سومر, 18 مارچ 2019 - Mon 03 18 2019

منو

حضرت علي  عليه السلام اهل سنت جي نگاھ ۾

تحرير: صابر حسين چانڊيو 

حضرت علي عليه السلام 13  رجب المرجب  سال 30 عام الفيل تي ڪعبي ۾ مسلمانن جي لاءِ باعث هدايت ٿي آيا

۽ سن 40 هجري ۾ 21 رمضان المبارڪ تي ڪوفي ۾ شهيد ٿيا. سندن ماءُ جو نالو فاطمه بنت اسد ۽ پيءُ جو نالو عمران، ڪنيت ابو طالب آهي.

حقيقت ۾ بنا تعصب جي اگر علي عليه السلام جي ذات کي ڏٺو وڃي ته انهن سڀني ڪمالن جو مجموعو آهي، جيڪي خداوند ڪريم کيس عطا ڪيا آهن. چاهي جنگ جو ميدان هجي يا صبر جو امتحان، اخلاق جو موضوع هجي يا اڪيلي خدا جي عبادت، دين جو مقام هجي يا پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي جان بچائڻ جو مقام، علي عليه السلام هميشه سرفهرست رهيو آهي، اهو عقيدو صرف اهل تشيع جو نه آهي، اگر تاريخ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته دوستن توڙي دشمنن بنهي علي عليه السلام جي فضيلت جو اقرار ڪيو آهي.

اسان هتي نهايت ئي مختصر طريقي سان اهل سنت جي ڪتابن مان مولا علي عليه السلام جي باري ۾ ڪجھ حديثون ذڪر ڪريون ٿا ته جيئن حق جي ڳولا ڪندڙن لاءِ هدايت جو دڳ واضح ٿي سگهي

خداوند متعال جو منتخب ٿيل (چونڊيل)

ابو هريره نقل ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن جناب فاطمه زهرا سلام الله عليها پنهنجي والد نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو ته: بابا ڇا سبب هئو جو توهان منهنجو نڪاح علي عليه السلام سان ڪرايو؟ ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم کيس جواب ڏنو: اي فاطمه ڇا توکي ان ڳالهه تي فخر نه آهي ته خداوند متعال تمام مردن منجهان فقط ٻن هستين کي پنهنجي توجهه جو مرڪز قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي دين جي ذميواري انهن کي سونپي آهي، هڪ تنهجي بابي (محمد ص ) ۽ ٻيو تنهجي شوهر (علي ع) کي.(1)

علي عليه السلام رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو مددگار

انس بن مالڪ نقل ڪري ٿو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: معراج واري رات جڏهن مون عرش تي نگاهه ڪئي ته اتي هي جملا لکيل نظر آيا ) لا اله الا الله محمد رسول الله ايدته بعلي(  خدا کان سوا ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ محمد (ص) ان  جو رسول آهي جنهن جي مون (خدا) علي ذريعي مدد ڪئي. (2)

ابو الخميس کان نقل ٿيو آهي ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: معراج واري رات مون عرش تي هي جملا لکيل ڏٺا ) محمد رسول الله ايدته بعلي و نصرته به(  محمد الله جو رسول آهي  ۽ مون (خدا) علي عليه السلام جي ذريعي سندس حمايت ۽ مدد ڪئي. (3)

علي عليه السلام جي فضيلت

عمر ابن خطاب  روايت ڪري ٿو ته رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ڪو به ماڻهو دنيا ۾ علي (عليه السلام)  جيتري فضيلت نه ٿو رکي ۽ جيڪو به علي (عليه السلام)  جي فضيلت کي سمجھي، ان جي حقيقت تائين پهچندو اهو هدايت پائيندڙ ۽ ٻين لاءِ هدايت جو وسيلو بڻبو. (4)

ابن عساڪر، ابن عباس کان نقل ڪري ٿو ته: علي عليه السلام کان سواءِ ٻئي ڪنهن صحابي جي باري ۾ آيتون نازل نه ٿيون آهن ۽ قرآن جون 300 آيتون علي عليه السلام جي فضيلت ۾ نازل ٿيون آهن. (5)

حضرت آدم عليه السلام جي توبه قبول ٿيڻ

) فتلقي آدم من ربه کلمات (سيوطي  صاحب الدر المنثور  هن آيت جي باري ۾ هن ريت راءِ ڏني آهي، ابن نجار، ابن عباس کان نقل ٿو ڪري  ته مون جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو، اهي ڪهڙا ڪلما هئا جيڪي الله سائين حضرت آدم عليه السلام کي سيکاريا ۽ انهن جي صدقي، خدا آدم عليه السلام جي توبه قبول ڪئي؟

رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو ته: حضرت آدم عليه السلام هنن ڪلمن جو واسطو ڏئي خدا کان معافي ورتي ۽ سندس بارگاھ ۾ توبه ڪئي نتيجي ۾ خدا سندس توبه قبول ڪري کيس معاف ڪيو، اهي ڪلما هي آهن، محمد ، علي فاطمه ، حسن ، حسين

جناب رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جن  کان منقول آهي: حق هي آهي ته خداوند ڪريم دنيا مان عربن کي چونڊيو ۽ انهن مان قبيله قريش کي چونڊيو ۽ قريش مان بني هاشم کي چونڊيو ۽ مان (محمد)، علي، حمزه، جعفر، حسن ۽ حسين عليهم السلام ان بني هاشم جو حصو آهيون ۽ خدا اسان کي پنهنجي منصب لاءِ انتخاب ڪيو. (6)

صديق اڪبر فقط علي عليه السلام

عباد، ابن عبد الله کان نقل ٿو ڪري ۽ ان علي عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته: مان الله جو ٻانهو، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ڀاءُ آهيان ۽ مان ئي صديق اڪبر آهيان، تنهنڪري جيڪو به پاڻ کي صديق اڪبر چورائي اهو ڪوڙو آهي ۽ مان ئي اهو شخص آهيان جنهن ست سال سڀني مسلمانن کان پهريان رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ نماز پڙهي. (7)

علي عليه السلام رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جو وزير

طبراني، ابن عمر کان نقل ڪري ٿو ته  رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت علي عليه السلام کي فرمايو: ڇا تون چاهين ٿو ته مان توکي خوشخبري ڏيان جيڪا توکي سڪون ۽ چين پهچائي، تون منهنجو ڀاءُ ۽ وزير آهين منهنجو قرض تون ادا ڪجان ۽ منهنجي واعدن کي تون پورو ڪجان ۽ منهنجي مٿان جيڪو به ماڻهن جو حق آهي اهو تون ادا ڪجان ۽ اي علي (عليه السلام) جيڪو به پنهنجي زندگي ۾ توسان محبت رکندو ان جي زندگي ۽ آخرت سنوارجي ويندي ۽ سندس ايمان محفوظ رهندو ۽ خدا قيامت جي ڏينهن سندس خوف ختم ڪري ڇڏيندو ۽ جيڪو به پنهنجي دل ۾ تو لاءِ ڪينو رکي ۽ انهيءَ حالت ۾ مري وڃي ان جو موت جاهليت جو موت آهي ۽ قيامت جي ڏينهن خداوند متعال کانئس سخت حساب ڪتاب ڪندو. (8)

حضرت علي عليه السلام پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جا جانشين

خطيب، ڪتاب الموتلف ۾ قاسم بن خليفه کان، اهو ابو يحيي تيمي کان، اهو اسماعيل بن ابراهيم کان، اهو مطين بن خالد کان ۽ اهو انس بن مالڪ کان روايت ڪري ٿو ته اسان کي جڏهن سوال ڪرڻ جي ضرورت پوندي هئي ته عام طور تي اسان علي عليه السلام کان سوال ڪندا هئا سين ته جيئن رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  کان جواب وٺي ڏين ڇو جو پاڻ سڳورن (ص)  وٽ سندس مقام اسان کان مٿانهون هئو، اسان جي انهن سوالن جوابن جو طريقو ايسيتائين جاري رهيو، جيستائين قرآن جي هي آيت نازل ٿي ) اذا جاءَ نصر الله والفتح ( ان کان پوءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن  فرمايو: يا علي تون منهنجو ڀاءُ ۽ منهنجي خاندان مان منهنجو خليفو آهين ۽ اهو بهترين انسان تون ئي آهين جيڪو منهنجي وڃڻ کان پوءِ خلافت جو حقدار آهي. (9)

حديث غدير

براء بن عاذب نقل ٿو ڪري ته حجة الوداع ۾ اسان کي نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم سان گڏ حج جي سعادت نصيب ٿي، حج کان واپسي مهل هڪ منزل تي پاڻ سڳورن (ص) حڪم ڏنو ته سڀ نماز جي لاءِ گڏ ٿيو ۽ اسان سڀ گڏ ٿياسين، اتي حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، علي عليه السلام جو هٿ وٺي فرمايو ) الست اولي بالمومنين من انفسهم( ڇا آءُ مومنن تي انهن جي جانين کان وڌيڪ حق نه ٿو رکان؟ سڀني تصديق ڪئي ۽ چيو ته توهان اسان جي جانين تي اسان کان وڌيڪ حق رکو ٿا. ان کان پوءِ ٻيهر حضور  فرمايو ) الست اولي بکل مومن من نفسه( پوءِ سيد المرسلين جن فرمايو ) فهذا ولي من انا مولاه(  بس هي (علي عليه السلام ) هر ان شخص جو سرپرست آهي جنهن جو آءُ ولي ۽ سرپرست آهيان. ان کان پوءِ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم  فرمايو: اي پالڻهار علي (عليه السلام)  جي دوست کي دوست رکجان ۽ سندس دشمن کي ذليل ۽ خوار ڪجان. (10) 

احمد بن حنبل نقل ڪيو آهي ته  براءَ چيو آخري حج کان واپسي مهل رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم  غدير جي مقام تي رڪيا ۽ حڪم ڏنائون ته سڀ گڏجي نماز پڙهندا سين، نماز کان پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم ٻن وڻن جي هيٺيان ويا ۽ علي عليه السلام جو هٿ وٺي بلند ڪيو ۽ فرمايو: ڇا توهان اعتراف ڪريو ٿا ته مان مومنن جي جانين تي انهن کان وڌيڪ حق رکان ٿو، سڀني چيو: بلڪل اي الله جا نبي، توهان اسان جي جانين تي اسان کان وڌيڪ حق رکو ٿا. ان کان پوءِ علي عليه السلام جو هٿ وٺي بلند ڪري فرمايو ) من کنت مولاه فهذا علي مولاه(  جنهن جنهن جو مان مولا (سرپرست) آهيان ان جو هي علي عليه السلام سرپرست آهي. ان کان پوءِ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم دعا گھري ۽ فرمايو: اي پروردگار  علي عليه السلام جي دوست کي دوست رکجان ۽ سندس دشمن کي دشمن رکجان. ان کان پوءِ ( يعني علي عليه السلام جي ولايت جي اعلان کان پوءِ) حضرت عمر اچي علي عليه السلام سان ملاقات ڪئي ۽ چيو اي ابو طالب جا پٽ توکي مبارڪ هجي تون سڀني مومنن ۽ مومنياڻين جو ولي (سرپرست) ٿي وئين. (11)

علي عليه السلام جي ولايت جي انڪار جي سزا

امام اسحاق ثعلبي، پنهنجي تفسير ۾ بيان ڪيو آهي ته هڪ شخص سفيان بن عينه سان ملات ڪئي  ۽ کانئس پڇيو ته ) سئل سائل بعذاب واقع ( واري آيت ڪنهن جي باري ۾ نازل ٿي آهي؟ سفيان جواب ڏنو تو اهڙو سوال ڪيو آهي، جيڪو اڄ تائين مون کان ڪنهن به نه پڇيو آهي. پوءِ ان چيو منهنجي پيءُ، جعفر بن محمد  کان ۽ انهن پنهنجي آباء  کان نقل ڪيو آهي ته ميدان غدير ۾ علي عليه السلام جي ولايت واري اعلان کان پوءِ ولايت جي خبر تمام ماڻهن تائين پهچي وئي. جڏهن اها خبر حارث بن نعمان فهري کي پئي ته يڪدم پنهنجي ناقي تي سوار ٿيو ۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ آيو ۽ اچي چيائين اي محمد !تو خدا جي هيڪڙائي جو اعلان ڪيو، اسان قبول ڪيوسين، تنهنجي نبوت کي به قبول ڪيو سين، تو نماز جو چيو اها به پڙهي سين، روزا چيا اهي به رکياسين، حج جو چيو اهو به ادا ڪيو سين، هاڻي جيڪو علي عليه السلام جي باري ۾ اعلان ڪيو اٿئي اهو خدا جي طرفان آهي يا پنهنجي طرفان کيس اسان تي برتري ڏني اٿئي؟

نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو: اهو پيغام الله سائين جي طرفان آهي ۽ علي عليه السلام کي برتري خدا ڏني آهي، اها ڳالهه ٻڌي حارث ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪتو ۽ چيائين خدايا! جيڪو محمد صلي الله عليه وآله وسلم چيو آهي اگر اهو حق آهي  ته آسمان منجھان هڪ پٿر منهنجي سر تي ڪيراءِ.

حارث اڃان پنهنجي ناقي وٽ به نه پهتو هو ته  آسمان مان هڪ پٿر آيو جيڪو ان جي سر ۾ لڳو ۽ هيٺان نڪتو، ان کان پوءِ هي آيت نازل ٿي )سئل سائل بعذاب واقع( . (12)

علي عليه السلام تي سب و لعن خدا تي سب و لعن آهي

حاڪم پنهنجي سَنَد سان ابو عبد الله جدلي کان نقل ٿو ڪري ته مان بيبي ام سلمه جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ته بيبي فرمايو: ڇا توهان مان ڪو آهي جيڪو رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي برو ڀلو چوي؟ مون وراڻيو: نعوذ بالله ايئن ڪير ڪندو. ام سلمه جواب ۾ چيو توهان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کي ڪيئن برو ڀلو نه ٿا چئو؟ جو مون رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم کان ٻڌو آهي ته: جنهن به علي عليه السلام کي برو ڀلو چيو ان مون کي برو ڀلو چيو ۽ حاڪم پاڻ تصديق ڪري ٿو ته هي روايت صحيح آهي. (13) رياض، ابن عباس کان روايت ٿو ڪري ته (هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن هو نابينا هو) هڪ ڏينهن مان (رياض) ۽ ابن عباس قريش جي هڪ محفل ۾ ويا  سين اتي علي عليه السلام تي لعنت ڪئي پئي وئي.

ابن عباس هڪ قريش کي چيو: ڇا تون ٻڌين پيو ته نعوذ بالله خدا تي لعن وطعن ڪئي پئي وڃي؟ اها ڳالهه ٻڌي اتي ويٺل قريشن چيو ته اي ابن عباس تون هي ڇا پيو چئين؟ جيڪو خدا تي لعن و طعن ڪري اهو مشرڪ آهي. ابن عباس اتي ويٺل حاضرين کي مخاطب ٿي چيو ڇا توهان مان ڪو آهي جيڪو رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم تي لعن و طعن ڪري؟ ماڻهن جواب ڏنو ته هي ڪهڙو سوال آهي؟ جيڪو رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم تي لعن و طعن ڪري  اهو ڪافر آهي. ابن عباس ٻيهر پڇيو ڇا توهان علي عليه السلام تي لعن و طعن ڪريو پيا؟ حاضرين محفل جواب ڏنو اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي علي عليه السلام تي لعن و طعن ته سڀ ڪندا آهن. ابن عباس چيو ته خدا گواھ آهي مون رسول خدا صلي الله عليه وآله وسلم کي فرمائيندي ٻڌو ته جنهن به علي عليه السلام تي لعن و طعن ڪئي ان مون (رسول ص ) تي لعن وطعن ڪئي ۽ جنهن به مون تي لعن وطعن ڪئي ان خدا تي لعن وطعن ڪئي ۽ جنهن به خدا تي لعن و طعن ڪئي ان جو جهنم کان سواءِ ٻيو ڪو به ٺڪاڻو نه آهي. (14) 

حوالا

1. مستدرڪ الصحيحين، ج 3، ص129

2. تاريخ بغداد، ج  11، ص173

3. ذخائر العقبى، ص 69

4. الرياض النضرة،  ج 2، ص 214

5. الصواعق المحرقة، ص 76 ۽ نور الابصار شبلنجي، ص 73

6. ڪنز العمال، ج 6، ص192

7. صحيح ابن ماجه، ص 12 به سند خود

8. ڪنز العمال، ج  6، ص155

9. الاصابة، ج 1،  قسم 4/217

10. سنن ابن ماجه، ص12،  باب فضائل اصحاب رسول خدا صه

11. مسند احمد بن حنبل، ج 4/281

12. نور الابصار شبلنجي، ص 71

13. مستد رڪ حاڪم، ج 1/121

14. الرياض النضرة، 2/166

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found