ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

توحيد ، حضرت زهرا (س) جي زباني خطبه فدڪ جي روشنيءَ ۾

 

تحرير: افتخار علي سولنگي

خداوند متعال جي وحدانيت تي عقيدي رکڻ کي توحيد سڏيو وڃي ٿو. خدا وند متعال جي هيڪڙائيءَ جي گواهي ڏيڻ ، سندس بارگاھ ۾ انهيءَ وقت قابل قبول آهي جڏهن اها سڄي وجود ۽ خالص نيت سان زبان تي جاري ٿئي. خداوند متعال جي وحدانيت جي گواهي ڏيڻ يعني خدا کي ان عمل تي گواھ قرار ڏيڻ آهي جنهن کي اسان انجام ڏئي رهيا آهيون. توحيد، اسلام ۽ قرآن جو اهم ستون آهي ۽ ان ڳالھ کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته جيسيتائين انسان جو فڪر ۽ عقيدو تبديل نه ٿو ٿئي ته عمل ۾ به ڪا تبديلي نه ايندي آهي. ان جي ڪري سڀ کان پهريان فڪر ۽ عقيدي کي صحيح ڪيو وڃي ته جيئن عمل جي اصلاح ٿي سگھي ڇاڪاڻ ته هر انسان پنهنجي اعمال جو جواب ڏيندڙ آهي ۽ سواءِ عقيدي ۽ فڪر کي صحيح ڪرڻ جي اصلاح عمل لاءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي ڇو ته فڪر ۽ عقيدو بدن جو حاڪم هوندو آهي اتان کان ان راز جو پتو پوي ٿو ته هڪ مسلمان، عمل ڪرڻ کان پهريان پنهنجي ضمير ۽ باطن ۾ ڪجھ اصولن جو اعتقاد رکندو هجي جنهن کي اصول دين جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي عمل سان انهن اصولن کي مستحڪم ۽ قوي ڪري. نتيجي ۾ انسان جي سعادت جو معيار صحيح ڪردار آهي جيڪو منحصر آهي انسان جي فڪر ۽ عقيدي جي اصلاح تي.

ذات خدا جي معرفت

علم ڪلام (عقائد) ۾ توحيد کي ٻن قسمن جي طرف تقسيم ڪيو وڃي ٿو: توحيد نظري ۽ توحيد عملي. توحيد نظري وري هيٺين قسمن جي طرف تقسيم ٿئي ٿو:

1ـ توحيد ذاتي  2ـ توحيد صفاتي    3ـ توحيد افعالي.

حضرت زهرا (س) خطبه فدڪ ۾ توحيد جي انهن قسمن کي بيان ڪندي فرمائن ٿيون ته:

(اشْهَدُ انْ لا الهَ الَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لا شريک لَه) (1)

آءُ گواهي ٿي ڏيان ته اڪيلي خدا کان سواءِ ڪو به معبود ناهي، بي مثال آهي اها ذات جنهن جو ڪو به مٽ ناهي

1ـ توحيد ذاتي

حق اهو آهي ته ذات خداوند متعال کي سڃاڻي نٿو سگھجي ڇاڪاڻ ته ذات خدا لامحدود آهي ۽ انسان جي عقل ۽ فهم محدود.

خدا پنهنجي ذات ۾ احد آهي سندس ڪو به مٽ ۽ مثل ناهي، هو بسيط آهي ۽ عقلي، خارجي، مقداري، منطقي ۽ فلسفي ترڪيب (2) منجھان ڪابه سندس ذات ۾ جاري نٿي ٿي سگھي. توحيد ذاتي جو هي حصو حقيقت ۾  ان ڳالھ کي بيان ڪندڙ آهي ته خدا جي ذات ۾ ڪا به ڪثرت پاتي نٿي وڃي.

ذات خدا جو ڪو به مثل ۽ شريڪ ناهي ۽ توحيد ذاتي جو هي حصو ان معنا کي بيان ڪندڙ آهي  ته خدا جي ذات کان علاوه ٻيو ڪو به خدا وجود نٿو رکي. ان ڪري سندس ذات جو بسيط هجڻ يعني خدا جو پنهنجي ذات ۾ مرڪب نه هجڻ ۽ خدا جو ٻيو ڪو شريڪ نه هجڻ. ان ڪري علم ڪلام جا ماهر علماء،  ذات خدا جي بسيط هجڻ کي توحيد احدي ۽ خدا جي شريڪ نه هجڻ کي توحيد واحدي سان تعبير ڪن ٿا. (3) حضرت زهرا (س) خطبه فدڪ ۾ توحيد جي هن قسم کي بيان ڪندي فرمائن ٿيون ته: (اشْهَدُ انْ لا الهَ الَّا اللَّهُ وَحْدَهُ لا شريک لَهُ)

توحيد صفاتي

خدا جون صفتون هڪ حد ۽ مرتبي ۾ ناهن. ڪجھ صفتون خدا جي لاءِ تسبيح ۽ تقديس کي بيان ڪندڙ آهن، ڪجھ وري سندس حسن ۽ ڪمال کي بيان ڪن ٿيون  ۽ ٻئي پاسي ڪجھ صفتن جو مضمون ذات خدا آهي ته وري ڪجھ صفتن جو مضمون فعل خدا، انهيءَ ڪري صفات الاهي لاءِ ڪجھ تقسيمات آهن جيئن صفات ثبوتي ۽ صفات سلبي، صفات ذاتي ۽ صفات فعلي.

صفات ثبوتي ۽ صفات سلبي

اهي صفتون جيڪي خدا جي نامحدود ڪمال ۽ سندس ذات جي حُسن ۽ جمال کي بيان ڪندڙ آهن انهن کي صفات ثبوتي يا صفات ڪمال يا صفات جمال پڻ سڏيو وڃي ٿو ۽ اهي صفتون جيڪي نقص ۽ عيب ۽ محدوديت کي بيان ڪندڙ هجن ۽ خدا انهن کان پاڪ  ۽ منزه آهي صفات سلبي  آهن جن کي ڪڏهن ڪڏهن صفات جلال پڻ سڏيو وڃي ٿو. (4)

حضرت فاطمه زهرا (س) خطبه فدڪ ۾ فرمائن ٿيون:

(الْمُمْتَنِعُ مِنَ الْابْصارِ رُؤْيَتُهُ)(5)

محال آهي ڏسندڙن لاءِ جو خدا کي ڏسي سگھن.

جناب زهرا (س) هن ٽڪڙي ۾ صفات سلبي منجھان هڪ تمام مشهور صفت، رويت کي بيان ڪيو آهي انسان پنهنجي ظاهري اکين سان خدا جو ديدار نٿو ڪري سگھي. جڏهن ته ان صفت جي باري ۾ مسلمانن ۾ تمام گھڻو اختلاف آهي ته ڇا خدا کي ظاهري اکين سان ڏسي سگھجي ٿو يا نه؟ قيامت ۾ خدا کي ظاهري اکين سان ڏسي سگهبو يا نه؟ حضرت زهرا (س) جو فرمان حقيقت ۾ قرآن مجيد جي هن آيت جي تفسير آهي ته

(لا تُدْرِكُهُ الأَبْصَارُ وَهُوَ يُدْرِكُ الأَبْصَارَ) (6)

اکيون ان (خدا) کي نٿيون ڏسن پر هو سڀني اکين کي ڏسي ٿو.

صفات ذاتي ۽ فعلي يا صفات ذات ۽ فعل

صفت ذات جي تعريف لاءِ مختلف معيار بيان ڪيا ويا آهن ڪڏهن چيو ويو آهي ته اها صفت جنهن جي لاءِ فقط ذات خدا کي ملاحظو ڪيو وڃي  ۽ غير خدا جي تصور جي حالت نه هجي ۽ ڪڏهن چيو ويو آهي ته صفت ذات اها صفت آهي جنهن جي مقابلي ۾ هميشه هڪ صفت خدا کان نفي ڪئي وڃي جيئن حيات، قدرت، علم جنهن جي مقابلي ۾ موت، عجز ۽ جهل آهي جن کي خدا کان نفي ڪيو وڃي ٿو يعني خدا کي موت نٿو اچي خدا عاجز ناهي ۽ خدا جاهل ناهي جيڪي صفات سلبي آهن .

امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

( وَ لَمْ يَزَلْ قَادِراً بِذَاتِهِ وَ لَا مَقْدُورَا)(7)

هو هميشه قادر آهي  جيتوڻيڪ ڪو به مقدور نه هجي. اهي صفات جيڪي خداوند متعال جي فعل مان انتزاع ڪيون وڃن صفات فعل آهن. البته انهن صفتن جي انتزاع لاءِ ذات خدا کان علاوه ڪا ٻي شي پڻ تصور ڪرڻ ضروري آهي. صفات فعل، صفات ڪمال آهن جيڪي خدا ۽ مخلوق جي وچ ۾ هڪ قسم جي نسبت کي بيان ڪندڙ آهن جيئن رازق، بس هڪ رزق ڏيندڙ آهي جنهن کي رازق چونداسين  ۽ هڪ ٻي شيءِ آهي جنهن کي خدا رزق ڏئي ٿو جيڪا سندس مخلوق آهي. تنهن ڪري جيسيتائين هن صفت جي ٻنهي طرفن (خدا ۽ مخلوق) کي نظر ۾ نه رکيو وڃي ان وقت تائين هن قسم جي صفت کي تصور نٿو ڪري سگھجي.

قدرت

قدرت لغت ۾ مختلف معنائن لاءِ آيل آهي ڪڏهن تنگي جي معنا ۾ ايندي آهي جيئن

َنَّ اللَّهَ يَبْسُطُ الرِّزْقَ لِمَن يَشَاء وَيَقْدِرُ)(8)

خدا جنهن جي لاءِ چاهي رزق ۽ روزي کي وڌائي ۽ جنهن جي رزق کي چاهي تنگ ڪري. ڪڏهن وري اندازي ۽ مقدار جي معنا ۾ ايندي آهي جيئن

ِنَّا كُلَّ شَيْءٍ خَلَقْنَاهُ بِقَدَرٍ)(9)

بيشڪ اسان هر شيءِ کي اندازي سان خلق ڪيو آهي  ۽ وري ڪڏهن توانائي، سگھ، طاقت ۽ قدرت رکڻ جي معنا ۾ ايندي آهي جيئن

ِنَّ اللَّهَ عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ)(10)

بتحقيق الله جي ذات هر شيءِ تي سگھ ۽ قدرت رکڻ واري آهي. جڏهن به قدرت خدا جو بحث ڪيو ويندو آهي ته مراد آخري معنا هوندي آهي  نه ڪا ٻي معنا.

قدرت جي اصطلاحي معنا

قدرت حڪماء ۽ فلسفين جي اصطلاح ۾: ارادي ۽ مشيت جي صورت ۾ فعل کي انجام ڏيڻ ۽ مشيت ۽ ارادي نه ڪرڻ جي صورت ۾ ان کي ترڪ ڪرڻ جو نالو آهي  يعني قادر ان کي چوڻ صحيح آهي جيڪو اگر ارادو ڪري ته ڪم کي انجام ڏئي ۽ اگر ارادو نه ڪري ته ان کي ترڪ ڪري پوءِ چاهي ڪنهن ڪم کي هميشه چاهي ۽ ان کي بطور مدام انجام ڏئي  يا هرگز نه چاهي ۽ ڪڏهن به انجام نه ڏئي. تنهن ڪري اهڙو فاعل جيڪو عمل کي انجام ڏيڻ يا ان جي ترڪ ڪرڻ تي قادر هجي پر ٻئي طرف کان عاجز هجي ته اهڙي فاعل کي قادر چوڻ مجازي آهي نه حقيقي.(11)

حضرت زهرا (س) خطبه فدڪ ۾ فرمائن ٿيون:

(ابْتَدَعَ الْاشْياءَ لا مِنْ شَيْ‏ءٍ كانَ قَبْلَها، وَ انْشَأَها بِلا اِحْتِذاءِ اَمْثِلَةٍ اِمْتَثَلَها، كَوَّنَها بِقُدْرَتِه)(12)

خداوند متعال هن جهان جي موجودات کي ابداع (خلق) ڪيو بغير ان جي جو ڪابه شيءِ ان کان پهريان وجود رکندي هجي  ۽ انهن سڀني کي ايجاد ڪيو بغير ان جي ته ڪو نمونو ۽ سرمشق ان کان پهريان وجود رکندڙ هجي انهن کي پنهنجي قدرت سان خلق ڪيو  تنهن ڪري هن جملي كَوَّنَها بِقُدْرَتِه جي معنا هن ريت آهي ته ذات احديت سڀني موجودات کي پنهنجي قدرت ذاتي سان خلق ڪيو. (13)

ارادو ۽ مشيت

حضرت زهرا (س) هن خطبي ۾ فرمائن ٿيون:

(ذَرَأَهَا بِمَشِيَّتِهِ )(14)

خداوند متعال جهان کي پنهنجي مشيت سان خلق ڪيو. عربي زبان ۾ جهان جي خلقت لاءِ مختلف تعبيرون استعمال ڪيون ويون آهن جيئن ايجاد، خلق، اِبداع، اِنشاء ۽ ذَرَأَ وغيره. سائڻ هن خطبي ۾ لفظ ذَرَأَ کي استعمال ڪيو آهي. هيءَ تعبير قرآن مجيد ۾ پڻ استعمال ٿي آهي

وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيرًا مِّنَ الْجِنِّ وَالإِنسِ)(15)

بيشڪ اسان جنن ۽ انسانن منجھان اڪثر جي لاءِ جهنم کي خلق ڪيو آهي. البته هنن تعبيرن جي درميان گهرو فرق موجود آهي جنهن کي هتي بيان ڪرڻ کان قاصر آهيون.

مشيت ۽ ارادي ۾ فرق

ارادو گھٽ ۾ گھٽ ٻن معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو:

1ـ چاهت ۽ محبت ڪرڻ

2ـ ڪنهن ڪم لاءِ عزم ۽ ارادو ڪرڻ (16)

ارادو، عزم جي معنا ۾ انسان اندر هڪ امر وجودي  ۽ قائم به نفس انسان آهي ۽ خاص مقدمن سان وجود ۾ اچي ٿو جن مان ڪجھ علم جي قسم۽ ڪجھ نفساني ڪيفيت مان آهن. اسان جڏهن چاهيون ٿا ته ڪو ڪم انجام ڏيون پهريان ان ڪم ۽ سندس فائدن کي تصور ڪندا آهيون اگر فائدي هجڻ جي پڪ ٿيندي آهي ته پوءِ ان ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ شوق پيدا ٿئي ٿو. ارادو ڪڏهن به پنهنجو پاڻ انساني نفس ۾ وجود ۾ نه ايندو آهي مثلا ڪو شخص اچانڪ ارادو نٿو ڪري ته سڀاڻي مريخ تي آرام ڪندو ڇاڪاڻ ته هن ارادي جا مقدما سندس نفس اندر نٿا پاتا وڃن، بس انسان ان کان پهريان جو ڪو ڪم ڪري ان ڪم ۽ ان ڪم جي فائدن کي پنهنجي نفس اندر سوچي ٿو۽ اگر ان علم سان گڏ ان ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ شوق پيدا ٿئي ته پوءِ انسان ارادو ڪري ٿو ته ان ڪم کي انجام ڏئي، ليڪن خداوند متعال پنهنجي ڪمن ۾ ذهن جو محتاج ناهي ته ان ڪم جي فائدن کي تصور ڪري ۽ نفساني ڪيفيت پڻ خدا جي لاءِ پاتي نٿي وڃي. انساني عقل جڏهن ذات خدا ۽ سندس صادر ٿيل فعل کي ملاحظو ڪري ٿو، ان نتيجي تي پهچي ٿو ته خدا کي ڪنهن به مجبور نه ڪيو آهي ۽ خداوند متعال علم ۽ آگاهيءَ ۽ بغير ڪنهن جبر جي ڪم انجام ڏنو آهي ۽ انسان جو عقل، ارادي جي نسبت خدا جي طرف ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: هي ڪم خدا جي ارادي سان ٿيو آهي. (17) 

البته مشيت، باطني ۽ درونيءَ طلب کي چيو ويندو آهي جيڪا طلب، فعل جي تحقق ۽ وجود ۾ اچڻ کان پهريان هوندي آهي ليڪن ارادو، انسان ۾ فعل ۽ عمل جي انجام ڏيڻ وقت هوندو آهي. خدا پاڪ وٽ به مشيت، فعل جي انجام ڏيڻ کان پهريان هوندي آهي ۽ ارادو فعل جي صادر ٿيڻ مهل هوندو آهي. البته ان ڳالھ کي نظر ۾ رکيو وڃي ته هي مفاهيم، انتزاعي آهن جيتوڻيڪ نتيجي ۾ ذات خدا کان علاوه مشيت يا ارادي جي نالي سان هڪ مستقل وجود هجي ائين ناهي، پر عقلي تحليل آڌار چئي سگھجي ٿو ته عقل جڏهن ڏسي ٿو ته خدا کان جاري ۽ صادر ٿيل ڪم سندس رضا جي خلاف ناهي بلڪه سندس ذات جي ڪمالات سان مواقف ۽ هماهنگ آهي ته عقل چوي ٿو : هي ڪم مشيت الاهي مطابق ٿيو آهي ۽ جڏهن عقل، ذات خدا کي مقام عمل ۾ ملاحظو ڪري ته خدا مجبور ناهي، عقل چوي ٿو ته خدا پنهنجي ارادي سان هي ڪم ڪيو آهي. (18)

اگر ارادو ۽ مشيت چاهڻ ۽ محبت ڪرڻ جي معنا ۾ هجن ته هي ٻه صفتون صفات ذات يا صفات ذاتي منجھان شمار ڪيون وينديون ۽ علم ڪلام جي ڪتابن ۾ هن شيءِ (ڳالھ) کي ذڪر ڪيو ويو آهي ته صفات ذاتي فقط انهن صفتن ۾ منحصر ناهن جيڪي عام طور تي بيان ڪيون وينديون آهن ان جو مثال هي آهي ته ڪجھ بزرگن صفت سميع ۽ بصير کي پڻ صفات ذاتي منجھان ڳڻايو آهي ۽ جيڪڏهن ارادي ۽ مشيت جي هڪ معنا، ڪم ڪرڻ لاءِ عزم هجي ته پوءِ هي ٻه صفتون، صفات فعليه منجھان هونديون ۽ انهن صفتن جو حڪم پڻ ٻين صفات فعل ۽ صفات اضافي وانگر هوندو جيئن خالقيت  ۽ رازقيت. (19)

صفات فعلي يا افعال الاهي

حضرت زهرا (س) هن ناياب خطبي ۾ فرمائن ٿيون:

(ابْتَدَعَ الْاشْياءَ لا مِنْ شَيْ‏ءٍ كانَ قَبْلَها، وَ انْشَأَها بِلا احْتِذاءِ امْثِلَةٍ امْتَثَلَها، كَوَّنَها بِقُدْرَتِه وَ ذَرَئَها بِمَشِيَّتِهِ، مِنْ غَيْرِ حاجَةٍ مِنْهُ الى‏ تَكْوينِها) (20)

خداوند متعال جهان کي خلق ڪيو بغير ان جي ته ان جهان کان پهريان ڪا شيءِ وجود رکندي هجي ۽ جهان کي خلق ڪيو بغير ان جي ته ڪنهن کي نمونو ۽ سرمشق قرار ڏي، ان خدا جهان کي پنهنجي قدرت سان وجود جو جامو پهرايو ۽ پنهنجي مشيت سان خلق ڪيو.

جهڙيءَ ريت ذات الاهي ۽ صفات جي حقيقت اسان جي لاءِ قابل درڪ ناهي اهڙي نموني خداجي فعل ڪامل ۽ اڪمل معرفت حاصل ڪرڻ پڻ ممڪن ناهي. اسين ڄاڻيون ٿا ته خدا آهي، جنين ۾ روح ڦوڪي ٿو ان کي زندھ ڪري ٿو، قيامت جي ڏينهن مُردن کي زندھ ڪندڙ آهي اسين انهن مقولن ۽ مفاهيم کي درڪ ته ڪريون ٿا پر انهن جي حقيقت تي پهچي نٿا سگھون ڇاڪاڻ ته انساني عقل محدود آهي ۽ خدا جي ذات ۽ صفات سان گڏ سندس افعال جي گهرائي ۽ اهداف، لا محدود آهن جيئن قرآن مجيد ۾ آهي ته

(وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِي)(21)

۽ پنهنجي روح مان ان ۾ ڦوڪيم.  هن آيت ۾ استعمال ٿيندڙ الفاظ جيئن روح ... قابل فهم ته آهي پر اها حقيقيت انسان جي لاءِ پوشيده آهي ته خدا روح کي ڪيئن خلق ڪري ٿو ۽ ان کي انساني بدن ۾ ڪيئن ڦوڪي ٿو.

خلقت عالَم بغير مادي جي

حضرت زهرا (س) فرمائن ٿيون:

(ابْتَدَعَ الْاشْياءَ لا مِنْ شَيْ‏ءٍ كانَ قَبْلَها)

خدا قادر مطلق آهي ۽ ڪنهن به شيءِ جو محتاج ناهي ته ڪا شيءِ عالم جي خلقت کان پهريان وجود رکندي هجي ڇاڪاڻ ته خدا کانسواءِ جيڪا به شيءِ فرض ڪجي اها خدا  جي مخلوق هوندي  ۽ جنهن به مادي کي فرض ڪجي اهو پڻ مخلوق هوندو. اگر هي عالم ڪنهن ٻئي مادي جو محتاج هجي ها ته ان مادي جي لاءِ سوال ڪيو ويندو ته ان مادي کان پهريان ڪهڙو مادو هيو ڇا هي مادو به ڪنهن ٻئي مادي جو محتاج آهي يانه؟ اهو سوال ائين پيش ايندو رهندو جنهن ۾ تسلسل لازم ايندو ۽ تسلسل باطل آهي تنهن ڪري هڪ ذهني تصوير مطابق فرض ڪجي ته خدا کي هڪ طرف قرار ڏنو وڃي ۽ هن پوري عالم کي ٻئي طرف ۾ ته هن عالم جي خلقت، سواءِ خداوند متعال جي ارادي جي ڪنهن به ٻي شيءِ جي محتاج ناهي. (22)

خدا جي معرفت ۾ رڪاوٽون:

1ـ شرڪ: خدا جي معرفت لاءِ سڀ کان وڏو مانع شرڪ آهي شرڪ، انسان جي روح کي نابودي جي طرف وٺي ويندو آهي ۽ انساني فطرت خدا کي وساري نٿي سگھي لهذا جڏهن انسان غير خدا جي طرف ويندو آهي ته حقيقت ۾ خدا جي لاءِ شريڪ قرار ڏيندو آهي. حضرت زهرا (س) انهيءَ حقيقت کي بيان ڪري رهيون آهن ته

(فَجَعَلَ اللَّهُ الْايمانَ تَطْهيراً لَكُمْ مِنَ الشِّرْكِ )(23)

خداوند متعال ايمان (توحيد) کي شرڪ کان پاڪ ٿيڻ جو سبب قرار ڏنو آهي .

2ـ ظلم: امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا:

إِنَّ الْحِجَابَ عَلَى الْخَلْقِ لِكَثْرَةِ ذُنُوبِهِم ْ)(24)

گناهن جي گھڻائي، سبب ٿئي ٿي ته خلق ۽ خالق جي درميان حجاب پيدا ٿي وڃن.

3ـ نفساني خواهشات: الله تعالى فرمائي ٿو:

( أَفَرَأَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلَهَهُ هَوَاهُ ) (25)

ڇا ان شخص کي ڏٺئي جنهن خواهشات نفساني کي پنهنجو معبود قرار ڏنو.

خدا جي معرفت جا آثار ۽ فائدا:

خداوند متعال جي هيڪڙائيءَ جو اعتقاد رکڻ ۽ سندس ربوبيت تي ايمان، مومن ۽ موحد انسان جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن ۾ اثر رکي ٿو، ٻين اکرن ۾ سوچ، اخلاق ۽ سندس ڪردار ان عقيدي جو آئينو هوندو آهي جيڪو سندس فردي ۽ معاشرتي زندگي ۾ بنيادي حيثيت جو حامل هوندو آهي.

1ـ گناھ کان دوري: حضرت زهرا (س) خطبي فدڪ ۾ فرمائن ٿيون:

فَبِعَيْنِ اللَّهِ مَا تَفْعَلُون‏)(26)

بس جيڪو عمل انجام ڏيو ٿا اهو محضر خدا ۾ آهي، موحد انسان اهو عقيدو رکندو آهي ته جهان، (خدا جي محضر) ۾ (حاضر) آهي  ۽ هر اهو ڪم جيڪو خدا جي عذاب ۽ ڏمر جو سبب ٿئي ان کان پاسو ڪندو آهي .

2ـ عقل جي نورانيت: حضرت زهرا (س)فرمائن ٿيون ٿي:

(وَ أَنَارَ فِي الْفِكْرِ مَعْقُولَهَا) (27)

خداوند متعال عقل کي ان اندازي مطابق نوراني ڪندو آهي جيتري مقدار ۾ عقل، توحيد ۾ تفڪر ڪندو آهي.

3ـ ڪفر ۽ شرڪ جو ختم ٿيڻ: حضرت زهرا (س) خطبي فدڪ ۾ فرمائن ٿيون:

( وَ انْحَلَّتْ عُقَدُ الْكُفْرِ وَ الشِّقَاقِ) (28)

۽ ڪفر ۽ نفاق جون ڳنڍيون کلي ويون. اهو انسان ٻين انسانن جهڙو ناهي جنهن شرڪ کان دوري اختيار ڪئي ۽ ايمان جي اعلى مرتبي تائين پهتو سندس نگاھ ۾ عالَم مظهر خدا جو مصداق آهي ۽ ڪڏهن به پاڻ وٽ خدا جي حاضر هجڻ کان غافل نٿو ٿئي. ان کان علاوه جيئن محبت خدا، خوف خدا، اطاعت خدا، ۽ ٻيا آثار بيان ٿيل آهن جيڪي معصومين عليهم السلام جي حديثن ۾ ذڪر ڪيا ويا آهن وڌيڪ مطالعي لاءِ حجت الاسلام محمد محمدي ري شهري دام ظله جي ڪتاب دانشنامه قرآن و حديث ج 5 ۽ ٻين ڪتابن جي طرف مراجعو ڪريو.

حوالا

1ـ بحار الانوار الجامعه لدرر الاخبار الائمه الاطهار، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220، الاحتجاج، احمد بن علي طبرسي، ج 1 ص 98، بلاغات النساء، احمد بن طاهر بن طيفور ص27، ڪشف الغمه، علي بن عيسى اربلي ج 2 ص 41 وغيره پر اسان خطبي فدڪ جي متن کي بحار الانوار مان نقل ڪري رهيا آيون.

2ـ انهن اصطلاحن جي وڌيڪ تفصيل جي لاءِ فلسفي ۽ منطق جي ڪتابن جي طرف مراجعو ڪريو.

3ـ محمد سعيدي مِهر، آموزش ڪلام اسلامي، ج 1 ص 75

4ـ توحيد در قرآن، عبد الله جوادي آملي ص 253، 254

5ـ بحار الانوار ، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

6ـ سورت انعام آيت 103 

7ـ بحار الانوار، محمد باقر مجلسي، ج 4 ص 68، 150

8ـ سورت روم آيت 37

9ـ سورت قمر آيت 49

10ـ سورت فاطر آيت 01

11ـ توحيد در قرآن، عبد الله جوادي آملي، ص 337

12ـ بحار الانوار ، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

13ـ حڪمت فاطمي (تلخيص شرح خطبه حضرت فاطمه زهرا (س)، سيد عز الدين حسيني زنجاني، ص 94، 95

14ـ بحار الانوار، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

15ـ سورت اعراف آيت 179

16ـ لسان العرب، ابن منظور، جمال الدين محمد بن مڪرم، مادو رَوَدَ، رساترين داد خواهي و روشنگري (شرح خطبه فدڪ)، محمد تقي، مصباح يزدي ج 1 ص 215

17ـ خدا شناسي، محمد تقي، مصباح يزدي ص 357، 358

18ـ ساڳيو ص 359

19ـ رساترين داد خواهي و روشنگري، محمد تقي، مصباح يزدي ج 1 ص 359

20ـ  بحار الانوار ، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

21ـ  سورت حِجر آيت 29، سورت ص آيت 72

22ـ رساترين داد خواهي و روشنگري، محمد تقي، مصباح يزدي ج 1 ص 199 ، 200 

23ـ بحار الانوار ، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

24ـ عيون اخبار الرضا، محمد بن علي ابن بابويه، ج 1 ص 132

25ـ سورت جاثيه آيت 23

26ـ بحار الانوار ، محمد باقر مجلسي، ج 29 ص 220

27ـ ساڳيو

28ـ  ساڳيو

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found