اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

مولا علي عليه السلام جو زهد ۽ سادگي

تحرير: غلام قاسم تسنيمي 

مولا علي عليه السلام جي هڪ اهم خوبي جنهن دانشورن جو ڌيان مولا ڏانهن ڇڪرايو آهي اها سندس زهد ۽ سادگي آهي.

پاڻ ان جي باوجود جو اسلامي سرزمين جي عظيم بادشاهت جا حڪمران هئا، پر دنيا کي ڪا اهميت نه ڏيندا هئا. بلڪ تمام سادي زندگي گذاريندا هئا. پنهنجو سڄو وقت رعيت جي خدمت ۽ خدا جي بندگي ۾ گذاريندا هئا.

پاڻ دنيا کي خطاب ڪندي فرمائيندا هئا: ڪنهن ٻئي کي وڃي دوکو ڏي. مون تو کي ٽئي طلاق ڏئي ڇڏيا آهن.(1) معروف تاريخدان مسعودي لکي ٿو: مولا علي عليه السلام جي ابتڙ معاويه مال ملڪيت وسيلي ماڻهن کي ڌوڪو ڏيندو هو، هڪ ڏينهن مولا جي ڀاءُ عقيل کي پاڻ وٽ گهرايائون، جڏهن هو حاڪم شام وٽ آيو ته کائنس پڇيائين: علي عليه السلام کي ڪهڙي حال ۾ ڇڏي آيو آهين؟ ان وراڻيو: مون علي عليه السلام کي ان حال ۾ ڇڏيو جو الله ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جو سچو عاشق هو. جڏهن ته توسان ان حال ۾ مليو آهيان جو الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه و آله و سلم تو کان ناراض آهن. معاويه کي ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي پر ڪجھ ڪڇيو نه.

ٻئي ڏينهن عقيل کي گهرائي ڪيترائي تحفه ۽ هديه ڏنائين. کائنس وري پڇيائين ڏي خبر علي عليه السلام کي ڪهڙي حال ۾ ڇڏي آيو آهين؟ جواب ڏنائين: مون علي عليه السلام کي ان حال ۾ ڇڏيو جو پنهنجي ڀلائي گهري رهيو هو ۽ تو سان ان حال ۾ مليو آهيان جو تون منهنجي ڀلائي گهر رهيو آهين.(2) (مطلب ته علي عليه السلام کي پنهنجي آخرت ۽ الله جي بارگاھ ۾ وڃڻ جي ڳڻتي آهي جڏهن ته تون ان کان بي فڪر ۽ غافل آهين).

جرجرداق عيسائي لکيڪ لکي ٿو: علي عليه السلام جو زهد ۽ سندس سادگي ايترو ته مشهور آهن جو ان لاءِ ڪنهن شاهدي ۽ ثابتي جي ضرورت نه آهي جهڙي نموني سندس صحابي به ائين هئا. حضرت ابوذر پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي سان جوءَ جي هڪ ماني تي گذارو ڪندو هو.(3)

حوالا

1. نهج البلاغه، حڪمت77.

2. مروج الذهب، ج3، ص47.

3. صوت العداله، ج1، ص116.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found