سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

حضرت بيبي فاطمه (س) جي سيرت ۾ قرآن جي تجلي

تحرير: اسد رضا چانڊيو  

مهاڳ

خاتون جنت، سيده، صديقه، طاهره، حضرت فاطمه زهرا (عليها السلام) جي شخصيت تمام مسلمانن، بلڪه تمام نيڪ انسانن لاءِ چاهي ڪنهن به دين جا مڃڻ وارا هجن، هڪ مان ۽ عظمت واري شخصيت آهي. بيبي زهرا (عليها السلام) رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم)کان تربيت پاتي ۽ علم پرايو. ان لاءِ سندن زندگي ۽ ڪردار سڀن لاء نموني عمل آهي. سائڻ  جي زندگي ۾ هڪ طرف الله سائين سان تعلق  ۽ سندس بندگي نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف سائڻ  جو پنهنجي معاشري ۽ ماحول مطابق ذميوارين کي سٺي طريقي سان پورو ڪرڻ نظر اچي ٿو.

بيبي زهرا (عليها السلام)جي زندگي تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سائڻ (عليها السلام) ايمان، عمل، فڪر، عقيدي،  ڪردار، گفتار ۾ ۽ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي  ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ قرآن کان سکيا ورتي آهي ۽ سائڻ (عليها السلام)  جي پوري زندگي ۾ قرآن جي تجلي نظر ايندي.

اسان هن تحرير ۾ سائڻ (عليها السلام)  جي سيرت جا ڪجھ نمونا بيان ڪريون ٿا جن ۾ قرآن جي تجلي صاف ظاهر آهي.

1ـ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مدد

پاڻ سڳورن (صلي الله عليه و آله و سلم)  ٽن سالن تائين اسلام جي دعوت لڪائي پئي ڏني ان کان پوءِ الله سائين جي حڪم سان اسلام جي پيغام کي عام ڪيو.

)فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَأَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِينَ( (1) 

پوءِ جيڪو تو کي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ظاهر ڪر ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ.

 رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) اسلام جي پيغام پهچائڻ ۾ مشرڪن کان خوف نه کاڌو، مشرڪن بدلي ۾ کيس سوين سور رسايا. هڪ نادان مشرڪ پنهنجي دشمني ڪري رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مٿي مبارڪ تي (نعوذ بالله) مٽي اڇلائي، رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم)جي اکين مان لڙڪ جاري ٿيا ۽ پاڻ  ان حالت ۾ بيبي زهرا (عليها السلام)وٽ آيا بيبي زهرا (عليها السلام)روئيندي رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مٿي ۽ چهري مبارڪ تان مٽي صاف پئي ڪئي ته رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) کيس تسلي ڏيندي  فرمايو: زهرا! تون ڳوڙها نه ڳاڙ، الله سائين اسان جي مدد ڪندو (2)

ابن عباس (رضي الله تعالي عنه) فرمائي ٿو: هڪ ڏينهن رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) ڪعبي جي ڀر سان نماز پڙهي رهيا هئا ته ابو جهل مشرڪن سان خطاب ڪيو: ڪير ان جي نماز خراب ڪندو؟ جڏهن رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) سجدي ۾ ويا ته عبدالله ابن زبعري (نعوذ بالله) مٿن اٺ جي اوجهري اڇلائي. حضرت ابو طالب (عليه السلام)(3) عبدالله ابن زبعري کي پاڻ سڳورن (صلي الله عليه و آله و سلم) کان پري ڪيو ۽ بيبي زهرا (عليها السلام)پنهنجي ننڍڙن هٿن سان سندن جسم ۽ ڪپڙن کي صاف ڪيو ۽ کين گهر وٺي وئي. (4)

 هجرت کانپوءِ

بيبي زهرا (عليها السلام) ننڍڙي ڄمار هوندي به رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مدد ۽ اطاعت کان منهن نه موڙيو هجرت جي ٽئين سال جنگ احد ۾ بيبي زهرا (عليها السلام)اسلامي سپاهين کي کاڌو پهچائيندي رهي ۽ زخمين جو علاج ڪندي رهي ۽ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مدد پڻ ڪئي.

سهل، سعد ساعدي کي چيو:  جنگ احد ۾ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جا ڏند مبارڪ شهيد ٿيا ۽ دشمن جي وار سان پاڻ سڳورن (صلي الله عليه و آله و سلم) جو جسم ۽ لباس رت سان رنگجي ويو حضرت علي (عليه السلام)پنهنجي ڍال ۾ پاڻي کڻي آيا ۽ بيبي زهرا (عليها السلام)رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي زخم کي ڌوتو پر جڏهن رت نه رڪي ته بيبي زهرا (عليها السلام)کجي جي تڏي کي باھ ڏني ۽ ان جي خاڪ سندن زخم تي رکي جنهن سان رت بيهي وئي. (5)

2ـ  زهرا (عليها السلام) مونکي بابا چئو!

تاريخ مطابق جڏهن انسان قرآني ادب کان پري هئا ۽ جاهليت ۾ غرق هئا پنهنجن برين عادتن کان مجبور ٿي ڪري رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي مقام نبوت ۽ رسالت جو خيال نه ڪندي سندس نالي سان سڏ ڪندا هئا يامحمد يامحمد چوندا هئا جنهن جي اصلاح لاءِ الله تعالي قرآن ۾ ارشاد فرمايو:

)لَّا تَجْعَلُوا دُعَاءَ الرَّسُولِ بَيْنَكُمْ كَدُعَاءِ بَعْضِكُم بَعْضًا( (6)

اي ايمان وارو) جئين اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي (نالو وٺي) سڏيو ٿا تيئن اوهين رسول کي نه سڏيندا ڪريو.

امام جعفر صادق (عليه السلام)فرمائن ٿا: جڏهن هي آيت نازل ٿي، بيبي زهرا (عليها السلام) ڪيئي ڀيرا رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) کي يا رسول الله چئي ڪري سڏ ڪيو پر رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جواب نه ڏنو ۽ ڏانهس منهن ڪري فرمايائون: ٻچڙي زهرا هي آيت تنهنجي لاءِ ناهي بلڪه مونکي تنگ ڪرڻ وارن جي لاءِ آهي ٻچڙي زهرا:

)أنت منٌي و أنا منک ، قولي يا أبه ، فانها أحيي للقلب و أرضي للرب(

اي زهرا تون مون منجهان آهين مان تو منجهان آهيان تون مونکي بابا چئي پڪار ان سان مان به خوش ٿيان ٿو ۽ منهنجو پالڻهار به خوش ٿئي ٿو. (7)

3ـ  بيبي زهرا (عليها السلام) جي شادي

قرآن ڪريم شادي کي

)مِّيثَاقًا غَلِيظًا( (8) 

پڪو انجام  چيو آهي. رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) کان ڪيترن ئي ماڻهن بيبي زهرا (عليها السلام)جي رشتي جي گهر ڪئي پر ايمان ۽ فڪري برابري نه هجڻ ڪري رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) انڪار ڪيو ۽ فرمايائون: ان ڳالھ جو فيصلو الله سائين ڪندو. (9) پر جڏهن حضرت علي (عليه السلام) رشتي جي گهر ڪئي ته مناسب فڪري ۽ ايماني برابري هجڻ باوجود رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) بيبي زهرا (عليها السلام)کان ورندي ورتي ۽ کيس فرمايائون:

)ماترين ؟( (10) 

زهرا! تنهنجي مرضي ڇا آهي؟ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) پنهنجي ان عمل سان شادي ۾ عورتن لاءِ انتخاب جي حق هجڻ  جو درس ڏنو آهي، ۽ اهو ٻڌايو آهي ته ڌيئرن جي شادي انهن جي مرضي سان ٿيڻ گهرجي. قرآن ڪريم به شادي جي رشتي کي مودت ۽ رحمت (11) ڪوٺيو آهي.  انهن مرحلن کان پوءِ اها شادي تمام سادگي سان ٿي جيڪا سادگي هميشه لاءِ بيبي زهرا (عليها السلام)جي زندگي جو حصو بڻجي وئي. 

4ـ بيبي زهرا  (عليها السلام) ۽ هڪ زال جون ذميداريون

قرآن ڪريم مومنياڻين جون صفتون هن ريت بيان ڪيون آهن 

 )فَالصَّالِحَاتُ قَانِتَاتٌ حَافِظَاتٌ لِّلْغَيْبِ( (13) 

پوءِ نيڪ بخت زالون ته (مڙسن جي) تابعداري ڪنديون آهن (۽) هنن جي پر پٺ (به) جئين (سندن) حفاظت ڪئي، اهي به (هر ڳالھ جي) حفاظت ڪنديون آهن.

 قرآن ڪريم مطابق سٺين زالن جون ٻه اهم ذميداريون آهن هڪ مڙس جي گهر موجود هجڻ جي صورت ۾ ۽ ٻئي مڙس جي گهر نه هجڻ جي صورت ۾. مڙس جي گهر موجود هجڻ جي صورت ۾ مڙس سان نياز ۽ نوڙٽ سان پيش اچي ۽ مڙس جي گهر نه هجڻ جي صورت ۾ ان جي رازدار رهي ۽ مڙس جي مادي ۽ معنوي حقن جو خيال ڪري. بيبي زهرا (عليها السلام) تمام سادگي سان زندگي گذاري ڪڏهن ڪنهن شي جي فرمائش نه ڪيائون. بيبي (عليها السلام) نه صرف اضافي شين جي گهر نه  ڪئي پر ڪڏهن ته ضروري شين جي نه هجڻ جي صورت ۾ به فرمائش ۽ شڪايت کان پرهيز ڪيو. حضرت علي (عليه السلام) هميشه چاهيندو رهيو ته بيبي زهرا (عليها السلام)ڪا فرمائش ڪري پر بيبي زهرا (عليها السلام)ڪڏهن ڪا فرمائش نه ڪئي. هڪ ڀيري بيبي زهرا (عليها السلام) تمام بيمار هئي حضرت علي (عليه السلام) جي اصرار تي هڪ ڏاڙهون جي فرمائش ڪيائين. (14) بيبي زهرا (عليها السلام) پنهنجي پوري زندگي سادگي، محبت، سچائي ۽ مڙس جي خيال رکڻ جو درس ڏنو. 

5ـ عبادت ۽  شب بيداري

الله سائين قرآن ۾ انسان جي خلقت جو ڪارڻ عبادت کي ڄاڻايو آهي ۽ بيبي زهرا(عليها السلام)جي پوري زندگي ۾ اهو قرآني قانون حاڪم نظر اچي ٿو. عبادت ۾ به سڀن کان اهم عبادت نماز ۽ شب بيداري آهي قرآن جو فرمان آهي.

)الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللَّـهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ وَيَتَفَكَّرُونَ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ هَـذَا بَاطِلًا سُبْحَانَكَ فَقِنَا عَذَابَ النَّارِ( (15) 

جيڪي الله کي اٿندي وهندي پاسا بدلائيندي (مطلب ته هر حال ۾) ياد ڪن ٿا پڻ آسمانن ۽ زمينن جي بناوٽ ۾ غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ (وجد ۾ اچي) چون ٿا ته خداوندا! تو هنن کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي، تون (بيڪار ڳالهين  کان) پاڪ صاف آهين. پوءِ تون اسان کي دوزخ جي باھ کان بچاءِ.

بيبي زهرا (عليها السلام)پنهنجي بابا رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) وانگي هميشه پوري رات جاڳي الله سائين جي عبادت ۾ بسر ڪنديون هيون.

رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) حضرت علي (عليه السلام)حضرت حسن (عليه السلام) ۽ امام حسين (عليه السلام)جڏهن به  گهر ايندا هئا نماز جي عام وقتن کان سواءِ به بيبي زهرا(عليها السلام)کي عبادت واري جڳھ  تي عبادت ۾ مشغول ڏسندا هئا. (16)

دنيا جي مشهور اٺن زاهدن مان هڪ زاهد، حسن بصري چئي ٿو:

 )ما کان في هذه الامه أعبد من فاطمه (س ) کانت تقوم حتي تورم قدماه( (17) 

هن امت ۾ بيبي زهرا (عليها السلام)کان وڏو ڪو زاهد ناهي. پاڻ  ايتري عبادت ڪندي هئي جو سندس پيرن ۾ ورم پئجي ويندا هئا.

روايت ۾ آهي ته: الله سائين بيبي زهرا (عليها السلام) جي عبادت کي ڏسي فخر ڪندو آهي ۽ فرشتن کي فرمائيندو آهي:  )ڏسو هي منهنجي ٻانهي زهرا آهي ڪئين منهنجي عبادت ڪري رهي آهي!( (18) 

6ـ  بيبي زهرا (عليها السلام)جو ايثار ۽ ٻين کي پاڻ تي مقدم ڪرڻ

ٻين جي حقن جو خيال رکڻ معاشري جي سونهن آهي جنهن جي قرآن ڏاڍي تاڪيد ڪئي آهي. (19) اها صفت انسان کي نوراني بڻايندي آهي ۽  ڪمال تائين پهچائيندي آهي بيبي زهرا (عليها السلام)جي زندگي ۾ هن قرآني صفت جي تجلي نمايان آهي.

اسان هتي ڪجھ نمونا ذڪر ڪريون ٿا:

1ـ امام حسين (عليه السلام)پنهنجي ڀاءُ امام حسن (عليه السلام)کان نقل ڪن ٿا ته: مون ڏٺو جمعي جي رات منهنجي امڙ صبح تائين عبادت ڪندي رهي ۽ دعائون گهرندي رهي پر پنهنجي لاءِ ڪا دعا نه گهريائين صرف ٻين لاءِ دعائون گهريائين مون کانئس سوال ڪيو: امڙ ڇو صرف ٻين لاءِ دعائون گهريون اٿو ۽ پنهنجي لاءِ ڪا دعا نه گهريو؟  بيبي زهرا (عليها السلام)جواب ۾ فرمايو:

)الجار ثم الدار(

پهريان پاڙي وارا پوءِ گهر وارا. (20)

2ـ  ابن جوزي روايت ڪري ٿو: رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) بيبي زهرا (عليها السلام)جي شادي واري رات سندس چادر پراڻي ٿيڻ سبب نئين چادر خريد ڪئي رات جو ڪنهن سوالي سوال ڪيو. بيبي زهرا (عليها السلام)چاهيو پنهنجي ٻئي چادر فقير کي ڏيان وري بيبي کيس خيال آيو الله سائين جو قرآن ۾ فرمان آهي.

)لَن تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّى تُنفِقُوا مِمَّا تُحِبُّونَ(

(انسانو!) اوهان ڀلائي کي ڪڏهن به نه پهچندو جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيءِ خرچ نه ڪندو.

يعني الله جي راه ۾ سٺي شي ڏجي. بيبي زهرا (عليها السلام)پنهنجي شادي جي رات پنهنجي نئين چادر الله جي راه ۾ ڏني. (21)

3ـ زمخشري پنهنجي تفسير ڪشاف ۾ ابن عباس کان روايت ٿو ڪري ته:

جڏهن حسن (عليه السلام)۽ حسين (عليه السلام)بيمار ٿيا ته رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) عيادت لاءِ آيا ۽ فرمايائون: جيڪڏهن توهان انهن جي شفا لاءِ روزن جي نذر ڪيو ته الله سائين انهن کي شفا ڏيندو. رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) حضرت علي (عليه السلام) بيبي زهرا  (عليها السلام) ۽ بيبي فضه (رضي الله تعالي عنها) ٽن ڏينهن جي روزن جي نذر ڪئي. پهرئين ڏينهن بيبي زهرا (عليها السلام)ڏٺو ته گهر ۾ ڪجھ کائڻ لاءِ ناهي امام علي (عليه السلام)ٽي ڪلو جوءَ قرض وٺي آيا. جنهن سان بيبي زهرا (عليها السلام) پنج مانيون پچايون، افطار جي وقت ڪنهن مسڪين سوال ڪيو ۽ سڀ کاڌو ان کي ڏئي ڇڏيائون ۽ پاڻ پاڻي سان افطار ڪيائون، ٻين کي پاڻ تي مقدم ڪيائون. زمخشري چوي ٿو هن مناسبت ڪري سورت هل اتي نازل ٿي. (21) 

7ـ ٻين کي سيکارڻ

الله تعالي قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

)رَبَّنَا وَابْعَثْ فِيهِمْ رَسُولًا مِّنْهُمْ يَتْلُو عَلَيْهِمْ آيَاتِكَ وَيُعَلِّمُهُمُ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَيُزَكِّيهِمْ إِنَّكَ أَنتَ الْعَزِيزُ( (22)

(۽) اي اسان جا پالڻهار! انهن ۾، انهن مان ئي هڪ رسول موڪل جو کين تنهنجون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ انهن کي ( آسماني) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ۽ انهن (جي نفس) کي پاڪ ڪري، بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.

امام حسن عسڪري (عليه السلام)روايت ڪن ٿا: هڪ عورت بيبي زهرا (عليها السلام)جي خدمت ۾ آئي ۽ عرض ڪيائين: منهنجي امڙ بيمار آهي، اٿي نٿي سگهي هن مونکي موڪليو آهي ته توهان کان سوال ڪريان ته هن جي نماز جو ڇا حڪم آهي؟ بيبي زهرا (عليها السلام) کيس جواب ڏنو. هن وري ٻيو سوال ڪيو بيبي زهرا (عليها السلام)جواب ڏنو هو سوال ڪندي وئي بيبي زهرا (عليها السلام)جواب ڏيندي وئي. هن آخر ۾ تڪليف جي معافي گهري. بيبي زهرا (عليها السلام) چيو: جيڪو وڻئي سو پڇ. جيڪڏهن ڪنهن مزدور کي مزدوري جا هزار دينار ملن اهو مزدور، مزدوري مان ٿڪجندو؟ هن عورت جواب ڏنو: نه سائڻ. بيبي زهرا (عليها السلام)فرمايو: مونکي الله سائين هر جواب جو اجر ڏيندو. قيامت ۾ اعلان ٿيندو آل محمد (عليهم السلام)جي يتيمن جا سرپرست ڪير آهن ؟ اچن پنهنجو اجر وٺن. هن کان پوءِ بيبي زهرا (عليها السلام)فرمايو: الله تعالي  هر عالم کي قيامت ۾  اهڙي پوشاڪ پارائيندو جنهن جو هر ڌاڳو پوري دنيا کان هزارين ڀيرا وڌيڪ قيمتي هوندو ڇو جو پوري دنيا ختم ٿي ويندي علم باقي رهندو. (23) 

8ـ ٻارن جي تربيت

الله تعالي قرآن ۾ فرمائي ٿو.

)يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا( (24) 

اي ايمان وارو! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي باھ کان بچايو.

بيبي زهرا (عليها السلام)ٻارن جي تربيت لاءِ شروع ۾ انهن کي آذان ۽ اقامت جي تعليم ڏني، انهن جا سهڻا نالا رکيا، مسجد ۾ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) وٽ ٻارن جو درس رکيو، سهڻن اکرن جو مقابلو رکيو، قدر وارين راتين ۾ ٻارن کي گهٽ کاڌو کارائيندي هئي ته جئين ٻار ننڊ نه ڪن اعمال ڪن. (25) 

9ـ گهر ۾ ڪم ڪار

الله تعالي قرآن ۾ فرمائي ٿو:

)وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى( (26)

پڻ هي ته انسان کي اهو ئي (ڪجھ) ملندو آهي جنهن جي اهو ڪوشش ڪندو آهي.

۽ پڻ قرآن جو حڪم آهي:

)فَإِذَا فَرَغْتَ فَانصَبْ( (27) 

ته هاڻي جڏهن تون (تبليغ جي گهڻن ڪمن کان) واندو آهين ته (پنهنجو جانشني) مقرر ڪر.

جابر بن عبدالله انصاري روايت ڪري ٿو ته:  هڪ ڀيرو رسول اڪرم  ((صلي الله عليه و آله و سلم) بيبي زهرا (عليها السلام)کي ان حالت ۾ ڏٺو ته کين تمام سادو ۽ کهرو لباس پاتل هئو. هڪ هٿ سان ٻار کي کير پياري رهي هئي ۽ ٻئي هٿ سان چڪي هلائي رهي هئي. دنيا جون سختيون برداشت ڪري رهي هئي. رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ کيس تسلي ڏيندي فرمايائون: منهنجي ٻچڙي زهرا! الله سائين توکي مشڪلن جي بدلي ۾ عظيم اجر ڏيندو. بيبي زهرا (عليها السلام)الله جو شڪر ڪيو ته رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) تي هي آيت نازل ٿي

 )وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَى( (29) 

۽ تنهنجو پالڻهار تو کي ايترو (ته) عطا ڪندو جو تون خوش ٿي ويندين. 

10ـ امامت جو دفاع 

بيبي زهرا (عليها السلام)رسالت جي مدد کانپوءِ امامت جو دفاع شروع ڪيو. اسان هتي ڪجھ نمونا پيش ڪريون ٿا.

1ـ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جي رحلت کانپوءِ زمانو ائين تبديل ٿيو جو رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم)جي ڪلهي جي سوارن تي مصيبتون نازل ڪيون ويون. (30) بيبي زهرا (عليها السلام)امامت جي دفاع لاءِ هر انصار جي گهر وئي پر سڀن چيو: توهان دير ڪئي آهي اسان ڪنهن ٻئي جي بيعت ۾ آهيون. بيبي زهرا (عليها السلام)فرمايو: )حضرت علي (عليه السلام) دير نه ڪئي آهي پنهنجي ذميواري ادا ڪئي آهي{ (31)

2ـ بيبي زهرا (عليها السلام)امامت جي دفاع لاءِ اهو مشهور خطبو ڏنو جيڪو اڄ به تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيل آهي. سائڻ (عليها السلام) مسجد نبوي ۾ مهاجرن ۽ انصار سان خطاب ڪيو. بيبي زهرا (عليها السلام)پنهنجي خطبي ۾  توحيد،  نبوت،  قرآن ۽ اسلامي حڪمن جي عظمت سمجهائي ۽ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جون خدمتون بيان ڪيون. بيبي زهرا (عليها السلام) آخر ۾ رسول اڪرم (صلي الله عليه و آله و سلم) جون حضرت علي (عليه السلام)جي حق ۾ حديثون ذڪر ڪيون ۽ غاصبن جي مذمت ڪئي، جيئن قيامت تائين ايندڙ حق جي طلبگارن جي هدايت ڪري سگهن. (32)

آخر ۾ دعا آهي الله سائين اسان سڀن کي بيبي زهرا (عليها السلام) جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمين!

حوالا

  1. سورت حجر ، 94/15.
  2. تاريخ الامم و الملوک ، 229/2.
  3. تاريخ يعقوبي ، 25/2
  4. بحار الانوار، 188/18.
  5. بحار الانوار ، 31/20.
  6. ( نور، 63/24)
  7. تفسير نور الثقلين ، 629/3؛ بحار الانوار ، 33/43.
  8. ( نساء ، 21/4)
  9. ڪافي ، 328/5؛ من لايحضره الفقيه ،249/3؛ بحار الانوار ، 93/43.
  10. بحار الانوار ، 93/43 ؛ فاطمه من المهد الي اللحد /114-119
  11. سورت روم ، آيت 21.
  12. سورت نساء، آيت 34.
  13. رياحين الشريعه ، 143/1.
  14. ( آل عمران ، 191/3)
  15. فاطمه من المهد الي اللحد /172-173.
  16. بحار الانوار ، 84/43.
  17. فاطمه من المهد الي اللحد ، /173.
  18. و تواصوا بالحق ... سورت العصر ، آيت 3.
  19. علل الشرايع 182/1؛ بحار الانوار ، 82/43.
  20. نزهه المجالس ، 226/2 ؛ فاطمه من المهد الي اللحد/127.
  21. 21ـ الغدير ، 111/3؛ احقاق الحق ، 171/3؛ فاطمه من المهد الي اللحد /164.
  22. ( بقره ، 129/2)
  23. منيه المريد /32؛ بحار الانوار ، 3/2.
  24. (تحريم ، 6/66)
  25. بحار الانوار ، 238/43-240.
  26. (نجم ، 39/53)
  27. ( انشراح ، 7/94)
  28. مجمع البيان ، 505/5 ؛ بحار الانوار ، 86/43.
  29. شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد ، 47/2.
  30. الامامه و السياسيه، 12/1؛ بحار الانوار ،355/28.
  31. بلاغات النساء /12-14؛ شرح حديد ، 216/16- 217؛ الاحتجاج ، طبرسي 141/1- 131.
  32. بحار الانوار ، 220/29-230

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found