سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

مولا علي عليه السلام جي عدالت ۽ انصاف

تحرير: غلام قاسم تسنيمي 

ڪنهن به حاڪم جي تمام بهترين خوبي عدالت ۽ انصاف آهي.

امام علي عليه السلام ايترا ته عدالت پسند هئا جو سندن شهادت جو اصلي ڪارڻ عدالت پنسديءَ کي ڄاڻايو ويو آهي. چون ٿا ته علي عليه السلام جيڪڏهن محراب عبادت ۾ شهيد ٿيو آهي ته پنهنجي عدالت پسنديءَ جي ڪري ٿيو آهي.

جرجرداق عيسائي علي عليه السلام جي زندگي نامي بابت جيڪو ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ چوي ٿو ته: علي صوت عداله الانسانيه؛ علي عليه السلام انساني انصاف جو آواز آهي.

مولا انصاف کي تمام گهڻو پسند ڪندا هئا، تنهنڪري حڪومت کي به جيڪڏهن قبول ڪيائون ته حقدار کي حق ڏيارڻ خاطر قبول ڪيائون. فرمائيندا هئا: مون وٽ ڇڄيل نعلين جي حيثيت حڪومت کان وڌيڪ آهي سواءِ ان جي جو حڪومت وسيلي حقدار کي حق ڏياريان يا باطل کي نابود ڪريان.(1)

مولا کي صلاح ڏنائون ته اشراف زادن ۽ وڏيرن کي بيت المال مان وڌيڪ حصو ڏيو. فرمايائون: مان نه ٿو چاهيان ته ظلم وسيلي حڪومت مضبوط بڻايان،(2) مان ته چاهيان ٿو ته بيت المال ۾ اڄ تائين جيڪا ڦر لٽ ٿي آهي اها به واپس وٺان، ڀلي کڻي ان سان ڪنيزون خريد ڪيو ويون هجن يا شادي ڪئي وئي هجي.(3)

عدالت ۽ انصاف جي قيام لاءِ حضرت جو اهم ڪارنامو شڪوه شڪايت ۽ داد فرياد لاءِ صندوقن جو رکڻ آهي. پاڻ فرمائيندا هئا: جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي پر ڊڄ وغيره جي ڪري سامهون اچي بيان ڪرڻ نٿو چاهي، هو لکي ڪري ان صندوق ۾ وجهي.(4) مولا پاڻ بازار ۾ وڃي قيمتن جي ڀيٽ ڪندا هئا ۽ مهانگي کپائڻ کان روڪيندا هئا.

پهريان والي ۽ حاڪم هئا جنهن پنهنجي وزيرن، مشيرن ۽ گورنرن لاءِ قاعدا ۽ قانون بڻايا، جيڪي اڄ به سندن خطبن ۽ خطن جي صورت ۾ محفوظ آهن.

حوالا

امام علي صوت العداله والانسانيه، ج1، ص135.

2 امالي طوسي، ص144.

3 نهج البلاغه، خطبو15.

4 سياست نامه امام علي، ص66.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found