اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

مثالي حڪومت جا اصول اميرالمومنين علي عليه السلام جي نظر ۾

تحرير: نظير احمد بهشتي 

اسلام هڪ اهڙو آفاقي دين آهي، جنهن انسان ذات جي ڀلائي ۽ سعادت جا سڀئي گس ڏسيا آهن، انساني زندگي جو ڪو به شعبو اهڙو نه آهي جنهن بابت اسلام ڪو جامع پروگرام بيان نه ڪيو هجي. انساني معاشرا ان وقت دنيا ۽ آخرت جي خير ۽ ڀلائي مان فيضياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن اسلام جي محافظ اڳواڻن پاران زندگي جي هر شعبي بابت بيان ڪيل سونهري اصولن کي اپنائن.

اڄڪلهه انساني حقن جو نعرو هڻي حڪومت تي قابض ٿيندڙ قوتون ٿوري ئي عرصي ۾ مفاد پرستي واري موذي مرض ۾ وڪوڙجي عوام تي اڻ ڳڻيا عذاب نازل ڪرڻ کي ئي پنهنجي چاهتن جي پوري هجڻ  ۽ مفادات کي حاصل ڪرڻ جو سبب سمجهڻ لڳنديون آهن، اهو سڀ اسلام جهڙي آفاقي نظام جي اصولن کان دوري جو نتيجو آهي. اگر اڄ  به حڪومتون عوامي حمايت جي عروج تي پهچڻ چاهن ٿيون ته انهن کي ديني رهبرن پاران بيان ڪيل اصول اپنائڻا پوندا، هي مختصر لکڻي اميرالمومنين علي عليه السلام جي ان خط جو حصو آهي جيڪو پنهنجي دلير صحابي مالڪ اشتر ڏانهن ان وقت لکيائون جڏهن کيس مصر جو گورنر بڻايائون، هي خط نهج البلاغه جو وڏي ۾ وڏو خط آهي جنهن ۾ مولا علي عليه السلام عوامي امنگن تي مشتمل هڪ مثالي حڪومت ۽ رهبري جا مکيه اصول بيان ڪيا آهن، اهڙا اصول جيڪي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي پهلوئن تي مشتمل آهن، جن جي رعايت سان سڀني جي حقن جي رعايت تي مشمل هڪ سگهاري عوامي ۽ جمهوري حڪومت وجود ۾ آڻي سگهجي ٿي.

هذا ما امر به عبد الله اميرالمومنين مالک ابن الحارث الاشتر في عهده اليه، حين ولاه مصر: جبايه خراجها و جهاد عدوها و استصلاح اهلها و عماره بلادها)

هي فرمان الله جي عبد ۽ اميرالمومنين علي عليه السلام پاران مالڪ اشتر ڏانهن ان وقت لکيو جڏهن کيس مصر جو والي (گورنر) بڻايائين، ان ۾ کيس ذميوار ٿو بڻائي ته اتان جي ماليات جمع ڪري، ملڪ جي دشمنن سان جنگ ڪري، اتان جي عوام جي اصلاح ڪري ۽ اتان جي ڳوٺن کي آباد ڪري

وضاحت:

اميرالمومنين علي عليه السلام خط جي ابتدا ۾ حڪومت ۽ ان جي ذميوارين کي چئن اصلي (۽ بنيادي رڪنن) ٿنڀن تي استوار  ٿو قرار ڏئي ۽ بعد ۾ انهن جي اهميت کي بيان ٿو ڪري، اهي چار ئي (ارڪان) اصول ڪنهن به ملڪ کي مضبوط بڻائڻ ۽  تعمير ڪرڻ جا اصلي محور آهن. تاريخ ۾ ڪنهن به قوم يا ثقافت جي ترقي ۽ ان جي عروج ۽ زوال ۾ انهن چئني اصولن کي اپنائڻ يا ترڪ ڪرڻ جو وڏو عمل دخل رهيو آهي.

 اهڙو عادلاڻو مالياتي نظام جنهن سان طبقاتي فاصلا ختم ڪجن، معاشري جي مسڪينن ۽ اٻوجهن جي مدد ڪجي، دفاع ۽ تعليم جون گهرجون پوريون ڪيون وڃن، شهرن جي تعمير ۽ مريضن جي علاج معالجي جو انتظام ڪيو وڃي، ملڪي سالميت لاءِ اهڙي دفاعي تياري ڪجي جو اقتدار جا پياسا ڌاريا ڏانهس ميري اک سان نه ڏسي سگهن.

امام عليه السلام جي فرمائش مطابق جنهن به قوم ڌارين جو ظلم ۽ ستم روڪڻ ۾ سستي ۽ ڪاهلي کان ڪم ورتو ان خواري جو لباس پاتو. سماجي زندگي کي رونق بخشڻ، ملڪ جي تعمير ۽ کيس سگهارو ڪرڻ سان گڏو گڏ قومي طاقت ۾ واڌاري جو سرچشمو آهي، جنهن سان سختين جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو.

امره بتقوي الله و ايثار طاعته و اتباع ما امر به في کتابه: من فرائضه و سننه، التي لا يسعد اهد الا باتباعها و لا يشقي الا مع جحودها و اضاعتها و ان ينصر الله سبحانه بقلبه و يده ولسانه، فانه جل اسمه، قد تکفل بنصر من نصره و اعزاز من اعزه، و امره ان نکسر نفسه عند الشهوات و يزعها عند الجمحات، فان النفس اماره بالسوءِ الا ما رحم الله)

کيس پرهيزگاري جو حڪم ڪريان ٿو، خدا جي پيروي ڪندي فدا ٿي وڃڻ ۽ سندس ڪتاب ۾ بيان ٿيل سڀني سنتن ۽ فرضن تي عمل ڪرڻ جي پڻ تاڪيد ڪريان ٿو، جن تي عمل ڪرڻ کان سواءِ ڪو به شخص سعادت نه ٿو ماڻي سگهي ۽ انهن کي ترڪ ڪرڻ واري کان علاوهه ڪو به بدبخت نه ٿو بڻجي سگهي، مصر جي والي لاءِ دل، زبان ۽ هٿ سان خدا جي مدد ڪرڻ ضروري آهي ڇو جو ٻاجھاري رب هر ان ماڻهو جي ضمانت کنئي آهي جيڪو سندس مدد ڪري ۽ هر ان ماڻهو کي عزت ڏني آهي جيڪو کيس معزز سمجهي، کيس حڪم ٿو ڪريان ته شهوت ۽ نفس اماره جي خواهش وقت انهن تي ڪنٽرول ڪري، جنهن وقت نفس اماره سرڪش بڻجي وڃي (ايمان ۽ عقل جي طاقت سان) مٿس ڪنٽرول ڪري، ان ڪري جو هي نفس انسان کي پليدي ۽ برائي ڏانهن گهڻو سڏيندو آهي سواءِ انهن انسانن جي جن تي رب راضي ٿي کين پناهه ڏني هجي.

وضاحت:

حضرت هن دنيا ڏانهن خدائي نظر ڦيرائيندي، گهري ۽ راسخ عقيدي جي بنياد تي انسان جي سعادت ۽ خوشقسمتي جي رازن تان پردو کڻي رهيو آهي ۽ فرمائي ٿو ته خدا جي هدايتن، سنتن ۽ حڪمن جي پيروي ۽ پرهيزگاري وسيلي انسان ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو، ليڪن جيستائين نئين منصوبا بندي سان سياسي ڪردار ۽ سوچ نه اپنائيندو سعادت وارو مقام ماڻي نه سگهندو، اهڙي سوچ جيڪا مفاد پرستي، پاڻ پڏائڻ، خيانت ۽ فريب کان خالي هجي ۽ معاشري ۾ انساني اقدار، آرزوئن ۽ حقن جي بالادستي لاءِ ڪوشان هجي. فرد ۽ معاشري کي ٺاهڻ لاءِ دين ۽ ديني شعار جو لازمي ۽ مثبت ڪردار معاشرتي علوم ۽ تاريخ جي ڪنهن به محقق کان ڳجهو نه آهي پوءِ چاهي اهو محقق ماده پرست ڇو نه هجي، اگر دنيا جي درخشان ۽ باعظمت ثفافتن تي نظر وجهبي ته اهي ديني رنگ ۾ رنڱيل يا هڪ ديني بنياد تي وجود ۾ آيل نظر اينديون ۽ اهو به ڄاڻيون ٿا ته ڪا به انساني ثقافت نابودي جي ور نه چڙهي سواءِ ان جي جو سندس اخلاقي ۽ اعتقادي پاڙون کوکليون ٿي ويون.

سياست ۽ حڪومت جي دائري ۾ بنا ڪنهن شڪ جي شخصي چاهتن ۽ خدشن جو وڏو عمل دخل آهي تنهن ڪري حڪمرانن لاءِ خودسازي جي اهميت وڌي ٿي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو اميرالمومنين علي عليه السلام پنهجي صحابي کي هر شي کان پهريان پرهيزگاري، خدا پرستي جي راهه ۾ عشق ۽ فداڪاري، دل، زبان ۽ هٿ سان خدائي چاهتن تي پورو لهڻ يعني خدائي سوچ، گفتگو ۽ ڪردار جي تاڪيد ٿو ڪري.

 خود پرستي، مفاد طلبي ۽ عهدي جي حصول سان محبت واري چاهت کي ختم ڪرڻ لاءِ خالص ۽ ريا کان خالي توحيد پرستي تمام اهم آهي، اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته مولا جو مالڪ اشتر ڏانهن خط لکڻ ۽ کيس اهي هدايتون ڪرڻ جو اهو مطلب هرگز نه آهي ته مالڪ اشتر جي ذات ۾ عيب ۽ نقص هئا ۽ اهو خط سندس حقارت کي بيان ٿو ڪري، ان ڪري جو ڪو به انسان خاص طور تي حڪمران چاهي اخلاق ۽ معنويت جي وڏي درجي تي ئي فائز ڇو نه هجي مختلف اخلاقي مرضن ۾ مبتلا ٿيڻ کان بچيل نه آهي ڪنهن به وقت ان تي وسوسا ۽ غير اخلاقي بيماريون جيئن تڪبر، خود پسندي، ڏاڍائي،  ظلم، خيانت ۽ ڌوڪو حملو ڪري کيس پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سگهن ٿيون.

انسان هڪ اهڙو منجهيل وجود آهي جنهن جي اندر ۾ متضاد چاهتون هڪ ٻئي سان ختم نه ٿيندڙ مقابلي ۾ رڌل آهن. توحيدي قرآني نظرئي مطابق انسان، پستي ۽ ڪمال جو مجموعو آهي جنهن وٽ جتي ڪمال حاصل ڪرڻ جا موقعا آهن اتي گناهه ۾ غرق ٿيڻ جا به، هاڻي اهو انسان جي اختيار سان تعلق ٿو رکي ته ڪمال حاصل ڪرڻ ذريعي پنهنجي اصلاح ڪري وڏو درجو ماڻي يا گناهن ۾ غرق ٿي پنهنجي وجود کي مٽائي ڇڏي. تنهن ڪري مناسب آهي ته ڪنهن به حاڪم ۽ اڳواڻ کي گناهه ۽ اشتباهه کان پاڪ ۽ خودسازي کان آجو نه سمجهون بلڪه ان تي به تنقيد جائز آهي ۽ ماڻهو کيس اهڙي نصيحت ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ سندس اصلاح پوشيدهه هجي، دنيا بابت معنوي ۽ توحيدي نظرئي جي بنياد تي پاڻ سنوارڻ جي راهه ۾ لڳاتار ڪوشش ان وقت ڪاميابي سان همڪنار ٿي سگهي ٿي جڏهن حڪومت جون واڳون سنڀاليندڙ ۽ ذميوار  افراد پنهنجي پاڻ تي معاشري جي ماڻهن خاص طور تي سلجهيل افراد ۽ دانشورن کي تنقيد جي آزادي ڏين ته جيئن اصلاحي رٿابندي ڪاميابي سان اڳتي هلي ۽ سياست جو انساني حقوق، اخلاق ۽ آزادي سان اڻٽٽ رابطو ڳنڍيل رهي.

اهو به ڄاڻڻ گهرجي ته رهبر ۽ روشن فڪر اڳواڻ، ماڻهن کان پاسيرا رهي خودسازي جي ميراث ماڻي نه ٿا سگهن. اها ميراث ماڻڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشري سان اٽوٽ رابطو برقرار ڪن.

ثم اعلم يا مالک اني قد وجهتک الا بلاد قد جرت عليها دول قبلک من عدل و جور و ان الناس ينظرون من امورک في مثل ما کنت تنظر فيه من امور الولاه قبلک و يقولون فيک ما کنت تقول فيهم و انما يستدل علي الصالحين بما يجري الله لهم علي السن عباده، فليکن احب الذخائر اليک ذخيره العمل الصالح.)

اي مالڪ تون ڄاڻ ته تو کي اهڙي سرزمين ڏانهن موڪليو اٿم جتي تو کان پهريان ظالمن به حڪومت ڪئي آهي ۽ عادلن به ۽ ماڻهن جي تنهنجي عملن تي (گهري) نظر آهي جهڙي ريت تون پاڻ کان پهريان وارن حڪمرانن جي عملن کي ڏسي رهيو آهين ۽ تو بابت اها ڳالهه دهرائيندا جيڪا تون انهن بابت ڪندين ۽ بغير ترديد جي خدا جي صالح ٻانهن کي انهن ڳالهين مان سڃاتو ويندو جيڪي الله سائين پنهنجي ٻانهن جي زبانن تي جاري ڪيون آهن تنهنڪري تو وٽ سڀ کان ڀلو ذخيرو صالح عمل جو ذخيرو هجڻ گهرجي.

وضاحت :

امام عليه السلام مصر ۾ مالڪ اشتر جي بنيادي ذميواري کي چئن بنيادي اصولن جي صورت ۾ بيان ڪرڻ ۽ پرهيزگاري جي تاڪيد کان پوءِ سندس توجهه مصر جي اڳوڻين حڪومتن ڏانهن ڇڪرائي ٿو ۽ کيس عادلاڻي فيصلي جي سفارش ڪري ٿو.

فاملک هواک و شح بنفسک عما لا يحل لک، فان الشح بالنفس الانصاف منها فيما احبت او کرهت واشعر قلبک الرحمه للرعيه، و لمحب لهم و للطف بهم ولا تکونن عليهم سبعا ضاريا تغتنم اکلهم، فانهم صنفان: اما اخ لک في الدين و اما نظير لک في الخلق، يفرط منهم الزلل و تعرض لهم العلل و يوتي علي ايديهم في العمد والخطا، فاعطهم من عفوک وصفحه، فانک فوقهم و والي الامر عليک فوقک، والله فوق من ولاک و قد استکفاف امرهم وابتلاک بهم)

پنهنجي نفساني خواهشن تي ڪنٽرول ڪر ۽ جيڪو تو لاءِ مناسب نه آهي ان کي پاڻ کان پري رک ان ڪري جو پنهنجي چاهت سان محبت يا نفرت واري شي نفس کان دور رکڻ ۾ ئي ساڻس انصاف آهي، اي مالڪ پنهنجي دل کي ماڻهن سان محبت ۽ دوستي جو مرڪز قرار ڏي،  ساڻن محبت سان پيش اچ، ڏس متان انهن لاءِ خونخوار درندو بڻجي وڃين يا اهڙو بگهڙ جو (انهن کي تهس نهس ڪري انهن جي مال مڏي تي قابض بڻجي وڃين يا) کين پنهنجي خوراڪ بڻائڻ ۾ غنيمت سمجهين، ان ڪري جو اهي ٻن ٽولن ۾ ورهايل آهن يا (مسلمان ۽) تنهنجا ديني ڀائر آهن يا (غير مسلم ليڪن) خلقت ۾ تو وانگر آهن. (جهڙي ريت تو کان خطا ٿي سگهي ٿي) انهن کان به غلطي ٿي سگهي ٿي ۽ اهي (اخلاقي) مريض بڻجي سگهن ٿا ۽ ڄاڻي واڻي ۽ ڀل چڪ ۾ اهي گناهه جا مرتڪب ٿي سگهن ٿا. بس جهڙي ريت تون چاهين ٿو ته خدا جي مغفرت جو حقدار ٿئين انهن جون به خطائون ۽ گناهه معاف ڪري ڇڏ ڇو جو تون انهن جو اڳواڻ آهين ۽ جنهن تو کي انهن تي حڪومت ڏني آهي اهو تنهنجو اڳواڻ آهي ۽ خداوند متعال ان جو اڳواڻ آهي جنهن تو کي مٿن حڪومت عطا ڪئي آهي. خداوند متعال انهن جي حاجت روائي ۽ سندن ڪم انجام ڏيڻ لاءِ تنهنجي چونڊ ڪئي آهي ته جيئن ان طريقي سان تو کي آزمائي.

وضاحت:

مولا علي عليه السلام ان خط ۾ گهڻين ئي جاين تي پرهيزگاري ۽ سرڪش نفس تي تسلط جي تاڪيد ڪئي آهي. عقل ۽ عدالت ڪنهن به معاشري ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ جنگي امور  جي ترقي لاءِ اتان جي حڪمرانن لاءِ نفساني خواهشن تي ڪنٽرول کي لازمي قرار ڏين ٿا، جيتري قدر هڪ حڪمران نفس تي ڪنٽرول جي سگهه رکندو هوندو اهو عقل ۽ عدالت جي سائي ۾ امور کي انجام ڏيڻ جي ايتري صلاحيت رکي سگهندو. حڪومتون جن خيانتن، ظلمن ۽ انحرافن جون مرتڪب ٿينديون آهن اهو سرڪش ۽ ڪنٽرول ۾ نه اچڻ واري نفس سبب ٿيندو آهي، ليڪن سرڪش نفس تي ڪنٽرول، عقل ۽ خدا جي ذات تي ايمان کان علاوهه هڪ ٽئين عامل جو به محتاج هوندو آهي ۽ اهو مخلوق سان محبت وارو عامل آهي جيڪو ماڻهن جي جائز مطالبن کي مڃڻ، انهن جي حقن کي ادا ڪرڻ ۽ معاشري مان بي عدالتي ۽ اجايون ترجيحون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ طاقتور معنوي عامل جي حيثيت رکي ٿو. اگر حڪمران عقل، ايمان ۽ عشق جي دولت کان وانجهايل هوندا ته ڄاڻي واڻي پنهنجي نفس جي پيروي ڪندي ماڻهن تي حڪم هلائڻ لڳندا ۽ ان وقت ماڻهو انهن جي اذيت ڏيندڙ زبان ۽ شهوت جي بٺي ۾ پچڻ شروع ڪندا، تعجب ان ڳالهه تي آهي ته اهڙا حڪمران ماڻهن ڏانهن انحراف ۽ گناهه ۾ غرق هجڻ جي نسبت ڏئي ان کي پنهنجي ظلم سان ڀريل حڪومت لاءِ جواز جي سند طور استعمال ڪندا آهن، ليڪن حقيقت اها آهي ته پهريون گناهه انهن انجام ڏنو آهي جو ماڻهن جي سياسي ۽ اجتماعي حق تي ڌاڙو هڻي انهن کان آزاديءَ وارو حق کسي الٽو وري ان جي توجيهه اها ڪئي آهي ته ان ڪري جو اوهان گنهگار آهيو اوهان تي ظالم حاڪم مڙهيا ويا آهن ۽ پنهنجي ان توجيهه سان معاشري ۾ انواع ۽ اقسام جي فساد ۽ انحراف جا سرچشما بڻيا آهن.

اميرالمومنين علي عليه السلام مالڪ اشتر کي اهو ذهن نشين ٿو ڪرائي ته تون به جن تي حڪمران بڻيو آهين انهن جهڙو انسان آهين ۽ انهن وانگر خطائون ۽ غلطيون ڪري سگهين ٿو تنهن ڪري جهڙي ريت خدا کان پنهنجي گناهن ۽ خطائن جي معافي جي اميد ٿو رکين ماڻهن سان به اهڙي ريت پيش اچ. انهن جي خطائن کي معاف ڪرڻ ۾ به بردباري کان ڪم وٺ ۽ انهن تي ڪاوڙ ۽ تنگي نه ڪر. اهڙي ريت حضرت اها تاڪيد ٿو ڪري ته ماڻهن جي آزادي انهن جا حق ۽ سندن امن چاهي مسلمان هجن يا غير مسلم حڪومتي ڪارندن جي ڏاڍ جي ور نه چڙهي وڃي. سندن خط ۾ هڪ درخشان ۽ سکيا سان ڀريل نڪتو اهو آهي ته حڪومت ۾ رهندڙ ماڻهن جو برابري جي بنياد تي خيال رکيو وڃي ڪنهن کي به ٻئي تي ترجيح نه ڏني وڃي. يعني مسلم ۽ غير مسلم جي فرق کان سواءِ ماڻهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. ٻين لفظن ۾ هڪ عظيم ديني ۽ مذهبي اڳواڻ پاران سياسي ۽ جمهوري حڪومت ۾ ديني وابستگي کي دخل نه ڏيڻ جي تاڪيد ڪرڻ حقيقت ۾ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.

دين ٻن جهتن سان سياست سان ڳانڍاپيل ۽ ان تي اثر وجهندڙ آهي هڪ اهو ته دين سياست لاءِ هڪ عقيدتي ۽ فلسفي ڇانوري جي حيثيت رکي ٿو ۽ انهن اصولن کي بيان ڪندڙ آهي جيڪي سياست ۾ اپنايا ويندا آهن. هڪ سچو مسلمان ديني اصولن، قرآني هدايتن ۽ پيغمبرن جي تاريخي ۽ اجتماعي ذميداري جي روشني ۾ ذميدار آهي ته سياسي ۽ سماجي ظلم ۽ ناانصافي سان مهاڏو اٽڪائي، معاشري ۾ آزادي، عدالت ۽ انصاف جي قيام لاءِ ڪوشان هجي ۽ اها چاهت هڪ سچي مسلمان لاءِ معاشري جي سياسي ڪمن ۾ مداخلت کي لازمي قرار ڏئي ٿي.

ٻيو نڪتو اهو ته خودسازي، عهد ۽ آرزو (سياسي تقوا ۽ صداقت) سان وفا لاءِ ديني عقيدي جو هجڻ ضروري آهي خالص توحيدي عقيدو ئي سياسي تقوا ۽ صداقت کي وجود ۾ آڻي سگهي ٿو.

( ولا تنصبن نفسک لحرب الله، فانه لایدی لک بنقهمته و لا غنی بک عن عفوه و رحمته و لا تندمن علی عفو، ولاتبجحن بعقوبه و لا تسرعن الی بادره وجدت منها مندوحه و لا تقولن انی مومر امر فاطاع، فان ذلک ادغال فی القلب، ومنهکه للدین، وتقرب من الغیر، و اذا احدث لک ما انت فيه من سلطانک ابهه او مخیله فانظر الی عظم ملک الله فوقک و قدريه منک علی ما لا تقدر عليه من نفسک، فان ذلک یطامن الیک من طماحک، ویکف عنک من غربک، ویفی الیک بما غرب عنک من عقلک. ایاک و مساماه الله فی عظمته والتشبه به فی جبروته فان الله یذل کل جبار، و يهین کل مختال)

متان پاڻ کي (ماڻهن تي ظلم ۽ ستم وسيلي) خدا سان جنگ واري جڳهه تي قرار ڏين جو ان جي قهر سامهون ڪير به تنهنجي مدد ڪرڻ وارو نه هوندو ۽ ڪڏهن به ان جي مهر ۽ محبت کان بي نياز نه هوندين. اي مالڪ اهڙو نه بڻجان جو (ماڻهن کي) معاف ڪرڻ تي پشيمان ۽ انهن کي سزا ڏيڻ تي خوشحال ٿئين. اها ڪاوڙ ظاهر ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪجان جيڪا پي وڃڻ جي سگهه هجئي. ڪڏهن به ائين نه چئو ته مون تي ڪا به ميار نه آهي ان ڪري جو مان ذميدار آهيان ماڻهن تي ضروري آهي ته منهنجي فرمانبرداري ڪن، اگر ائين ڪندي، ڏاڍ ۽ طاقت جي بنياد تي، ماڻهن کان انڌي تقليد گھري، پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته تنهنجو اهو ڪم دل ۾ تاريڪي، دين ۾ سستي ۽ نعمتن ۾ تبديلي جو سبب بڻجندو، اي مالڪ تنهنجي گورنري واري زماني ۾ جڏهن به تنهنجي دماغ ۾ هيبت، رعب ۽ دٻدٻي جو خيال اچي ته خدا جي حڪمراني ۽ حڪومت تي نظر ڦيرائجان جيڪا تنهنجي حڪومت کان (هزارين ڀيرا) وڏي آهي ۽ انهن شين تي سندس قدرت جو نظارو پسجان ۽ سوچجانجن ۾ تو کي ذري برابر به اختيار نه آهي. ان ڪري جو اهو ڏسڻ ۽ سوچڻ تنهنجي غرور ۽ پاڻ کي ٻين کان اتم سمجهڻ واري هوا ڪڍي ڇڏيندو، تنهنجي سرڪشي ۽ (تڪبر سان) ڪنڌ کڻي هلڻ کي ختم ڪري ڇڏيندو ۽ تنهنجي عقل کي (جيڪو خود بيني ۽ غرور سبب موڪلائي ويو هئو) واپس ورائيندو ۽ تمام گهڻو ڊڄ ان کان جو پنهنجي وڏائي کي خدا سان برابر سمجهين ۽ جلال ۽ هيبت ۾ پاڻ کي خدا وانگر سمجهين، ان ڪري جو اهڙي صورت ۾ (تون آڪڙيل آهين ۽ اهو به ڄاڻ ته) خدا هر تڪبر ڪرڻ واري، ڏاڍي ۽ ظالم کي خوار ڪندڙ آهي.

نوٽ: هي مقالو محمد رضا قلي جي ڪتاب ( آئين جهانداري، اصول راهنماي حکومت و رهبري در عهد نامه سياسي، تاريخي امام علي با مالک اشتر) منجھان ورتل آهي .

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found