ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

حقيقت ڪربلا...

تحرير: سرفراز مهدي چانڊيو

مهاڳ:

سيد الشهدا ءِ امام حسين عليه السلام جي نالي سندس چهلم جي موقعي تي پوري دنيا جو وڏي ۾ وڏو اجتماع گذريل ڪجھ سالن کان منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن تشيع کي دنيا جي عظيم طاقت طور متعارف ڪرائي، وارث ڪربلا جي ظهور جا مقدمه فراهم ڪرڻ جو سنيهو ڏنو آهي

ڪربلا جي ميدان ۾ ڏنل قرباني جي حقيقت کي سمجھڻ ئي حقيقت ۾ زواري آهي تنهن ڪري هن مقالي ۾ ڪربلا جي حقيقت کي بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن مولا عليه السلام جا زوار ڪربلا جي حقيقت کان آگاه ٿي مولا عليه السلام جي حڪومت جا مقدمه فراهم ڪري سگھن.

انساني تاريخ ۾ هميشه ٻن قسمن جا ڪردار رهيا آهن

هڪڙا اهي ڪردار جيڪي پاڻ کي رب جو عبد سمجھي انسانيت جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن، انسانن کي ڪريم الله جو حقيقي ٻانهو بنائڻ جا جتن ڪندي نظر اچن ٿا، انسان کي رب کان علاوه ڪنهن جي به آڏو جھڪڻ کان روڪيندي نظر اچن ٿا

ٻيو اهي ڪردار جيڪي دنيا جي جي ڍونڍ ۾ ڦاٿل، عزت، شهرت، مال، عورت، جي چڪر ۾ اچي فساد ڦهلائيندي، ماڻهن کي رب جي عبديت کان روڪيندي دنيا جي در در جون ٺوڪرون کائيندي نظر ٿا اچن .جڏهن ڪربلا جي حقيقت متعلق سوچيان ٿو ته پتو پوي ٿو ته ڪربلا رڳو سن 61 هجري جي محرم ۾ ڪربلا ۾ ٿيل ڪِيس جو نالو ناهي، بلڪه ڪربلا جي تاريخ مونکي انسانيت جيتري پراڻي تاريخ نظر اچي ٿي... ان ڪري جو ڪربلا به انهن ٻن قسمن جي ڪردارن جي ويڙھ جو نالو آهي

ان ٻنهي ڪردارن جا صاحب مونکي انساني تاريخ ۾ نظر اچن ٿا

ڪڏهن حضرت آدم عليه السلام  ۽ شيطان جي صورت ۾ .....

ڪڏهن هابيل ۽ قابيل جي صورت ۾....

ڪڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ فرعون جي صورت ۾

ڪڏهن محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ابو جهل و ابولهب جي صورت ۾ .....

ڪڏهن حضرت علي عليه السلام ۽ قاسطين، ناڪثين ۽ مارقين جي صورت ۾ .....

ڪڏهن وري مولا حسن عليه السلام ۽ خارجين جي صورت ۾ ......

ته ڪڏهن مولا حسين عليه السلام ۽ يزيدين جي صورت ۾.......

ليڪن حسيني قافلي جي عظمت ايتري گھڻي آهي جو انهن قيامت تائين جي هر دور جي يزيد کي بي نقاب ڪرڻ جو رستو سيکاريو ۽ اقتدار جي پوڄارين ۽ حڪومت جي لالچي ماڻهن جو چهرو اهڙو ته وائکو ڪيو جو اهي هميشه لاءِ ذليل ۽ رسوا بڻجي ويا.

۽ تاريخ هميشه لاءِ انساني اقدارن کي زنده بڻائي ڇڏيو...

هن دور ۾ به جتي جتي انساني معيار ۽ اقدار زنده آهن اتي حسينيت زنده آهي

ان ڪري جو مولا حسين عليه السلام ڪربلا جي تحريڪ ۾ قرآن جو محافظ بڻجي آيو.

جيڪو قرآن انسان جي جسم کي انسانيت نٿو سمجھي بلڪه رڳو جسمانيت کي ته دابه (بغير شعور جي گھمندڙ حيوان) ٿو سڏي

(إِنَّ شَرَّ الدَّوَابِّ عِنْدَ اللَّهِ الصُّمُّ الْبُكْمُ الَّذينَ لا يَعْقِلُونَ)(سورت انفال آيت 22)

پالڻهار جي نزديڪ، بدترين حيون اهي انڌا ۽ ٻوڙا آهن جيڪي نٿا سمجھن.

ان کان اڳين مرحلي ۾ اهڙن انسانن کي جن وٽ بصيرت ناهي انهن لاءِ قرآن فرمائي ٿو:

(وَ لَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ‏ كَثِيراً مِّنَ‏ الْجِنِ‏ وَالْإِنسِ‏ لَهُمْ قُلُوبٌ لا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ آذَانٌ لا يَسْمَعُونَ بِهَآ أُوْلَئِكَ كَالْأَنْعَامِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ أُوْلَئِكَ هُمُ الْغَافِلُون) (سوره اعراف آيه 179)

جهنم ۾ اڪثريت اهڙن انسانن جي هوندي جيڪي قلوب هوندي سمجھن نٿا، اکيون هوندي ڏسن نٿا، ڪن هوندي ٻڌن نٿا، اهڙا انسان ته جانورن وانگر بلڪه انهن کان به بدتر آهن

مولا حسين عليه السلام جي زماني ۾ به گھڻائي اهڙي قسم جي ماڻهن جي هئي .

ليڪن مولا حسين عليه السلام دنيا ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرايو جنهن ۾ جاهل ۽ نادان انسانن کي انساني معيارن جي دنيا ۾ آندو

اهڙي دنيا ۾ آندو جتي مڙئي انساني معيار موجود آهن مولا حسين عليه السلام ڪربلا ۾ اچي ڪري

انسانيت کي انهن جو وڃايل مقام ياد ڏياريو.

امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ مجسمه

شرف و شرافت ....

عزت و ڪرامت....

پاڪيزگي و طهارت....

محبت و عشق....

ايثار و فداڪاري...

جانبازي و جانثاري...

معرفت ۽ آگاهي...

احساس ۽ جذبي ....

خدا پرستي ۽ بندگي....

آزادي ۽ نجات...

عفت ۽ پاڪدامني....

حيا ۽ حيات...

شجاعت ۽ شهامت ...

حرڪت ۽ تڪامل...

بيداري ۽ بصيرت...

عهد و پيمان جي وفاداري بڻجي آيو.

تحريڪ ڪربلا جي وارثن،  انساني ، قرآني ۽ خدائي معيارن کي زنده رکڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪيو، انسانيت کي گم ڪيل مقام ڏيارڻ لاءِ عظيم قرباني پيش ڪئي

انسانيت جو ڳاٽ اونچو رکڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپايو

بشريت جي آزادي لاءِ پاڻ طوق و زنجير پاتا

نوع انسانيت جي نجات لاءِ کين سور سهڻا پيا

انساني نسل جي بقا لاءِ کين پنهنجا اولاد ذبح ڪرائڻا پيا

انسانيت کي حق جي معرفت ڏيڻ لاءِ کين باطل سان ٽڪرائڻو پيو

ظلم کان نجات لاءِ کين ظالمن سان لڙڻو پيو

محرومن جي سهولت لاءِ پاڻ کي بکيو پياسو رکيو

انساني جسمن جي وقار خاطر پنهنجا جسم پائمال ڪرايا

انساني عفت ۽ حيا جي حفاظت لاءِ کين پنهنجون چادرون لٽائڻيون پيون

اسلام جي حرمت بچائڻ لاءِ کين نامحرمن آڏو خطبا پڙهڻا پيا

حق جو آواز پهچائڻ لاءِ ظالمن جي ايوانن کي لرزايو

مظلومن کي بچائڻ لاءِ فرعونن کي ٻوڙيو

قرآن جي عزت بچائڻ لاءِ يزيد کي رسوا ڪيو

اڄ به ڪردارن جي ويڙھ جاري آهي

يعني ڪربلا جاري آهي

۽ قيامت تائين جاري رهندي

ڪردارن جي صورت ۾

افعالن جي صورت ۾

عملن جي صورت ۾

هر هڪ پنهنجي ضمير کان سوال ڪري 

ته مان ڪهڙي ڪردار جو پوئلڳ آهيان

ضمير جو فيصلو طئي ڪندو رهندو ته مان حسيني آهيان يا يزيدي...........

ها ڪربلا جاري آ ۽ جاري رهندي.....

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found