اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها هڪ بهترين ماءُ

تحرير: نظير احمد بهشتي

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها بهترين ماءُ هئي. جنهن هڪ ننڍڙي گهر ۾ اهڙن ٻارن جي تربيت ڪئي، جن جو نور فرش کان عرش تائين ڦهلجي ويو. ايتري قدر جو اڄ به پورو جهان سندس آخري فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي.

سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها انسان ڪامل جو هڪ بهترين نمونو آهي. سندس پوري زندگي عدالت، صبر، مهرباني، بردباري، سخاوت، ايثار، عفت ۽ پردي جي مڪمل تصوير آهي.

سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها گهر جي ماحول کي بهترين ۽ عادلاڻي طريقي سان هلائيندي اهڙن ٻارن جي تربيت ڪئي، جن جهان وارن کي انسان ٿيڻ جو سبق ڏنو. ان زماني ۾ عورتون پنهنجي عورت هجڻ تي پستي ۽ حقارت جو احساس ڪنديون هيون، ان جي ابتڙ سائڻ زهرا سلام الله عليها عورت جي رتبي کي عظيم ۽ اعلى ڄاڻيندي هئي ۽ پاڻ مٿان خدا جا احسان ڄاڻيندي هئي جنهن کيس ان قابل سمجهيو هو، جو ايڏو عظيم رتبو ۽ اهڙو اهم مورچو سندس حوالي ڪيو هئو.

سڀني فضيلتن ۽ ڪمالن جي مالڪ اها بيبي اميرالمومنين علي عليه السلام جي مثالي زال هجڻ سان گڏو گڏ هڪ مثالي ماءُ به هئي. جيتوڻيڪ اميرالمومنين علي عليه السلام ۽ سائڻ سلام الله عليها جا ٻار ذاتي طور  پاڪيزه من جا مالڪ هئا، ليڪن وري به سندن تربيت ۾ ماءُ جي اثر کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

سائڻ زهرا سلام الله عليها سهڻي تربيتي انداز کي اپنائيندي اهڙا ٻار معاشري جي حوالي ڪيا، جن مان هر هڪ ڀلن ڪمن، خدائي حڪمن ۽ دين جي ترقي جو سبب بڻيو ۽ عملي طور مقاومت، فداڪاري، شرافت، هدايت، سخاوت، بخشش، بهادري ۽ شهادت جو مينار بڻيو.

اها ماءُ جي محبت ڀري جهولي ۽ پيءُ جون خالص نوازشون هونديون آهن، جيڪي ٻار اندر انسان دوستي ۽ پاڻ جهڙن سان پيار جو روح ڦوڪي، کيس ٻين سان همدردي ۽ انهن جي مدد جو جذبو پيدا ڪنديون آهن، بلڪه ٻار کي اخلاق جو مجسمو ٺاهڻ ۽ سندس شخصيت سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن.

هڪ ڏينهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم امام حسن عليه السلام سان محبت ڪري رهيا هئا ۽ کيس چمي رهيا هئا ته اقرع بن حابس عرض ڪيو: مون کي ڏهه پٽ آهن، ليڪن اڄ تائين انهن مان ڪنهن هڪ کي به چمي نه ڏني اٿم.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم غضبناڪ ٿي فرمايو: الله سائين تنهنجي دل کي محبت کان خالي رکيو آهي ته مان ڇا ڪريان؟ جيڪو به ٻارن سان محبت ۽ وڏن جو احترام نه ڪري، اهو اسان مان نه آهي.

سائڻ زهرا سلام الله عليها اهڙي پٽ (حضرت امام حسين عليه السلام) جي تربيت ڪئي، جنهن حق کي زندهه ڪرڻ، اسلامي اقدار (values) جي حفاظت، پنهنجي ديني ذميوارين کي انجام ڏيڻ ۽ ظلم سان مقابلي خاطر پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها، حضرت بيبي زينب سلام الله عليها ۽ حضرت بيبي ام ڪلثوم سلام الله عليها جهڙين نياڻين جي تربيت ڪئي، جن پنهنجي انقلابي تقريرن سان بني اميه جي ظلمن کي وائکو ۽ مئل ضميرن کي زندگي عطا ڪئي.

سائڻ فاطمه سلام الله عليها پنهنجي تربيت ۾ عدالت کي مرڪزيت ڏني ۽ ممتا جي محبت ڀريل جذبن سان پنهنجي ٻارن جي اهڙي تربيت ڪئي جو اڄ به جهان وارا سندس ٻچڙي مهدي موعود جي عدالت جو انتظار ڪري رهيا آهن.

عدالت اپنائڻ متعلق پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمائن ٿا: پنهنجي ٻارن سان اهڙو عادلاڻو سلوڪ اختيار ڪريو جنهن جي اوهان ٻين کان اميد رکو ٿا ته توهان سان اهڙو عادلاڻو سلوڪ اپنائن.

هن مثالي ماءُ پردي ۽ عفت جي حفاظت ڪندي، نياڻين ۽ پٽن جي اهڙي تربيت ڪئي جو اهي معاشري جي عورتن ۽ مردن لاءِ مثالي نمونو بڻجي ويا ۽ پنهنجي عظمت جي آڌار

معاشري جي نفساني ۽ روحاني حدن جي حفاظت ڪيائون.

حضرت بيبي زينب ڪبرى سلام الله عليها ڳالهائڻ جي انداز ۽ بلاغت ۾ پنهنجي امڙ جو ٻيو روپ هئي. جهڙي ريت سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها خطبه فدڪيه ۾ استدلالي تقرير ڪري پنهنجي حق جو دفاع ڪيو، اهڙي ريت سندس نياڻي عقيله بني هاشم عاشور واري ڏينهن امامت ۽ رسالت جي حق جو دفاع ڪيو.

راضيه مرضيه بيبي سخت اقتصادي حالتن ۽ بد امني واري ماحول ۾ اهڙن پاڪ، عالم ۽ فضيلت وارن ٻارن جي تربيت ڪئي ۽ پنهنجي عبادي، ۽ سياسي ذميوارين کي به انجام ڏيندي رهي.

سندس تاريخ ۾ ملي ٿو ته پاڻ سلام الله عليها صبح تائين نماز پڙهندي هئي ۽ پاڙيسرين لاءِ دعا گهرندي هئي. پنهنجي عمل ذريعي ٻارن کي محتاجن جي مدد ۽ عبادت جو سبق ڏيندي هئي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found