سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

حضرت بيبي فاطمة الزهرا سلام الله عليها جي زندگي تي هڪ نظر

سنڌيڪار: سرفراز مهدي

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي شادي کي ڪيترائي سال گذري ويا ۽ ڪيتري ئي اولاد سندن شادي جو ثمر هئي ليڪن سندس پٽن جي اولاد هن فاني جهان کي وداع ڪيو ۽ دشمن، ڇو جو رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي ڪو به پٽ نه هيو جيڪو سندس راھ کي اڳتي هلائيندڙ هجي خوش هئا، جڏهن ته پالڻهار جي حڪيمانه تقدير ان ڳالهه ۾ هئي ته سندس نياڻي فاطمه سلام الله عليها رسالت کي اڳتي وڌائيندڙ ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي جانشين بڻجي. الله سائين جي ان تقدير جي اِلهام جو وقت قريب ٿي ويو ۽ هڪ قول مطابق رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم لاءِ معين ٿيو ته چاليھ ڏينهن جناب خديجه سلام الله عليها کان دوري اختيار ڪري ۽ الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم اهو فرمان جناب خديجه تائين پهچايو ۽ فرمايو ته پريشان نه ٿي اهو فرمان توهان کان بي پرواهي نه آهي. ان مدت ۾ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جناب فاطمه بنت اسد جي گهر ۾ رهيو، ان حالت ۾ جو ڏينهن جو روزي سان هوندا هيا ۽ رات جو عبادت ڪندي صبح ڪندا هئا. جڏهن چاليھ ڏينهن ۽ راتيون مڪمل ٿيون ته جبرئيل پيغام آندو ته اللہ جا رسول صلي الله عليه وآله وسلم پاڻ کي پروردگار جو تحفو وٺڻ لاءِ آماده ڪر، ان جي پٺيان ميڪائيل جنهن جي هٿ ۾ هڪ ٿالھ هيو نازل ٿيو جنهن ٿانوَ ۾ جنتي کاڌو هيو ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کي امر ٿيو ته روزو ان کاڌي سان افطار ڪر ۽ کاڌي کائڻ کانپوءِ بچيل طعام آسمان ڏانهن واپس ڪر،

جبريل چيو : خدا جي حڪم سان (56)

اڄ نماز کي ڇڏي پنهنجي گھر وڃ ۽ جناب خديجه سان همبستر ٿي جو پالڻهار پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ته اڄ رات هڪ پاڪ ۽ پاڪيزه فرزند خلق ڪري. (57)

 ان نموني سان هڪ ٻار جو نطفو وجود ۾ آيو ۽ ڪوثر رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم کي تحفي ۾ ملي. جناب خديجه ان رات کان وٺي حمل جي سنگيني کي پاڻ ۾ محسوس ڪيو.

جناب خديجه، جيڪا رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم سان شادي جي ابتدائي ڏهاڙن کان وٺي مڪي جي عورتن جي بائيڪاٽ ۾ هئي ۽ جن ماڻهن خديجه جي عظمت ۽ سندس رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان شادي جي حقيقت کي نه پئي سمجهيو يا ڪن ٻين سببن جي ڪري اهو قدم سندن لاءِ خوشي جو سبب نه هيو انهن جناب خديجه کان دوري اختيار ڪئي، نه رڳو اهو ته صرف پاڻ جناب خديجه وٽ نه اينديون هيون بلڪه ٻين عورتن کي به سائڻ وٽ آمدورفت کان روڪينديون هيون. اڪيلائپ ۽ تنهائي جناب خديجه لاءِ مشڪل ۽ دشوار هئي ليڪن جيئن ئي جناب فاطمه سلام الله عليها جو نطفو سندس شڪم ۾ آيس ته اهو احساس جاڳيس ته ان ڪو مددگار حاصل ڪيو آهي، شڪم ۾ موجود ٻار سندس والده لاءِ همدم ٿيو ۽ ان سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ تنهائي جي وحشت کي سائڻ خديجه کان پري ڪري ڇڏيو ۽ کيس صبر ۽ بردباري جي نصيحت ڪئي ۽ اهڙي نموني سان ڏينهن گذرندا رهيا ايسيتائين جو سائڻ فاطمه سلام الله عليها جي ولادت جو زمانو اچي ويجھو ٿيو.

 جناب خديجه قريشي ۽ بني هاشم جي عورتن ڏانهن پيغام موڪليو ته جيئن ولادت مهل دائپي جو ڪم اچي سنڀالين ليڪن انهن انڪار ڪيو، جناب خديجه جيڪا ان رويي تي پريشان هئي، اچانڪ ڏٺو ته چار عظيم عورتون سائڻ وٽ آيون اچانڪ انهن کي ڏسڻ سان دهشت ۾ اچي وئي ته انهن پنهنجو تعارف شروع ڪيو، انهن مان هڪ چيو ته خديجه پريشان نه ٿي اسان اللہ جي طرفان موڪليل ۽ تنهنجون ڀينر آهيون، مان ابراهيم جي گھرواري ساره ۽ هو ٽي عورتون مزاحم جي نياڻي آسيه، عمران جي ڌيءَ مريم ۽ موسى جي ڀيڻ ڪلثوم آهن. اسين اللہ جي طرفان ذميوار ٿيا آهيون ته توهان جي دائپي جا ڪم سنڀاليون. (58)

الف: ننڍپڻ جو زمانو

اللہ جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي جو نالو فاطمه سلام الله عليها رکيو. (59)

جنهن جناب خديجه جي هنج ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي تربيت هيٺ رشد ۽ ترقي شروع ڪئي. جناب سيده طاهره وحي جي ماڳ ۾ هن دنيا ۾ آئي. اسلام جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ جڏهن مسلمان بلڪل ٿورڙا هئا ۽ ظالمن ۽ جابرن جي زد ۾ هئا ۽  مڪو مسمانن جي لاءِ امن جي جاءِ نه هيو ته ان زماني ۾ خديجه سلام الله عليها جي هنج ۾ هئي، ۽ ڏک سک ۽ مصيبتون برداشت ڪيون. ان هڪ طرف کان پنهنجي والد کي پئي ڏٺو جيڪو محبت ۽ مهر سان انسانيت کي جهالت ۽ گمراهيءَ جي اونداهي مان ڪڍي انسانيت جي نجات لاءِ پاڻ فدا ڪري رهيوهئو ته ٻئي پاسي وري سندس دشمنن کي پئي ڏٺائين جيڪي انسانيت لاءِ پاڻ پتوڻيندڙ تي بي رحمانه حملا ڪري کيس ڪوڙو، مجنون ۽ جادوگر چئي اذيت ۽ آزار ڏيڻ لاءِ اتان جي اوباش ۽ آواره ماڻهن کي ڀرڪائيندا هئا. ان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته مشرڪ ڪيئن سندس والد جي پٺي تي سجدي جي حالت ۾ اٺن جي اوجھري اڇلائيندا هئا. (60)

۽ خوشيءَ مان ٽهڪ ڏيندا هئا.

هڪ دفعي زهرا سلام الله عليها ڏٺو ته قريش حجر اسماعيل (ڪعبي جي ڀت) وٽ گڏ ٿيا ۽ هڪ ٻئي سان عهد ڪري پنهنجي خدائن جو قسم کنيائون ته سڀئي گڏجي پيغمبر کي ان ڪم کان روڪينداسين. جناب سيده سلام الله عليها اهو واقعو ڏسي انهن جون ڳالهيون ٻڌي روئيندي پنهنجي والد وٽ آئي ۽ ماجرا بيان ڪئي. پيغمبر پنهنجي نياڻي کي دلداري ڏني ۽ ٻڌايو ته پريشان نه ٿي اللہ منهنجو محافظ ۽ نگراني ڪندڙ آهي. (61)

سختيون ائين ئي هلنديون رهيون شعب ابي طالب ۾ اقتصادي محاصرو شروع ٿيو جيڪو انتهائي سخت زمانو هيو. هي اقتصادي پابندي ٽي سال ۽ ڪجھ ڏينهن جاري رهي. حضرت زهرا سلام الله عليها جيڪا ننڍڙي هئي پنهنجي والدين ۽ ٻين ماڻهن سان گڏ ان وحشتناڪ پابندي ۾ گڏ رهي بک، وحشت، ڊپ ۽ اڃ جي سختي کي برداشت ڪيو.

اقتصادي پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس والده ۽ بابي جي وڏي حامي حضرت ابو طالب عليه السلام جي دنيا مان گذاري وڃڻ جو دردناڪ سانحو پيش آيو. جنهن جناب زهرا سلام الله عليها جي سيني کي درد ۽ غم سان ڀري ڇڏيو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم انهن ٻنهي حامين جي گذاري وڃڻ کانپوءِ مڪي کي دعوت لاءِ مناسب نه سمجھيو ۽ مديني کي پنهنجو نئون مرڪز چونڊيو ۽ مخفي طور مديني ڏانهن هجرت ڪئي. فاطمه سلام الله عليها پنهجي چاچي ڄائي علي عليه السلام ۽ بني هاشم جي ڪجھ عورتن سان گڏجي والد سان ملڻ لاءِ مديني ڏانهن هجرت ڪئي. هجرت جي راھ ۾ ڪافرن جو حملو علي عليه السلام جي بي مثال بهادريءَ جي ڪري ختم ٿي ويو ۽ قبا (62)

جي مقام تي سندس والد سان اچي ملي.  سڀئي مديني ۾ نئين اسلامي حڪومت جو بنياد وجھي داخل ٿيا. ان ڏينهن کانپوءِ توڙي جو حضرت زهرا سلام الله عليها مؤمنن ۽ مسلمان مردن ۽ عورتن جي نگاھ ۾ احترام جي نظر سان ڏٺي ويندي هئي، ليڪن ٻيون مصيبتون ساڻس وابسته رهيون. اسلامي حڪومت هر روز ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دشمنن جي چال جو شڪار ٿيندي هئي جنهن ۾ سندس بابو، رشتيدار ۽ ٻيا مسلمان مجاهد جان جي بازي لڳائي اسلام جي ترقي لاءِ  اسلامي حڪومت جو دفاع ڪندا هئا.

حضرت زهرا سلام الله عليها اسلامي سرزمين مٿان دشمنن جي حملي ۽ پنهنجي والد، شوهر، مائٽن ۽ ٻين مسلمانن جي جان کي خطري سبب هميشه پريشان رهندي هئي ۽ ان کان علاوه رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جون ڪجھ گهرواريون منافقانه رويو ۽ حسد ڪندي سائڻ جي شخصيت جي بي احترامي ڪنديون هيون. زماني جي گذرڻ سان سائڻ جي شادي جي عمر به ويجھو ٿي ۽ سائڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي رشتا اچڻ شروع ٿي ويا. رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جيڪو انهن منجھان ڪنهن کي به سائڻ جي همسري لائق نه پئي سمجھيو (۽ ان ڪري جو ڪنهن کي به سڌو جواب نه ڏئي) فرمائيندو هيو: مان ان مسئلي ۾ اللہ سائين جي حڪم جو منتظر آهيان. (63)

ب: فاطمه جي برابري (هم ڪفو)

اسلام جوقانون هي آهي ته عورت ۽ مرد هڪ ٻئي جي برابر ۽ هم شان هجن، ان ڪري رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو:

وَانکحُوا الاکفَاء  (64)

ترجمو: جيڪي هڪ ٻئي جي همشان ۽ برابر هجن انهن جي پاڻ ۾ شادي ڪرايو.

ان ئي سبب جي ڪري رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن طئي ڪيو ته زهرا سلام الله عليها کي به اهڙي انسان جي نڪاح  ۾ آڻي جيڪو سندس هم ڪفو ۽ برابري ڪندڙ هجي. ليڪن سائڻ زهرا سلام الله عليها جو شان ڪٿي ۽ ايندڙ رشتا ڪٿي؟ ! هو ڪافرن مان مسلمان ٿيا هئا ۽ اڃان اسلام ۽ ايمان جي ابتدائي مرحلن ۾ هئا، اهي جناب زهرا سلام الله عليها جي هم ڪفو ۽ هم شان نه پيا بڻجي سگھن. اها زهرا سلام الله عليها جنهن جي عصمت لاءِ قطعي دليل موجود ۽ جيڪا جهان جي عورتن جي سردار آهي. گذريل روايتن ۾ بيان ڪيوسين ته حضرت زهرا سلام الله عليها جو نالو جهان جي انهن چئن ڪامله عورتن منجھان آهي. ته ڪجھ روايتن ۾ وري انهن ٽن عورتن مٿان جناب زهرا سلام الله عليها کي برتري ۽ فضيلت جي وضاحت ٿيل آهي.

 رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جناب فاطمه سلام الله عليها جي شخصيت لاءِ حضرت علي عليه السلام کان سواءِ ڪنهن کي به سندس هم شان ۽ برابر نه پئي سمجھيو ۽ ان انتظار ۾ هيو ته حضرت علي عليه السلام جناب زهرا سلام الله عليها جي رشتي جي گھر ڪري.

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي روايتن ۾ نقل ٿيل آهي ته پاڻ فرمايو: اگر علي عليه السلام نه هجي ها ته زهرا سلام الله عليها جو ڪو به ڪفو ۽ برابري ڪندڙ نه هجي ها. (65)

ج: رشتي جي گھر

بيان ڪيوسين ته ڪجھ نامور مسلمان رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ آيا ۽ حضرت زهرا سلام الله عليها جي رشتي جي گھر ڪيائون ليڪن انهن کي ڪو به مناسب جواب نه مليو. امام علي عليه السلام ان زماني ۾ تقريبا 20 سالن جو جوان هيو. ڪجھ مسلمانن جي مشورت سان حضرت زهرا سلام الله عليها جي رشتي گھرڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ جڏهن رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم وٽ آيو ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم جن مسڪرايو ۽ فرمايو: اي بوالحسن تنهجي حاجت ڇا آهي؟ امير المؤمنين عليه السلام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان پنهنجي رشتيداري، ويجھڙائپ، اسلام ۾ پَهَل، فداڪارين ۽ مجاهدت کي بيان ڪندي جناب زهرا سلام الله عليها سان شادي جي خواهش ڪئي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جواب ۾ فرمايو: اي علي! توهان کان پهريان به ڪيترائي ماڻهو جناب زهرا سلام الله عليها جي رشتي لاءِ آيا آهن ۽ مان اها ڳالھ جڏهن فاطمه سلام الله عليها جي سامهون پيش ڪئي ته سندس چهري تي چاهت نه هجڻ جا آثار ڏٺم ان ڪري اجازت ڏيو ته مان توهان جي چاهت جو پيغام سائڻ تائين پهچايان ۽ پوءِ نياڻيءَ جي حجري ۾ داخل ٿيو ۽ فرمايو: منهنجي جان فاطمه! ابوطالب جو پٽ علي جنهن سان منهجي ويجھڙائپ سندس فضيلت ۽ ايمان ۽ اسلام جي رتبي کي به ڄاڻي ٿي تنهنجي رشتي لاءِ آيو آهي، ڌيءَ ڄاڻي وٺ ته مان اللہ سائين کان چاهيو آهي ته تنهنجو نڪاح سندس بهترين ۽ محبوب ترين بندي سان ڪرائي، ان بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي؟  فاطمه سلام الله عليها خاموش رهي ۽ منهن نه موڙيو ۽ نفرت جا آثار به سندس چهري تي ڏسڻ ۾ نه آيا ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ان خاموشيءَ کي راضپي جي نشاني سمجھيو. (66)

هن مقام تي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم عمل جي ذريعي والدين ۽ نوجوان ڌيئرن کي اهو سيکاريو ته سندس نياڻين جي شادي مهل سندن راءِ کي به اهميت ڏني وڃي. انهن جي اهڙن ماڻهن سان شادي ڪرائي وڃي جنهن ۾ اخلاقي فضيلتون ۽ زندگي گذارڻ جو طريقه ڪار هجي.

د: شادي

اللہ جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي جي راضپي حاصل ڪرڻ کان پوءِ علي عليه السلام سان شادي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو. پوءِ امير المؤمنين عليه السلام جي مال ۽ زندگي گذارڻ بابت سوال ڪيو ته امام عليه السلام عرض ڪيو: منهنجو پيءُ ماءُ اوهان تان گھور ٿين! توهان کان ڪا به شيءِ لڪيل نه آهي، منهنجي حالات کان آگاھ آهيو منهنجي سڄي ملڪيت هڪ تلوار، زره ۽ پاڻي ڇڪڻ لاءِ اٺ آهي. رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: تلوار توهان کي دشمنن سان جهاد لاءِ کپي، اٺ گھر ۽ کجين کي پاڻي ڏيڻ ۽ سفر ۾ بار کڻڻ لاءِ ضروري آهي، ان ڪري پنهنجي زرھ کي وڪڻ. (67)

حضرت علي عليه السلام زره کي تقريبا پنج سؤ درهم ۾ وڪڻي پئسا رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ پيش ڪيا ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم انهن ئي پئسن کي پنهنجي ڌيءَ لاءِ مهر قرار ڏنو(68)

۽ ان ڏينهن کان پوءِ مهر لاءِ ايترو مقدار ئي “مهرة النسة” معين ٿي ويو.

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم انهن درهمن منجھان ڪجهه پئسا ڏاج جي خريداري لاءِ ۽ ڪجھ قيمت عطرن (خوشبوئن) جي خريداري لاءِ ۽ ڪجھ پئسا وليمي ۽ مهمانن جي خاطر تواضع لاءِ معين ڪيا. ڏاج جا پئسا ڪجھ صحابين کي ڏنا ته جيئن گھر جي ضرورت واريون شيون خريد ڪن.

ھ: ڏاج

روايتن مطابق ڏاج خريد ڪندڙن هيٺيون شيون خريد ڪيون:

1. ستن درهمن جي هڪ قميص

2. چئن درهمن جي هڪ چادر

3. خيبر جي اوڻيل هڪ مشڪ

4. کجيءَ جي کاٻر سان ڀريل هڪ بسترو

5. ٻه عدد وهاڻا، جن جا پوش ساوا هئا. ان مان هڪ کجي جي کاٻر ۽ ٻيو رڍ جي پشم سان ڀريل هيو

6. چار هٿ طائف جي چمڙو جيڪو “اذخر”(69)

سان ڀريل هيو

7. پشم جو هڪ پردو

8. هجر (بحرين جي مرڪز) جو اڻيل هڪ تختو

9. جنڊ

10. ٻارڻ لاءِ ڏيئو

11. پتل جو ٿانو

12. چمڙي جو مشڪيزه

13. ڪپڙن ٽنگڻي

14. کير ڏهڻ لاءِ اونهو ٿانوَ

15. پاڻي ڀرڻ لاءِ مشڪ

16. هڪ لوٽو جنهن کي ڏامر لڳل هيو

17. ڪڙي وارو سائو پيالو

18. مٽيءَ جا ڪجھ ٿانوَ. (70)

ڏاج خريدڻ لاءِ معين ٿيل صحابين خريد ڪيل سامان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ آندو، رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم ان سامان کي ڏسي ان حالت ۾ جو سندس اکين مان لڙڪ جاري هئا فرمايو: “پالڻهار اهڙي قوم جنهن جا گھڻا ٿانوَ مٽيءَ جا آهن انهن ۾ برڪت عطا ڪر. (71)

ان عمل سان ڪائنات جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم ماڻهن کي سمجھايو ته پئسا، فاخره ۽ مهانگا ڪپڙا پائڻ، سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ، رنگين فرش ۽ ريشمي پردا سعادت ۽ ڪاميابي جا وسيلا نه آهن. ڪيترائي مادي وسيلا رکندڙ انسان اخلاقيات جي جهنم ۾ گرفتار ۽ برين صفتن جي ڪري سعادت ۽ خوشبختي جو هڪ لمحو به نٿا ڏسن. ليڪن انهن جي مقابلي ۾ ڪيترائي ايماني ۽ روحاني فضيلتون رکندڙ انسان توڙي جو فقيراڻي ۽ سادگي واري زندگي ۽ گھٽ قيمت وارو سامان رکندڙ آهن ليڪن انهن جي زندگي جون گھڙيون معنوي لذتن سان سرشار ۽  خدا سان رابطو ختم نه ٿيڻ تي راضي ۽ خوش آهن.

اهو ڏاج هيو جنهن سان گھوٽ، ڪنوار کي پنهنجي گھر وٺي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، ليڪن مديني ۾ پنهنجو ڪو به گھر نه اٿس جتي ڪنوار کي وٺي وڃي. حرث بن نعمان نالي هڪ صحابي پنهنجي گھرن منجھان هڪ گھر گھوٽ حوالي ڪيو. گھوٽ ڏاج ۽ مليل سامان کڻي ڪنوار جو ڪمرو سجائڻ شروع ڪيو. ڪجھ واري ڪمري ۾ وڌائين ۽ مشڪ ۽ ٿانوَ ٽنگڻ لاءِ ڪمري ۾ ڪلي هنيائين ۽ هڪ ٻي وڏي ڪاٺي به ڪمري جي ديوار ۾ هنيائين ته جيئن ڪپڙا ٽنگي سگھجن. ان کان پوءِ کل ڪمري ۾ وڇائي ان مٿان کجي جي کاٻر جو وهاڻو رکي ڪمري جي سينگارجڻ کي مڪمل ڪيو. ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم وليمو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. کاڌو ٿيار ٿيو، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن پاڻ مهمانن ۾ کاڌو ورهايو. سندس وجود جي برڪت سان گھڻي تعداد ۾ مسلمانن شريڪ ٿي کاڌو کاڌو سڀئي ان ميلائپ مان خوش هئا ۽ خوشي ۽ مسرت ۾ مصروف هيا ڪنوار گھوٽ جي گھر ڏانهن هلڻ شروع ڪيو ته بني هاشم ۽ ٻيون مسلمان عورتون رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي حڪم سان ڪنوار سان گڏ خوش ٿيندي ۽ قصيدا پڙهندي گھوٽ جي گھرواري پاسي هلڻ لڳيون.

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: قصيدا چئو، تسبيح پڙهو ۽ تڪبيرون هڻو ليڪن ڪا به اهڙي شيءِ نه چئو جنهن ۾ خدا ناراض ٿئي. ڪنوار رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏاچي تي سوار هئي.  مسلمانن جي هٿ ۾ ڏاچي جي مهار، ۽ پيغمبر ۽ سندس ساٿي ڏاچي پٺيان هلڻ شروع ٿيا ۽ ان عظمت ۽ جلال سان ڪنوار کي گهوٽ جي گھر وٺي ويا. (72)

۽ سائڻ جي زندگي جو ٻيو مرحلو شروع ٿيو

شادي جو وڳو الله جي راھ م خرچ ڪرڻ

الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم شادي واري رات سائڻ زهرا سلام الله عليها لاءِ نئون لباس خريد ڪيو ۽ پنهنجو پراڻو ۽ چتيون لڳل لباس به سائڻ سان گڏ هيو، ان حالت ۾  هڪ سائل دروازو کڙڪائي سوال ڪيو: الله جي رسول جي گھر مان پراڻو لباس ٿو گھرجي؟  ليڪن اسلام جي مثالي خاتون قرآن مجيد جي هن آيت: ڪڏهن به نيڪيءَ تائين نٿا پهچي سگھو جيستائين پنهنجي پياري شي کي خرچ  نه ڪيو (73)

کي نظر ۾رکندي نئون لباس سائل کي ڏنو ۽ پراڻو لباس پاڻ پاتو ته جبرئيل، رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم مٿان نازل ٿيو ۽ عرض ڪيو: اي اللہ جا رسول! تنهنجو رب تو مٿان سلام ٿو موڪلي ۽ مون کي اهو به فرمان ڏنو آهي ته فاطمه سلام الله عليها تائين سلام پهچايان ۽ ان لاءِ بهشتي لباسن منجھان هڪ سبز لباس موڪليو اٿائين. (74)

ز: سائڻ زهرا سلام الله عليها سان رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي محبت ۽ چاهت

سائڻ زهرا سلام الله عليها ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي پاڻ ۾ محبت ۽ چاهت ۾ ڪڏهن به ڪمي نه آئي ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي چاهت نه رڳو پيءُ ۽ نياڻي واري هئي، بلڪه پيغمبر اسلام، سائڻ زهرا کي اخلاقي فضيلتن، ايمان ۽ معنويت جو مظهر سمجھندي ساڻس عشق ڪندو رهيو ته ٻئي پاسي سائڻ به پيغمبر اسلام کي پيءُ هجڻ کان علاوه رهبر ۽ سرواڻ جي نطر سان ڏسندي هئي. جيستائين رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم مڪي ۾ هيو ته سائڻ جي عنايت ۽ محبت ان حد جي هئي جو ام ابيها (75)

(پيءُ جي ماءُ) جي ڪنيت سان مشهور ٿيل هئي. رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سائڻ سان شديد محبت ڪندا هئا. پاڻ جڏهن به سفر جو ارادو ڪندا هئا ته سڀني کان آخر ۾ جنهن شخصيت سان خدا حافظي ڪندا هئا اها سائڻ زهرا سلام الله عليها هئي ۽ سفر کان واپسي مهل به سڀني کان پهريان سائڻ جي گھر وڃي ساڻس ملاقات ڪري پوءِ پنهنجي گھر ويندا هئا. (76)

جڏهن به سائڻ، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت م حاضر ٿيندي هئي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي جاءِ ڇڏي سندس پيشاني چمي پنهنجي جڳھ تي ويهاريندو هيو. جڏهن به پيغمبر پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ويندو هيو ته سائڻ به پنهنجي جاءِ ڇڏيندي هئي، هڪ ٻئي کي بوسا ڏيڻ کان پوءِ گڏجي ويهندا هئا. (77)

الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم ڪيترائي دفعه فرمايو: فاطمه منهنجي جگر جو ٽڪڙو آهي جنهن ان راضي ڪيو ان ڄڻ مونکي راضي ڪيو ۽ جنهن سائڻ کي رنجايو ان مونکي رنجايو ۽ منهنجي نزديڪ فاطمه بهترين مخلوق آهي. (78)

ح: حضرت زهرا سلام الله عليها ۽ شوهر جي خدمت

سائڻ زهرا سلام الله عليها پنهنجي گھريلو زندگي ۾ مڙس جي خدمت جو طريقو هر زماني جي عورتن کي سيکاريو. سائڻ ۽ مولا جي شادي جي زماني ۾ مسلمانن جي معاشي حالت ڀلي نه هئي، مهاجر پنهنجي ڪا به ملڪيت کڻڻ کان سوا ئي مديني ڏانهن هجرت ڪري آيا هئا ۽ انصار جن جي اڪثريت مال رکندڙ نه هئي انتهائي خلوص سان مهاجرن جي ميزباني ڪئي. صحابين جو وڏو انگ جن وٽ ڪو به گھر يا رهڻ جي جاءِ نه هئي اهي مسجد نبوي جي ڀرسان شاميانن ۾ زندگي گذاريندا هئا. جيئن پوئتي به بيان ڪيوسين ته حضرت علي عليه السلام وٽ ڪو به گھر نه هيو جنهن ۾ پنهنجي ڪنوار وٺي وڃي.

گذريل ڳالهين تي نظر ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته: سائڻ جي زندگي ۾ شديد فقر ۽ غربت هئي ليڪن پنهنجي ايمان ۽ دلي عقيدي تي ڀروسو ڪندي زندگي جي مشڪلات تي صبر ڪيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي شوهر کان ڪا اهڙي فرمائش نه ڪئي جيڪا مولا کي تڪليف ۽ زحمت ۾ وجھي. هڪ ڏينهن علي عليه السلام سائڻ فاطمه سلام الله عليها کان پڇيو: گھر ۾ ڪو کاڌو آهي؟ سائڻ جواب ڏنو : نه خدا جو قسم! ٻن ڏينهن کان وٺي پاڻ ۽ منهنجا ٻچڙا حسن ۽ حسين عليهما السلام بکيا آهيون.

مولا فرمايو: ڇو مونکي نه چيو؟ 

ته سائڻ جواب ڏنو: خدا کان شرم محسوس ڪيم جو توهان کان اهڙي شيءِ جي گھر ڪيان جنهن کي آڻڻ جي توهان ۾ طاقت نه هجي. (79)

هڪ ٻئي روايت ۾ آيو آهي: علي عليه السلام فاطمه سلام الله عليها کي فرمايو: ڇا کائڻ لاءِ ڪاشيءِ گھر ۾ آهي؟ ته سائڻ جواب ڏنو: قسم ان ذات جو جنهن تنهنجي حق ۽ شان کي وڏو سمجھيو ٽن ڏينهن کان وٺي ڪا به اهڙي شيءِ گھر م نه آهي جيڪا اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪيان.

علي عليه السلام پڇيو ته ڇو مونکي نه چيئي؟

سائڻ جواب ڏنو: بابي جو فرمان آهي ته علي عليه السلام کان ڪا به شيءِ نه گھر، سواءِ ان جي جو هو پاڻ تنهجي لاءِ وٺي اچي. (80)

بهرحال روزيءَ ۾ تنگي ۽ معاشي مسئلن جي ڪري سائڻ ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي. سائڻ زهرا سلام الله عليها جهڙي شخصيت، جنهن جي نگاھ ۾ مادي ۽ دنياوي نعمتون ڪا به اهميت نه پيون رکن انهن نعمتن جو نه هجڻ سائڻ کي ڪڏهن به تڪليف نه پيو رسائي.

هڪ ڏينهن سلمان ڪنهن ڪم سانگي سائڻ زهرا سلام الله عليها جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته سائڻ جي سر تي پراڻي چادر جنهن کي ٻارنهن (12) چتيون لڳل هيون ڏسي روئڻ لڳو ۽ چيو ڪيترو نه ڏک ٿو رسي جڏهن ڏسان ٿو ته قيصر ۽ ڪسرى جون ڌيئر ريشمي ۽ پشمي لباس پائن ليڪن اللہ جي رسول جي نياڻي ايتريون چتيون لڳل چادر پائي. سائڻ زهرا سلام الله عليها جڏهن پنهنجي بابي وٽ آئي ته عرض ڪيائين:  اي اللہ جا رسول!  سلمان منهنجي چتيون لڳل چادر ڏسي تعجب ڪيو، قسم ان ذات جو جنهن توهان کي حق سان مبعوث ڪيو پنجن سالن کان وٺي علي عليه السلام جي گھر ۾ آهيان ان حالت ۾ جو فقط رڍ جي هڪ کل آهي جنهن ۾ ڏينهن جو اٺ کي گاھ رکي ڏيندي آهيان ۽ رات جو ان تي سمهندا آهيون. (81)

 واقعا سائڻ زهرا سلام الله عليها پنهنجي گھريلو زندگي ۽ مڙس سان گڏ رهڻ ۽ ان جي راضپي جو ايترو خيال رکيو جو مولا علي عليه السلام فرمايو: خدا جو قسم فاطمه ڪنهن به ڪم ۾ منهنجي نافرماني نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن مونکي ڪاوڙايو. مان جڏهن به ان ڏانهن ڏسندو هيس ته ڏک ۽ غم جو درد ختم ٿي ويندو هيو.  ليڪن علي عليه السلام به مڪمل طور تي پنهنجي گھرواري جي حقن کي ادا ڪندو رهيو جو مولا پاڻ ئي ان گفتگو ۾ اڳتي فرمائي ٿو:  خدا جو قسم مان ڪڏهن فاطمه کي نه رنجايو ۽ سندس دل کي ڪنهن به شيءِ سان آلوده نه ڪيم ايسيتائين جو اللہ کيس هن فاني دنيا مان واپس گھرايس. (82)

ط:گھر ۾ ڪم ۽ مردن سان ميلاپ

سائڻ زهرا سلام الله عليها زندگي گذارڻ لاءِ گھر جي ڪمن ۾ ڪوشش ۽ جديت سان پنهنجي شوهر جي مدد ڪندي هئي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن به غير مرد سان ملڻ کي بلڪل به پسند نه ڪندي هئي. رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي صحابين کان پڇيو:  ته عورتن لاءِ ڪهڙي شيءِ سڀني کان وڌيڪ بهتر آهي؟ ته ڪو به جواب نه ڏئي سگھيو. جڏهن حضرت علي عليه السلام گھر آيو ته ساڳيو ئي سوال سائڻ زهرا سلام الله عليها کان پڇيوته سائڻ جواب ۾ فرمايو: عورت لاءِ بهترين شيءِ اها آهي ته هوءَ ڪنهن به اجنبي (غير مرد) کي نه ڏسي ۽ نه وري غير مرد هن کي ڏسي. (83)

سائڻ پنهنجي ان نظرئي سببان گھر ۾ زندگي جي ڪمن بابت پنهنجي شوهر سان هن ريت ورهاست ڪئي ته گھر ۾ اندريان ڪم جـهڙوڪ: ٻار سنڀالڻ، جنڊ هلائڻ، ۽ ماني پچائڻ کي سائڻ انجام ڏيندي هئي ۽ گھر جا ٻاهريان ڪم جــهڙوڪ: ڪاٺيون آڻڻ ۽ گھر جون ضرورت واريون شيون آڻڻ علي عليه السلام جي ذمي هيون.

مولا علي عليه السلام ۽ جناب فاطمه سلام الله عليها، رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ گَھر جي ڪمن جي ورهاست جي گُھر ڪيائون ته اللہ جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم گھر جا اندريان ڪم سائڻ فاطمه سلام الله عليها جي ذمي ۽ گھر جا ٻاهريان ڪم علي عليه السلام جي ذمي معين ڪيا. سائڻ ورهاست جو اهو طريقو ڏسي فرمايو “ خدا کان علاوه ڪير به نه ٿو ڄاڻي ته مان ڪيترو خوش آهيان ان ڳالھ تي جو اللہ جي رسول مونکي ماڻهن جي سامهون اچڻ ۽ انهن سان روبرو ٿيڻ کان بچايو. (84)

امام علي عليه السلام بني اسد جي هڪ مرد کي فرمايو: ته ڇا مان پنهنجي ۽ جناب زهرا سلام الله عليها جي حالت جيڪا رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي عزيزن منجھان سڀ کان وڌيڪ عزيز هئي توکي ٻڌايان ته ان خاتون ايترو پاڻي ڪڍيو جنهن جا نشان سندس سيني تي باقي هئا ۽ ايترو اٽو پيٺو جو سندس هٿن تي زخم (لڦون) پئجي ويون ۽ گھر کي ايتري ٻهاري ڏني ۽ ديڳڙي هيٺيان باھ ٻاري جو سندس لباس گرد آلود ۽ پراڻو ٿي ويو ۽ انهن ڪمن کي انجام ڏيندي ڪيتريون ئي تڪليفون ڏٺائين. (85)

هڪ روايت ۾ هن ريت بيان ٿيل آهي:  ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جناب زهرا سلام الله عليها وٽ آيا ان حالت ۾ جو سيده کي اٺ جي اُن جو لباس پاتل هو ۽ ٻارڙي کي کير پياريندي ڪڻڪ يا جوَ پيهي رهي هئي اهڙي حالت ڏسي پيغمبر جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمايو: ڌيءَ دنيا جي دردن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪري آخرت جي مٺاس ۽ خوشيءَ کي حاصل ڪر. سائڻ زهراءِ مرضيه، والد جي جواب ۾ فرمايو: يا رسول الله! پالڻهار جِي روزِي ۽ نعمتن تي سندس شڪرگذار آهيان. (86)

ي: زهرا سلام الله عليها ۽ پرهيزگاريءَ جي تعليم

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  جيتوڻيڪ پنهنجي نياڻي سان بي انتها محبت رکندو هو ليڪن نه پئي چاهيو ته سندس نياڻي معنويت ۽ بزرگيءَ واري مقام جي اوج تان هيٺ لهي دنيا ۾ مصروف ٿئي ۽ سائڻ زهرا سلام الله عليها به ائين ئي پئي چاهيو جنهن جو مثال شاديءَ جو جوڙو اللہ جي راھ ۾ خرچ ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺوسين. ته ٻئي پاسي وري ان زماني جا ڏکيا حالات تقاضا پيا ڪن ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم ۽ سندس رشتيدار زندگيءَ گذارڻ ۾ معاشري جي ٻين ماڻهن وانگر هجن ته جيئن معاشري جي نادار ۽ غريب ماڻهن جي سڪون جو سبب بڻجن، تنهن ڪري ڏسون ٿا ته ڪيترن ئي موقعن تي ڪائنات جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجي نياڻي کي نصيحت ڪئي ته دنيا جي چمڪ ڌمڪ ۾ مصروف نه ٿي ۽ نه وري فقيرن واري زندگي گذار

ڪ: تسبيح زهرا سلام الله عليها

گھر جا ڪم سنڀالڻ سائڻ لاءِ مشڪل هئا، مولا علي عليه السلام سائڻ کي فرمايو : ڇا ٿيندو جو اگر تون پنهنجي والد کان هڪ خادمه جي تقاضا ڪرين جيڪا زندگيءَ جو وزني بار کڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪري؟

حضرت زهرا سلام الله عليها پنهنجي بابي جي خدمت ۾ حاضر ٿي ته جيئن پنهنجو عرض رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ ۾ پيش ڪري ليڪن سائڻ جو شرم رڪاوٽ بڻيو جو پنهنجي ڳالھ زبان تي آڻي، رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم ان ڳالھ ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي نياڻيءَ جي گھر آيو ۽ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي اچڻ مهل مولا ۽ سندس گھرواريءَ آرامي هئا. رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم  سلام ڪرڻ کان پوءِ اندر اچڻ جي اجازت گھري ته امام علي عليه السلام سلام جو جواب ڏيندي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سائڻ جي گذريل ڏينهن واري خواهش بابت سوال ڪيو؟ ته امام هڪ خدمتگذار جي ضرورت جي ڳالھ ڪئي، ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: ڇا توهان کي اهڙي شيءِ سيکاريان جيڪا  نوڪر کان بهتر آهي؟ ۽ پوءِ اها مشهور تسبيح کيس سيکاري. (87)

ان تسبيح جي ترتيب بابت مختلف روايتون آهن ليڪن شيعه عالمن وٽ مشهور اهو اهي ته 34 دفعه تڪبير (اللہ اڪبر) 33 دفعه حمد (الحمد لله) آخر ۾ 33 دفعه تسبيح (سبــحان الله) آهي. (88)

هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو:  خدا جو قسم! جڏهن اصحاب صفه بک ۾ پاھ ٿي رهيا هجن، ته اهڙي صورتحال ۾ مان توهان کي نوڪر ڪيئن ڏيندس.  (89)

ل: بابي جي جدائي

سائڻ جي شاديءَ کي اٺ سال ۽ ڪجھ ڏينهن گذريا ۽ انهن اٺن سالن م سائڻ جي شاديءَ جو ثمر  ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون، جن جا نالا حسن، حسين ۽ محسن عليهم السلام (رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم سندس نالو محسن رکيو هيو جيڪو سائڻ جي گھر تي حملي دوران سقط ٿيو) (90)

۽ زينب ۽ ام ڪلثوم سلام الله عليهما هئا. سائڻ زهرا سلام الله عليها پنهنجي عظيم اولاد جي تربيت لاءِ بي انتها ڪوشش ۽ زحمت ڪئي. بعثت جي ستين سال خيبر جا قلعا فتح ڪرڻ کان پوءِ فدڪ جي رهواسين رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم سان هن شرط سان ته:  “ پيغمبر جي طرفان فدڪ جي زمين ۾ ڪم ڪار ڪندا ۽ فصل مان ٻنهي جو حصو اڌ اڌ ٿيندو”  صلح ڪيو.

فدڪ ڇو جو جنگ ڪرڻ کان بغير هٿ آئي هئي ان ڪري قران مجيد جي حڪم موجب (خالص) پيغمبر لاءِ هئو. (91)

ڪيترن ئي مفسرن ۽ حديث جي ماهرن جي مطابق جڏهن هي آيت:

وَ آت ذا القربى حقه ....” (92)

نازل ٿي ته پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم  فدڪ سائڻ زهرا سلام الله عليها کي بخشي ڇڏيو.

هجرت جو ڏهون سال شروع ٿي ويو، رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم حج کان واپس ٿيندي ئي پنهنجي رحلت جي زماني جي ويجھي هجڻ جي خبر ٻڌائي (دلين اها غم انگيز خبر ٻڌي ڄڻ ته ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيو) ته ماڻهن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو ۽ سڀني کان وڌيڪ ڏکائتي سائڻ زهرا سلام الله عليها هئي جيڪا پيءُ جي وڇوڙي جي سگھ نه پئي رکي. رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي بيماري ڪجھ ڏينهن جاري رهي بهرحال الله جي آخري رسول هجرت جي ڏهين سال ئي پنهنجي جان خدا جي حوالي ڪئي ۽ مسلمانن خاص ڪري اهلبيت عليهم السلام کي جدائي جو داغ ڏئي،  جانسوز غم ۾ مبتلا ڪيو.

رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت سائڻ جي مٿان مصيبتن جو پهاڙ ٿي ڪري ۽ سائڻ جو ڏينهن رات گريو شروع ٿي ويو. سائڻ جي دل مٿان اها مصيبت ايتري ته وزني هئي جو خوشي ۽ مسرت لاءِ ڪا به جڳھ باقي نه رهيس. سندس بابي جي وڇوڙي کان پوءِ سائڻ جي پوري حياتي روئندي گذري ۽ ڪڏهن به سائڻ خوش نه ٿي.

امام محمد باقر عليه السلام جن فرمايو : رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي رحلت کان پوءِ ڪنهن به سائڻ جي چهري تي خوشي يا مسڪراهٽ نه ڏٺي ۽ هن دنيا مان وڃڻ تائين ان حالت ۾ ئي رهي.  (93)

۽ گريو ڪندڙ (جيڪي گھڻو روئڻ جي ڪري ان لقب سان مشهور ٿيا پنج انسان آهن؛ حضرت آدم ، حضرت يعقوب، حضرت يوسف، سائڻ فاطمه سلام الله عليها ۽ امام علي ابن الحسين (امام سجاد) عليه السلام آهن ليڪن سائڻ فاطمه پنهنجي بابي (۽ ٻين ايندڙ مصيبتن) جي ڪري ايترو گريو ڪيو جو مديني جا رهواسي تنگ ٿي ويا ۽ گھر ڪيائون ته سائڻ ڏينهن جو گريو ڪري يا رات جو. (94)

م: حق جو غصب ٿيڻ

اڃان رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جو جسم ٿڌو ئي نه ٿيو هو جو ڪجھ انصار، سقيفه بني سائده ۾ گڏ ٿيا ته جيئن اهو طئي ڪن ته رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم کان پوءِ خلافت ڪنهن جي حوالي ڪن. اهو ميڙ الاهي فرمان، غدير خم ۽ ان جــهڙن ٻين واقعن کي وساري ايندڙ حڪومت کي هٿ ڪرڻ لاءِ سازشن ۾ مصروف ٿي ويو. ڪجھ مهاجرن کي به انصار گڏ ٿيڻ جي خبر پئي ته جلدي پاڻ کي اتي پهچايو ته جيئن ڪجھ به ٿيڻ کان پهريان ئي حالات تي ڪنٽرول ڪن، نتيجي ۾ مهاجرن جي ڪجھ ماڻهن حالات جي نبض تي ڪنٽرول ڪري، ابوبڪر کي مسلمانن جو خليفو بڻايو. ۽ سندس بيعت ڪرڻ کان پوءِ سقيفي ۾ موجود انصار به ابوبڪر جي بيعت ڪئي. ان طريقي سان مسلمانن جو خليفو معين ٿي ويو ۽ ٻين کان بيعت وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

ليڪن اهلبيت عليهم السلام بيعت نه ڪئي خاص ڪري علي عليه السلام جيڪو خلافت کي خم غدير ۾ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي واضح فرمان جي روشنيءَ ۾ پنهنجو مسلم حق پيو سمجھي. مولا علي عليه السلام جي پيروي ڪندي ڪجھ بزرگ صحابين به ابوبڪر جي بيعت نه ڪئي. سقيفي جي ڀوتارن کي مولا علي عليه السلام جي بيعت نه ڪرڻ ڏکئي لڳي ايستائين جو سوال پيدا ٿيڻ لڳا ۽ نتيجي ۾ ماڻهن جا ذهن روشن ٿيڻ لڳا. تنهڪري انهن ارادو ڪيو ته هر صورت ۾ امام علي عليه السلام کان بيعت وٺڻي آهي. حڪمرانن جي ٽڪڙن  تي پلندڙ، سقيفي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ شخص جي نگراني ۾ امام علي عليه السلام جي گھر آيا ته جيئن مسجد ۾ وٺي، امام کان ابوبڪر جي بيعت ڪرائن، ۽ ان ٽولي جي سردار اهو اعلان ڪيو ته يا گھر مان نڪري اچو (۽ بيعت لاءِ مسجد هلو) ورنه گهر کي ان جي رهندڙن سميت باھ ڏيندس. ان کي چيو ويو ته ان گھر ۾ ته فاطمه زهرا سلام الله عليها آهي، چيائين ڀلي اها ئي ڇو نه هجي. ته سائڻ گھر جي دروازي تي بيهي فرمايو:  مان توهان کان وڌيڪ خراب ڪا به قوم نه ٿي سمجھان جيڪا ان نموني سان ڪنهن کي ڏسڻ لاءِ آئي هجي،  توهان رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي جنازي کي اسان جي هٿن ۾ ڇڏي پاڻ خلافت جي قميص پائڻ لاءِ هليا ويو، ان کان بغير جو گھر ۾ اچڻ لاءِ اجازت گُھرو يا اسان جو حق اسان کي واپس ڪريو. (95)

سقيفي طرفان معين ٿيل وڏيري جڏهن اهو ڏٺو امام عليه السلام ۽ سندس ساٿي گھران ٻاهر نٿا نڪرن ته گھر کي باھ ڏني، ان حالت ۾ جو سائڻ دروازي پٺيان موجود هئي ۽ وڏي زور سان در کي ڌڪو ڏنو جنهن سبب سائڻ جو فرزند “محسن” سقط ٿي  شهيد ٿي ويو. (96)

سقيفي جا ڪارندا گھر ۾ داخل ٿي امام علي عليه السلام کي گردن ۾ رسي وجھي گــهليندا گـــهليندا مسجد ڏانهن وٺي ويا. سائڻ ڪجھ لحظن کانپوءِ هوش ۾ آئي ته هيانءُ ڏاريندڙ ۽ درد جي شدت ۾ ڦٿڪندي به سندس شوهر بابت سوال ڪيو. جڏهن سمجھيائين ته سندس شوهر کي مسجد ڏانهن وٺي ويا آهن ته امام عليه السلام جي دفاع لاءِ ان حالت ۾ جو امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام ۽ بني هاشم جون ڪجھ عورتون ساڻس گڏ هيون مسجد جو رخ ڪيو، جيئن ئي مسجد پهتي ته انهن سان روبرو ٿي فرمايو : قسم ان خدا جو جنهن محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي حق سان مبعوث فرمايو اگر علي ( عليه السلام) مان هٿ نه ڪڍندئو ته پنهنجا وار کولي رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم جي پهراڻ پنهنجي مٿي رکي توهان مٿان لعنت موڪلينديس ۽ يقين ڄاڻو ته صالح جي ڏاچي خدا جي بارگاھ ۾ مون کان وڌيڪ عزتدار نه آهي ۽ نه وري ان جي ٻچي جي قيمت منهنجي فرزند کان وڌيڪ آهي. (97)

حضرت علي عليه السلام اها حالت ڏسي حڪم ڪيو ته زهرا سلام الله عليها کي گھر واپس وٺي وڃو.

 سقيفي جي مزدورن جڏهن حالتن کي پنهنجي لاءِ نامناسب سمجھيو ته علي عليه السلام کي ڇڏي ڏنو ۽ جيستائين سائڻ زنده هئي امام عليه السلام جي سامهون نه آيا.

ن: فدڪ جو غصب ٿيڻ

سقيفي جي سازشن ۽ اتي پيش ايندڙ دردناڪ واقعن کي اڃان ڪجھ ڏينهن ئي نه گذريا جو هڪ ٻيودردناڪ واقعو پيش آيو. سقيفي جي حڪمرانن کي حڪومت هلائڻ لاءِ مالي مدد جي ضرورت هئي، جنهن جو پوراءُ ڪرڻ لاءِ فدڪ واري ملڪيت کي ڦٻايائون. (98)

 فدڪ رسول اللہ صلي الله عليه وآله وسلم طرفان سائڻ کي هبه (تحفي) ۾ مليل ۽ سائڻ جي اختيار ۾ هئي. پهرئين خليفي سائڻ جي ڪڙمين کي فدڪ مان ٻاهر ڪڍڻ جو دستور ڏنو ۽ پنهنجا مزدور ۽ سنڀاليندڙ معين ڪيا. ته سائڻ زهرا سلام الله عليها پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ خليفي وٽ شڪايت ڪئي ته خليفي چيو تون فدڪ جي وارث هجڻ جي دعويدار آهين، جڏهن ته مان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن کان ٻڌو آهي ته پاڻ جن فرمايو : اسان نبي ميراث ۾ ڪا به شيءِ ناهيون ڇڏيندا.

سائڻ ابوبڪر جي گفتگو کي رد ڪندي فرمايو: بابي فدڪ مونکي هبه (تحفي) ۾ ڏني هئي. خليفي اسلامي دستور جي خلاف سائڻ کان گواھ گھريا ته سائڻ حضرت امام علي عليه السلام ۽ بيبي ام ايمن کي گواھ طور پيش ڪيو ته خليفي چيو: ته ڇا هڪ مرد ۽ هڪ عورت جي گواهي سان فدڪ جي گھر ٿي ڪرين؟!  (99)

سائڻ زهرا سلام الله عليها جنهن کي ان فرياد مان ڪو به نتيجو حاصل نه ٿيو، پنهنجو حق وٺڻ ۽ مظلوميت جو آواز ٻين مسلمانن جي ڪَنن تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي بابي سان منسوب مسجد ۾ آئي. جتي سائڻ پردي پٺيان ويهي تفصيلي خطبو پيش ڪيو، جنهن ۾ الاهي معرفت، احڪام جو فلسفو ۽ علوم دين پيش ڪيا. ۽ خطبو هلندي ئي حاڪمن جي عملن کي رد ڪندي، خلافت جي غصب ٿيڻ ۽ فدڪ جي کسجي وڃڻ ۽ ابوبڪر طرفان وارث نه هجڻ واري پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث ڏانهن اشارو ڪندي مضبوط دليلن سان انهن بهانن کي رد ڪيو، ۽ پوءِ پنهنجي گفتگو جو رخ انصار ڏانهن ڪندي انهن کان مدد جي گھر ڪئي. (100)

ابوبڪر جواب ۾ اهلبيت عليهم السلام جي تعريف بيان ڪئي ۽ پنهنجي ڪيل ڪم جي علت بيان ڪندي چيو ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو : اسان نبي ڪا به ميراث ناهيون ڇڏيندا، اسان جي ميراث علم ۽ حڪمت آهي ۽ اسان جي ملڪيت اسان کان بعد ۾ حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ جي هٿ ۾ هوندي آهي. ته حضرت زهرا سلام الله عليها فرمايو : اها ڳالھ جنهن جي تون نسبت الله جي رسول ڏانهن ڏئي رهيو آهين، قرآن جي مخالف آهي ۽ پيغمبر قرآن جي مخالف ڪا به ڳالھ ناهي چوندو.  ابوبڪر ان مهل پاڻ کي ماڻهن جو چونديل ۽ پنهنجي ڪرتوتن کي انهن جي رضايت ۽ چاهت طور بيان ڪيو ته سائڻ ماڻهن ڏانهن متوجھ ٿي کين خليفي جي پيرويءَ ۽ قرآن جي مخالفت ڪرڻ کان ڊيڄاريو. (101)

سائڻ زهرا سلام الله عليها جي خطبي ۽ ابوبڪر سان ڳالھائڻ، کان پوءِ مسلمانن ۾ شديد گھٻراهٽ ۽ شور ايجاد ٿيو ۽ خطرناڪ نتيجا نڪرڻ جو احتمال وڌي ويو. ته وقت جو حڪمران، جيڪو حالات جي نتيجي کان آگاھ هيو منبر تي ويو ۽ اهلبيت عليهم السلام جي بي احترامي ڪندي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي ۽ ماڻهن کي ۽ ڌمڪائيندڙ، حقارت ڪندڙ  لهجي ۾ چپ ڪرائي. (102)

س: مهاجرن ۽ انصارن کان مدد جي گھر

اهلبيت عليهم السلام جيڪي پنهنجي حقن کي غصب ٿيندي ڏسي رهيا هئا، حق کي زنده ڪرڻ ۽ حجت تمام ڪرڻ لاءِ هڪ نئون قدم کنيو، امام علي عليه السلام پنهنجي گھرواريءَ ۽ ٻنهي فرزندن کي ڪنهن سواريءَ تي سوار ڪري راتين جو مهاجرن ۽ انصار جي گھرن ۾ ويندو هيو ۽ کين پنهنجي غصب ٿيل حق واپس وٺڻ لاءِ مدد ڪرڻ جيِ دعوت ڏيندو هئو

حضرت زهرا سلام الله عليها انهن کي فرمايو: اي انصار ۽ مهاجرو!  اللہ جي رسول جي نياڻي جا مددگار بڻجي الله جي مدد ڪريو، جنهن ڏينهن توهان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي بيعت ڪئي هئي، ان ڏينهن اهو عهد به ڪيو هيو ته هر مصيبت کي توهان ۽ توهان جي اولاد کان پري ڪنداسين، هاڻي اچو ۽ ان جي اولاد جي حفاظت ڪريو ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان ڪيل واعدي سان وفا ڪريو، ليڪن ڪنهن به مناسب جواب نه ڏنو. وڌ مان وڌ ڪجھ ماڻهن جواب ڏيندي اهو چيو: اسان خليفي جي بيعت ڪري ڇڏي آهي اگر تنهنجو چاچي ڄائو ۽ شوهر ان کان پهريان اهو ڪم ڪري ها ته اسان ڪڏهن به منهن نه موڙيون ها ۽ ابوبڪر جي بيعت نه ڪريون ها. مولا علي عليه السلام ان اجائي ۽ بيڪار ڳالھ جو جواب هن ريت ڏنو “ڇا مان ائين ڪريان ها جو رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو جنازو ڇڏي حڪومت لاءِ جھيڙو ڪريان ها! (103)

 واقعا مصيبتن اچي سائڻ زهرا سلام الله عليها مٿان اهڙو حملو ڪيو جو سائڻ وٽ فقط گريي ۽ اللہ جي بارگاھ ۾ شڪايت ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي رستو باقي نه بچيو، تنهنڪري سائڻ انهن سختين ۽ مشڪلاتن کي آخري گھڙين تائين برداشت ڪيو ۽ غم جي شدت ۽ جسم تي لڳل زخمن سائڻ کي بيماري جي بستر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

ق: سائڻ زهرا سلام الله عليها سان عورتن جي ملاقات

زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ انصار ۽ مهاجرن جون ڪجھ عورتون سائڻ جي عيادت لاءِ، سائڻ وٽ حاضر ٿيون ته سائڻ موقعي مان فائدو حاصل ڪندي هڪ خطبي جي ضمن ۾ انهن جي سخت مذمت ڪندي فرمايو:  ته توهان جا مرد ڇو اهلبيت عليهم السلام جي کسيل حقن کي واپس ڏيارڻ لاءِسان جي مدد لاءِ اٿي کڙا نه ٿيا؟ ۽ پوءِ اها پيشنگوئي ڪئي ته عنقريب ظالم حڪمرانن جي چنبي ۾ ڦاسندئو جيڪو توهان جي ناموس تي حملا ڪندو.

سائڻ خطبي جي هڪ حصي ۾ فرمايو:

(اَمـّا لَعـُمـْرى لَقَدْ لَقَحَتْ فَنَظِرَةٌ رَيْثَما تُنْتِجُ، ثُمَّ احْتَلِبُوا اَمِلْءَ الْقَعْبِ دَماً عَبيطاً وَ ذُعافاً مُبيداً هُنالِكَ يَخْسَرُ الْمُبْطِلُونَ وَ يَعْرِفُ التّالُونَ، غَبَّ مَسَّسَهُ الاَوَّلُونَ ... وَ اءَبْشِرُوا بِسَيْفٍ صـارِمٍ وَ سـَطـْوَةِ مـُعْتَدٍ غاشِمٍ، وَ هَرْجٍ شامِلٍ، وَ اسْتِبْدادٍ مِنَ الظّالِمينَ يَدَعُ فَيْئَكُمْ زَهيداً وَجَمْعَكُمْ حَصيداً...)

پنهجي جان جو قسم! فتني جو نطفو ذهنن ۾ اچي چڪو آهي، ٿورڙو صبر ڪريو ته جيئن اهو نطفو پنهنجو ڦر ٻاهر ڪڍي ۽ ان مهل توهان زماني جي  ٿڻن مان کير ڏهڻ بجاءِ رت ۽ خون ڏهندؤ ۽ پوءِ پنهجي ٿانوَن کي تازي خون ۽ زهر سان ڀرجو، ان مهل بدڪارن ۽ نقصانڪارن کي نقصان کانسواءِ ڪا به شيءِ هٿ نه ايندي، ۽ ايندڙ نسل به ان نتيجي کي ڏسندا جنهن جو ٻج انهن جا وڏا رکي چڪا هوندا ۽ توهان کي ڪٽيندڙ تلوارن ۽ ظالم ۽ جابر قدرتن جي بشارت ڏيان ٿي. جنهن ۾ ڦڏو، فساد، ظلم ۽ استبداد، اسلامي معاشري ۽ حڪومت مٿان قابض هوندو ۽ توهان کان بيت المال کسي توهان جي مردن جي بي حرمتي ڪئي ويندي. (104)

ظ: شهادت

سائڻ زهرا سلام الله عليها جو جسم هر روز غم ۽ درد جي شدت جي ڪري ڪمزور ٿيندو رهيو ۽ نتيجي ۾ سندس بابي جي وڇوڙي کان پوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن فاني جهان کي خدا حافظ ڪيو. سائڻ پنهنجي وصيت ۾، مؤمنن جي امير کان اها تقاضا ڪئي ته کيس رات جو دفن ڪري ۽ وقت جي حڪمرانن منجھان جن سائڻ مٿان ظلم ڪيا ۽ کيس ناراض ڪيو ڪو به سندس تشييع جنازه ۾ حاضر نه ٿئي. (105)

مولا علي عليه السلام به سائڻ جي وصيت موجب سائڻ کي غسل ڏنو ۽ پنهنجي ڪجھ ويجھي عزيزن سان گڏ قبر حوالي ڪري اهو حڪم ڏنو ته مختلف مقامن تي ڪجھ قبرون کوٽرايو ته جيئن مظلومه ۽ شهيد بيبيءَ جي قبر جي ڪنهن کي به خبر نه پئي ۽ دشمن جي حملي کان محفوظ رهي. ان نموني سان سڄي جهان جي سردار بيبي، رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي نياڻي، اللہ جي وليءَ جي گھرواري، جنتي جوانن جي سردارن جي ماءُ هن دنيا تان هلي وئي ۽ سندس وجود ملاء اعلى (مٿاهين جهانن) ڏانهن پرواز ڪري ويو.

اَللّهـُمَّ صـَلِّ عـَلَيـْهـا وَ عـَلى اَبـيها وَ بَعْلِها وَ بَنيها وَاجْعَلْنا مِنْ مُحِبّيها وَ مُحِبّى مُحِبّيها وَ مُبْغِضى مُبْغِضيها اِنَّكَ عَلى كُلِّ شَىْءٍ قَديرٌ وَ بِالاِجابَةِ جَديرٌ

اللہ جا درود ۽ سلام هجن سندس مٿان، سندس بابي، شوهر ۽ اولاد مٿان ۽ پالڻهار  اسان کي سندس محبن ۽ انهن سان محبت ڪندڙن سان محبت ڪرڻ ۽ ان سان نفرت ڪرڻ وارن سان نفرت ڪندڙن مان قرار ڏئي، بيشڪ تون هر شيءِ مٿان قادر ۽ قبوليت جي طاقت رکندڙ آهين.

حوالا

56ـ  گھڻو ڪري مستحبي (نافله) نماز مراد آهي.

57ـ بحارالانوار، ج 16، ص 78 ـ 79.

58ـ بحارالانوار، ج 43، ص 2 ـ 3. ليڪن روايتن ۾ اهي چار نالا مختلف ذڪر ٿيل آهن ، هڪ روايت ۾ حـوا، مـريـم ، آسيه ۽ ڪلثوم ۽ ٻي روايت ۾ ساره ، آسيه ، مريم ۽ صفوراء (حـضرت شعيب جي نياڻي) بيان ٿيل آهن . (فاطمه زهرا از ولادت تا شهادت ۽ بحارالانوار، ج 16، ص 80.

59ـ بـحـارالانـوار، ج 43، ص 13. ليڪن ٻيا نالا جهڙوڪ : صديقه ، مبارڪه ، طاهره ، زڪيه ، راضـيـه ، مـرضـيه ۽ محدثه پڻ موجود آهن ۽ هر هڪ لاءِ ان نالي جي علت پڻ بيان ٿيل آهي. (ساڳيو، ص 10، باب اسمائها).

60ـ فاطمه زهرا، قزويني ، مترجم ، ص 125.

61ـ مناقب ، ج 1، ص 71.

62ـ مديني کان ٻن ميلن جي فاصلي تي مڪي واري رستي  سان هڪ ڳو ٺ جو نالو آهي (معجم البلدان ، ج 4، ص 302)  3 ميل هڪ فرسخ آهي (لسان العرب ، ج 11، ص 639).

63ـ بحارالانوار، ج 43، ص 107.

64ـ وسائل الشيعه ، شيخ حر عاملي ، ج 4، ص 29.

65ـ بحارالانوار، ج 43، ص 58.

66ـ بحارالانوار، ج 43، ص 93.

67ـ بحارالانوار، ج 43، ص 127.

68ـ بحارالانوار، ج 43، ص 140.

69ـ اهڙو ٻوٽو جنهن ۾ سنهڙا پن آهن جنهن سان وهاڻا ڀريا ويندا هئا ، ۽ ڪجھ دوائون ٺاهڻ جي ڪم پڻ ايندو آهي

70ـ بحارالانوار، ج 43، ص 94 ـ زندگاني فاطمه زهرا (س) ، سيد جعفرشهيدي ، ص 59.

71ـ بحارالانوار، ج 43، ص 130.

72ـ مناقب ابن شهر آشوب ، ج 3، ص 354.

73ـ لَنْ تـَنـالُوا الْبـِرَّ حـَتـّى تـُنـْفـِقـُوا مـِمـّا تـُحـِبُّونَ  (آل عمران ، آيه 92).

74ـ فـاطـمـه زهـرا، مـتـرجـم ، قـزويـنـي ، ص 164 نزهة المجالس ، صفوري شافعي ، ج 2، ص 226. تان نقل ڪندي

75ـ مقاتل الطالبيين ، ص 39.

76ـ مناقب ، ج 3، ص 333.

77ـ مناقب ، ابن شهر آشوب ، ج 3، ص 333.

78ـساڳيو ، ص 332.

79ـ زندگاني فاطمه زهرا (س) ، ص 81.

80ـ بحارالانوار، ج 43، ص 31.

81ـ ساڳيو ، ص 88.

82ـ فاطمه زهرا، ص 183.

83ـ بحارالانوار، ج 43، ص 54.  ليڪن ان ڳالھ ۽ ضروري ڪمن ۾ عورتن جي شرڪت ڪرڻ ۾ ڪو به تضاد ناهي، جهڙوڪ سائڻ پاڻ پنهنجي زندگي جي اڳتي بيان ٿيندڙ حصي ۾ پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ گھران نڪتي ليڪن مڪمل حجاب ۽ سڀن شرعي حڪمن کي نظر ۾ رکندي.

 84ـ بحارالانوار، ج 43، ص 81.

85ـ ساڳيو، ص 82.

86ـ ساڳيو ، ص 87.

87ـ فاطمة الزهراء، بهجة قلب المصطفى ، ص 215 ـ 216.

88ـ ساڳيو.

89ـ زندگي فاطمه زهرا، ص 85.

90ـ فاطمه الزهراء، بهجة قلب المصطفى ، احمد رحماني همداني ، ص 634.

91ـ وَما اَفاءَ اللّهُ عَلى رَسُولِه مِنْهُمْ فَما اَوْجَفْتُمْ عَلَيْهِ مِنْ خَيْلٍ وَ لارِكابٍ... (حشر، آيه 6).

92ـ اسراء، آيه 26.

93ـ فاطمه زهرا، ص 253.

94ـ بـحـارالانوار، ج 43، ص 155. ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته سائڻ جو گريو رڳو سندس والد جي جدائيءَ ۾ نه، بلڪه سندس روئڻ ۾ بابي جي رحلت کان پوءِ ايندر مصيبتن جو پڻ وڏو اثر هيو. ۽ مديني جي (حڪمران طبقي) جو اعتراض سندن پول پڌرا ٿيڻ سببان هيو، ورنه عام روئڻ کين ڪو به نقصان نه پيو پهچائي نه وري ڪو بهانو پئي بڻيو جو گھڻي زور ۽ تاڪيد سان اهو چون ته زهرا يا رات جو روئي يا وري ڏينهن جو،  سائڻ جو گريو به امام زين العابدين عليه السلام جي روئڻ وانگر ظالمن جي حقيقي چهري کي وائکو ڪندڙ هيو، ايندڙ صفحن ۾ سائڻ مٿان ايندڙ مصيبتن جو ذڪر ايندو، ليڪن ان ڳالھ جي تاڪيد لاءِ بهتر آهي ته سائڻ جي قبر مٿان مولا علي عليه السلام جي  فرمايل ڳالهه  جو ذڪر ڪيون جنهن ۾ سائڻ مٿان ايندڙ مصيبتن ۽ سندس روئڻ جا راز بيان ٿيل آهن، جنهن ۾ مولا علي عليه السلام رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم سان مخاطب ٿي فرمايو: (عنقريب تنهنجي نياڻي توکي ٻڌائيندي ته تنهنجي امت ڪيئن منهنجي خلاف هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو، سندس حق جي غصب ٿيڻ بابت به ان کان احوال  پڇجان ۽ سندس دل جا احوال اورجان، جو سائڻ جي دل ۾ ڪجھ اهڙا راز هيا جيڪي سندس سيني ۾ جوش کائي رهيا هيا، ليڪن دنيا ۾ ڪنهن کي نه ٻڌائي سگھي... (فاطمه زهرا، ص 609.)

95ـ فـاطـمـه زهـرا، مـتـرجـم ، قـزويـنـي ، ص 302 ،  الامامة و السياسة ، ج 1، ص 19. کان نقل ڪندي

96ـ فـاطـمـه زهـرا، قـزويـنـي، ص 303، شهرستاني جي ملل و نحل ، ۽ بلاذري جي الانساب الاشراف ،  ج 1، ص 404. تان نقل ڪندي

97ـ فاطمه زهرا، ص 312 ۽ تاريخ يعقوبي ، ج 2، ص 126.

98ـ هي فدڪ جي غصب ٿيڻ جي هڪ علت آهي۽ فدڪ جي غصب لاءِ ٻيون علتون به ذڪر ٿيل آهن جن منجھان هڪ هي به آهي ته ڇو جو فدڪ جي آمدني تمام گھڻي هئي جنهن سان امام علي عليه السلام پنهنجي غصب ٿيل خلافت واري حق جي واپسي لاءِ ڪيترائي اقدام ڪري پئي سگھيو. تنهنڪري دشمنن اهو سوچيو ته کائنس اهو مضبوط مالي وسيلو کسيون ته جيئن مولا زندگي جي مشڪلات ۾ گرفتار ٿئي ۽ ڪمائڻ لاءِ مجبور ٿئي ۽ پنهنجو غصب ٿيل حق واپس وٺڻ لاءِ وقت ئي نه ڪڍي سگھي  (شرح ابن ابي الحديد، ج 16، ص 236).

99ـ اعيان الشيعه ، ج 1، ص 314.

100ـ اعيان الشيعه ، ج 1، ص 315.

101ـ فاطمة الزهرا، قزويني ، ص 457 ـ 485.

102ـ شرح نهج البلاغه ، ابن ابي الحديد، ج 21، ص 214.

103ـ فاطمه زهرا، ص 567.

104ـ فاطمه زهرا، توفيق ابوعلم ، مترجم ، ص 239 ۽ بحارالانوار، ج 43، ص 160.

105ـ بحارالانوار، ج 3، ص 199.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found