ڇنڇر, 21 سيپٽمبر 2019 - Sat 09 21 2019

منو

سائڻ نرجس خاتون

تحرير: نظير احمد بهشتي

قديم جنگين ۾ اها رسم هوندي هئي ته جڏهن ڪو شهر يا ڳوٺ فتح ڪندا هئا ته شڪست کاڌل لشڪر جي مردن ۽ ماين کي قيدي بڻائي بازار ۾ غلامن جي عنوان سان وڪڻندا هئا. امام زمان عجل الله فرجه جن جي امڙ به انهن عورتن مان هڪ آهي. جن کي مشرقي روم مان جنگي قيدين جي قافلي سان عراق آندو ويو ۽ امام هادي عليه السلام کيس خريد ڪيو، بيبي نرجس عليها السلام سامرا پهچڻ کان پوءِ اهڙي گهر ۾ قدم رکيو جتي امامت جو چنڊ، امام حسن عسڪري عليه السلام رهندو هئو.

ٿوري ئي عرصي کان پوءِ امام علي نقي عليه السلام جي چونڊ جي نتيجي ۾ بيبي نرجس خاتون عليها السلام ، امام حسن عسڪري عليه السلام جي ڪنوار بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو، ان با برڪت شادي جو ثمر امام زمان عجل الله فرجه جو مبارڪ وجود آهي، جيڪو هن مهل غيب جي پردي ۾ آهي ۽ جڏهن ظهور ڪندو ته دنيا کي عدالت ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو، امام زمان عجل الله فرجه جي امڙ اها برڪت واري خاتون آهي جنهن کي ٽن امامن عليهم السلام جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو آهي. (1)

نالو ۽ لقب

امام زمان عجل الله فرجه جي امڙ جا نالا هن ريت آهن: نرجس، مليڪه، صيقل، سوسن، حڪيمه(2) ۽ ريحانه. (3)

علامه مجلسي  لکي ٿو: جڏهن حضرت ولي عصر عجل الله تعالي فرجه جو نور  هن عظمت واري بيبي عليها السلام جي بطن ۾ آيو ته کيس خاص نورانيت وڪوڙي وئي ان ڪري ئي کيس صيقل ڪوٺيندا آهن. (4)

شيخ عباس قمي  لکي ٿو: امام عصر عليه السلام جي امڙ جو اصلي نالو مليڪه ڌي يشوعا پٽ قيصر روم هيو ۽ سندس ماءُ حضرت عيسى عليه السلام جي خاص صحابين (حوارين) جي نسل مان هئي، جڏهن اسلام جي لشڪر هٿان اسير بڻي، پنهجو نالو نرجس رکيائين ته جيئن سندس سرپرست کيس نه سڃاڻي. (5)

عماد الدين طبري لکي ٿو: امام زمان عجل الله فرجه جي امڙ  قيصر روم جي پٽ يشوعا جي نياڻي هئي، جنهن مٿس مليڪه نالو رکيو. (6)

بشر بن سليمان جي روايت جيڪا هڪ مشهور روايت آهي، مان به اهو ٿو معلوم ٿئي ته پاڻ پنهجو نالو مليڪه ذڪر ڪيائين، (7) پر امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر ۾ رهائش کان پوءِ نرجس عليها السلام جي نالي سان مشهور ٿي.

امام حسن عسڪري عليه السلام جي خاندان کيس سيده جو لقب ڏنو. حڪيمه خاتون جڏهن به کيس سڏيندي هئي ته سيده جي لقب سان سڏيندي هئي، (8) بيبي نرجس عليها السلام جي زيارت نامي ۾ کيس راضيه، مرضيه، صديقه، تقيه، نقيه ۽ زاڪيه جي صفتن سان نوازيو ويو آهي.

ٻانهائپ کان نور جي واديءَ تائين

ابو ايوب انصاري جي پوٽن مان بشر بن سليمان جيڪو امام هادي عليه السلام جي پاڙي ۾ رهندو هئو ۽ سندس اعتماد وارن ۽ پيروڪارن منجهان هئو، چئي ٿو: هڪ ڏينهن امام علي نقي عليه السلام جو ٻانهو، ڪافور مون وٽ آيو ۽ چيائين تو کي امام سڏي ٿو، تڪڙو تڪڙو امام عليه السلام جي گهر روانو ٿيس؛ اجازت وٺي گهر ۾ داخل ٿيس، ڏٺم ته امام عليه السلام ، امام حسن عسڪري ۽ پردي جي پويان ويٺل بيبي حڪيمه خاتون عليها السلام سان ڪچهري ڪري رهيا هئا. آءُ ويٺس ته مولا مون ڏانهن منهن ڪري فرمايو: تون ابو ايوب انصاري جي اولاد منجهان آهين، اسان اهلبيت جي ولايت ۽ محبت هميشه توهان جي درميان رهي آهي، توهان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي زماني کان هميشه اسان جا قابل اعتماد رهيا آهيو. مان تو کي هڪ ڪم لاءِ چونڊي اهو اعزاز ٿو عطا ڪريان ته تون اسان جي ولايت ۾ ٻين شيعن کان اڳڀرائي حاصل ڪرين ۽ تو کي پوشيده رازن کان آگاه ٿو ڪريان ۽ تو کي هڪ ٻانهي خريد ڪرڻ لاءِ ٿو موڪليان. (9)

امام هادي عليه السلام رومي زبان ۾ هڪ خط لکيو ۽ هيٺان پنهنجي مهر لڳائي، اشرفين جي هڪ ٿيلهي سان گڏ جنهن ۾ 220 اشرفيون هيون، منهنجي حوالي ڪندي فرمايو: هي خط ۽ اشرفيون بغداد کڻي وڃ! فلاڻي ڏينهن بغداد جي پل تي وڃي بيهجان، جڏهن پل جي ڀرسان ٻيڙيون اچي بيهن ته انهن مان ٻانهيون هيٺ لاهيندا، جن کي خريد ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو هجوم گڏبو، جنهن ۾ بني عباس جا نمائيندا ۽ ٻيا عراقي جوان به شامل هوندا، تون اتي بيهجان ۽ ٻانهن کي وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندڙ  شخص عمر بن يزيد نخاس تي نظر رکجان، ان وٽ هڪڙي  معظمه خاتون هوندي جنهن کي ريشمي ڪپڙا پاتل هوندا ۽ پاڻ کي خريدارن جي نظرن کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي.

تون ان جي مالڪ وٽ وڃي چئجان: مون وٽ هڪ خط آهي جيڪو هڪ بزرگ لکيو آهي، اهو خط ان ٻانهي کي ڏيکار، اگر اها راضي ٿئي ته مان خط لکڻ واري طرفان وڪيل آهيان ته کيس خريد ڪريان.

بشر بن سليمان تڪڙو بغداد ڏانهن روانو ٿيو، امام عليه السلام جي ٻڌايل ڏينهن تي ٻيڙي اچي دجله جي ڪناري تي بيٺي. امام عليه السلام جيئن وضاحت ڪئي هئي سڀ ڳالهيون بلڪل ائين واقع ٿيون. بشر چئي ٿو: مون امام عليه السلام جو خط ان ٻانهي جي مالڪ حوالي ڪيو، ان به يڪدم اهو خط ٻانهي حوالي ڪيو، ان ٻانهي خط کوليو ان تي نگاه وجهي شدت سان روئڻ لڳي. پوءِ عمر بن يزيد کي چيائين: مون کي خط جي مالڪ وٽ وڪڻ، نه ته مان پاڻ کي ختم ٿي ڪريان. عمر بن يزيد ڪنيز کي 220 اشرفين ۾ وڪيو. نرجس خاتون عليها السلام ، معشوق جي محفل ۾ پهچڻ لاءِ امام هادي عليه السلام جي وڪيل سان سفر شروع ڪيو. (10)

بشر بن سليمان چئي ٿو: ڪنيز کي وٺي بغداد آيس، اتي هڪ ڪمرو ورتو ته ڪجهه آرام ڪريون، ٻانهي خط کي بار بار پئي چميو ۽ پنهنجي جسم سان پئي مس ڪيو ۽ ان مان برڪتون حاصل ڪري سڪون پئي ماڻيو. مان حيرت ۾ پئجس ويس ۽ کانئس پڇيو ته ان خط لکڻ واري کي سڃاڻين ٿي؟ ٻانهيءَ وراڻيو: اي گهٽ معرفت وارا! پيغمبرن جي اولاد جي مرتبي بابت گمان ٿو ڪرين ته مان ان خط لکڻ واري کي نه ٿي سڃاڻان. (11) هاڻي ڌيان سان منهنجي ڳالهه ٻڌ ته پنهنجي دل ۾ لڪل راز ۽ قسمت تو کي ٻڌايان: آءُ روم جي بادشاه، قيصر جي پٽ يشوعا جي نياڻي مليڪه آهيان، منهنجي امڙ حضرت عيسي عليه السلام جي وصي، شمعون بن حمون بن صفا جي اولاد منجهان آهي. آءُ تيرنهن 13 سالن جي هئس جو منهنجي ڏاڏا، پنهنجي (ڀائيٽي) ڀاءُ جي پٽ سان منهجي شادي ڪرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان هڪ عظيم محفل جو انعقاد ڪيو، جنهن ۾ ملڪ ۽ فوج جي وڏن اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي محل جي اڱڻ ۾ چاليهه 40 پاون تي بادشاهي تخت سجايو، جنهن ۾ قسمين قسمين جواهر، ياقوت ۽ عقيق مڙهيل هئا، ان جو وليعهد ڀائيٽو تخت تي ويٺو ۽ عقد جون رسمون شروع ٿيون.

عيسائي عالمن (ڪشيشن) جيئن ئي انجيل جا (اسفار) ڪتاب پڙهڻ لاءِ کوليا ته تخت زمين بوس ٿيو ۽ بادشاه جو ڀائيٽو زمين تي ڪري بيهوش ٿي ويو، بت به ڪري پيا، ڪشيشن جي ڳٽن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو هيو ۽ اهي ڏڪي رهيا هئا. منهنجي ڏاڏا ان جي تعبير اها ڪئي ته سندس ڀائيٽو ڀاڳ وارو نه آهي تنهن ڪري وري تخت سجائڻ ۽ ان تي ٻئي ڀائٽي کي ويهارڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن منهنجي شادي ان سان ڪرائي، هاڻي ٻيو ڀاءُ تخت تي رونق افروز ٿيو، ليڪن پهريان وارو قصو وري پيش آيو، سڀ ٽڙ پکڙ ٿي ويا ۽ منهنجو ڏاڏو غمگين حالت ۾ گهر ڏانهن روانو ٿيو. (12)

ملڪوتي خواب

ان رات نڪاح جي محفل درهم برهم ٿيڻ کان پوءِ سڪون جي جڳهه اچي ڏک والاري، مليڪه غمگين حالت ۾ اچي بستري تي آرامي ٿي. مليڪه چئي ٿي: خواب ۾ ڏٺم حضرت عيسي عليه السلام ، شمعون ۽ حوارين جو هڪ ٽولو منهنجي ڏاڏا جي محل  ۾ گڏ ٿيا آهن. گذريل ڏينهن گهوٽ لاءِ سجايل تخت واري جاءِ تي هڪ نوراني منبر رکيو اٿن، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم، سندس وصي ۽ داماد حضرت علي عليه السلام ۽ سندس اولاد مان ڪجهه امامن عليهم السلام محل کي پنهنجي نوراني آمد سان روشن ڪيو. حضرت عيسي عليه السلام ، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جي استقبال ۽ ادب ۾ اٿي اڳتي وڌيا ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم سان گلي مليا.

پاڻ سڳورن صلي الله صلي الله عليه وآله وسلم، حضرت عيسى عليه السلام کي فرمايو: اي روح الله! اسان ان لاءِ آيا آهيون ته جيئن تنهنجي وصي شمعون جي نياڻي، نرجس عليها السلام کي پنهنجي پٽ حسن عسڪري عليه السلام سان پرڻايون.

عيسي عليه السلام شمعون کي چيو: تو ڏانهن عزت ۽ شرافت وڌي آئي آهي، پنهنجي نسل کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي نسل سان ڳنڍي ڇڏ!

شمعون يڪدم اهو رشتو قبول ڪيو، پوءِ پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم منبر تي رونق افروز ٿيا ۽ حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ بيبي نرجس عليها السلام کي عقد جي ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو.

مليڪه ننڊ مان جاڳي پئي، هاڻي ڪجهه هلڪائي ۽ سرهائي پئي محسوس ڪيائين ڄڻ ته گذريل ڏينهن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ئي نه آيو هئو.

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي فرزند، امام عسڪري عليه السلام سان نڪاح جي اوسيئڙي ۾ هئي، جن جي محبت سندس دل ۾ گهر ڪري وئي هئي (13) ۽ اهو خواب ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهي.

خواب ۾ اسلام قبول ڪرڻ

بيبي نرجس عليها السلام جو آرام ڦٽي ويو هئو، ڏينهن رات فرزند رسول جي محبت ۾ تڙپي رهي هئي، ائين چوڏهن 14 راتيون گذري ويون. وري هڪ سهڻو خواب ڏٺائين جنهن ۾ نوراني بيبيون، حضرت زهرا عليها السلام ، بيبي مريم عليها السلام ۽ جنت جون ڪجهه حورون وٽس آيون.

بيبي نرجس عليها السلام ٿي چئي ته: بيبي مريم عليها السلام مون کي چيو: هي بيبي (حضرت زهرا عليها السلام) دنيا ۽ آخرت جي بهترين عورت ۽ تنهنجي مڙس جي امڙ آهي. مون سندس دامن پڪڙي چيو: تنهنجو پٽ ڪٿي آهي مون کي پنهنجي محبت ۾ محو ڪري ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي.

حضرت زهرا عليها السلام فرمايو: منهنجو پٽ ڪيئن تنهنجي ويجهو اچي، جڏهن ته تون خدا سان ٻين کي شريڪ ٿي ڄاڻين. اجهو منهنجي ڀيڻ مريم عليها السلام تنهنجي دين کان دوري جو اعلان ٿي ڪري، اگر تون به چاهين ٿي مريم عليها السلام ۽ خدا تو کان راضي ٿين ۽ منهنجو پٽ تو کي ڏسڻ اچي ته چئو:

اشهد ان لااله الا الله و اشهد ان محمدًا رسول الله.

جيئن ئي اهو ڪلمو پڙهيم، سيده النساءَ العالمين مون کي ڀاڪر پاتو ۽ پنهنجي پٽ جي اچڻ جي خوشخبري ڏني، ان رات کان پوءِ امامت جو چمڪندڙ ستارو هميشه منهنجي خوابن ۾ اچي مون سان وصال جو واعدو ڪندو هئو. (14)

اميد عطا ڪندڙ قيد

بشر بن سليمان چئي ٿو: مليڪه کان پڇيم، ڪيئن قيد ٿئين؟ جواب ڏنائين: خواب مان ڪائنات جي سڀ کان ڀلي خاتون جي هٿان اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ، هميشه راتين جو منهنجي خواب ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام ايندا هئا، هڪ رات مون کي خواب ۾ چيائون: فلان ڏينهن تنهنجو ڏاڏو مسلمانن سان جنگ ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليندو، تون ڪنيزن وارو لباس پهري ڪنيزن ۾ گهڙي وڃجان ائين مون کي سڀ گس ۽ ميل جول جو طريقو ڏسيائين. مون سندس ٻڌايل حڪمن تي عمل ڪيو ايستائين جو مسلمانن جي لشڪر هٿان اسير بڻجي هتي پهتس، هاڻي تو کان سواءِ ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي ته مان روم جي بادشاهه جي پوٽي آهيان. (15)

امام جو کانئس سوال ۽ کيس خوشخبري

جڏهن بيبي نرجس عليها السلام امام هادي عليه السلام جي گهر پهتي ته امام عليه السلام کيس ڀليڪار چيو ۽ مٿس محبتون نڇاور ڪيون. امام عليه السلام کيس فرمايو: الله سائين ڪهڙي ريت تو کي اسلام جي سربلندي ۽ عزت، نصرانيت جي خواري ۽ ذلت ۽ اهلبيت اطهار عليهم السلام جي شرافت ۽ عظمت جو نظارو پسايو. بيبي نرجس عليها السلام عرض ڪيو: اي فرزند رسول! ڪهڙي ريت بيان ڪريان، جڏهن ته اها ڳالهه توهان مون کان بهتر ڄاڻو ٿا. (16)

امام هادي عليه السلام کيس چيو: تو تي هڪ احسان ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو بهتر سمجهين ان جي چونڊ ڪر، ڏهه هزار درهم، يا اهڙي خوشخبري جنهن ۾ تنهنجي هميشگي واري عزت ۽ شرافت سمايل آهي؟ بيبي نرجس عليها السلام  عرض ڪيو: مان توهان جي زبان مبارڪ مان خوشخبري ۽ شرافت جي طالب آهيان. امام هادي عليه السلام کيس چيو: تو کي اهڙي پٽ جي خوشخبري ڏيان ٿو، جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀرجڻ کان پوءِ پوري دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو ۽ پوري دنيا ۾ اوڀر کان اولهه تائين سندس حڪمراني هوندي. بيبي نرجس عليها السلام عرض ڪيو: ان جو بابو ڪير آهي؟ مولا هادي عليه السلام جواب ڏنو: فلاڻي رومي سال جي فلاڻي مهيني جي فلاڻي تاريخ تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم تنهنجو رشتو ڪنهن کان گهريو هئو؟ بيبي جواب ڏنو حضرت عيسي عليه السلام ۽ سندس وصي کان. مولا فرمايو: حضرت عيسي عليها السلام ۽ سندس وصي تو کي ڪنهن جي نڪاح ۾ آندو. بيبي عرض ڪيو اوهان جي پٽ ابو محمد جي. مولا کيس فرمايو: ابو محمد کي سڃاڻين ٿي؟ بيبي نرجس جواب ڏنو: جنهن رات سيده النساءَ العالمين جي هٿان اسلام قبول ڪيو، ان رات کان وٺي ابو محمد منهنجي خوابن ۾ سمايل آهي ۽ هميشه مون کي ڏسڻ ايندو آهي. (17)

بيبي حڪيمه جي مهمان

امام هادي عليه السلام پنهنجي نوڪر ڪافور کي چيو: منهنجي ڀيڻ حڪيمه کي چئو ته مون ڏانهن اچي. ڪافور يڪدم ڀاءُ جو نياپو ڀيڻ تائين پهچايو. بيبي حڪمي تڪڙ ۾ ڀاءُ وٽ پهتي. امام هادي عليه السلام کيس فرمايو: هي اها ئي خاتون آهي جنهن جي تو سان ڳالهه ڪئي هيم. حڪيمه خاتون، بيبي نرجس کي ڀاڪر پاتو ۽ مٿس محبتون نڇاور ڪيون. امام عليه السلام بيبي نرجس عليها السلام سان پنهنجي ڀيڻ جو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ بيبي حڪيمه کي چيو ته: نرجس Iکي پنهنجي گهر وٺي هلو ۽ کيس دين جا واجبات ۽ اسلامي سنتون سيکاريو. هي ابو محمد (امام عسڪري عليه السلام) جي زال ۽ قائم آل محمد عجل الله فرجه جي امڙ آهي. حڪيمه کيس گهر وٺي آئي ۽ اسلامي عقائد جي تعليم ڏني. بيبي نرجس عليها السلام وڏي شوق سان حڪيمه خاتون کان تقوا جي تعليم حاصل ڪئي. (18)

نوراني ڳانڍاپو

بيبي نرجس عليه السلام لاءِ حڪيمه خاتون جي گهر ۾ وقت ڏاڍو سستي سان گذري رهيو هئو، ديني معارف سکڻ دوران ڪڏهن ڪڏهن حڪيمه خاتون کان امام حسن عسڪري عليه السلام جو احوال پڇندي هئي.

حڪيمه خاتون چئي ٿي: هڪ ڏينهن مون سان ملڻ لاءِ منهنجو ڀائيٽو، امام حسن عسڪري عليه السلام منهنجي گهر آيو، سندس نظر مبارڪ بيبي نرجس Iتي پئي، مون کيس عرض ڪيو: اگر اوهان چاهيو ته نرجس عليها السلام کي اوهان جي خدمت ۾ موڪليان. امام عسڪري عليه السلام فرمايو: مانواري پڦي، نرجس عليه السلام ڏانهن منهنجي اها نگاهه تعجب انگيز هئي، ان ڪري جو ايترو جلدي کيس اهڙو عظمت وارو پٽ ڄمندو جيڪو ڪائنات کي ظلم سان ڀرجڻ کان پوءِ عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو.

مون عرض ڪيو ته: کيس تو ڏانهن موڪليان؟ امام فرمايو: بابا کان اجازت وٺو، بيبي حڪيمه يڪدم امام هادي عليه السلام جي گهر وئي ان کان پهريان جو ان باري ۾ ڪجهه ڳالهائي، امام هادي عليه السلام کيس فرمايو: ڀيڻ، نرجس Iکي منهنجي پٽ ڏانهن موڪل.

بيبي حڪيمه چئي ٿي: مون عرض ڪيو: مان ان باري ۾ ئي توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿي هيس.

امام عليه السلام فرمايو: الله سائين جي چاهت هئي ته ان ڪم جي ثواب ۾ تو کي شريڪ ڪري ۽ تو کي به نيڪي جو حصو عطا ڪري. بيبي حڪيمه چئي ٿي: موٽي آيس ۽ پنهنجي گهر ۾ انهن ٻن نورن جي ڳانڍاپي جا مقدما فراهم ڪيم. اهي ٻئي نور ڪجهه ڏينهن منهنجي گهر هئا پوءِ منهنجي ڀاءُ جي گهر ويا. (19) ڪجهه مدت کان پوءِ امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر واري اميد سان ٿي، امام عليه السلام کيس فرمايو: تنهنجي بطن ۾ اهڙو پٽ آهي جنهن جو نالو محمد آهي ۽ مون کان پوءِ قائم آهي. (20)

پٽ جي ولادت

حڪيمه خاتون پنهنجي هميشگي عادت مطابق پنهنجي ڀائٽي ۽ امام جي زيارت جي ارادي سان، امام حسن عسڪري عليه السلام جي گهر رواني ٿي ۽ ڀائيٽي سندس شاندار استقبال ڪيو. ان ڏينهن مغرب تائين پنهنجي ڀاءُ جي گهر رهي، پوءِ اٿي پنهنجي گهر وڃڻ جو ارادو ڪيائين. امام عسڪري عليه السلام کيس فرمايو: پڦي اڄ رات اسان وٽ رهه، ان ڪري جو 15 شعبان جي رات آهي ۽ اجهو ان مولود جي ولادت ٿي جنهن جي ذريعي خدا زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ زنده ڪندو.

حڪيمه خاتون ٿي چئي: ڀائيٽي کان سوال ڪيم: ان جي امڙ ڪهڙي آهي؟ مولا فرمايو: نرجس عليها السلام. مون چيو: مون کي ته ان ۾ حمل جا آثار نظر نه ٿا اچن. امام عليه السلام فرمايو: جيئن ئي صبح ٿيندو حمل جا آثار به ظاهر ٿي پوندا. (21) هيءُ موسي عليه السلام جي امڙ وانگر آهي، جنهن ۾ ولادت جي وقت تائين ڪا تبديلي ظاهر نه ٿي هئي ۽ ڪنهن کي به ان جي حال جي ڄاڻ نه هئي.

حڪيمه خاتون چئي ٿي: اها رات بيبي نرجس عليها السلام وٽ گذاريم، بار بار ان کان حال احوال وٺڻ لاءِ پئي ويس پر هو آرامي هئي، لحظي لحظي ۾ منهنجي حيرت وڌندي پئي وئي، تهجد ۽ نماز شب ۾ مشغول هيس، جڏهن نماز وتر تي پهتس ته بيبي نرجس عليها السلام جاڳي، وضو ڪيو ۽ نماز تهجد پڙهي. آسمان ڏانهن نظر ڦيرايم ته ڏٺم فجر ٿيڻ واري آهي، ذري گهٽ مولا جي ڏنل واعدي ۾ شڪ ڪيو هيم جو مولا عسڪري پنهنجي ڪمري مان آواز ڏنو ته: پڦي شڪ نه ڪر، هاڻي وقت قريب آهي. (22)

اوچتو نرجس ۾ بيقراري ۽ اضطراب جو مشاهدو ڪيم، ان کي سنڀاليم ته امام عسڪري عليه السلام چيو: پڦي، مٿس انا انزلنا سورت پڙهه! سورت پڙهڻ شروع ڪيم، غور ڪيم ته معلوم ٿيو پيٽ ۾ موجود ٻار به مون سان گڏ ان سورت جي تلاوت ڪري رهيو آهي ۽ مون تي سلام ورائي رهيو آهي. مان مضطرب ٿي ويس، امام چيو پڦي تعجب نه ڪر، اها خدا جي قدرت آهي جو اسان جا ٻار، قدرت وارا، حڪمت وارا ۽ ڳالهائيندڙ هوندا آهن.

حڪيمه چئي ٿي: انهن حساس گهڙين ۾ نرجس عليها السلام منهنجي اکين کان اوجهل ٿي وئي، ڄڻ ته منهنجي ۽ ان جي وچ ۾ ڪو نور جو پردو اچي ويو هئو، ڊڄ ۾ امام عسڪري عليه السلام ڏانهن ڊوڙڻ لڳيس، امام عليه السلام فرمايو: پڦي جان، موٽي وڃ نرجس عليها السلام کي پنهنجي جڳهه تي ڏسندئين، جيئن ئي موٽيس، نرجس عليها السلام ۾ اهڙو نور ڏٺو جيڪو منهنجي اکين تي حاوي ٿي ويو، ڏٺم ته عالم امڪان جي دل، حضرت صاحب العصر عليه السلام ، ڪعبي ڏانهن منهن ڪري سجدي ۾ مشغول آهن ۽ فرمائن ٿا:

 اشهد ان لااله الا الله وحده لا شريک له و ان جدي رسول الله و ان ابي امير المومنين وصي رسول الله.

 حضرت مهدي عليه السلام امامن جا نالا ڳڻيا ايستائين جو پنهنجي نالي تي پهتا ۽ فرمايو: اي منهنجا الله مون کي جيڪو مدد جو واعدو ڏنو اٿئي اهو وفا ڪر ۽ منهنجي امامت ۽ خلافت جي امر کي پورو ڪر ۽ منهنجي ذريعي زمين کي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏ. (23)

ويم جي ڪثافت کان پاڪ هجڻ

امامن جي مائرن جي هڪ خصوصيت ۽ ڪرامت اها آهي ته پنهنجي معصوم ٻارن جي ڄڻڻ وقت ويم جي ڪثافت کان پاڪ هونديون آهن. حڪيمه خاتون چئي ٿي: مان حضرت حجت عليه السلام جي ولادت وقت سندس ماءُ ۾ نفاس جي خون جو مشاهدو نه ڪيو. (24)

بيبي جي وفات

حضرت بيبي نرجس عليها السلام جي وفات وارين رواياتن ۾ اختلاف آهي. ڪجهه روايتن مطابق بيبي، سن 260 هجري ۾ امام حسن عسڪري عليه السلام جي شهادت تائين زنده هئي.

ابو سهل چئي ٿو: جيڪا بيماري امام عليه السلام جي شهادت تي ختم ٿي ان ۾ امام سان ملاقات ڪيم، امام عليه السلام پنهنجي غلام عقيد کي فرمايو: مون لاءِ پاڻي اوٻاري اچ. ان پاڻي اوٻاريو ۽ حضرت حجت عليه السلام جي امڙ صيقل اهو پاڻي، امام عليه السلام جي خدمت ۾ کڻي آئي. (25)

ٻئي روايت مطابق جيڪا مشهور نظر ٿي اچي، بيبي نرجس عليها السلام ، امام عليه السلام جي شهادت کان اڳ هن فاني جهان کان موڪلايو. ابو علي خزراني، امام حسن عليه السلام کي هڪ ڪنيز بخشي، اها ڪنيز امام جي شهادت کان پوءِ ابو علي جي گهر موٽي آئي ۽ کيس چيائين: هڪ ڏينهن امام حسن عسڪري عليه السلام پنهنجي گهر واريءَ سان مستقبل ۾ پاڻ تي ايندڙ مشڪلات، حضرت مهدي عليه السلام جي غيبت ۽ پاڻ تي ۽ پنهنجي محبن ۽ شيعن تي ايندڙ ناحق سختين بابت ڪچهري ڪري رهيا هئا ۽ کيس پنهنجي شهادت جي خبر ڏنائون، بيبي نرجس عليها السلام غمگين ٿي وئي ۽ مرڻ جي خواهش ڪئي ۽ امام عليه السلام کي عرض ڪيو ته دعا گهرو مان اوهان کان اڳ مري وڃان، امام به دعا گهري ۽ بيبي امام جي شهادت کان پهريان لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس قبر مٿان هڪ تختي رکيل هئي جنهن تي لکيل هئو ته: هي محمد عجل الله فرجه جي امڙ جي قبر آهي. (26)

آخرڪار بيبي نرجس عليها السلام هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس پاڪ جسم کي امام هادي عليه السلام جي قبر جي ڀر ۾ دفنايائون. (27)

حوالا

(1) نجم الثاقب، صفحو 12

(2) الارشاد، صفحو 672،

(3) ڪتاب الغيبه، صفحو 264

(4) بحار الانوار، جلد 51، صفحو 15

(5) انوار البهيه، صفحو 51

(6) تحفه الابرار في مناقب الائمه الابرار، صفحو 179

(7) کمال الدين، جلد 2، صفحو 94

(8) رياحين الشريعه، جلد 3، صفحو 25

(9) مناقب آل ابي طالب، جلد 4، صفحو 472،

(10) ڪتاب الغيبه، صفحو 138، نجم الثاقب صفحو 12 ۽ جلاءُ العيون، صفحو1001

(11)ڪمال الدين، جلد 2، صفحو 92 ۽

(12) ڪمال الدين، صفحو 93

(13) ڪمال الدين، جلد 2، صفحو 92،

(14) ڪتاب الغيبه، صفحو 142

(15) ڪمال الدين، جلد 2، صفحو 95

(16) ڪتاب الغيبه، صفحو 143

(17) ڪمال الدين، جلد 2، صفحو 96،

(18) ڪتاب الغيبه، صفحو 144،

(19) ينابيع المودة، جلد 2، صفحو 409،

(20)ڪمال الدين، جلد 2، صفحو 79

(21) ڪمال الدين، صفحو 101

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found