آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

زيارت نامن ۾ موجود امير المومنين علي (ع) جي ڪجھ القاب تي هڪ نظر

تحرير: سرفراز مهدي چانڊيو 

باڪمال انسانن جي ڪمالات ۽ سندن شخصيتن کي سڃاڻڻ جي طريقن منجھان هڪ طريقو زيارت به آهي، جيڪا حقيقيت ۾ انهن شخصيتن جي علمي ۽ معنوي زندگي جي بقا ۽ استمرار هجڻ سان گڏ موجوده ۽ ايندڙ نسلن  لاءِ گذري ويل نسلن سان روحاني ۽ ڪمالات واري رابطي  ۽ تعلق جو سبب پڻ آهي .

قرآن مجيد ۾ به جڏهن بني عبد مناف ۽ بني سهم بن عمر  قبيلي وارن هڪ ٻئي تي فخر ڪندي اچي پنهنجي قبيلن وارن جون قبرون ڳڻڻ شروع ڪيون ته سورت تڪاثر نازل ٿي. جنهن جي هن آيت

َلْهَاكُمُ التَّكَاثُرُ حَتَّى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَ ) (1)

۾ زرتم مان مراد ڪنهن شي کي تلاش ڪري ان سان ملاقات ڪرڻ يعني ان جي زيارت ڪرڻ آهي. 

زيارت عربي زبان ۾ لفظ زَوَرَ منجھان ورتل آهي جنهن جو مطلب ڪنهن شي کان ڦرڻ يا منهن موڙڻ آهي، ۽ ڪوڙ کي قرآن مجيد ۾ لفظ ذور سان بيان ڪيو آهي ان ڪري جو ڪوڙ حق جي واٽ کان ڦريل ۽ منحرف آهي.

احمد بن فارس چوي ٿو: زائر کي زائر ان ڪري سڏيندا آهن جڏهن هو تنهنجي زيارت لاءِ اچي ٿو ته غير کان منهن موڙي ٿو ۽ توڏانهن رخ ڪري ٿو، تنهن ڪري ڪجھ لکيو آهي ته زيارت قصد ۽ توجھ جي معنا ۾ آهي (2)

فيومي لکي ٿو: عرف ۾ زيارت هي آهي ته انسان ڪنهن شخصيت جي عظمت ۽ حيثيت سببان انس ۽ محبت جي ڪري سندس سامهون اچي ته ان کي زيارت چئبو آهي. (3)

ڪجھ بزرگن اهو پڻ لکيو آهي ته اهو جيڪو اولياءَ سان ملاقات ڪرڻ کي به زيارت سڏيو ويو آهي، اهو ان ڪري آهي جو زيارت ڪندڙ مادي حالات ۽ طبيعي جهان کان منهن موڙي پنهنجو توجھ روحاني جهان ڏانهن ڪندو آهي  سو به هن مادي جهان ۾ رهندي، تنهن ڪري ان ڪم کي زيارت سڏيو ويو آهي.

مٿين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته زيارت اهڙو معنوي سفر آهي جيڪو مادي دنيا ۾ رهندڙ انسان، ماديات کان منهن موڙي الله جي ولين جي بارگاھ ۾ پنهنجي معنوي ۽ روحاني ترقي جي لاءِ طئي ڪندو آهي.

اهڙي زيارت ڪرڻ جي تمام گھڻي فضيلت بيان ڪئي وئي آهي، ليڪن اسان هتي فقط ٻه روايتون زيارت جي فضيلت لاءِ نقل ڪريون ٿا جن منجھان هڪ روايت مطلقا زيارت جي فضيلت لاءِ آهي ۽ هڪ روايت حضرت علي عليه السلام جي زيارت جي فضيلت لاءِ نقل ڪند اسين، بعد ۾ مولا جي زيارت نامن ۾ موجود ڪجھ القاب تي هڪ نظر وجھندا سين ، باقي اگر امير المومنين عليه السلام جي تمام لقبن تي نظر وجھبي ته اهو انگ سون جي تعداد ۾ آهي. ايتري تائين جو ڪجھ ڪتابن جا خاص فصل ئي مولا جي القاب جي وضاحت لاءِ تاليف ڪيا ويا آهن  جن کي بيان ڪرڻ جو هي مقام ناهي.

1ـ حضرت رسول خدا (ص) امام علي عليه السلام کي فرمايو:

يَا عَلِيُّ مَنْ زَارَنِي فِي حَيَاتِي أَوْ بَعْدَ مَوْتِي أَوْ زَارَكَ فِي حَيَاتِكَ أَوْ بَعْدَ مَوْتِكَ أَوْ زَارَ ابْنَيْكَ فِي حَيَاتِهِمَا أَوْ بَعْدَ مَوْتِهِمَا ضَمِنْتُ لَهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ أَنْ أُخَلِّصَهُ مِنْ أَهْوَالِهَا وَ شَدَائِدِهَا حَتَّى أُصَيِّرَهُ مَعِي فِي دَرَجَتِي  ) (4)

اي علي! جيڪو به منهنجي زندگي يا مرڻ کان بعد منهنجي زيارت ڪندو يا تنهنجي حياتيءَ ۾ يا تنهنجي موت کان پوءِ تنهنجي زيارت ڪندو يا تنهنجي ٻنهي پٽن (امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام) جي زندگي ۾ يا سندن موت کان بعد انهن جي زيارت ڪندو  ته مان ان جي لاءِ قيامت جي ڏينهن جو ضامن آهيان ته کيس قيامت جي مشڪلات ۽ سختين کان نجات ڏياريان ايستائين جو کيس پاڻ سان گڏ هڪ مقام تي رهائيندس.

2ـ شيخ طوسي محمد بن مسلم کان، ان امام صادق عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته: پالڻهار ملائڪن کان مٿانهين ڪا به مخلوق پيدا ناهي ڪئي، ۽ بيشڪ هر ڏينهن ستر هزار ملائڪ، بيت المعمور تي نازل ٿين ٿا، جيڪي بيت المعمور جو طواف ڪرڻ کان بعد، ڪعبة الله جو طواف ڪندا آهن، اتان فارغ ٿيڻ کان پوءِ رسول الله (ص) جي قبر جو رخ ڪندا آهن سندس قبر جي زيارت ڪري مٿس سلام پيش ڪندا آهن، تنهن بعد اميرالمومنين عليه السلام جي قبر تي اچي مولا جي مٿان سلام پيش ڪندا آهن ان کان بعد ۾ امام حسين عليه السلام جي قبر اطهر جي مٿان اچي مٿس سلام پيش ڪندا آهن۽ آسمان ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ اهي ملائڪ قيامت تائين هر روز نازل ٿيندا رهندا.

تنهن بعد فرمايو: جيڪو به امير المومنين عليه السلام جي زيارت ڪندو سندس حق جي معرفت سان گڏ، يعني: امام جي اطاعت کي واجب، کيس بلا فصل خليفو سمجھندي، وٽس ظلم يا تڪبر جي ڪري نه آيو هجي ته پالڻهار کيس هڪ لک شهيدن جيترو ثواب عطا ڪندو ۽ سندس گذريل ۽ ايندڙ گناهن کي معاف ڪندو ، قيامت جي ڏهاڙي ان ڏينهن جي خوف، حراس ۽ پريشانين کان امان ۾ رکندو سندس حساب ۾ آساني ڪندو، زيارت لاءِ وڃڻ مهل ملائڪ سندس استقبال ڪندا  ۽ واپسي مهل گھر تائين ان سان گڏ هوندا، اگر بيمار ٿيندو ته سندس عيادت ڪندا ۽ اگر مري ويندو ته سندس جنازي نماز سان گڏ هوندا  ۽ قبر جي ڪناري تائين ان لاءِ بخشش جي دعا ڪندا رهندا. (5) آئمه معصومين عليهم السلام بالخصوص امير المومنين عليه السلام لاءِ نقل ٿيل زيارت نامه ٻن قسمن جا آهن

1ـ مطلقه: يعني اهڙا زيارت نامه جيڪي ڪنهن به خاص وقت لاءِ معين ٿيل ناهن نه وري اهي ڪنهن خاص زماني لاءِ آهن بلڪه جڏهن به چاهيو اهي زيارت نامه پڙهي سگھجن ٿا.

2ـ مقيده: يعني اهڙا زيارت نامه جيڪي ڪنهن خاص موقعي تي پڙهيا وڃن جهڙوڪ: اميرالمومنين عليه السلام لاءِ نقل ٿيل زيارت نامو جيڪو غدير جي ڏينهن پڙهڻ مستحب آهي.

۽ اهي ٻئي قسم وري ٻن قسمن تي مشتمل آهن:

1ـ زيارات ماثوره: يعني اهڙا زيارت نامه جيڪي آئمه معصومين عليهم السلام جي زباني نقل ٿيا آهن: جهڙوڪ: زيارت امين الله جنهن کي امام محمد باقر عليه السلام بيان ڪيو آهي  ۽ سند جي لحاظ کان معتبر آهي،

2ـ زيارات غير ماثوره: يعني اهڙا زيارت نامه جيڪي آئمه عليهم السلام سان عقيدت جي اظهار تي مشتمل آهن ۽ انهن ۾ به مولا تي مختلف القاب سان سلام پيش ڪيا ويا آهن ليڪن انهن جي لاءِ آئمه معصومين عليهم السلام کان نقل ٿيل هجڻ قطعي ناهي.

اسان هن مقالي ۾ اميرالمومنين عليه السلام جي مطلقه ۽ مقيده زيارات منجھان فقط ماثوره زيارات منجھان ڪجهه القاب تي روشني وجهندا سين.  يعني اهڙا القاب جيڪي ڪنهن  نه ڪنهن معصوم جي طرفان مولا لاءِ بيان ٿيل آهن.

الف: امير المومنين

 مولا جي زيارات ۾ جيڪي مفاتيح الجنان ۾ بيان ٿيل آهن انهن زيارات ۾ موجود مشهور لقبن منجھان هڪ لقب امير المومنين آهي

( َ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا أَمِيرَ الْمُؤْمِنِينَ)

تو مٿان سلام اي ”مومنن جا امير“ مولا جو هي اهڙو لقب آهي جيڪو رسول الله (ص) جي زماني ۾ ئي مولا کي عطا ٿيل آهي.

سليم بن قيس چوي ٿو: الله جي رسول (ص) چاليھ عربن ۽ چاليھ غير عربن کي گھرايو  ۽ کين امر ڪيو ته مٿس امير المومنين عليه السلام جي عنوان سان سلام ڪيو  پوءِ کين فرمايو: مان توهان کي گواھ ٿو بڻايان ته علي عليه السلام منهنجو ڀاءُ، وزير، وارث ۽ امت جي درميان منهنجو خليفو آهي ۽ مونکان بعد وصي ۽ هر مومن جو ولي آهي سندس ڳالهيون ٻڌو ۽ اطاعت ڪريو. (6)

سيد رضي پنهنجي ڪتاب خصائص الائمة ۾ هڪ فصل ان عنوان سان بيان ڪيو آهي  ته حضرت علي عليه السلام رسول الله (ص) جي زماني ۾ ئي اميرالمومنين عليه السلام جي عنوان سان پڪاريا ويندا هيا. اتي هڪ روايت بريده اسلمي کان نقل ڪئي اٿائين ته رسول الله (ص) پنهنجي زماني ۾  ئي پنهنجي صحابين کي حڪم ڏنو ته علي عليه السلام مٿان اميرالمومنين  جي عنوان سان سلام پيش ڪن، ته عمر بن الخطاب پاڻ ڪريم (ص) کان پڇيو: اي الله جا رسول اهو حڪم پالڻهار جي طرفان آهي يا سندس رسول جي طرفان؟

ته پاڻ ڪريم (ص) فرمايو: هي حڪم الله جي طرفان به آهي ۽ سندس رسول جي طرفان به. (7)

 ۽ ان کان علاوه به ٻيون کوڙ روايتون موجود آهن جيڪي علي عليه السلام جي اميرالمومنين واري لقب تي دلالت ڪن ٿيون.

ب: وصي

( َ السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا سَيِّدَ الْوَصِيِّينَ)

تومٿان سلام اي وصين جا سردار، مولا جي زيارت نامن ۾ موجود هڪ لقب ”وصين جو سردار“ به آهي وصي، وصايت مصدر منجھان صفت مشبه آهي يعني اهڙو انسان جيڪو مورد اطمينان هجي. جيئن وصيت تي عمل ڪري. رسول الله (ص) جو فرمان آهي:

(  لِكُلِّ نَبِيٍّ وَصِيٌّ وَ وَارِثٌ وَ إِنَّ وَصِيِّي وَ وَارِثِي عَلِيُّ بْنُ أَبِي طَالِبٍ ) (8)

هر نبي لاءِ ڪو وصي ۽ وارث آهي  ۽ منهنجو وصي ۽ وارث علي بن ابي طالب عليه السلام آهي. ليڪن هتي مولا کي سلام رڳو وصي هجڻ جي لحاظ کان نه بلڪه سيد الاوصياء جي عنوان سان آهي، اهو ان ڪري جو حضرت محمد (ص) الله جو آخري نبي ۽ سيد الانبياءِ آهي تنهن ڪري سندس وصي کي به سيد الاوصياء هجڻ گھرجي .

امير المومنين عليه السلام پاڻ به هڪ خطبي ۾ ارشاد فرمايو آهي:

لَا يُقَاسُ بِآلِ مُحَمَّدٍ مِنْ هَذِهِ الْأُمَّةِ أَحَدٌ)

هن امت منجھان ڪنهن کي به آل محمد سان نه ڀيٽايو، جنهن ۾ اڳتي مولا فرمايو:

وَ لَهُمْ خَصَائِصُ حَقِّ الْوَلَايَةِ وَ فِيهِمُ الْوَصِيَّةُ وَ الْوِرَاثَة)

انهن لاءِ ڪجھ خاصيتون آهن جن منجھان ولايت جو حق آهي جنهن ۾ وصيت ۽ وراثت پڻ آهي. (9)

ابن ابي الحديد ان عبارت جي ضمن ۾ لکي ٿو: ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته علي عليه السلام اسان وٽ رسول الله (ص) جو وصي آهي، توڙي جو مخالف ۽ دشمن ان حقيقت جو انڪار ڪن. ان کان بعد ۾ اهي شعر جيڪي ابتداءِ اسلام ۾ چيا ويا هئا  ۽ ان معنا کي بيان ڪندڙ آهن ته علي عليه السلام رسول الله (ص) جو وصي آهي نقل ڪري ٿو جن منجھان هڪ هي به آهي

و منا على ذاک صاحب خیبر  و صاحب بدر یوم سالت کتائبه

وصى النبى المصطفى و ابن عمه  فمن ذا یدانیه و من ذا یقاربه،

علي اسان منجھان آهي  جيڪو خيبر ۽ بدر جو صاحب آهي ۽ ان ڏينهن جو صاحب جڏهن فوجي سندس هٿان ماريا ويا.

هو رسول الله (ص) جو چاچي ڄائو ۽ سندس وصي آهي، بس ڪير آهي جيڪو ساڻس برابري يا مقابلو ڪري سگھي. (10)

علي عليه السلام جي وصي هجڻ جو اقرار دشمنن پڻ ڪيو آهي ، جنگ جمل واري ڏينهن بني ضبه جو هڪ جوان بيبي عائشه جي لشڪر مان ميدان ۾ آيو  ۽ هي شعر چئي رهيو هيو :

(نحن بني ضبة اعداء علي ذاک الذي يعرف قدما بالوصي)

اسان ضبه جو نسل علي جا دشمن آهيون اهو ئي علي جنهن کي پراڻي زماني کان وٺي رسول جو وصي سڏيندا آهن. (11)

ج: ولي ، مولى

(السَّلَامُ عَلَيْكَ يَاَ وَلِيَّ رَبِّ الْعَالَمِينَ وَ مَوْلَايَ وَ مَوْلَى الْمُؤْمِنِينَ )

تو مٿان سلام اي ٻنهي جهانن جي رب جا ولي، ۽ منهنجا مولا ۽ مومنن جا سرواڻ ۽ سردار.

ولي ۽ مولا جو مادو ساڳيو آهي جنهن جي مڙني فرقن وٽ قابل قبول معنا به هميشه رهندڙ دوستي آهي  ۽ ان بنياد تي به آيت ولايت

إِنَّمَا وَلِيُّكُمُ اللّهُ وَرَسُولُهُ وَالَّذِينَ آمَنُواْ الَّذِينَ يُقِيمُونَ الصَّلاَةَ وَيُؤْتُونَ الزَّكَاةَ وَهُمْ رَاكِعُونَ ) (12)

توهان جو ولي فقط خدا، سندس رسول ۽ اهي انسان آهن جن ايمان آندو، نماز قائم ڪئي ۽ رڪوع جي حالت ۾ زڪات ادا ڪئي. ان آيت جي تفسير ۾ مڙني مفسرن جو اتفاق آهي ته هي آيت ان مهل نازل ٿي جڏهن علي عليه السلام رڪوع جي حالت ۾ پنهنجي منڊي سائل کي بخشي هئي. (13)  تنهن ڪري ناصرخسرو به هي مشهور شعر چيو: آنچه علي داد در رکوع فزون ز آنچه عمري بداد حاتم طائي (14) يعني: علي عليه السلام جيڪو رڪوع جي حالت ۾ عطا ڪيو اهو حاتم طائي جي سڄي عمر جي عطا کان وڌيڪ هيو.

۽ رسول الله (ص) جي راويت پڻ آهي ته :

إِنَّ عَلِيّاً مِنِّي وَ أَنَا مِنْه َ هُوَ وَلِيُّ كُلِّ مُؤْمِنٍ بَعْدِي ) (15)

بيشڪ علي مون منجھان ۽ آءُ علي منجھان آهيان هو مونکان بعد هر مومن جو ولي آهي.

جڏهن ته اهل تشيع جي نزديڪ ولي ۽  مولا جو مطلب اهو آهي ته اهڙو انسان جيڪو سندس چاهيندڙ جي جان تي خود ان کان به وڌيڪ اولويت رکندو هجي ۽ حقيقي موالي چئبو ئي ان کي جيڪو مولا جي حڪم جو پابند هجي ۽ رسول الله (ص) غدير جي ميدان ۾ مولا جي معنى حڪومتي ولايت بيان ڪئي آهي جنهن جا ڪيترائي دليل پڻ موجود آهن جن سان هتي بحث نٿو ڪري سگھجي.

د: يعسوب

( السَّلَامُ عَلَيْكَ يَا يَعْسُوبَ الْمُؤْمِنِينَ)

علي عليه السلام جي لقبن منجھان هڪ لقب يعسوب پڻ آهي جيڪو ڪڏهن يعسوب الدين جي نالي سان ته ڪڏهن وري يعسوب المومنين جي نالي سان استعمال ڪيو ويندو آهي.

يعسوب حقيقت ۾ ماکيءَ جي مکين جي سربراھ کي سڏيو ويندو آهي جيڪا سڀني کان هوشيار ۽ مضبوط آهي جيڪا ماناري جي در تي بيهندي آهي ۽ جيڪا به مک اتان اندر داخل ٿيندي آهي ان جي وات جي بوء سگھندي آهي اگر ان جي وات ۾ بدبو هوندي آهي ته هوءَ سمجھندي آهي ته هن خراب گل تان رت چوسي آهي  پوءِ ان کي ٻه اڌ ڪري ماناري مٿان اڇلائيندي آهي ته جيئن ٻين لاءِ عبرت جو مثال بڻجي . علي عليه السلام به جنت جي دروازي تي بيهي انسان جي بوء کي سگھندو جنهن ۾ به پنهنجي دشمني جي بوء محسوس ڪندو کيس جهنم جي تري ۾ اڇلائيندو .

۽ روايت ۾ پڻ علي عليه السلام کي يعسوب سڏيو ويو آهي

يَا عَلِيُّ إِنَّكَ سَيِّدُ الْمُسْلِمِينَ وَ إِمَامُ الْمُتَّقِينَ وَ يَعْسُوبُ الْمُؤْمِنِين‏ ) (16)

اي علي تون مسلمانن جو سربراھ، متقين جو سرواڻ ۽ مومنن جو سردار آهين.  جيئن جاحظ به چيو آهي :

(و کل قائد فهو یعسوب ذلک الجنس المفقود) (17)

هر سرواڻ پنهجي قيادت ۾ ايندڙن جو يعسوب آهي. ۽ رسول الله (ص) به فرمايو آهي :

 (يَا عَلِيُّ أَنْتَ يَعْسُوبُ الْمُؤْمِنِينَ وَ الْمَالُ يَعْسُوبُ الظَّالِمِينَ)  (18)

اي علي تون مومنن جو سردار آهين جڏهن ته مال ظالمن جو سربراھ آهي.

هتي جيڪو ڪجھ بيان ڪيو سين اهي امير المومنين عليه السلام جا ڪجھ مشهور لقب هئا ۽ اگر علي عليه السلام جي مڙني لقبن کي ڳڻيو وڃي ته اهي سون جي تعداد ۾ آهن جن کي شيعه، سني حامين ۽ مخالفن بيان ڪيو آهي، جن منجھان هر عنوان مولا جو هڪ لقب شمار ٿئي ٿو  اسان هتي آخر ۾ معتزلين جي هڪ ڏاهي دانشور ابو جعفر اسڪافي جي عبارت کي نقل ڪرڻ تي اڪتفا ڪريون ٿا جيڪا ان، مولا جي القاب بابت فرمائي آهي:

الطاهر الزکىّ، العدل الرضى، سید المؤمنین و راحم المساکین و قوة المستضعفین و شریک الفقراء و امین الضعفاء و جابر الکسیر و مغنى الیتیم و المساوى بعدله بین القریب و البعید ) (19)

پاڪيزه، زڪي، عادل، راضي رهندڙ، مومنن جو سرواڻ، مسڪينن تي رحم ڪندڙ، ڪمزورن جي طاقت، فقيرن جو شريڪ، ڪمزورن سان انصاف ڪندڙ، ظالمن تي ڏمريل، يتيمن کي غني بنائيندڙ، سڀني سان عدالت سان پيش اچڻ وارو چاهي ويجھو مائٽ هجي يا ڪو پري جو.

دعا آهي ته پالڻهار اسان کي مومنن جي امير جي حقيقي معرفت عطا فرمائي.

حوالا

1ـ سورت تڪاثر آيت/1، 2

2ـ ادب فناي مقربان، آيت الله جوادي آملي، ج1 ص 23

3ـ والزيارة في العرف قصد المزور و استيناما به (مصباح الزائر ماده زور)

4ـ وسائل الشيعه، ابواب المزار، باب2 حديث 16 ج 14 ص 328

5ـ مفاتيح الجنان فصل پنجم باب زيارت اميرالمومنين

6ـ ڪتاب سليم بن قيس،  ص 144

7ـ خصائص الائمة،(سيد رضي) خصائص اميرالمومنين ص 380

8ـ مناقب ابن مغازلي، ص 201

9ـ شرح نهج البلاغة، ابن ابي الحديد، ج 1، ص 139

10ـ ساڳيو ص 147

11ـ ساڳيو ص 144

12ـ سورت مائده / آيت 55

13ـ کشف الاسرار، مبيد ، ج 3 ص 152

14ـ ديوان ناصر خسرو، ص 419

15ـ  خصائص امير المومنين، نسائي ص 98

16ـ صبح الاعشي، قلقشدي،  ج 5 ص 440

17ـ الحيوان، جاحظ، ج 3 ص 329

18ـ ، مناقب، ابن مغازلي ص 65

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found