امام عليه السلام ۽ سندس اصحاب دليري جي ميدان ۾ هر هڪ انسان لاءِ نمونو آهن. امام عليه السلام ۽ سندس اصحاب جيئان ڪنهن به دليري جو مظاهرو ناهي ڪيو. هر هڪ صحابي کي معلوم هو ته جيڪڏهن امام عليه السلام سان گڏ رهياسين ته زنده نه رهنداسين جڏهن ته امام عليه السلام به انهن کي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي ان جي باوجود به امام عليه السلام کي ڪنهن به اڪيلو نه ڇڏيو ڇو جو امام عليه السلام جي اصحاب ۾ شهادت لاءِ عشق جو جذبو هو.

  1. وفاداري:

ڪربلا جي جنگ وفاداري سان ڀريل نظر اچي ٿي. هر جاءِ تي وفا جي هڪ تصوير نظر اچي ٿي. انهيءَ وفاداري کي ڏسندي امام عليه السلام جن فرمائن ٿا:

فاني لا اعلم اصحابا اوفي و لا خيرا من اصحابي

مان پنهنجن اصحابن کان وڌيڪ باوفا ۽ ڀلا صحابي نه ڏٺا.[3]

خصوصا حضرت عباس عليه السلام جي وفا مشهور آهي. انهن اهڙي ريت وفا ڪئي جو اڄ به وفا جو نالو ٻڌڻ سان ئي حضرت عباس عليه السلام ذهن ۾ اچن ٿا.

  1. خدا جي ڳولا:

امام عليه السلام ۽ سندس اصحاب هميشه خدا جي عشق ۾ سرشار نظر اچن ٿا. اهڙي ريت جو انهن کي موت کان خوف آهي ۽ نه وري جنگ کان ڊڄ. بلڪه اهي موت کي خدا سان ملاقات جو هڪ وسيلو سمجهن ٿا. خدا سان محبت جي ڪري ئي امام عليه السلام هڪ رات جي مهلت طلب ڪئي تاڪه خدا جي حضور وڌ کان وڌ مناجات ڪري سگهن.

قيام جا تربيتي آثار

  1. خدا تي ايمان:

امام حسين عليه السلام اسان کي توحيد ۽ ايمان جي تعليم ڏيندي نظر اچن ٿا. انهي توحيد ۾ خداوند جون ٻيون تمام وصفون پوشيده آهن. امام عليه السلام مڪي ۾ هي دعا گهرندي نظر اچن ٿا ته: اي منهنجا پالڻهار، مان اميري جي حالت ۾ به تنهنجو محتاج آهيان پوءِ ڪهڙي طرح فقيري جي حالت ۾ تنهنجو محتاج نه ٿيان! دانائي جي حالت ۾ به نادان آهيان پوءِ ڪهڙي طرح ناداني جي حالت ۾ نادان نه رهان! اي پالڻهار جنهن جون نيڪيون ۽ خوبيون به بريون هجن پوءِ ڪهڙي طرح ان جون برايون بريون نه هجن! جنهن جي حقيقت بري هجي انجا دعوا ڪهڙي طرح باطل نه هجن! [4]

  1. بدعت جو خاتمو:

جڏهن دين ۾ بدعت جو رواج پئجي وڃي ۽ دين جو چهرو مسخ ٿي وڃي ته صاحبان علم جو وظيفو بڻجي ٿو ته اهي بدعت جي خاتمي لاءِ قيام ڪن. امام حسين عليه السلام جن حر جي لشڪر سان مخاطب ٿيندي فرمايو: اي انسانو! پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آهي ته جڏهن ڪو شخص ڪنهن ظالم ۽ جابر کي ڏسي ته هو خدا جي حلال کي حرام ۽ خدا جي حرام کي حلال ڪندو هجي، بيت المال کي پنهنجي ذاتي مقصدن ۾ استعمال ڪندو هجي، خدا جي قانون ۾ تبديلي ڪندو هجي، ۽ اهو شخص پوءِ به خاموش ويٺو رهي ته خدا کي هي حق آهي ته کيس ان ظالم جو ساٿي قرار ڏئي. ان کان پوءِ امام عليه السلام فرمائن ٿا: هي قوم (بني اميه) جيڪا اڄ حڪومت ڪري رهي آهي اهڙي طرح خدا جي حلال کي حرام ۽ خدا جي حرام کي حلال بڻائي رهي آهي، بيت المال کي پنهنجي ذاتي مقصدن ۾ خرچ ڪري رهي آهي. آخر ۾ امام عليه السلام فرمائن ٿا:

 انا احق من غير لقربتي من رسول الله“

مان پنهنجي نانا جي فرمان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ ٻين کان وڌيڪ حقدار آهيان.[5]

  1. امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر:

اسلام جو هڪ بنيادي رڪن آهي. امام عليه السلام جي قيام جو هڪ بنيادي مقصد امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هو. جنهن جي طرف امام عليه السلام مديني کان نڪرڻ وقت به توجه مبذول ڪرائيندي فرمائن ٿا: منهنجو ارادو هي آهي ته امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪيان.[6]

  1. نفس سان جنگ:

ڪربلا جي جنگ دشمنن سان وڙهڻ جي جنگ هئي. هن جنگ ۾ ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ته پهريان پنهنجي نفس سان جهاد ڪري نفس کي شڪست ڏجي جنهن کي  پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جهاد اڪبر جو نالو ڏنو آهي. جيسيتائين پنهنجي نفس تي ڪاميابي حاصل نه ٿيندي دشمنن تي فتح ۽ ڪاميابي حاصل نه ٿيندي ڇو جو جيڪڏهن نفس جي تزڪيه جي بغير انسان ميدان ۾ لهندو ته ڪنهن به وقت ان کي شڪست جو سامنو ٿي سگهي ٿو. ڇو جو ڪجهه مرحله اهڙا ايندا آهن جتي نفس کي مات ڏيڻ وسيلي دشمن کي مات ڏئي سگهجي ٿي. ڪربلا جي جنگ ۾ اسان کي امام عليه السلام ۽ سندس اصحاب جي اها سيرت ملي ٿي جيڪا نفس سان جنگ ڪرڻ جي بهترين مثال آهي.

  1. تسليم ۽ رضا:

امام عليه السلام پنهنجي سڀني ڪمن ۾ اسان کي تسليم ۽ رضا جو سبق ڏين ٿا. امام عليه السلام جي فرامين منجهان اهيو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ جيڪو ڪجهه انجام ڏيندا آهن، الله سائين جي راضپي خاطر انجام ڏيندا آهن.

امام عليه السلام پنهنجي آخري دعا ۾ فرمائن ٿا: پالڻهار! تنهنجي قضا تي صبر ڪريان ٿو، توکانسواءِ ڪوئي خدا ڪونهي، اي فرياد ڪرڻ وارن جي فرياد ٻڌڻ وارا، توکانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. تنهنجي حڪم تي صبر ڪريان ٿو.[7]

حوالا

[1] : بحارالانوار، ج44 ص 297

[2] : بحار الانوار، ج44 ص 367. حماسه حسيني ج1، ص 256

[3] : الارشاد ج2 ص 91

[4] :مفاتيح الجنان ، دعاءِ عرفه

[5] : بحار الانوار، ج44 ص 382، حماسه حسيني ج1 ص 271

[6] : حماسه حسيني ج1 ص 207

[7] : ڪلمات امام حسين ص 510

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found