سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

مولا علي عليه السلام جي حڪومت تي هڪ نظر

تحرير: زوار رضا حسين الحسيني 

ڪنهن به شخص يا هستيءَ جي عظمت جو ڪمال اهو آهي ته تاريخ ان جو وڌ کان وڌ ذڪر ڪرڻ کان پوءِ به اُڃ محسوس ڪري، تاريخ کي مسلسل ان شخصيت جي ڪردار جي مختلف پاسن جو مواد ملندو رهي، پر تاريخ جو پيٽ نه ڍاپجي، اهڙين شخصيتن ۾ باب مدينة العلم حضرت علي عليه السلام جو نالو انتهائي بلندي تي نظر اچي ٿو. جنهن جي ذات ڪڏهن به مورخن، مصنفن، صحافين، مفسرن، مدبرن ۽ مقررن جي محتاج نه رهي آهي. پر حقيقت اها آهي ته تاريخ پاڻ حضرت علي عليه  السلام جي زندگي جي هر لمحي اڳيان ڪڏهن فقيريءَ وارو ڪستو جهلي ته ڪڏهن جهول جهلي عنوانن جي خيرات گهرندي رهي آهي ۽ علي عليه السلام جي ذات چوڏنهن  سئو سالن کان تاريخ کي خيرات جو فيض ڏيندي رهي آهي. پر تاريخ کي اڄ به علي عليه السلام جي ضرورت آهي پوءِ اها چاهي علم جي ميدان ۾ هجي يا شجاعت جي ميدان ۾، فصاحت جي ميدان ۾ هجي يا بلاغت جي ميدان ۾، امانت جي ميدان ۾ هجي يا رياضت جي ميدان ۾، دنيا جي مسلمانن جي عبادت جي مرڪز، ڪعبي ۾ ولادت جي عظيم مرتبي جي صورت ۾ هجي يا مسجد ۾ شهادت جي سعادت جي صورت ۾، زهد جي انتها ۾ هجي يا تقوي جي ڪمال جي صورت ۾، راتين جو مانين جون ڳنڍون کڻي مسڪينن جي مددگار جي حيثيت ۾ هجي، يا يتيمن جي مدد جي شڪل ۾، مفسر قرآن جي صورت ۾ هجي يا شعله بيان خطيب جي حيثيت ۾، بي ريا عادل جي صورت ۾ هجي يا مزدور صفت شنهشاهه جي حيثيت ۾، مطلب ته زندگي جو اهو ڪهڙو شعبو آهي جنهن ۾ علي عليه السلام جي ذات ۾ ذري برابر به گهٽتائي نظر اچي؟

اگر مولا علي عليه السلام جي ڪمالات تي نظر  وجھجي ته هي مقالو ڇا پر ڪيترائي ڪتاب کُٽي ويندا، ان ڪري اسان  پنهنجي موضوع جي طرف ايندي مولا علي عليه السلام جي حڪومت تي نظر وجهون ٿا.

اهم سرگرميون

تفسير قرآن ۽ ڪافي آيتن جو حقيقي مفهوم بيان ڪرڻ

ٻين مذهبن ۽ خصوصا اهل ڪتاب جي عالمن کي اسلام بابت جواب ڏيڻ.

مختلف شرعي احڪام بيان ڪرڻ.

ان دور ۾ پيش ايندڙ ماڻهن جي مختلف ۽ نون نون مسئلن ۽ مشڪلات کي حل ڪرڻ.

اهڙن ماڻهن جي پرورش ڪرڻ جن جا ضمير زندھ، روح پاڪ ۽ تربيت لاءِ آمادھ هئا، جيئن عبدالله بن عباس، ابوذر، اويس قرني، مقداد، عمار، مالڪ اشتر، ڪميل، ميثم تمار، حبيب بن مظاهر ۽ مسلم بن عوسجه. بي سهارن، يتيمن ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي پالڻ، امام عليه السلام پنهنجي هٿن سان هارپو ڪري باغن ۾ ميوا ۽ مختلف شيون پوکي ان کي وقف ڪري ڇڏيندو هو، امام علي عليه السلام فرمائن ٿا: خدا وٽ محبوب ترين پيشو هارپو آهي.

امام علي عليه السلام جي حڪومت ۾ مهم جنگون

مولا علي عليه السلام کي پنهنجي پنج ساله دور حڪومت ۾ مختلف مشڪلاتون پيش آيون. شايد کيس ٻين ڪمن لاءِ ايترو وقت نه مليو جيترو عرصو جنگين ۾ لڳي ويو، امام عليه السلام  جي دور ۾ ٽي جنگيون ٿيون جن کي هيٺن نالن سان سڏيو وڃي ٿو.

1ـ جنگ جمل، ناڪثين (پَيمانُ ٽوريندڙن جو ٽولو)

جڏهن سڀ ماڻهو امام علي عليه السلام جي بيعت ڪري چڪا ته مولا علي پنهنجي عدل ۽ انصاف مطابق مختلف شهرن ڏانهن پنهنجا نمائيندا (گورنرَ) موڪلڻ شروع ڪيا، طلحه ۽ زبير به بيعت ڪري چڪا هئا ۽ آرزو هئن ته اسان کي بصري ۽ ڪوفي جي گورنري ملي، پر امام علي عليه السلام انهن جي درخواست قبول نه ڪئي، اُهي ڪعبي جي زيارت ڪرڻ بهاني مديني کان مڪي هليا ويا ۽ اتي اچي ام المومنين حضرت عائشه کي امام علي عليه السلام خلاف ڀڙڪائڻ لڳا.

ٻئي پاسي بني اميه هئا جن کي عثمان جي دور ۾ بيت المال مان ڪافي مال ملندو هو امام علي عليه السلام جي دور حڪومت ۾ اهو سڀ بند ٿي ويو، اهي به بيت المال کي لُٽڻ لاءِ مڪي آيا ۽ طلحه، زبير ۽ حضرت عائشه سان گڏ ٿيا. مڪي ۾ بيت المال کي لُٽڻ کان پوءِ ان مال مان هڪ لشڪر تيار ڪري  بصري تي قبضو ڪيائون.

 امام علي عليه السلام بصري کي انهن جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ لاءِ پنهنجي فوج سان بصري ڏانهن روانو ٿيو، ڏسندي ئي ڏسندي امام علي عليه السلام ۽ ناڪثين وچ  ۾ جنگ ٿي ان جنگ ۾ امام علي عليه السلام جي فوج ڪاميابي ماڻي، ناڪثين جا سردار طلحه ۽ زبير ماريا ويا ۽ ڪجھه ٻيا قيدي بڻيا.

شيخ مفيد لکي ٿو: جنگ جمل ۾ 25 هزار ماڻهو قتل ٿيا پر عبدالله بن زبير (جيڪو پاڻ به ان جنگ ۾ شريڪ هو) چئي ٿو: 15 هزار ماڻهو قتل ٿيا. ٻئي پاسي اهل سنت جو مشهور تاريخ دان لکي ٿو: 10 هزار ماڻهو قتل ٿيا (1) ان جنگ ۾ حضرت عائشه هڪ اُٺ تي سوار هئي. ناڪثين جو لشڪر ان اُٺ جي چوڌاري ڦريل هو، اهو اُٺ ان لشڪر جي جهنڊي وانگر هئو انهيءَ ڪري ان جنگ جو نالو جنگ جمل (نر اُٺ) مشهور ٿيو. جنگ جمل بصري جي ويجھو حزيبه نالي هڪ مقام تي ٿي. جنگ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ نه هلي: (اَرِڙهن 18 جمادي الاول سال 36 هجري قمري). (2)

2ـ  جنگ صفين،  قاسطين  (ستَمگَرَن جو ٽولو)

جنگ صفين امام علي عليه السلام جي دور حڪومت  جي هڪ اهم جنگ هئي جيڪا سال 37 هجري قمري ۾ امام علي عليه السلام ۽ معاويه بن ابوسفيان جي وچ ۾ عراق جي اولهه ۾ رقه ۽ بالس شهرن جي وچ واري مقام تي ٿي انهيءَ جي ڪري ان جو نالو جنگ صفين مشهور آهي.

امام علي عليه السلام جي خلافت جي دور شروع ٿيڻ کان اڳ معاويه شام جو گورنر هو امام عليه السلام جي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ امام ان کي ان عهدي تان معزول ڪري اتي هڪ ٻئي شخص کي موڪليو پر معاويه ان حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪري حڪومت تي قبضو ڪري ويهي رهيو.

اميرالمومنين خليفة المسلمين ٻيهر معاويه ڏي (جنگ جمل کان پوءِ) جرير بن عبدالله کي مذاڪرات ۽ بيعت لاءِ شام موڪليو، پر هن ڀيري به معاويه نه مڃيو بلڪه  عثمان جي خون جو انتقام وٺڻ لاءِ  شام جي ماڻهن کي مولا علي عليه السلام جي خلاف ڀڙڪائيندو رهيو ۽ جنگ لاءِ ماڻهن کي تيار ڪرڻ لڳو، امام علي عليه السلام کي به جڏهن ٻيو ڪو چارو نظر نه آيو جنگ لاءِ تيار ٿي هڪ عظيم فوج سان شام ڏانهن روانو ٿيو ۽ صفين جي مقام تي معاويه جي لشڪر سان مهاڏو اٽڪايائين ۽ ائين ئي مولا  ۽ معاويه جي لشڪر ۾ سخت جنگ شروع ٿي وئي.

ڪجھه ڏينهن جي جنگ کان پوءِ جڏهن امام علي عليه السلام جنگ کٽڻ وارو هئو ته عمرو بن عاص شڪست جي خوف کان مَڪارَن واري سياست ڪري قرآن کي ڀالن تي کنيو ۽ عمرو عاص هي نعرا هَڻڻ لڳو (اي اهل عراق! ڪتاب خدا توهان ۽ اسان جي وچ ۾ حاڪم آهي، جنگ تان هٿ کڻو ۽ قرآن تي فيصلو ڪريون ٿا. اهو لَڪاءَ ڏسڻ کان پوءِ امام علي عليه السلام جي فوج ۾ اختلاف ٿي پيو ۽ چوڻ لڳا ته اسان قرآن سان جنگ نه ڪنداسين. امير المومنين عليه السلام پنهنجي فوج کي مخاطب ٿي فرمايو: انهن جي مڪر ۽ فريب کان بچو، جنگ نه ڇڏيو ۽ استقامت جو مظاهرو ڪريو ڪاميابي اسان جي قريب آهي. (3)

امام علي عليه السلام فرمايو:

) انا ناطق قرآن(

مان ڳالهائيندڙ قرآن آهيان. (4)

پر امام علي عليه السلام جي فوج  عمرو عاص کان ڌوڪو کائي چڪي هئي.

ان کان پوءِ حڪميت وارو  واقعو پيش آيو، چيو وڃي ٿو ته معاويه جي هڪ لک جي لشڪر مان 45 هزار قتل ٿيا ۽ امام علي عليه السلام جي هڪ لک 20 هزار سپاهين مان 25 هزار ماڻهو قتل ٿيا. (5)

3ـ جنگ نهروان، مارقين  (دين کان ٻاهر نڪتل ٽولو)

جنگ نهروان امام علي عليه السلام جي فوج ۽ خوارج جي وچ ۾ ٿي. جنگ نهروان به جنگ صفين جو نتيجو هئي. حڪميت واري فيصلي کان پوءِ امام علي ڪوفي واپس آيو. معاويه کي وري شام جي حڪومت ملي، هو شام واپس هليو ويو. پر جنگ کان پوءِ امام علي عليه السلام جي ساٿين ( جن عمرو عاص کان ڌوڪو کاڌو هئو) امام علي عليه السلام کي قبول نه ڪيو ۽ امير المومنين تي ڪفر جا فتوا هڻندا رهيا. امام انهن کي جواب ڏيڻ لاءِ 9 صفر 38 هجري قمری عراق جي شهر نهروان آيو ۽ اتي ئي امام عليه السلام خوارج سان جنگ ڪئي. جنگ کان اڳ امام خطاب ڪيو ۽ فرمايو: جيڪو توبه ڪري ۽ اسان جي پرچم هيٺان اچي ان جي توبه قبول ڪري ان کي معاف ڪيو ويندو، ان ٽولي مان ڪجھه ماڻهو امام علي عليه السلام جي پرچم  هيٺان آيا ۽ امام انهن جي توبه قبول ڪري انهن کي معاف ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ امام پنهنجي فوج کي حڪم ڏنو جيسيتائين دشمن حملو نه ڪري توهان به وار نه ڪجو.

خارجين جي لشڪر مان ڪجھه امام جي فوج تي حملو ڪيو ان وقت امام پنهنجي فوج کي حملي جو حڪم ڏنو. ڪافي گھٽ وقت ۾ امام جي فوج ڪاميابي ماڻي. دشمنن جو سڄو لشڪر تباھ ٿي ويو صِرف 9 ماڻهو ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ امام خارجين جي لاشن طرف منهن ڪري فرمايو: توهان تي حيفُ هجي، جنهن توهان کي فريب ڏنو اها توهان جي زبان آهي.

ان وقت پنهنجي فوج ڏي منهن ڪري فرمايو: مون کان پوءِ خوارج سان جنگ نه ڪجو ڇو ته توهان جو اصلي دشمن معاويه آهي. (6)


حوالا


1ـ فروغ ولايت ، ص 425 و ص 447

2ـ سيره پيشوايان، ص 82

3ـ دايرة المعارف الشيعه العامة ج 11 

4ـ شرح نهج البلاغه، ابن ابي الحڊيدج 2

5ـ المعارف و المعاريف ج 3

6ـ فروغ ولايت ص 728 کان 731 تائين

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found