ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

آزادي ۽ امام حسين عليه السلام 

تحرير: مولانا ثمر علي عرفاني 

(ویحکم یاشيعة آل ابی سفیان ان لم یکن لکم دین ولا تخافون المعاد فکونوا فی دنیاکم احرارا)

آزادي فارسي ٻولي جو لفظ آهي. جنهن جي معنى رهائي ۽ آجپو آهي. يعني ساڳئي حريت واري معنى رکندڙ لفظ آهي.

آزادي عاشورا جو بنيادي عنوان آهي. ۽ قيام عاشورا جي بنيادي اصولن منجهان هڪ اصول آهي.

آزادي جو لفظ معارف شيعه ۾ ايترو مشهور ٿي چڪو آهي جو جڏهن به آزادي جو لفظ ٻڌو ويندو آهي ان سان گڏ عاشورا به انسان جي ذهن ۾ اچي ويندو آهي. جهڙي ريت عدالت جو لفظ ٻڌڻ سان امام علي عليه السلام جو نالو انسان جي ذهن ۾ اچي ويندو آهي. ۽ امام علي عليه السلام جو نالو ٻڌندي ئي عدالت جو مفهوم انسان جي ذهن ۾ اچي ويندو آهي. اهڙي ريت آزادي جو لفظ ٻڌڻ سان عاشورا ۽ عاشورا جو لفظ ٻڌڻ سان آزادي جو اصل مفهوم انسان جي ذهن ۾ اچي ويندو آهي.

امام حسين عليه اسلام جي سڀ کان وڌيڪ مشهور ڪنيت ابو عبد الله آهي ليڪن شاعرن ۽ اديبن جي زبان تي امام حسين عليه السلام جي جيڪا ڪنيت آهي اها آهي ابو الاحرار يعني آزاد انسانن جو ابو ۽ اڳواڻ. امام حسين عليه السلام جي عمر مبارڪ جي آخري لمحن ۾ چيل آخري لفظن کي آزادي جو منشور يا حديث حريت چيو ويندو آهي. ۽ اهي لفظ هي هئا

ان لم یکن لکم دین فکونوا احرارا،

جيڪڏهن توهان جو ڪو دين نه آهي ته آزاد انسان ٿي رهو.

امام حسين عليه اسلام ۽ سندس اصحاب جي نظر ۾ آزادي.

قيام عاشورا کان اڳ جو شهيد، مسلم بن عقيل هئو. جنهن آزاد انسانن وانگر مرڻ تي گهڻو اصرار ڪيو ۽ چيو:

اقسم لا اقتل الا حرا،

قسم کڻي چوان ٿو ته نه مرندس مگر آزاد انسانن وانگر. يعني مان آزاد ٿي مرندس، غلام بڻجي جيئرو نه ٿو رهي سگهان، نفساني خواهشن جو غلام نه ٿو بڻجي سگهان، آزادن جي اڳواڻ جي غلامي ۾ رهي ڪري پنهنجي پاڻ کي آزاد سمجهان ٿو. مسلم بن عقيل چيو: آزاد ٿي ڪري مرڻ چاهيان ٿو ڇو جو کين خبر هئي ته امام حسين عليه السلام فقط آزاد انسانن جا امام آهن. جڏهن آزاد ٿيندس ته انهن جو سڏائيندس. جيڪڏهن آزاد نه ٿيس ته انهن جو نه ٿو سڏائي سگهان.

مسلم بن عقيل اهو پيغام ڏنو ته حسيني بڻجڻ لاءِ غلامي جي جيڪا به سطح هجي ان جو طوق گلي مان لاهڻو پوندو.

امام حسين عليه السلام جڏهن ڏٺو ته حر بن يزيد رياحي پنهنجي قوم ۽ قبيلي جي قيد کان آجا ٿي حريت ۽ آزادي ڏانهن اچي رهيا آهن ته کين چيو:

انت الحر کما سمتک امک و انت الحر فی الدنیا و انت الحر فی الاخرۃ،

تون آزاد آهين جهڙي ريت تنهنجي امڙ تو کي ان نالي سان پڪاريو آهي ۽ تون هن دنيا ۾ به آزاد آهين آخرت ۾ به آزاد آهين.

امام حسين عليه السلام جي زبان مان نڪتل هڪ هڪ لفظ خدائي الهام ليکيو ويندو آهي. جيڪڏهن امام حسين عليه السلام فرمايو حر هن دنيا ۾ به آزاد آهي آخرت ۾ به آزاد ته اها امام عليه السلام پاران حر لاءِ محڪم سَنَد آهي ته اڄ کان پوءِ حر کان ڪو به آزادي نه ٿو کسي سگهي. اڄ کان پوءِ حر ڪنهن جي به غلامي ۾ نه ٿو اچي سگهي. البته آزادن جي اڳواڻ جو غلام بڻجي سگهي ٿو ڇو جو ان جي غلامي ئي اصل آزادي آهي. 
امام زين العابدين عليه السلام حر بن يزيد رياحي بابت فرمائن ٿا: 

فنعم الحر حر بنی ریاح صبور عند مشتبک الرماح،

ڪيترو ڀلو ۽ آزاد انسان آهي بني رياح جو آزاد انسان، هر پاسي کان ڏانهس نيزا اچي رهيا آهن پوءِ به صابر ۽ مقاوم آهي.

آزادي ۽ امامت

جڏهن امام حسين عليه السلام کي ابن اشعث يزيد جي بيعت ڪرڻ جو چيو ته امام عليه السلام جواب ۾ ارشاد فرمايو:

لا و الله لا اعطي هم اعطاء الذليل و لا افرمنهم فرار العبيد

الله جو قسم! نه ذليلن وانگر يزيد جي بيعت ڪندس ۽ نه غلامن وانگر ان کان ڀڄي ويندس.
امام حسين عليه السلام فرمائي رهيا هئا ته نه ذليلن وانگر يزيد جي بيعت ڪندس نه وري يزيد کان ڊڄي ڀڄي ويندس جهڙي ريت غلام ڀڄي ويندا آهن. امام حسين عليه السلام جي نظر ۾ يزيد جي بيعت ذليل ٿيڻ وانگر هئي يا غلام بنجي وڃڻ جيان ۽ مولا ٻنهي شين سان نفرت پئي ڪئي.

نتيجو اهو ته اسان جا امام ماڻهن کي اهو سمجهائي رهيا هئا ته جن به يزيد جي بيعت ڪئي يا ته ذليل هئا ۽ عزت جي مفهوم سان انهن جو پري جو واسطو به نه هئو يا غلام هئا. ان وقت ڪجهه ماڻهو هئا جن يزيد جي بيعت ڪئي هئي يا ڪجهه ته يزيد جي ڊڄ کان ڀڄي ويا هئا ان جي با وجود جو ان زماني جا مشهور تابعي چورائيندا هئا. 
امام حسين عليه السلام پنهنجي عمر جي آخري لمحن ۾ ارشاد فرمايو:

ویحکم یا شيعة آل ابی سفیان ان لم یکن لکم دین ولا تخافون المعاد فکونوا فی دنیاکم احرارا،
اي آل ابو سفيان جا پيروڪارو! جيڪڏهن توهان جو ڪو دين نه آهي ۽ قيامت کان به نه ٿا ڊڄو ته گهٽ ۾ گهٽ آزاد انسانن وانگر ته ٿي رهو.

يعني امام حسين عليه السلام چيو ته جيڪڏهن توهان جو دين ناهي ته آزاد انسان ته ٿيو، نفس جا غلام ته نه ٿيو، خواهشن جا غلام ته نه ٿيو، جيڪڏهن رڳو آزاد انسان ئي آهيو ته يزيد جي بيعت جو طوق پنهنجي گردن تان لاهي ڦٽو ڪريو. 

آزادي ۽ آزادگي يعني ذلت ۽ حقارت جي قيد و بند کان آزادي حاصل ڪرڻ، انسان جي آزادي ان ۾ آهي ته پنهنجي عزت ۽ عظمت کي سمجهي، پنهنجي پاڻ کي دنيا جي قيد ۽ پستي کان آجو ڪري.

ته بس يزيد جي بيعت يعني ذلت، يزيد جي بيعت يعني پستي، يزيد جي بيعت يعني حقارت، يزيد جي بيعت يعني پنهنجي ڪرامت ۽ شرافت تان هٿ کڻڻ، يزيد جي بيعت يعني اسيري. ان لاءِ ته امام حسين عليه السلام انهن کي چئي رهيا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ آزاد انسان ٿيو. يعني پنهنجي پاڻ کي ذلت ۽ حقارت کان بچايو، پنهنجي پاڻ کي پستي کان بچايو، پنهنجي ڪرامت ۽ شرافت کي سمجهو، پنهنجي ڪرامت ۽ شرافت جي حفاظت ڪريو. امام حسين عليه السلام جي اها صدا اڄ به اسان جي ڪنن تائين پهچي رهي آهي ته اڄ جي يزيد سان مقابلو ڪريون، اڄ جي يزيد کي ذليل ڪريون، پنهنجي پاڻ کي آزاد سمجهون، پنهنجي پاڻ کي اهڙو آزاد بڻايون جنهن کان ذلت ڪوهين ڏور هجي.

ڪربلا آزادي جو مڪتب آهي، امام حسين عليه السلام ان جو معلم، آزادي ڪرامت، انساني شرافت، ايماني عزت جو ڪامل ترين مظهر آهي. امام حسين عليه السلام آزادي جي اصل معني کي ڪربلا ۾ واضح ڪيو. امام حسين عليه السلام ڪربلا ۾ آزادي جي اصل معنى کي واضح ڪيو.

امام حسين عليه السلام انسانن لاءِ آزادي جو نمونو ڳڻيا وڃڻ ٿا. ان لاءِ ته سڄي دنيا اهو نعرو لڳائيندي آهي ته امام حسين عليه السلام اسان جا آهن.

منابع

1. مروج الذهب، مسعودي، جلد 3

  1. امالي شيخ الشيخ الصدوق

3. ترجمه الامام حسين، ابن سعد

4. اقبال الاعمال سيد ابن طاووس

مختلف موضوعات تي مشتمل اسلامي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ لائيڪ ڪندا اسان جا پيج:
http//www.facebook.com/almujtabafoundation
http//www.facebook.com/roshansij

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found