سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

امام حسين عليه السلام رسول اڪرم (ص) جي نظر ۾

تحرير: نظير احمد بهشتي 

مهاڳ

امام حسين عليه السلام پنهنجي ننڍپڻ جا 6 سال نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ گذاريا.

معاوئي کان پوءِ سندس پٽ يزيد حڪومت جون واڳون سنڀاليون ۽ مديني جي گورنر ڏانهن لکيو ته امام حسين عليه السلام کان منهنجي لاءِ بيعت وٺ.

امام حسين عليه السلام ، يزيد جي بيعت کان انڪار ڪيو ۽ مڪي وڃڻ جي ارادي سان مدينو ڇڏيو ۽ يزيد جي حڪومت کي نندڻ شروع ڪيو.

ڪوفي وارن جي خطن ۽ دعوتن تي امام حسين عليه السلام پنهنجي سڀني گهر ڀاتين ۽ ڪجھ صحابين سان ڪوفي ڏانهن روانو ٿيو، ڏهين محرم تي پنهنجي صحابين سان گڏ شهيد ٿيو[1] ان وقت کان وٺي اڄ تائين ۽ اڄ کان وٺي قيامت تائين سندس راھ ۽ فڪر جي حقانيت سج جي ڪرڻن کان به وڌيڪ روشن رهي آهي ۽ رهندي.

چهلم جي مناسبت سان شهيدن جي سالار کي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي گفتار ۽ ڪردار ۾ جاچيون ٿا.

  1. امام حسين عليه السلام جي ڪنن ۾ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي آذان

ابي رافع ۽ سندس پٽ عبيد الله کان روايت آهي ته جڏهن حضرت فاطمه سلام الله عليها جي گهر امام حسين عليه السلام جي ولادت ٿي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سندس ڪن ۾ آذان ڏني.

هن حديث کي احمد بن حنبل، ابو داوود ، ترمذي ۽ حاڪم نيشاپوري ۽ اهڙي ريت محب الدين شافعي ذخائر العقبى ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ ابو داوود ۽ ترمذي هن حديث کي صحيح ڄاتو آهي.[2]

  1. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، حسنين ڪريمين عليهما السلام لاءِ عقيقو ڪيو

عبد الله پٽ بريده ۽ بريده سندس پيءُ کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم، امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام جي ڄمڻ وقت ٻه رڍون عقيقي طور ذبح ڪيون.

هن حديث کي احمد بن حنبل، ابو داود، نسائي ۽ ٻين نقل ڪيو آهي.[3]

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  پاران امام حسين عليه السلام جو عقيقو ڪرڻ، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي ساڻن محبت ۽ امام حسين عليه السلام جي وٽس عزت ۽ عظمت جو چٽو ثبوت آهي، ڇو ته عام طور تي عقيقو پيءُ انجام ڏيندو آهي.

  1. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام لاءِ تعويذ (دعا) لکندا هئا

ابن عباس کان روايت آهي ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام لاءِ دعا لکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته توهان جو بابو (ابراهيم عليه السلام) اسماعيل عليه السلام ۽ اسحاق عليه السلام کي هنن لفظن سان دعا ڏيندو هو: مڪمل ڪلمن جي ذريعي خدا کان هر شيطان ۽ بري نظر رکڻ واري ۽ نقصان ڏيندڙ جي پناھ ٿو گهران.

هن حديث کي احمد بن حنبل، بخاري، ترمذي، ابن ماجه ۽ ٻين ذڪر ڪيو آهي.[4]

هن حديث مان چڱي نموني ڄاڻ ملي ٿي ته جهڙي ريت حضرت ابراهيم عليه السلام حاسدن جي نظر کان بچڻ لاءِ پنهنجي پٽن اسماعيل عليه السلام ۽ اسحاق عليه السلام کي تعويذ ڏيندا هئا، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم به حسنين عليهما السلام لاءِ اهو ئي ڪم انجام ڏنو.

  1. حسين عليه السلام جي روئڻ تي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو بيچين ٿيڻ

يزيد پٽ زياد کان نقل ٿيو آهي ته: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، عائشه جي گهران نڪتو ته سندس گذر حضرت فاطمه سلام الله عليها جي گهران ٿيو. امام حسين عليه السلام جي روئڻ جو آواز ٻڌي پنهنجي نياڻي فاطمه سلام الله عليها کي فرمايائون: ڇا توهان نٿيون ڄاڻيو ته حسين عليه السلام جو روئڻ مون کي غمزده ٿو بڻائي؟

هن حديث کي ابن عساڪر، هيثمي ۽ ٻين ذڪر ڪيو آهي.[5]

سندس شهادت کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ڪيئن برداشت ڪيو هوندو؟ اها به اهڙي شهادت جو تاريخ ۾ اڄ تائين اهڙي ٻئي شهادت واقع ناهي ٿي.

  1. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان حسنين عليهما السلام جي اڃ ختم ڪرڻ لاءِ

ابو هريره چيو: شاهدي ٿو ڏيان ته اسان رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ ڪجھ گهٽين مان گذرندا هئاسين، (هڪ ڏينهن) پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم امام حسن ۽  امام حسين عليهما السلام جي روئڻ جو آواز ٻڌو جڏهن ته اهي پنهنجي ماءُ سان گڏ هئا، رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي فرمائيندي ٻڌم: منهنجي پٽن کي ڇا ٿيو آهي جو روئن ٿا؟ سائڻ فاطمه سلام الله عليها وراڻيو: اڃ سبب روئن ٿا! پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي ٻچن لاءِ پاڻي جو بندوبست ڪرڻ لڳا ان حال ۾ جو پاڻي اڻلڀ هئو ۽ ماڻهو پاڻي جي ڳولها ۾ هئا، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم وڏي آواز سان پڇيو: ڇا توهان منجهان ڪنهن وٽ پاڻي آهي؟ ڪنهن وٽ به پاڻي جو ذرو به نه هئو! پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سائڻ فاطمه سلام الله عليها کي چيو انهن منجهان هڪ منهنجي حوالي ڪر، حضرت فاطمه سلام الله عليها هڪ کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حوالي ڪيو پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کيس سيني سان لاتو، ٻار فريادون پئي ڪيون، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي زبان سندس وات ۾ وڌي، ، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي زبان چوسيندي، ننڍڙي آرام ۽ سڪون محسوس ڪيو، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ٻئي فرزند سان به ائين ڪيو ۽ اهو به سڪون ۾ اچي ويو.

اها حديث تهذيب التهذيب، مجمع الزوائد ۽ ٻين ڪتابن ۾ به نقل ٿي آهي.[6]

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم حسنين عليهما السلام جي اڃ ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ پاڻي جي ڳولها ٿو ڪري ۽ جڏهن پاڻي نه ٿو ملي ته پنهنجي زبان پٽن کي چوسرائي ٿو ته جئين سڪون حاصل ڪن.

  1. امام حسين عليه السلام جي چپن تي بوسو ڏيڻ

ابو هريره نقل ڪيو آهي: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ، حسين عليه السلام جي ننڍپڻ ۾ سندس لاءِ پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍندو هو، ننڍڙو سندس زبان جي ڳاڙهاڻ کي ڏسي شوق ۽ محبت سان ڏانهنس ايندو هئو. عينيه (بدر جو پٽ) جو اها حالت ڏٺي تعجب ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو: پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي پيو ٿو ڏسان ته هن ٻار سان ڇا ٿو ڪري؟ الله جو قسم! مون وٽ به اولاد آهي مون اڄ تائين انهن جي چهري تي چمي ناهي ڏني. رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کيس فرمايو: جيڪو به رحمدل نه هوندو مٿس رحم نه ڪيو ويندو.[7]

  1. امام حسين عليه السلام جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيني تي سوار ٿيڻ

معاويه پٽ ارزد پنهنجي پيءُ کان نقل ڪيو آهي : ابو هريره کان ٻڌم ته چيائين پئي ته : ٻنهي اکين سان ڏٺم ۽ ٻنهي ڪنن سان رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌم، ان حال ۾ جو پيغبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ، حسين عليه السلام جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليا هئا ۽ سندس ننڍڙا پير رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي پيرن جي مٿان هئا فرمايائين پئي ننڍڙا ننڍڙا مٿي آءُ، پوءِ ننڍڙو مٿي آيو ايستائين جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي سيني تي اچي پير رکيائين. ان کان پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: پنهنجا چپ کول پوءِ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سندس چپن تي چمي ڏني ۽ فرمايو: اي الله! هن سان محبت ڪر ان ڪري جو مان هن سان محبت ڪريان ٿو.

اها حديث ٿورڙي فرق سان ابن حجر عسقلاني جي ڪتاب الاصابه ۽ طبراني جي ڪتاب معجم ڪبير ۽ ٻين ڪتابن ۾ ذڪر ٿي آهي.[8]

  1. حسين مون منجهان آهي ۽ آءُ حسين منجهان

يعلى جي پٽ مره کان روايت آهي ته چيائين: ڪجھ ماڻهو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ ماني کائڻ لاءِ ويندا هئا، انهي موقعي تي حسين عليه السلام، گهٽي ۾ راند پئي کيڏيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اڳتي وڌي ننڍڙي حسين عليه السلام لاءِ پنهنجي جهولي وڇائي، حسين عليه السلام هيڏي هوڏي پئي ڊوڙيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پئي کليو، نيٺ حسين عليه السلام کي پڪڙي هڪ هٿ مٿي تي ۽ ٻيو ڏاڙهي هيٺان ڏيئي کيس چمي ڏني ۽ فرمايو: حسين (عليه السلام) مون منجهان آهي ۽ آءُ حسين (عليه السلام ) منجهان آهيان! حسين (عليه السلام) منهنجي پٽن منجهان هڪ پٽ آهي جيڪو ساڻس محبت ڪندو، خدا کيس محبوب رکندو.

هن حديث کي ابن ماجه پنهنجي سنن ۾ ذڪر ڪيو آهي[9] ۽ انهي ئي مضمون جي ٻئي حديث ٿورڙي فرق سان سنن ترمذي، مسند احمد بن حنبل، اسد الغابه، ۽ بيهقي جي سنن ڪبرى وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي.[10]

  1. امام حسين عليه السلام جي زيارت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت

فخر رازي تفسير ڪبير ۾، آيه شريفه

( وَ عَلَّمَ آدَمَ الْأَسْماءَ كُلَّها) (سوره بقره آيه 31)

جي ذيل ۾ چيو آهي هڪ اعرابي امام حسين عليه السلام وٽ آيو سلام ڪيائين ۽ پنهنجي حاجت بيان ڪيائين چيائين: اوهان جي جد رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌم فرمايائين: اگر حاجت هجَيو ته چئن ماڻهن سان بيان ڪريو. يا شريف عرب سان، يا ڪريم مولا سان، يا قرآن جي حافظ سان يا ان سان جنهن جو چهرو نوراني هجي. اوهان ۾ اهي سڀ صفتون موجود آهن، عرب هجڻ جي لحاظ کان پنهنجي جد رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪري شريف آهيو، ڪرامت، عظمت ۽ ادب اوهان جي سيرت آهي ۽ خدا جو ڪلام توهان جي گهر ۾ نازل ٿيو آهي ۽ مون رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو ته فرمائيندا هئا: اگر منهنجي زيارت ڪرڻ چاهيو ته حسن ۽ حسين (عليهما السلام) جي زيارت ڪريو.

  1. امام حسين عليه السلام جي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان مشابهت

انس بن مالڪ کان روايت ٿي آهي ته حسين عليه السلام جو سر عبيد الله بن زياد لاءِ آندائون حسين عليه السلام جي مبارڪ سر کي ٿالھ ۾ رکيائين، مٿس چَهبُڪ پئي هنيائين! ۽ ان جي خوبصورتي متعلق پنهنجي پاڻ سان سرگوشي پئي ڪيائين! انس چيو آهي ته امام حسين عليه السلام جو چهرو سڀني کان وڌيڪ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان شباهت رکندو هئو ۽ سندس ڏاڙهي مبارڪ وسمه سان خضاب ٿيل هئي.

مٿين ڳالھ صحيح بخاري، سنن ترمذي ۽ مسند احمد بن حنبل وغيره ۾ تفصيل سان روايت ٿي آهي.[11]

مجمع الزوائد ۾ ابو بڪر هيثمي ۽ اهڙي ريت معجم ڪبير ۾ طبراني وغيره روايت ڪئي آهي ته محمد پٽ ضحاڪ پث عثمان چيو آهي:“ حسين(ع) جو بدن رسول خدا(ص) جي بدن سان شباهت رکندڙ هيو”.[12]

  1. حسنين عليهما السلام پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جا گل

نسائي پنهنجي سنن ۾ اهڙي ريت هيثمي مجمع الزوائد ۾ روايت ڪئي آهي ته انس بن مالڪ چيو: ڪيترن ئي موقعن تي رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ پئي پهتس ۽ ڏٺم پئي ته امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي شڪم مبارڪ جي مٿان قلابازيون پئي کاڌيون ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم پئي فرمايو: هن امت منهجان اوهان منهنجا جنتي گل آهيو.[13]

)...لابن عمر....و سمعت النبي(ص) يقول: “هما ريحانتا من الدنيا[14](

هي حديث متعدد ۽ مختلف طريقن سان اهل سنت جي مختلف ڪتابن جيئن سنن ترمذي، خصائص نسائي، مسند احمد بن حنبل وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي.[15]

  1. حسنين عليهما السلام پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪلهن تي

عمر کان روايت آهي ته چيائين: حسن ۽ حسين عليهما السلام ، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڪلهن تي سوار هيا کين چيم ته ڏاڍي سٺي سواري هٿ ڪئي اٿو، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: هي ٻئي سوار به ته سٺا آهن.

هي حديث ڪنز العمال وغيره ۾ به ذڪر ٿي آهي.[16] اهڙي ريت هن حديث جو مضمون سنن ترمذي ۽ مستدرڪ علي الصحيحين وغيره ۾ به آيو آهي.[17]

  1. حضرت امام حسين عليه السلام سان محبت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت آهي

بيهقي سنن ڪبرى ۾ ذڪر ڪيو آهي: حبيش جي پٽ زر چيو: هڪ ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ماڻهن سان گڏ نماز پڙهي رهيا هئا، حسن ۽ حسين عليهما السلام ڏانهس آيا، ۽ سجدي مهل سندس پٺي تي سوار پئي ٿيا، ماڻهن چيو ته ٻنهي ننڍڙن کي کانئس جدا ڪريو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: کين پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، منهنجا پيءُ ماءُ مٿن قربان، جيڪو مون سان محبت ڪري ٿو کيس ٻنهي سان محبت ڪرڻ کپي.

ترمذي پنهنجي سنن ۾ روايت ڪئي آهي ته: اسامه بن زيد هن ريت روايت ڪئي آهي: (ته پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:) هي ٻئي (حسن ۽ حسين عليهما السلام) منهنجا پٽ آهن ۽ منهنجي نياڻي جا پٽ آهن. اي الله آءُ هنن سان محبت ڪريان ٿو، بس تون به هنن سان محبت ڪر ۽ هر ان ماڻهو سان محبت ڪر، جيڪو هنن ٻنهي سان محبت ڪندو هجي.[18]

هي حديث خصائص نسائي، ڪنزالعمال ۽ اهل سنت جي ٻين ڪتابن ۾ به آئي آهي.[19]

ابو هريره کان روايت ٿي آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: جنهن به حسن ۽ حسين عليهما السلام سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن به انهن سان دشمني ڪئي ان مون سان دشمني ڪئي، هي حديث سنن ابن ماجه، مسند احمد بن حنبل ۽ تاريخ بغداد وغيره ۾ ذڪر ٿي آهي.[20]

  1. ڪربلا ۾ شهادت جي خبر ڏيڻ ۽ امام حسين عليه السلام جي مدد ڪرڻ

انس پٽ حارث پنهنجي پيءُ کان _ جيڪو نبي جي صحابين ۽ اصحاب صفه منجهان آهي _ روايت ڪئي آهي: ان حال ۾ جو امام حسين عليه السلام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي جهولي ۾ هئا، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌم منهنجو هي پٽ (حسين عليه السلام ڏانهن اشارو ڪري فرمايائون) ان سرزمين تي شهيد ڪيو ويندو جنهن کي عراق چيو ٿو وڃي.

 ۽ جڏهن امام حسين عليه السلام ڪربلا ڏانهن روانا ٿيا انس(پٽ حارث) ساڻن گڏ هليو ۽ سندس حمايت ۾ شهادت ماڻي.[21]

هن حديث کي ابن اثير،اسدالغابه ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت ابن حجر عسقلاني، انس بن الحارث جي ترجمي ۾ چيو آهي ته:)

فخرج انس بن الحارث الى کربلا فقتل بها مع الحسين(ع)( [22]

ان حديث جي مضمون لاءِ ڪنزالعمال ۽ ذخائرالعقبى[23] ڏانهن رجوع ڪيو وڃي.

  1. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم طرفان امام حسين عليه السلام جي تربت ام سلمه وٽ رکڻ

عمر پٽ ثابت، اعمش کان ۽ ان، شفيق کان روايت ڪئي آهي ته، ام سلمه چيو: حسن ۽ حسين عليهما السلام منهنجي گهر پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان راند کيڏي رهيا هئا جبرائيل نازل ٿيو ۽ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي چيو: اي محمد(ص) توکان پوءِ تنهنجي امت تنهنجي هن پٽ کي شهيد ڪندي ۽ پنهنجي هٿ سان حسين عليه السلام ڏانهن اشارو ڪيو، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم روئي ڏنو ۽ پنهنجي حسين عليه السلام کي سيني سان لاتو، پوءِ جبرائيل چيو: هي تربت توهان وٽ رکان ٿو، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم اها مٽي سونگهي ۽ فرمايو: ڪربلا جي بوءِ ٿي اچي، اي ام سلمه، جنهن وقت هي مٽي، خون ۾ تبديل ٿي وڃي سمجهجانءِ ته منهنجو پٽ شهيد ڪيو ويو آهي، ام سلمه اها مٽي هڪ شيشي ۾ وڌي ۽ هر روز ان کي ڏسندي هئي ۽ چوندي هئي: جنهن ڏينهن اها مٽيءَ خون ۾ تبديل ٿيندي اهو وڏي مصيبت وارو ڏينهن هوندو.[24]

هي حديث ابن حجر عسقلاني، تهذيب التهذيب ۾ ذڪر ڪئي آهي ۽ ان حديث جو مضمون ابن حجر عسقلاني، مجمع الزوائد ۾، طبراني معجم ڪبير ۾ ۽ ٻين به پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي.[25]

ان مان معلوم ٿيو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، امام حسين عليه السلام جي شهادت جون نشانيون بيبي ام سلمه سان ذڪر ڪيون هيون ۽ انهن منجهان ان مٽي جو رت ۾ تبديل ٿيڻ آهي جيڪا امام حسين عليه السلام جي ولادت وقت جبرائيل سندس شهيد ٿيڻ واري جاءِ تان کڻي اچي پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي حوالي ڪئي هئي.

  1. امام حسين عليه السلام جي شهادت وقت ام سلمه ۽ ابن عباس جو پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي خواب ۾ ڏسڻ

ترمذي پنهنجي سند سان ام سلمى کان روايت ڪئي آهي ته: ام سلمى جي خدمت ۾ پهتس ته هن روئڻ شروع ڪيو، کانئس روئڻ جو سبب پچيم ته وراڻيائين: مون رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي (خواب ۾) ڏٺو ، سندن چهرو، ڏاڙهي ۽ مٿو مٽي سان ڀريل هئو، کيس عرض ڪيم، اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: تازو هن مهل پنهنجي (ٻچڙي) حسين(عليه السلام) کي شهيد ٿيندي ڏٺو اٿم.[26]

ترمذي اها حديث پنهنجي سنن ۾ ذڪر ڪئي آهي ۽ اهڙي ريت ان حديث جو مضمون، حاڪم نيشاپوري، ابن اثير، بيهقي، شافعي، ابن حجر عسقلاني،  ۽ ٻين تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.[27]

ابن عباس کان روايت ٿي آهي: منجهند جي وقت پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي خواب ۾ ڏٺم، پريشان ۽ خاڪ آلود هئا، وٽس خون سان ڀريل شيشي هئي، مون عرض ڪيو: اي الله جا رسول هي ڇا آهي؟ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو: هيءُ حسين(عليه السلام) ۽ سندس صحابين جو خون آهي، جيڪو اڄ لڳاتار ان شيشي ۾ جمع ڪيو اٿم.

ابن عباس چيو، ان ڏينهن جو حساب لڳايم ۽ درج ڪيم، پوءِ معلوم ٿيو ته حسين عليه السلام ان کان هڪ ڏينهن اڳ شهادت ماڻي هئي.[28]

حاڪم نيشاپوري ان حديث کي پنهنجي ڪتاب ۾ ابن عباس کان نقل ڪيو آهي ۽ اهڙي ريت ساڳيو ئي مضمون، مسند احمد بن حنبل، اسدالغابه، الاستيعاب، الاصابه ۽ ٻين ڪتابن م به لفظن ۽ طريقي جي ٿوري فرق سان ذڪر ٿيو آهي.[29]

  1. بني اميه مبغوض رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۽ شجره ملعونه

سعد جي پٽ راشد کان روايت ٿي آهي ته ابوذر چيو: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌم: جڏهن بني اميه وارن جي تعداد 40 ٿي ويندي ته خدا جي ٻانهَن کي پنهنجو غلام، خدا جي مال کي پنهنجي لاءِ بخشش ۽ عطيو ۽ خدا جي ڪتاب کي رانديڪو قرار ڏيندا.[30]

ان حديث کي حاڪم نيشاپوري، المستدرڪ على الصحيحين ۽ متقي هندي، ڪنزالعمال ۾ ذڪر ڪيو آهي.

ابو برزه اسلمي جو چوڻ آهي ته: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نزديڪ سڀ کان وڌيڪ منفور  ۽ مبغوض ساهوارا، بني ثقيف، بني حنيف ۽ ثقيف هئا.[31]

 تنهن ڪري بني اميه، اهو پليد وڻ آهي جنهن هميشه الله جي ٻانهَن کي غلام ٺاهڻ، سندس مال کي پنهنجي لاءِ بخشش ۽ تحفو قرار ڏيڻ، سندس دين کي راند روند قرار ڏيڻ ۽ غير انساني روَيي سبب سندس سرزمين تي پليد ترين جاندارن وانگر زندگي گذاري آهي.

نتيجو :

جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو، ان مان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم وٽ امام حسين عليه السلام جو مقام ۽ مرتبو چٽي نموني واضح ٿيو، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سڀ کان پهريان امام حسين عليه السلام جي ڪنن ۾ توحيد جو آواز پهچايو، سندس عقيقو ڪيو ۽ سندس وارن جي وزن جيتري چاندي صدقي طور ڏني ۽ مختلف موقعن تي ساڻس بيمثال محبت ۽ گهري تعلق جو اظهار ڪيو، سندس ننڍي هوندي کيس خوش ڪرڻ لاءِ ساڻس راند کيڏيو، کيس پنهنجي برڪت ڀريل ڪلهن تي سوار ڪيو، کيس پنهنجي زبان چوسرائي، سندس چپن تي چميون ڏنيون، کيس جهولي ۾ ويهاريو ۽ ڪڏهن به ان جي بيچيني  برداشت نه ڪئي، حسين عليه السلام جو روئڻ ۽ اڃ، سندن لاءِ قابل برداشت نه هئي، هميشه حسين عليه السلام لاءِ ۽ ساڻس محبت ڪرڻ وارن لاءِ دعا گهري ۽ کين الله ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت ڪرڻ وارو ڪوٺيو ۽ ساڻس دشمني ڪرڻ وارن کي الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله وسلم جو دشمن ڪوٺيو، حسين عليه السلام سان محبت جو اجر جنت قرار ڏنو ۽ ساڻس دشمني ڪرڻ جي سزا جهنم قرار ڏني. حسنين ڪريمين عليهما السلام کي دنيا ۾ جنتي گل، جنتي جوانن جي زينت ۽ سردار ڪوٺيو ۽ حسنين عليهما السلام به ساڻس گهڻي هڪجهڙائي رکندا هئا.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم امام حسين عليه السلام جي شهادت ۽ شهيد ٿيڻ واري جڳهه جو پتو ٻڌايو، مٽي جي خون ۾ تبديل ٿيڻ کي سندس شهادت جي نشاني طور بيان ڪيو ۽ آخرڪار واقعي واري ڏينهن، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي گل جون ٽاريون ڪٽيائون ۽ سندس شهيد ٿيڻ واري جڳهه بلڪه ايئن کڻي چئجي ته پوري ڪائنات رت ۾ رنڱجي وئي.

حوالا

  1. شيخ مفيد، ارشاد، ص 131، بي جا، دارالمفيد، موسسه آل البيت، بي تا
  2. مسند احمد، ج 6، ص 392،، سنن ترمذي، ج3، ص 36، المستدرڪ على الصحيحين، ج3، ص 179، ذخائرالعقبى، ص 120
  3. مسند احمد، ج5، ص 355، سنن ابي دائود، ج 1، ص 648 ۽ 57، سنن نسائي، ج 7، ص 164
  4. مسند احمد، ج1، ص 236، صحيح بخاري، ج 4، ص 119
  5. مجمع الزوائد، ج 9، ص 201
  6. تهذيب التهذيب، ج 2، ص 258، مجمع الزوائد، ج 9، ص 180، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 50، ح 2656
  7. مسند احمد، ج 2، ص 455، ح 7081
  8. معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 49، ح 6653، الاصابه، ج 1، ص 329، رقم 1719
  9. سنن ابن ماجه، ج 1، ص 51، ح 14410. مسند احمد، ج5، ص 182، ح 17111، ۽ ج 3، ص 180، ح 4772، سنن ترمذي، ج 5، ص 617، ح 3775، اسدالغابه، ج 2، ص 20، رقم 1173، ۽ ج 5، ص 525، رقم 5644، المستدرڪ على الصحيحين، ج 3، ص 194، ح 48205،
  10. صحيح بخاري، ج 3، ص 1370، ح 3538، سنن ترمذي، ج 5، ص 618، ح 3778، مسند احمد بن حنبل، ج 4، ص 160، ح 1337، ڪنزالعمال، ج 7، ص 110
  11. مجمع الزوائد، ج 9، ص 185، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 115، ح 2845
  12. الخصائص للنسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 150، ح 8529، مجمع الزوائد، ج 9، ص 181
  13. صحيح بخاري، ج 5 ص 2234، ح 5648، ۽ ج 3، ص 1373، ح 3543
  14. سنن ترمذي، ج 5، ص 615، ح 3770، الخصائص للنسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 150، ح 8530، مسند احمد، ج 2، ص 208، ح 5543، ۽ ص 222، ح 5642، ۽ ص 259، ح 637، مسند ابي دائود الطياليسي، ج8، ص 260، حليه الاولياء، ج 5، ص 170، فتح الباري، ج 7، ص 79
  15. ذخائر العقبى، ص 123، ڪنزالعمال، ج 13، ص 658، ح 37670
  16. مستدرڪ على الصحيحين، ج 3، ص 170، طبع حيدرآباد، اسد الغابه، ج 2، ص 12، طبع مصر، سنن ترمذي، ج 2، ص 308، مطبعه بولاق
  17. سنن ترمذي، ج 5، ص 614، ح3769
  18. خصائص نسائي (ضمن السنن)، ج 5، ص 149، ح 8524، ڪنزالعمال، ج 13، ص 671، ح 37711، تاريخ دمشق، ص 58، ح 103
  19. سنن ابن ماجه، ج 1، ص 51، ح 431، مسند احمد، ج 2، ص 561، ح 7816، تاريخ بغداد، ج 1، ص 141، رقم 3، تاريخ دمشق، ص 58، ح 103
  20. اسد الغابه، ج 1، ص 417، رقم 970
  21. الاصابه، ج 1، ص 68، رقم 266
  22. ذخائر العقبى، ص 146، ڪنزالعمال، ج 12، ص 126، ح 34314
  23. تهذيب التهذيب، ج 2، ص 300، رقم 615
  24. مجمع الزوائد، ج 9، ص 189، معجم ڪبير طبراني، ج 3، ص 108، ح 2817، الصواعق المحرقه، ص 193
  25. سنن ترمذي، ج 5، ص 615، ح 3771
  26. المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 20، ح 6764، اسدالغابه، ج 2، ص 23، رقم 1173، دلائل النبوه للبيهقي، ج 7، ص 48، تهذيب التهذيب، ج 2، ص 307، رقم 615، ذخائر العقبى، ص 148
  27. المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 439، ح 8201
  28. مسند احمد، ج 1، ص 466، ح 2549، ۽ ص 400، ح 2166، اسد الغابه، ج 2، ص 23، رقم 1173، الاستيعاب، ج 1، ص 381، الاصابه، ج 1، ص335، رقم 1724، تاريخ بغداد، ج 1، ص 142، رقم 3
  29. المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 525_526، ح 8475_8476، ڪنز العمال، ج 11، ص 165، ح 31058
  30. المستدرڪ على الصحيحين، ج 4، ص 258، ح 8482، مجمع الزوائد، ج 10، ص 71، معجم ڪبير طبراني، ج 18، ص 229، ح 572

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found