سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

اربعين جي فضيلت

تحرير: سيد اياز علي شاه

اربعين لغت ۾: چهلم کي چوندا آهن

اصطلاح ۾: 20 ويھ صفر سال 61 هجري قمري ۾ٿيندڙ واقعه ڪربلا ۽ امام حسين عليه السلام جي شهادت جي چاليھين ڏينهن کي چوندا آهن.

مشهور آهي ته اسيران ڪربلا 20 ويھ صفر سال 61 هجري قيد کان رها ٿيا ۽ شام کان ڪربلا سيد الشهداءِ جي زيارت لاءِ ويا. اهڙي طرح هن ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو صحابي حضرت جابر بن عبدالله انصاري به زيارت سيد الشهداءِ لاءِ ڪربلا ويو (الملهوف)

جابر بن عبدالله انصاري

جابر بن عبدالله انصاري، امام حسين عليه السلام جو پهريون زوار مشهور آهي(1)

اسيران ڪربلا جي رهائي

ڪجھ علما جي مڃتا آهي ته اسيران ڪربلا رهائي کان بعد شام کان ڪربلا ويا ۽ اربعين جي ڏينهن ڪربلا پهتا، هي نظريو سيد ابن طاووس پنهنجي ڪتاب لهوف ۾ اختيار ڪيو آهي.

ڪجھ علماء معتقد آهن ته شام کان ڪربلا تائين مسافت تمام گهڻي آهي جيڪا چاليھ ڏينهن ۾ طئي نٿي ڪري سگھجي، هن نظرئي جا قائل محدث نوري ۽ شيخ عباس قمي آهن، ۽ ڪجھ چون ٿا ته اسيران ڪربلا صفر جي آخر يا ربيع الاول جي ابتداء ۾ ڪربلا پهتا، ڪجھ چون ٿا ته اربعين تي ڪربلا پهتا پر ان سال نه بلڪ ٻئي سال. (2)

قاضي طباطبائي جي قول مطابق اسيران ڪربلا 61 هجري جي ويھ صفر تي ڪربلا پهتا ۽ اهو ممڪن آهي، سيد ان حوالي سان تمام سهڻي تحقيق پيش ڪئي آهي ۽ مخالفين جي اعتراضن جا جواب به چڱي نموني ڏنا آهن.

سوال: امام حسين عليه السلام جي چهلم جي ايتري اهميت ڇو آهي؟

جواب: 1. امام حسن عسڪري عليه السلام کان روايت آهي ته مومن جون پنج نشانيون آهن انهن منجھان هڪ اربعين جي زيارت آهي.

2. اسيران ڪربلا جو اربعين جي ڏينهن زيارت امام حسين عليه السلام ۾ پهچڻ.

3. پهرئين زوار جابر بن عبدالله انصاري ۽ عطيه ڪوفي جو اربعين جي ڏينهن زيارت سيد الشهداءِ لاءِ ڪربلا پهچڻ (3)

4. قاضي طباطبائي جي قول مطابق روز اربعين جي زيارت کي زيارت مَرَدَ الرَءَس سڏيو ويندو آهي. مَرَد الرَءَس يعني سرن جو موٽائڻ مطلب هي ته ان ڏينهن اسيران اهلبيت عليهم السلام امام حسين عليه السلام جي سر مبارڪ سان گڏ ڪربلا پهتا ۽ سر اقدس کي دفن ڪيو، (4)

پنڌ زيارت جي اهميت

قاضي طباطبائي پنهنجي ڪتاب تحقيق درباره اول اربعين سيد الشهداءِ عليه السلام ۾ لکي ٿو ته اربعين جي ڏينهن ڪربلا وڃڻ آئمه معصومين عليهم السلام جي زماني ۾ به شيعن جي درميان رائج هيو ۽ شيعه بني اميه ۽ بني عباس جي دور ۾ به پنڌ زيارت لاءِ ويندا هئا خصوصن عراق ۾ رهندڙ شيعه مختلف شهرن کان پيادل ڪربلا ويندا هئا. ۽ اڄ جي زماني ۾ پوري دنيا کان شيعه نجف کان ڪربلا پنڌ ويندا آهن، ۽ اهو زمين جي گولي جو بي مثال اجتماع آهي جنهن جو ڪو به انڪار نٿو ڪري سگھي.

امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا:

( مَن اَتى قَبرَالحسين مَاشيا  کَتَبَ الله له بِکُلّ خُطُوَة اَلفَ حسنة و مَحَا اَلفَ سيئة و رَفَع له اَلفَ درجة)

جيڪو به امام حسين عليه السلام جي قبر جي زيارت ڪرڻ پيدل وڃي ته الله سائين هر قدم جي بدلي ان لاءِ هزار نيڪيون لکندو ۽ هزار گناھ ختم ڪندو ۽ ان جو هزار مرتبه درجو بلند ڪندو.(5)

مجتهدن جي نظر ۾ اربعين حسيني

آيت الله العظمى بهجت قدس سره:

امام زمانه عليه السلام ظهور کانپوءِ اهل عالم کي پنج مرتبه سڏ ڪندو

(الا يا اهل العالم ان جدي الحسين قتلوه عطشانا).

امام زمانه عليه السلام دنيا وارن کي پنهنجو تعارف امام حسين عليه السلام جي نسبت سان ڪرائيندو ڇو جو انهي وقت دنيا جا سڀ ماڻهو امام حسين عليه السلام کي سڃاڻيندا پر هن وقت دنيا جا سڀ ماڻهو امام حسين عليه السلام کي نه ٿا سڃاڻن ۽ اها اسان جي ڪوتاهي آهي جو اسان سيد الشهداءِ لاءِ آواز بلند ناهي ڪئي ۽ اربعين اسان جي لاءِ بهترين فرصت آهي جو پنڌ زيارت لاءِ وڃڻ سان پوري دنيا جو امام حسين عليه السلام ڏانهن ڌيان ڇڪرايون.

آيت الله العظمى شبيري زنجاني:

آقا زنجاني کان زيارت جي لاءِ پيادل سفر ڪرڻ جي اهميت جي باري ۾ سوال ڪيو ويو. آقا شبيري زنجاني امام حسين عليه السلام جي زيارت جيي فضيلت سان گڏ انهن ماڻهن جي به تعريف ڪئي جن هن عظيم حرڪت يعني پياده روي کي هن زمين تي قائم ڪيو ۽ پاڻ افسوس جو اظهار ڪيائون ته مان پنڌ نٿو ڪري سگھان جيڪڏهن قدرت هجي ها ته ضرور ڪيان ها.

روايات ۾ زيارت امام حسين عليه السلام جي ڪيتري فضيلت بيان ڪئي وئي آهي؟

جواب ۾ آقا جن فرمايو ته امام حسين عليه السلام جي زيارت جي ڏاڍي تاڪيد ڪئي وئي آهي ۽ ڪجھ روايتن ۾ ته زيارت کي فرض ۽ واجب قرار ڏنو ويو آهي.

ڪجھ عالمن جهڙوڪ: علامه مجلسي ۽ انهن جو والد بزرگوار ان نظريه جا قائل هئا ته جيڪو شخص به امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪرڻ تي قادر آهي زندگي ۾ هڪ ڀيرو ان تي زيارت ڪرڻ واجب آهي.

گھڻين روايتن ۾ زيارت امام حسين عليه السلام جو ثواب هڪ مقبول عمري جي برابر بيان ڪيو ويو آهي. هڪ معتبر روايت ۾ آهي ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام زيارت امام حسين عليه السلام جي خاطر مال خرچ ڪرڻ وارن ۽ سفر ۾ مصيبتون برداشت ڪرڻ سبب جن جي چهري جا رنگ سج جي تپش سان تبديل ٿي وڃن ٿا انهن لاءِ نماز کان بعد سجدي ۾ دعا ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ انهن جي گھروارن لاءِ خدا کان سلامتي طلب ڪئي آهي.

رهبر معظم انقلاب آيت الله خامنه اي:

رهبر معظم فرمائن ٿا ته: پياده روي هڪ عظيم حرڪت ۽ معنويت سان ڀريل هڪ اهڙي نيڪي آهي جيڪا هميشه يادگار طور رهڻ واري آهي  جنهن ۾ عشق ۽ ايمان، عقل ۽ محبت جا عنصر پاتا ويندا آهن مڪتب اهلبيت عليهم السلام سان وابسته هجڻ ۽ امام حسين عليه السلام سان مومنن جو عشق ۽ محبت، مختلف ملڪن کان مولا جي زيارت لاءِ اچڻ ۽ پيادل زيارل لاءِ هلڻ يقينا شعائر الهي منجھان آهي.

زيارت امام حسين عليه السلام جا آثار ۽ برڪتون

( عَنْ مُحَمَّدِ بْنِ مُسْلِمٍ عَنْ أَبِي جَعْفَرٍ ع قَالَ لَوْ يَعْلَمُ النَّاسُ مَا فِي زِيَارَةِ الْحُسَيْنِ مِنَ الْفَضْلِ لَمَاتُوا شَوْقاً وَ تَقَطَّعَتْ أَنْفُسُهُمْ عَلَيْهِ حَسَرَاتٍ قُلْتُ وَ مَا فِيهِ قَالَ مَنْ أَتَاهُ تَشَوُّقاً كَتَبَ اللَّهُ لَهُ أَلْفَ حَجَّةٍ مُتَقَبَّلَةٍ وَ أَلْفَ عُمْرَةٍ مَبْرُورَةٍ وَ أَجْرَ أَلْفِ شَهِيدٍ مِنْ شُهَدَاءِ بَدْرٍ وَ أَجْرَ أَلْفِ صَائِمٍ وَ ثَوَابَ أَلْفِ صَدَقَةٍ مَقْبُولَةٍ وَ ثَوَابَ أَلْفِ نَسَمَةٍ أُرِيدَ بِهَا وَجْهُ اللَّهِ... )(6)

محمد بن مسلم، امام محمد باقر عليه السلام کان روايت نقل ڪري ٿو اگر ماڻهو ڄاڻن ها ته زيارت امام حسين عليه السلام جي ڪيتري فضيلت آهي ته اهي شوق سان مري وڃن ها ۽ انهن جا نفس حسرتن سان بند ٿي وڃن ها. محمد بن مسلم چئي ٿو ته مان امام عليه السلام کان پڇيو زيارت جي ڪيتري فضيلت آهي؟ امام عليه السلام فرمايو جيڪو به امام حسين عليه السلام جي زيارت ڪندو خداوند متعال ان جي اشتياق مطابق ان لاءِ هزار مقبول حج ۽ عمره، هزار شهيدن جو اجر جيڪي شهداءِ بدر منجھان هجن، هزار روزيدارن جو اجر، هزار مقبول صدقن جو ثواب، هزار غلامن کي آزاد ڪرڻ جو ثواب جيڪو خدا جي رضا خاطر هجي، لکي ٿو.

حوالا

  1. 1. سفينه البحار ج 8 ص 283
  2. آمالي شيخ صدوق ص 385
  3. مصباح المتهجد ص 787
  4. تحقيق درباره اول اربعين سيد الشهداءِ ص 1 ۽ 2
  5. وسائل الشيعه ج 14 ص 44

6. بحارالانوار، ج‏98، ص 18

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found