سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

مولا علي (ع) جا شيعه رسول اڪرم (ص) جن جي نگاه ۾

تحرير: صابر حسين چانڊيو

مهاڳ

حديث ڪساء ۾ آيل آهي ته اي حبيب! آءُ ڪائنات خلق نه ڪيان ها پر توهان (پنجتن پاڪ) جي ڪري هن ڪائنات کي خلق ڪيو آهي ۽ توهان جي ئي محبت جي ڪري هن ڪائنات کي وجود بخشيو آهي. محمد ۽ آل محمد عليهم السلام کي خالق ڪائنات اهو لازوال رتبو ۽ مقام بخشيو آهي جتي انسان جو عقل حيران ۽ انهيءَ مقام ۽ منزلت کي سمجھڻ کان عاجز آهي انهيءَ ڪري الله سائين انهن سان محبت ڪرڻ وارن جي لاءِ به هڪ خاص مقام ۽ خاص عظمت رکي آهي جيڪا عظمت دنيا جي هر انسان کي نصيب نٿي ٿي سگھي. بلڪه انهيءَ عظمت جي لاءِ به خدا انسان جي وجود جي پاڪائي، ان جي ولادت جي طهارت جي شرط رکي آهي ۽ جن جي وجود ۾ طهارت ۽ پاڪائي آهي اهي ئي علي ۽ آل علي عليهم السلام سان مودت ۽ محبت رکڻ وارا هوندا ۽ اهي ئي علي عليه السلام جا شيعا ۽ ان جا پيروڪار هوندا ۽ ظاهري طور تي جڏهن انسان ڪنهن سان محبت ڪندو آهي ته ان کي هميشه ياد ڪندو آهي ان جو اڪثر وقت ان جي ياد ۾ گذرندو آهي جيئن امير المومنين حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا:

مَن اَحَبّ شيئاً لهجَ بذِکره

جڏهن انسان ڪنهن شيءِ سان محبت ڪندو آهي ته ان جي ياد ۾ سرور محسوس ڪندو آهي.(1)

تنهن ڪري ئي علي عليه السلام جا شيعا اڪثر وقت مولا علي عليه السلام جي ذڪر ۽ ياد ۾ گذاريندا آهن ۽ عجيب مقام آهي علي عليه السلام جي شيعن جو ۽ ڇو نه هجي ڇو ته ياد به اهڙي هستيءَ کي ڪندا آهن جنهن هستيءَ جي باري ۾ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم اهي فضائل بيان ڪيا آهن جن جو شمار انسان جي وسعت کان ٻاهر آهي بلڪه جِن ۽ مَلَڪ به ان کان عاجز آهن.

لفظ شيعا جي لغوي ۽ اصطلاحي معنا

لفظ شيعه لغت ۾ ٻن معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي:

1: لفظ شيعه (شيع) مان ورتل آهي جنهن جي معنا ڪاميابي ۽ شجاعت آهي.(2)

2 : شيعه جي  معنا پيروڪار ۽ طرفدار آهي. (3)

لفظ شيعه اصطلاح ۾ مسلمانن مان هڪ اهڙي گروهه ۽ ٽولي کي چوندا آهن جيڪو حضرت علي عليه السلام کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو بلا فصل خليفو سمجهي. (4)

قرآن ۾ لفظ شيعه

لفظ شيعه، شيع ۽ اشياع. قرآن ۾ 9 دفعه ذڪر ٿيو آهي ۽ اسان لفظ شيعه کي بيان ڪنداسين.

(وَ اِنَّ مِن شِيعَتِه لَاِ برَاهِيمَ) (5)

(هَذا مِن شِيعَتِه وَ هَذا مِن عَدُوِّهِ )(6)

(ثُمَّ لَنَنزَعَنَّ مِن کُلِّ شِيعَةٍ اَيُّهُم اَشَدُّ عَلَي الرَّحمنِ عِتِيّا)(7)

جهڙي نموني ته اسان مشاهدو ڪيو ته شيعو ڪير آهي ۽ شيعو ڪنهن کي چوندا آهن تنهنڪري اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته شيعا رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي دور ۾ به هئا.

هاڻي ذهن ۾ هڪ سوال اٿي ٿو ته اگر شيعن جو وجود رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي دور ۾ هو ته ڇا کين رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي تائيد به حاصل هئي يا نه؟

ان سوال جي جواب ۾ اسان رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جون اهي حديثون بيان ڪنداسين جيڪي علي عليه السلام جي شيعن جي فضيلتن ۾ آهن ۽ انهن حديثن کي نه فقط شيعا عالمن نقل ڪيو آهي پر اهل سنت جي عالمن پڻ انهن حديثن کي پنهنجي معتبر ڪتابن ۾ نقل ڪيو آهي.

قيامت ۾ ڪامياب

جابر بن عبد الله چوي ٿو ته آءُ هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي خدمت ويٺو هيس ته علي عليه السلام وارد ٿيا. پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم علي عليه السلام ڏانهن  نگاهه ڪئي ۽ فرمايائون: مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي ته هي شخص (علي ع) ۽ هن جا شيعا قيامت جي ڏينهن ڪامياب آهن. ان ئي وقت هيءَ آيت نازل ٿي:

(إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ أُولئِكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّة)(8)

يقينا جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل انجام ڏنائون اهي بهترين مخلوق آهن.

ان کان بعد صحابي سڳورا صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن به علي عليه السلام کي ڏسندا هئا ته چوندا هئا هي بهترين مخلوق آهي. (9)

قيامت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي همنشيني:

پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اي علي! تون ۽ تنهنجا شيعا خوشحالي واري صورت ۾ حوض ڪوثر وٽ مون سان ڱڏ هوندو ۽ حوض ڪوثر مان سيراب ٿيندو. (10)

جنت ۾ علي عليه السلام جي شيعن جو مقام:

امير المومنين حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا:

 أَسعَدُ الناسِ مَن عرفَ فضلَنا وَ تَقَرَّبَ اِليَ اللهِ بِنا وَ اَخلَصَ حُبَّنا وَ عَمِلَ بِمَا اِليهِ نَدبنا وَ انتَهي عمَا عَنه نَهينا فَذاکَ مِنَّا وَ هُو فِي دارِ المقامهِ مَعَنا (11)

بهترين انسان اهو آهي جنهن اسان جي فضيلت کي سمجھيو ۽ اسان کي خدا تائين پهچڻ جو وسيلو قرار ڏنو ۽ اسان سان مخلصانه محبت رکندڙ هجي ۽ اسان جنهن عمل ڏانهن ان کي دعوت ڏيون ان کي انجام ڏئي ۽ جنهن ڪم کان ان کي منع ڪيون ته هو ان کان رڪجي وڃي، بس اهو انسان اسان منجھان آهي ۽ آخرت ۾ ان جو گھر اسان جي پاڙي ۾ هوندو.

خدا جي بارگاهه ۾ شيعيانِ علي عليه السلام جو حاضر ٿيڻ:

امير المومنين حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا: رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: اي علي تون ۽ تنهنجا شيعا خدا جي بارگاهه ۾ ان حالت ۾ حاضر ٿيندو جو هو توکان ۽ تنهنجي شيعن کان راضي هوندو ۽ توهان خدا کان راضي هوندو. پر تنهنجا دشمن ان حالت ۾ حاضر ٿيندا جو خدا جو غضب ۽ خدا جي ناراضگي انهن سان گڏ هوندي. پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم پنهنجو هٿ پنهنجي ڪنڌ تي هڻندي چيو ته آءُ ڪيئن ٻڌايان ته خدا جو غضب ڇا هوندو. (12)

شيخ مفيد رح نقل ڪر ي ٿو:

قَالَ رَسُولُ اللهِ  لِعلي: يَاعَلي اخوانُک يَفرَحُونَ فِي اَربعةِ مَوَاطنَ: عِندَ خُرُوجِ اَنفُسِهم وَ انَا وَ اَنتَ شاهدُ هُم وَ عِندَ المَسائَلةِ فِي قُبُورِهم وَ عِندَ العرضِ وَ عِندَالصِّراطِ. (13)

اي علي (ع)  تنهنجا (شيعا) چئن مقامن تي آرام ۾ هوندا.

1: موت جي وقت اتي آءُ ۽ تون شاهد هونداسين.

2: قبر ۾ سوال ۽ جواب وقت.

3. خدا جي بارگاهه ۾ حاضريءَ وقت.

4. پل صراط وٽ.

علي عليه السلام جي شيعن سان فرشتن جي محبت:

جابر بن عبد الله رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان نقل ڪري ٿو ته نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: مونکي قسم آهي ان ذات جو جنهن مونکي حق سان گڏ نبوت لاءِ مبعوث ڪيو  فرشتا علي (ع) جي لاءِ استغفار ڪندا آهن ۽ فرشتا علي (ع) ۽ ان جي شيعن سان ايتري ته محبت ڪندا آهن جو ڪو والدين پنهنجي اولاد سان ايتري محبت ناهي ڪندو. (14)

جهنم علي عليه السلام جي دشمنن لاءِ

ابن عباس رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان نقل ڪري ٿو ته پاڻ علي (ع) ڏي متوجھ ٿي فرمايائون: اي علي (ع) اگر پوري ڪائنات تنهنجي ولايت تي متفق ٿي وڃي ها ته خدا جهنم کي خلق ئي نه ڪري ها، پر تو کي خبر هجي ته قيامت جي ڏينهن فقط تنهنجا شيعا ئي ڪامياب هوندا. (15)

شيعيان علي عليه السلام جي صبر ۽ بردباري جي عظمت:

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: جڏهن آءُ معراج واري سفر دوران جنت ۾ داخل ٿيس ته هڪ وڻ ڏٺم (رسول خدا ص ان وڻ جون صفتون بيان ڪرڻ  کان پوءِ فرمايو:) ان وڻ مٿان خدا جي رضايت ۽ ان جي خوشنودي آهي. مون جبرائيل کان سول ڪيو ته اي جبرائيل! هي وڻ ڪنهن جو آهي؟ جبرائيل جواب ڏنو ته هي وڻ توهان جي چاچي جي پٽ علي ابن ابي طالب عليهما السلام جو آهي. بس جڏهن قيامت جي ڏينهن خدا ماڻهن کي جنت ۾ داخل ٿيڻ جو چوندو ته علي (ع) پنهنجي شيعن کي هن وڻ ڏانهن رهنمائي ڪندو ۽ انهن کي قيمتي لباس پاتل هوندا ۽ تيز ترين سوارين تي سوار هوندا، ان وقت ندا ڏيڻ وارو ندا ڏيندو ته هي علي ع جا شيعا آهن هنن کي هيءَ فضيلت ۽ عظمت دنيا ۾ مصيبتن تي صبر ڪرڻ جي نتيجي ۾ ملي آهي. (16)

شيعيان علي عليه السلام محشر ۾ شفاعت ڪندڙ:

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: علي (ع) جي شيعن کي معمولي ۽ گھٽ نه سمجھيو ڇاڪاڻ ته علي (ع)  جو هڪ شيعو قيامت جي ڏينهن ٻن قبيلن جي شفاعت ڪري سگھي ٿو. (17)

نه حساب، نه ڪتاب:

ابن عباس رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان نقل ڪري ٿو ته پاڻ فرمايائون: منهنجي امت مان ستر هزار ماڻهو بغير حساب ۽ ڪتاب جي جنت ۾ ويندا. علي عليه السلام فرمايو يا رسول الله! اهي ڪير هوندا ته پاڻ صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنائون ته اهي تنهنجا شيعا هوندا جن جو تون امام هوندين.(18)

هي قافلو ڪيڏانهن ويندو؟

جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اي علي (ع) جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته منهنجا هٿ خدا جي رحمت ۾ هوندا ۽ تنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ هوندا ۽ تنهنجي فرزندن جا هٿ تنهنجي هٿن ۾ هوندا ۽ انهن جي هٿن ۾ تنهنجي شيعن جا هٿ هوندا پوءِ ڏسجان ته خدا هن قافلي کي ڪيڏانهن روانو ٿوڪري؟ (19)

نبوت ۽ امامت جي وڻ جا پن:

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم شجره طيبه بابت فرمايو: شجره طيبه هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جي جڙ ۽ پاڻ آءُ آهيان ۽ علي (ع) ان جي ٽاري (لام) آهي حسن  ۽ حسين عليهما السلام ان جا ميوا آهن ۽ علي (ع) جا شيعا ان وڻ جا پن آهن، بس آيا اهڙي پاڪ وڻ مان پاڪائي کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ نڪرندي؟ (20)

افتخارِ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم :

ابوذر غفاري چوي ٿو ته آءُ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان پنهنجا الاهي افتخار  بيان ڪندي ٻڌو ته پاڻ فرمايائون: ڪو به مون جهڙو نه آهي جنهن جي داماد جي هٿ ۾ خدا حوض ڪوثر جو اختيار ڏئي ڇڏيو هجي ۽ جنت ۽ جهنم جي تقسيم جو اختيار ان جي هٿ ۾ هجي ايسيتائين جو اهو اختيار فرشتن کي به ناهي ڏنو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ علي عليه السلام جي شيعن جي جاءِ به جنت ۾ مخصوص آهي. (21)

حوالا

  • نهج البلاغه، حڪمت 142
  • خليل بن احمد فراهيدي، العين
  • فيروز آبادي، قاموس اللغة
  • حسن عميد ، فرهنگ فارسي عميد ، ج 11، تهران اميرڪبير 1377، ص 866
  • صافات، 83
  • قصص، 15
  • مريم، 69
  • بينه، 7
  • تفسير الدالمنثور، جلال الدين السيوطي، ج 6، ص 379
  • ڪنوز الحقائق، علامه مناوي ، حرف ياء، ص 203
  • الامدي، شرح غرر الحڪم، ج 2 ،ص 461
  • لسان العرب، علامه جمال الدين مصري، ج 2، ص 566
  • بحار الانوار ج 27، ص 164، المحتضر)
  • ينابع المودت، سيد سليمان حنفي قندوزي ، مودت هشتم ، ص 256
  • بحر المناقب، علامه موصلي، ص 58
  • مناقب خوارزمي ، ص 73، ح 52
  • مودت القربى، شهاب الدين، ص90
  • مناقب، خوارزمي ، ص 229
  • مناقب، ج7 ، ص175
  • تاريخ مدينه، دمشق، ج42، ص384 ، ح 8978
  • مناقبِ مرتضوي، ترمذي، ص51

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found