ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

امام حسين عليه السلام جو پهريون زوار

تحرير: ظفر علي تسنيمي 

اڄ جڏهن اسان اربعين جي موقعي تي ڪربلا جي سرزمين ڏانهن نگاھ ڪيون ٿا ته اها زمين مولا حسين عليه السلام  جي عاشقن سان ڀريل آهي، اڄ هر عاشقِ حسين عليه السلام آساني سان مولا جي زيارت جو شرف حاصل ڪري سگھي ٿو، اهو وقت به هيو جڏهن مولا حسين عليه السلام جي عاشقن تي تمام گھڻيون سختيون هونديون هيون، يزيدي سپاهين جي ذميواري لڳائي ويندي هئي ته اهي زائرانِ مولا حسين عليه السلام تي سختيون ڪندا هئا، هن مختصر تحرير ۾ فقط تاريخ جي ان سفر ڏانهن اشارو ڪنداسين جيڪو سفر مديني کان ڪربلا جي طرف ڏانهن انجام ڏنو ويو، پهريون زائر امام حسين عليه السلام جنهن اربعين جي موقعي تي مولا حسين عليه السلام جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو.

زائر اربعين جو قصو

پهرين زائر ڪربلا، جو قصو عطيه بن عوفي ڪوفي کان نقل ٿيل آهي. جابر بن عبدالله انصاري جي مختلف تعارف کان پوءِ عطيه بن عوفي جي باري ۾ گفتگو ڪنداسين.

جابر

هجرت کان پندرھ سال اڳ مديني ۾ ڄاوا، پاڻ ۽ سندن والد اسلام جا مددگار هئا، سندن والد جنگ احد ۾ شهادت جي درجي تي فائز ٿيو. جابر بن عبد الله انصاري رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي ناصرن منجهان هئا ۽ 19 غزون ۾ شرڪت ڪيائون، تمام گھڻيون حديثون ان کان نقل ٿيل آهن، ان سبب سڀني فرقن وٽ معتبر آهن. جابر اهلبيت عليهم السلام جي مدافعن منجهان آهي. پاڻ 78 سال (74 يا 79) هجري ۾ هن دنيا کان موڪلائي ويا ۽ بقيع قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن.(1)

عطيه

پاڻ علم ۽ شيعه حديث جي رجال منجهان آهن ۽ اهلسنت جي رجالي ڪتابن ۾ موثق ڄاتل آهن. عطيه امام علي عليه السلام جي خلافت جي زماني ۾ (36 _40هجري) ڪوفي ۾ ڄاوا ۽ امام عليه السلام ئي انهن جي لاءِ انهي نالي جو انتخاب ڪيو. پاڻ بزرگ علماء منجهان هئا ايتري تائين جو بني اميه جي اذيتن جو نشانو بڻيا. عطيه نه فقط احاديث کي نقل ڪرڻ وارا آهن بلڪه خطبه فدڪيه جي تفسير ڪرڻ وارا ۽ بزرگترين مفسرن منجهان پڻ آهن ۽ 5 جلدن تي مشتمل تفسير جا ليکڪ آهن.

جابر بن عبد الله انصاري جي آشنائي کان پوءِ ان جي شاگردي جو رتبو حاصل ڪيو، افسوس آهي جو ڪجھ ماڻهن پنهنجي لکتن ۾ عطيه کي جابر جي غلامن منجهان لکيو آهي. 111 هجري ۾ ڪوفي ۾ هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويا.(2)

زيارتي سفر جو آغاز

هڪ ڏينهن جابر بن عبد الله انصاري عطيه ۽ بني هاشم جي علوي سيدن سان گڏ حجاز کان عراق جي طولاني سفر جو قصد ڪيو جيئن امام حسين عليه السلام ۽ شهداء ڪربلا جي زيارت جو شرف حاصل ڪن.

ان زيارتي ڪاروان جي حرڪت هڪ خاص ۽ بزرگ صحابي ۽ هاشمي سيدن سان گڏ ٿي. البته ان سفر جا جزيات تاريخي منابع ۾ ذڪر ناهن ٿيا.

ان وقت جا حالات تمام نازڪ هيا ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ماڻهن ۾ بيداري جي هڪ لهر هلي ان سبب يزيد پنهنجي فوج کي مامور ڪيو ته جيئن خاص عاشقان حسين ڪا تحريڪ نه هلائن ۽ نه ئي ڪربلا طرف هجرت ڪري سگهن.

ليڪن اهو نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته

1.جابر ۽ هن جا همسفر انفرادي طور ۽ مختلف وقتن ۾ مديني کان نڪتا هجن ۽ ڪربلا جي ويجهو هڪٻئي سان مليا هجن ته جئين جان جي حفاظت ڪندي زيارت سان مشرف ٿي سگهن.

2. ٻيو احتمال اهو ته جابر ڪوفي يا ٻئي شهر کان ڪربلا جي طرف ويا هجن.(3)

جابر ۽ عطيه جو احرام ڪربلا ۾

زيارتي ڪاروان جڏهن ڪربلا جي ويجهو ٿيو ته انهن جي اکين مان اشڪ جاري ٿيا ۽ بياباني زمين تي مرثيه خواني ڪندا ويا. بهتر اهو آهي ته ان قصي کي عطيه جي زباني ٻڌون.(4)

عطيه لکن ٿا: اسان جابر بن عبدالله انصاري سان گڏ امام حسين عليه السلام جي زيارت جي قصد سان نڪتاسين، جيئن ئي ڪربلا پهتاسين جابر پهريان فرات جي ڪناري وڃي غسل زيارت انجام ڏنو ۽ پاڪ لباس پهري (احرام وانگر ٻه جامه اڇا ) عطر کي شيشي مان ٻاهر ڪڍي (مون کان عطر وٺي) پوءِ لباس ۽ جسم کي معطر ڪري پيرين اگهاڙي قتلگاھ ڏانهن روانا ٿيا ان حال ۾ جو زبان تي ذڪر الهي هيو.

ڪجھ زيارت جا آداب هوندا آهن جنهن کي زائر مقام قرب الهي تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي روح ۽ جسم کي معطر ڪري ۽ معشوق جي نانءُ کي زبان تي آرام آرام سان جاري ڪندي وصال جي رستي تي قدم رکندو آهي.

ديدار جو لحظو

جنهن وقت اسان قبر مطهر سيد الشهداءِ وٽ پهتاسين، جابر مون کي چيو منهنجو هٿ قبر مبارڪ تي رک، (5) جئين ئي هٿ کي رکيم هڪ دلي آھ ڪڍي بيهوش ٿي ويا. چهري تي پاڻي هاريومانس ته جئين هوش ۾ اچي. هوش ۾ اچي ٽي دفعا دهرائڻ لڳا: ياحسين ياحسين ياحسين.ان کان پوءِ امام عليه السلام ڏانهن توجھ ڪندي چوڻ لڳو

 ( حَبِيبٌ، لَا يُجِيبُ حَبِيبَه‏)

 منهنجا دوست دوست کي سلام جو جواب نٿو ڏين؟

ڪجھ دير کانپوءِ غمگين حالت ۾ چيائين:

( وَ أَنَّى لَكَ بِالْجَوَابِ وَ قَدْ شُحِطَتْ أَوْدَاجُكَ عَلَى أَثْبَاجِكَ وَ فُرِّقَ بَيْنَ بَدَنِكَ وَ رَأْسِك‏ ) (بحارالانوار، ج‏65، ص 130)

حسين جان!مان پاڻ جواب ڏيان ٿو ڇو جو مان ڄاڻيان ٿو ته تنهنجي رڳ کي وڍيو ۽ تنهنجي سر کي تن کان جدا ڪيو ويو آهي ان ڪري منهنجي سلام جو جواب نٿو ڏين.

جابر کان نقل ٿيل اربعين جو زيارتنامو

 جابر ان کان پوءِ سيد الشهداءِ کي هن طرح سلام ڪن ٿا:

( فَأَشْهَدُ أَنَّكَ ابْنُ النَّبِيِّينَ (6) وَ ابْنُ سَيِّدِ الْمُؤْمِنِينَ وَ ابْنُ حَلِيفِ التَّقْوَى وَ سَلِيلِ الْهُدَى وَ خَامِسُ أَصْحَابِ الْكِسَاءِ وَ ابْنُ سَيِّدِ النُّقَبَاءِ وَ ابْنُ فَاطِمَةَ سَيِّدَةِ النِّسَاءِ...)

مان گواهي ڏيان ٿو ته تون پيغمبر جو فرزند ۽ مومنن جي سردار جو ٻچڙو آهين تون تقوى جو ماپو ۽ هدايت سليل جو فرزند ۽ اصحاب ڪساءِ جو پنجون فرد آهين تون سيده النساءَ العالمين جو ٻچڙو آهين، ڇو ائين نه هجين رسولن جي سردار پنهنجي هٿ مبارڪ سان توکي غذا کارائي، پاڪ جهولين ۾ پرورش حاصل ڪيئي، پاڪ کير سان سير ٿئين، سلام هجي توتي پاڪ زندگي ڪري پاڪ شهادت کي رسئين. پر مومنن جا دل تنهنجي جدائي ۾ جلن ٿا، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪو توتي گذريو خير هجي،

( فَعَلَيْكَ سَلَامُ اللَّهِ وَ رِضْوَانُهُ وَ أَشْهَدُ أَنَّكَ مَضَيْتَ عَلَى مَا مَضَى عَلَيْهِ أَخُوكَ يَحْيَى بْنُ زَكَرِيَّا )

بس سلام ۽ خدا جون رضايتون هجن توتي ۽ گواهي ڏيان ٿو ته تون ان راھ تي هئين جنهن تي تنهنجو ڀاءُ يحيى بن زڪريا هئو.(8)

پوءِ امام حسين عليه السلام تي هن طرح سلام ورايائين

( السَّلَامُ عَلَيْكُمْ (9) أَيُّهَا الْأَرْوَاحُ الَّتِي حَلَّتْ بِفِنَاءِ الْحُسَيْنِ(10)  وَ أَنَاخَتْ بِرَحْلِهِ أَشْهَدُ أَنَّكُمْ أَقَمْتُمُ الصَّلَاةَ وَ آتَيْتُمُ الزَّكَاةَ وَ أَمَرْتُمْ بِالْمَعْرُوفِ وَ نَهَيْتُمْ عَنِ الْمُنْكَرِ وَ جَاهَدْتُمُ الْمُلْحِدِينَ وَ عَبَدْتُمُ اللَّهَ حَتَّى أَتَاكُمُ الْيَقِين‏ ُ وَ الَّذِي بَعَثَ مُحَمَّداً بِالْحَقِّ لَقَدْ شَارَكْنَاكُمْ فِيمَا دَخَلْتُمْ فِيه‏)

سلام هجي توهان تي، مولا حسين عليه السلام تي جان فدا ڪري ان سان گڏ آهيو، گواهي ٿو ڏيان ته توهان نماز قائم ڪئي،زڪات ادا ڪيو، نيڪي جو حڪم ۽ برائي کان روڪيو۽ ملحدين سان جهاد ڪيو، شهادت جي وقت تائين خدا جي عبادت ڪيو، قسم آ ان خدا جو جنهن رسول کي حق سان مبعوث ڪيو جيڪو توهان تي گذريو مان ان ۾ توهان سان شريڪ آهيان.

جابر عاشورائين جي اعمال ۾ شريڪ

جابر پنهنجي آخري زيارت جي جملن ۾ چيو: قسم آ ان خدا جو جنهن محمّد ص کي حق سان مبعوث ڪيو جيڪو اوهان تي گذريو مان ان ۾ اوهان سان شريڪ آهيان، انهي ۾ عطيه ۽ ٻيا زائر حيران ٿيا جابر سچو صحابي ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي معرفت رکندڙ آهي بهتر آهي ته انهن جي شبهي کي ختم ڪري، ان ڪري عطيه سوال ڪيو: ڪيئن انهن سان شريڪ آهيون؟ نه الله جي راھ ۾ تلوار کنئي آهي نه سختيون ڏٺيون آهن، هي اهي آهن جن جي سر ۽ تن ۾ جدائي اچي وئي آهي شهيد ٿيا آهن، انهن جون گهرواريون بيواھ ٿيو آهن؟ جابر جواب ڏنو: اي عطيه! مون رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو آهي ته:

( مَنْ أَحَبَّ قَوْماً حُشِرَ مَعَهُمْ وَ مَنْ أَحَبَّ عَمَلَ قَوْمٍ أُشْرِكَ فِي عَمَلِهِم‏ )(بحارالانوار، ج‏65، ص 131)

جيڪو شخص جنهن کي دوست رکندو ان سان گڏ محشور ٿيندو جيڪو جنهن جي عمل کي دوست رکندو ان سان ان عمل ۾ شريڪ ٿيندو.

جابر ان حديث کان پوءِ چيو: قسم آهي ان خدا جو جنهن رسول کي حق سان مبعوث ڪيو منهنجي نيت ۽ ارادو اهو آهي ته جيڪو مولا حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين سان گذريو مان انهن سان ساڻ آهيان.

جابر جي سفارش اربعين تي

عطيه عوفي زيارت جي آخر ۾ چئي ٿو:

جابر مون کي چيو: مون کي هاڻي ڪوفي جي ماڻهن جي گھرن ڏانهن وٺي هل، هلندي هلندي مون کي چيائين: اي عطيه! ڇا تو کي وصيت ڪيان؟ ڇو ته شايد ان سفر کان پوءِ ملاقات نه ٿئي، عرض ڪيم فرمايو. اتي ان جليل القدر صحابي فرمايو:اهلبيت عليهم السلام سان محبت رک ۽ ان سان محبت رک جيڪو انهن سان محبت ڪري، ۽ اهلبيت جي دشمن سان دشمني رک، تمام گهڻا روزا رک نماز قائم ڪر، اهلبيت جي دوستن جي مدد ڪر، جيڪڏهن ڪٿي گناهن جي سبب تنهنجا قدم ڏڪندا ته انهن جي دوستي جي سبب ثابت قدم ٿي ويندين، انهن سان محبت ڪرڻ وارا جنت ڏانهن ويندا ۽ انهن جي دشمنن جي پڄاڻي دوزخ آهي.

ٻئي روايت

انهي سفر جي باري ۾ هڪ ٻئي روايت به ملي ٿي. علامه مجلسي تحفه الزائر ۾ زيارت اربعين جي ضمن ۾ جابر بن عبدالله انصاري جي سفر کي عطا (11) نالي شخص جي زباني بيان ڪن ٿا اهو به عطيه وانگر هن سفر ۾ هئو.

چون ٿا: جابر امام حسين جي قبر مبارڪ جي ويجهو آيا ۽ ٽي دفعا چيو الله اڪبر ۽ پوءِ بيهوش ٿي ويا، جڏهن ڪجھ دير کانپوءِ هوش ۾ آيا ، هن طرح سلام ڪرڻ لڳا:

(السّلام عليکم يا آل الله، السّلام عليکم يا صفوة الله)

چهري کي قبر امام حسين عليه السلام سان مس ڪيائين پوءِ چار رڪعتون نماز پڙهيائين.

حضرت علي اڪبرعليه السلام جي قبر مبارڪ وٽ اچي عرض ڪرڻ لڳا:

(االسَّلَامُ عَلَيْكَ يَا مَوْلَايَ وَ ابْنَ مَوْلَايَ لَعَنَ اللَّهُ قَاتِلَكَ لَعَنَ اللَّهُ ظَالِمَكَ أَتَقَرَّبُ إِلَى اللَّهِ بِمَحَبَّتِكُمْ وَ أَبْرَأُ إِلَى اللَّهِ مِنْ عَدُوِّكُم‏)

ٻه رڪعتون نماز پڙهي هن طرح درود پڙهڻ لڳا:

( السَّلَامُ عَلَى الْأَرْوَاحِ الْمُنِيخَةِ بِقَبْرِ أَبِي عَبْدِ اللَّهِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا شِيعَةَ اللَّهِ وَ شِيعَةَ رَسُولِهِ وَ شِيعَةَ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ وَ الْحَسَنِ وَ الْحُسَيْنِ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا طَاهِرُونَ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا مَهْدِيُّونَ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ يَا أَبْرَارُ السَّلَامُ عَلَيْكُمْ وَ عَلَى مَلَائِكَةِ اللَّهِ الْحَافِّينَ بِقُبُورِكُمْ جَمَعَنِيَ اللَّهُ وَ إِيَّاكُمْ فِي مُسْتَقَرِّ رَحْمَتِهِ تَحْتَ عَرْشِه‏)

پوءِ حضرت عباس عليه السلام جي قبر مبارڪ ڏانهن ويا ۽ زيارت پڙهڻ لڳا:

( السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا أَبَا الْقَاسِمِ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا عَبَّاسَ بْنَ عَلِيٍّ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا ابْنَ أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ أَشْهَدُ أَنَّكَ قَدْ بَالَغْتَ فِي النَّصِيحَةِ وَ أَدَّيْتَ الْأَمَانَةَ وَ جَاهَدْتَ عَدُوَّكَ وَ عَدُوَّ أَخِيكَ فَصَلَوَاتُ اللَّهِ عَلَى رُوحِكَ الطَّيِّبَةِ وَ جَزَاكَ اللَّهُ مِنْ أَخٍ خَيْرا) (12)

جابر بن عبدالله انصاري ٻه رڪعتون نماز پڙهي خدا جي بارگاھ ۾ حاجت پيش ڪرڻ لڳا، پوءِ ڪربلا کان وداع(13) ڪري آهسته آهسته اتان هلڻ لڳا.

حوالا

  1. 1. فرهنگ عاشورا، جواد محدثي، ص 127 و 128،
  2. 2. سحاب رحمت، عباس اسماعيلي يزدي، پ، ص 797، انتشارات مسجد مقدس جمکران، قم، سوم، 1380 ش؛ فرهنگ عاشورا، ص 317 و 318.
  3. 3. بر ساحل عاشورا، هادي قطبي، ص 216، احمديه، قم، اول، 1381 ش.
  4. 4. زندگاني امام حسين(ع)، ص 677 - 674؛.
  5. 5. بنا به قولي، جابر در سال 61 هجري نابينا بود. (فرهنگ عاشورا، ص 128؛ زندگاني امام حسين(ع)، ص 677.
  6. 6. به نقل ديگر: ابن خيرالنبيين. (قصه کربلا، ص 525، به نقل از بحارالانوار، ج 65، ص 130)
  7. 7. ر.ک.:ابن سيد الوصيين. (معالي السبطين، ج 2، ص 193).
  8. 8. تولد، زندگي و شهادت حضرت يحيي(ع) و امام حسين(ع) حوادث مشترکي دارد.
  9. 9.در نقل ديگر: السلام عليکِ. (قصه کربلا، ص 526)
  10. 10. ر.ک : حلت بفناء قبرالحسين. (سحاب رحمت، ص 798)
  11. 11. عطا؛ گويا وي نيز از شاگردان جابربن عبدالله انصاري بود. مفاتيح الجنان.
  12. 12. مصباح الزائر، سيد ابن طاووس، ص 288 - 286، مؤسسة آل البيت(ع)
  13. 13.. روايت کربلا، حاج يدالله بهتاش، ص 290 و 291، نشر سبحان، تهران، سوم، 1378 ش

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found