سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

چهلم ۾ امام حسين عليه السلام جي پنڌ زيارت جو فلسفو

تحرير: غلام قاسم تسنيمي

مهاڳ

امام حسين عليه السلام جي چهلم جي موقعي تي پوري دنيا جا لکين زوار  پوري عراق، خاص طور تي نجف اشرف کان تقريبا 90 ڪيلوميٽر جو پنڌ ڪري سندس زيارت ڪرڻ ايندا آهن. عشق جي ان سفر، سردي ۽ گرمي جي پرواھ نه ڪندي پيرين پنڌ نڪتل زوارن جي عقيدت، عراقي قوم جي مولا جي زوارن جي خدمت لاءِ ڪيل جاکوڙ ۽ ايثار کي اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا جيڪي پنهنجي اکين سان ان معنوي منزل ۽ عاشقن جي انهن قافلن کي مشاهدو ڪري آيا هجن. جي هاءُ! محبت، عقيدت، عشق ۽ عرفان جي اهڙي معنوي اجتماع جي ڪائنات ۾ نه ڪا مثال آهي ۽ نه ڪو ثاني. نه ئي اهڙا لفظ آهن جيڪي ان عقيدت ڀرئي ماحول جي ترجماني ۽ عڪاسي ڪري سگهن. انهن ڪروڙن زوارن ۾ نه ڪو بکيو ٿو رهي ۽ نه پياسو، ڪير به پاڻ کي اجنبي ۽ بيگانو محسوس نه ٿو ڪري، اسلامي وحدت، اخوت ۽ ڀائپي جو اهڙو ميڙاڪو هن نيري آسمان جي ڇٿ هيٺان ڪٿي به نظر نه ٿو اچي.

بهرحال ان حوالي سان ڪڏهن ڪجھ سوال ڪيا وڃن ٿا ته چهلم رڳو امام حسين عليه السلام جو ڇو ڪيو ٿو وڃي؟ جڏهن ته ٻيون به ڪيتريون ئي عظيم هستيون گذريون آهن خاص طور رسول ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم مولا امير المومنين عليه السلام ، سائڻ زهراسلام الله عليها، يا ٻيا انبياءُ عليهم السلام خاص طور تي حضرت ابراهيم عليه السلام وغيرھ.  ٻيو ته اهڙي نموني رڳو ڪربلا ۽ امام حسين عليه السلام وٽ ئي ڇو برگزار ٿو ٿئي؟ ان ڏس ۾ اسان پهريان انگ چاليھ جي اهميت، مولا حسين عليه السلام جي زيارت جي فضيلت ۽ آخر ۾ وري خاص پنڌ زيارت جي اهميت بابت مختصر وضاحت ڪنداسين.

انگ چاليھ جي اهميت

انگن ۽ عددن جو به پنهنجو ئي فلسفو ۽ اثر آهي، جيڪڏهن ڪٿي شرط ڪيل انگ يا عدد کي پورو نه ڪيو وڃي ته ان سان لاڳاپيل شي تائين دسترسي نه ٿي سگهندي. انگن مان به چاليھ جي پنهنجي ئي اهميت آهي. خود قرآن مجيد ۾ الله سائين چاليھ راتين جي اهميت حضرت موسى عليه السلام جي داستان ۾ بيان ڪئي آهي، ارشاد ٿئي ٿو ته:

(وَوَاعَدْنَا مُوسَى ثَلاثِينَ لَيْلَةً وَأَتْمَمْنَاهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِيقَاتُ رَبِّهِ أَرْبَعِينَ لَيْلَةً )(1)

۽ موسى کي ٽيهن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انهي کي (ٻين) ڏهن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻهار جو انجام چاليهن راتين جو پورو ٿيو!

بهرحال سنئون سڌو چاليھ نه چوڻ بلڪ پهريان ٽيھن راتين جو واعدو ڏئي ڪري، پوءِ ڏھ راتيون وڌائي چاليھ تائين پهچائڻ ۾ ضرور ڪو راز آهي، جنهن جي گهرائي تائين پهچڻ جي لاءِ علمي جاکوڙ ۽ عرفاني نظر جي ضرورت آهي. خود ان داستان مان ئي ايترو ته پتو ضرور پوي ٿو ته چاليھ ۾ ڪا ته حڪمت آهي.

حديثن ۾ ته اهو انگ تمام گهڻو ذڪر ٿيو آهي، ۽ ڪيترن ئي عملن ۽ شين لاءِ چاليھ جي قيد رکي وئي آهي، چاليھ جا ڪيترائي فائدا ۽ اثر بيان ڪيا ويا آهن. جهڙوڪ چاليھ حديثن کي ياد ڪرڻ جي اهميت، چاليھ مومنن جو ملي ڪري ڪنهن مرحوم جي لاءِ دعا ڪرڻ، نماز تهجد جي وتر واري رڪعت جي قنوت ۾ چاليھ مومنن جي لاءِ دعا ڪرڻ، چاليھ ڏينهن گوشت کائڻ کي ترڪ نه ڪرڻ جو تاڪيد، چاليھ ڏينهن خلوص سان عمل ڪرڻ جي فضيلت، چاليھ ڏينهن دعاءِ عهد جي تلاوت ڪرڻ جي اهميت، امام زمانه عج جي زيارت ۽ ديدار لاءِ چاليھ اربع جي راتين ۾ عبادت ڪري ساڻن توسل ڪرڻ، ڪيترن ئي نبين جو چاليھ سالن جي عمر ۾ نبوت تي مبعوث ٿيڻ، چاليھ سال جي عمر ۾ عقلِ انساني جو ڪامل ٿيڻ وغيرھ. اهي سڀ مطالب ۽ مضمون ان انگ ۽ عدد جي اهميت ۽ فضيلت کي بيان ڪن ٿا.

اختصار کي نظر ۾ رکندي انهن مان رڳو ٻن جي ٿورڙي وضاحت ڪريون ٿا.

چاليھ ڏينهن جي خلوص جو اثر

امام رضا عليه السلام ، رسول ڪائنات صلي الله عليه وآله وسلم کان نقل ڪيو آهي ته پاڻ ڪريم ص جن فرمايو: جيڪو به ٻانهو الله سائين لاءِ چاليھ ڏينهن عمل کي خالص ڪندو ته حڪمت جا چشما ان جي دل مان سندس زبان تي جاري ٿيندا. (2)

اها حڪمت جنهن جي لاءِ قرآن مجيد ارشاد فرمايو آهي ته:

 ( يُؤْتِي الحِكْمَةَ مَن يَشَاءُ وَمَن يُؤْتَ الحِكْمَةَ فَقَدْ أُوتِيَ خَيْراً كَثِيراً ) (3)

جنهن کي گهرندو آهي تنهن کي حڪمت عطا ڪندو آهي، ۽ جنهن کي حڪمت ڏني وئي تنهن کي بيشڪ گهڻي چڱائي ڏني وئي.

دعا ۾ انگ چاليھ جو اثر

دعا مومن جو هٿيار آهي، دنيا ۾ جڏهن سڀ ڪو ساٿ ڇڏي وڃي، ڪٿان ڪو سڻائي جو رستو نه ملي، سڀ رستا بند ٿي وڃن ته اتي دعا ئي آهي جيڪا انسان کي مايوسي جي اونداهي مان ڪڍي اميد جي روشني ڏانهن آڻي ٿي، ۽ انسان کي رب جي رحمت جو اميدوار بڻائي ٿي. بهرحال ان دعا ۾ به چاليھ جو پنهنجو مقام آهي.

امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته: جيڪڏهن چاليھ مومن گڏجي ڪري ڪا دعا گهرن ته کين يقين رکڻ گهرجي ته سندن دعا ضرور قبول ٿيندي. جيڪڏهن چاليھ مومن نه هجن ته چار مومن به هڪ ئي دعا کي ڏھ ڏھ ڀيرا پڙهن ته به سندن دعا قبول ٿيندي. جيڪڏهن ٻيو ڪو به نه هجي ته هڪ ئي مومن هڪ دعا کي چاليھ ڀيرا پڙهي ته عزيز ۽ جبار رب ان دعا کي قبول فرمائيندو. (4)

امام حسين عليه السلام جي زيارت جي فضيلت

ڪنهن به شخصيت جي زيارت جو مطلب اهو ئي هوندو آهي ته زيارت ڪرڻ وارو، جنهن جي زيارت ڪري ٿو، کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿو، پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، سندس ٿورا لاهڻ يا ڳائڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن عام زيارت ۽ ديدار ۾ ائين آهي ته پوءِ ڀلا جنهن مولا پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪيو ته جيئن انسانن تائين هدايت جو پيغام پهچي، ماڻهو شيطان ملعون جي پرستش کان نڪري رحمان جي عبادت ڪن، دوزخي ٿيڻ بدران جنت جا حقدار ٿين، خلاصو هي ته پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪري انسانيت جو مانءُ مٿاهون ڪيو، انساني اعلى معنوي اقدار جي حفاظت ڪئي ته پوءِ يقينن اهڙي شخصيت جي زيارت جي پنهنجي ئي فضيلت هوندي، ان جو انداز ئي ٻين کان الڳ هوندو.

هر امام جا پنهنجي مڃڻ وارن تي ڪجھ حق هوندا آهن، انهن مان هڪ هي آهي ته سندن شهادت کان پوءِ سندن مزارن جي زيارت ڪجي؛ ڇو جو انهن جي حيات ۽ حيات جي بعد واري زماني ۾ ڪو فرق نه آهي. ان حقيقت کي مولا امام رضا عليه السلام انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

( إنّ لِكُلِّ إمامٍ عَهدا في عُنُقِ أوليائهِ و شِيعَتِهِ ، و إنّ مِن تَمامِ الوَفاءِ بالعَهدِ و حُسنِ الأداءِ زيارَةَ قُبُورِهِم ، فَمَن زارَهُم رَغبَةً في زيارَتِهِم و تَصدِيقا بما رَغِبُوا فيهِ كانَ أئمَّتُهُم شُفَعاءَهُم يَومَ القِيامَةِ )(5)

هر امام جي پنهنجي مڃڻ وارن ۽ شيعن جي گردن تي هڪ ذميواري ۽ عهد هوندو آهي، ان کي سهڻي نموني ادا ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو هي آهي ته سندن قبرن جي زيارت ڪئي وڃي، جيڪو به سندن آندل حڪمن ۾ ترغيب ڪندي شوق ۽ عقيدت سان سندن زيارت ڪندو ته سندس امام قيامت ڏينهن شفاعت ڪندا.

مولا عليه السلام جي زيارت جي فضيلت ۽ آثار بابت امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته: جيڪو به حسين عليه السلام جي زيارت ڪندو، سندن حق جي معرفت رکندي ۽ سندن امامت جو اقرار ڪندي ته الله سائين ان جا پويان ۽ اڳيان گناھ معاف ڪندو. (6)

چهلم تي امام حسين عليه السلام جي زيارت جي فضيلت

هونئن ته پورو سال، هر مهيني ۽ هر ڏينهن ۾ مولا حسين عليه السلام جي زيارت جي تمام گهڻي تاڪيد ڪئي وئي آهي، پر خاص طور تي چهلم جي زيارت کي مومن جي نشاني ڄاڻايو ويو آهي. ان بابت امام حسن عسڪري عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا ته:

مومن جون پنج نشانيون آهن، ڏينهن رات ۾ 51 رڪعت نماز پڙهڻ، چهلم تي مولا حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ، ساڄي هٿ ۾ منڊي پائڻ، خاڪ ۽ مٽي تي سجدو ڪرڻ، نماز ۾ بلند آواز سان بسم الله الرحمن الرحيم پڙهڻ. (7)

هن روايت ۾ مومن جي هڪ نشاني چهلم جي زيارت ٻڌائي وئي آهي.

شايد ان جو هڪ سبب اهو هجي جيڪو شيخ الطائفه شيخ طوسي عليه الرحمة ڄاڻايو آهي. سائين جن لکن ٿا ته: چهلم اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن اهلبيت جا اسير شام کان مديني موٽي آيا، ۽ هي ئي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي رسول خدا جو صحابي جابر بن عبد الله انصاري مديني کان ڪربلا آيو جيئن مولا حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪري سگهي، هو مولا حسين عليه السلام جو پهريون زوار آهي. ان ڏينهن تي مولا حسين عليه السلام جي زيارت مستحب آهي، اها زيارت اربعين آهي. آخر ۾ لکن ٿا ته زيارت جو وقت سج مٿي اچڻ مهل آهي. (8)

جيتوڻيڪ شيخ طوسي اربعين واري ڏينهن اسيرن جي مديني پهچڻ جي ڳالھ ڪئي آهي، پر لهوف ۽ مثير الاحزان جي صاحبن اها تصريح ڪئي آهي ته چهلم واري ڏينهن ئي اسيرن جو قافلو شام کان ڪربلا پهتو. ان ڏس ۾ جابر بن عبد الله انصاري ۽ اهلبيت جي اسيرن گڏ ئي مولا حسين عليه السلام جي چهلم تي زيارت ڪئي آهي.

چهلم جي اهميت ۽ عظمت شايد ان روايت مان به واضح ٿي سگهي جنهن ۾ امام جعفر صادق عليه السلام ارشاد فرمائن ٿا ته: اي زراره! آسمان چاليھ ڏينهن  مولا حسين عليه السلام تي رت رنو، زمين چاليھ ڏينهن مولا حسين عليه السلام تي ڪاراڻ سان گريو ڪيو، سج چاليھ ڏينهن مولا حسين عليه السلام تي گرهڻ ۽ ڳاڙهاڻ وسيلي گريو ڪيو، ملائڪن به چاليھ ڏينهن مولا حسين عليه السلام تي عزاداري ڪئي. (9)

زيارت جي ثواب لاءِ ويجهو ۽ پري جو فرق نه آهي

ان عنوان لاءِ رڳو هڪ روايت جو ذڪر ڪريون ٿا، حسين بن ثوري جو چوڻ آهي ته مان ۽ يونس بن ظبيان امام جعفر صادق عليه السلام وٽ هئاسين، هو مولا سان وڌيڪ مانوس هوندو هو، مولا کي عرض ڪيائين ته مان امام حسين عليه السلام کي تمام گهڻو ياد ڪندو آهيان، پوءِ ان وقت مون کي ڇا چوڻ گهرجي؟ مولا فرمايو ته: ائين چوندو ڪر:

صَلَّى اللَّهُ عَلَيکَ يَا أَبَا عَبْدِ اللَّه،

ائين ٽي ڀيرا چوندو ڪر! ڇو جو سلام وٽس پهچندا آهن ويجهي کان هجن يا پري کان هجن. (10)

پنڌ زيارت جي فضيلت

اڄڪلھ جي ترقي يافته دور ۾ ڪجھ روشن فڪر مولا حسين عليه السلام جي پنڌ زيارت ڪرڻ بابت اعتراض ڪن ٿا، چون ٿا ته سوارين جي هوندي پاڻ کي ٿڪائڻ ۽ بي حال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ انهن کي اها خبر نه آهي ته پنڌ جو ثواب وڌيڪ آهي، ان سان عشق، محبت ۽ الفت جي خبر پوي ٿي. هڪ اهڙو معنوي ۽ ايثار ڀريو ماحول بڻجي ٿو جو ماڻهو پوري زندگي ان کي وساري نٿو سگهي. هاءُ! ائين ئي آهي جيڪو به اربعين جي سفر ۾ پنڌ زيارت ڪندو، هو سموري زندگي ان سفر کي ياد ڪندو رهندو.

ان حوالي سان به رڳو هڪ ئي روايت ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

مولا امام جعفر صادق عليه السلام ، حسين بن ثوير کي فرمايو: اي حسين! جيڪو به پنهنجي گهر کان امام حسين عليه السلام جي زيارت جي نيت سان نڪتو، جيڪڏهن پنڌ هوندو ته سندس هر وک جي بدران ان لاءِ هڪ نيڪي لکي ويندي، هڪ گناھ معاف ڪيو ويندو ... ايستائين جو حرم جي دروازي تائين پهچي، پوءِ الله سائين سندس نالو ڪاميابي ۽ نجات ماڻن وارن ۾ لکندو.(11)

دعا آهي ته الله سائين اسان سڀني کي چهلم جي موقعي تي امام حسين عليه السلام جي معرفت سان زيارت نصيب فرمائي.

حوالا

1. سورت اعراف، آيت142

  1. عيون اخبار الرضا عليه السلام، ج 1، ص 74، ح 321 .
  2. سورت بقره، آيت 269
  3. الکافي، ج 2، ص 487

5. عيون اخبار الرضا، ج2، ص260

6. ڪافي، ج4، ص582

7. وسائل الشيعه، ج 10 ص 373 ۽ التهذيب، ج 6 ص 52

8. مصباح المتهجد، ص 787

9. مستدرک الوسائل، ج 10، ص 314

  1. وسائل الشيعه/ج14/ص493

11. بحارالانوار، ج 97، ص 280

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found