اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

زينب ڪبرى سلام الله عليها صبر ۽ شجاعت جو نمونو

تحرير: مولانا سيد اياز علي شاهه نقوي

پنجين جمادي الاول هجرت جي پنجين يا ڇهين سال محسن انسانيت سائڻ زينب ڪبرى سلام الله عليها جي ولادت ٿي ۽ 15 رجب سال 62 هجري ۾ 56 سالن جي عمر ۾ سائڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. جڏهن سائڻ جي ولادت ٿي ته کيس بابا وٽ نالي رکڻ لاءِ آندو ويو. مولا جن فرمايو مان انهي ڪم ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم تي سبقت نه ٿو ڪري سگهان. مولا صبر ڪيو تان جو رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سفر تان موٽي آيا. جيئن ئي سائڻ تي نگاهه پين ته فرمايائون: هن جو نالو خود خدا رکندو. ان وقت جبرائيل نازل ٿيو ۽ فرمايائين: الله سائين هن بيبي جو نالو زينب رکيو آهي ان لاءِ جو سندس نالو لوح محفوظ ۾ زينب لکيو ويو آهي. ان کان پوءِ پاڻ سڳورن مٿس ايندڙ مصيبتن جي خبر ڏني ۽ فرمايو: جيڪو هن جي مصيبتن تي روئندو اهو ائين آهي جيئن ان امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام مٿان گريو ڪيو هجي.

سائڻ جو نالو زينب رکڻ جي هڪ وجهه اها به بيان ڪئي وئي آهي ته زينب يعني پنهنجي بابا جي زينت، ۽ سائڻ پنهنجي بابا امير المومنين عليه السلام جي زينت هئي.
سائڻ جا لقب

عقيله بني هاشم، عالمه غير معلمه، عارفه، عامله، شريڪة الحسين، ام المصائب.
عقيله بني هاشم  سائڻ پنهنجي قبيلي ۾ جود ۽ سخا ۽ مان ۽ مرتبي ۾ سڀ کان ممتاز مقام رکندي هئي

عالمه غير معلمه

سائڻ سلام الله عليها اهڙي عالمه هئي جنهن ڪنهن وٽ تعليم حاصل نه ڪئي هئي.
امام سجاد عليه السلام سائڻ زينب سلام الله عليها جو هن ريت تعارف پيش ڪيو آهي: انت عالمة غير معلمة فهمة غير مفهمة فاهمه غير مفهمه سائڻ فهم ۽ فراست جي اعلى درجي تي فائز هئي، پاڻ ايتري قدر سمجهدار هئي جو ڪو به ماڻهو ڪو به مطلب سائڻ کي سمجهائيندو نه هئو. 

ام المصائب

سائڻ پنهنجي زندگي ۾ وڏيون مصيبتون ڏٺيون. انهن منجهان ڪجهه کي ذڪري ڪري رهيا آهيون.

1_ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي رحلت جو صدمو
2_ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم جي رحلت کان پوءِ خلافت جي غاصبن جو سائڻ جي گهر تي حملو

3_ پنهنجي امڙ بيبي زهرا سلام الله عليها جي شهادت جو صدمو

4_جنگ جمل، صفين ۽ نهروان جو فتنو

5_ پنهنجي والد سڳوري حضرت علي عليه السلام جي شهادت جو صدمو.
پنهنجي ڀاءُ امام حسين عليه السلام ۽ پٽن جي شهادت بيبي لاءِ وڏي مصيبت هئي ۽ ان کان به وڏي مصيبت بيبين جو قيدي بڻجڻ هئو. انهن مصيبتن سبب سائڻ کي ام المصائب چوندا آهن.

ڪربلا جو مقصد ٻن هستين پهچايو ۽ بچايو. هڪ امام سجاد عليه السلام ۽ ٻيو سائڻ زينب سلام الله عليها.

دليري ۽ بهادري

امام حسين عليه السلام جي شهادت کان پوءِ قيدي قافلي جي اڳواڻي جو ڳرو وزن سائڻ سلام الله عليها جي ڪلهن تي هئو ۽ سائڻ سلام الله عليها ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۾ اهڙا فصيح ۽ بليغ خطبا ڏنا جو ڪوفي ۽ شام جون درٻارون لڏي ويون ۽ مردهه ضمير انسان غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيا.

ڪوفي ۾ بيبي فرمايو: اي ڪوفيو! اي ڌوڪيبازو! توهان روئو ٿا؟! ڪاش توهان جا ڳوڙها ڪڏهن به نه سڪن ۽ ڪڏهن به توهان جون دانهون بند نه ٿين. بيشڪ توهان جو مثال ان عورت وانگر آهي جيڪا پنهنجا ڪپڙا چڱي ريت سبڻ کان پوءِ انهن کي خراب ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ توهان پنهنجي قسم کڻڻ کي فساد ڦهلائڻ جو ذريعو قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.

خبردار! ڪيڏو برو آهي گناهن جو اهو وزن جيڪو اوهان پنهنجي ڪلهن تي رکي ڇڏيو آهي. الله جو قسم! گهڻو روئو ۽ گهٽ کلو. ان لاءِ جو توهان ننگ ۽ عار جو سبب بڻيا آهيو اهڙو ننگ ۽ عار جيڪو ڪڏهن به پنهنجي دامن تان مٽائي نه ٿا سگهو ۽ ڪهڙي ريت اهو ننگ ۽ عار مٽائي سگهو ٿا جو توهان پيغمبر اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي ٻچڙي ۽ رسالت جي کاڻ کي قتل ڪيو. جڏهن ته رسول خدا صلي الله عليه و آله وسلم جو ٻچڙو جنت جي جوانن جو سردار توهان جو هادي ۽ اڳواڻ ۽ اختلافن کي ختم ڪرڻ وارو هئو. توهان تمام وڏي گناهه ۽ شرمناڪ عمل کي انجام ڏنو آهي. (ابن زياد جي درٻار ۾ سائڻ زينب سلام الله عليها جو خطبو)
اهڙي طرح سائڻ سلام الله عليها دار الاماره ۾ ابن زياد جي سامهون دليراڻي انداز سان خطبو ارشاد فرمايو. جواب ۾ ابن زياد ملعون توهين جي ارادي سان بيبي ڏانهن نهاريو ۽ چيو: شڪر آهي ان الله جو جنهن توهان کي خوار ڪيو، توهان جي مردن کي قتل ڪيو ۽ توهان جي وحي وارين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو. جواب ۾ سائڻ سلام الله عليها ارشاد فرمايو: الحمد الله الذی اکرمنا بنيه و طهرنا من الرجس تطهيرا انما یفتضح الفاسق و یکذب الفاجر و هو غيرنا ثکلتک امک یاابن مرجانه، سڀ تعريفون ان الله لاءِ جنهن پنهنجي نبي وسيلي اسان کي عزت عطا ڪئي ۽ اسان کي هر رجس ۽ پليدائي کان پري ۽ پاڪ رکيو، بيشڪ ان ڪوڙي ۽ فاجر کي ذليل ڪيو جيڪي اسان جا دشمن ئي آهن اي مرجانه جا پٽ تنهنجي ماءِ تنهنجي غم ۾ ويهي.

ان کان پوءِ ابن زياد توهين ڪندي چيو الله جيڪو تنهنجي ڀاءَ ۽ خاندان سان ڪيو تو ان کي ڪيئن پاتو؟

ان مهل سائڻ دليراڻي انداز ۾ فرمايو: ما رئيت الا جميلا، ڪربلا ۾ مون الله جي جمال کان علاوهه ڪجهه به نه ڏٺو. يزيد جي درٻار ۾ سائڻ سلام الله عليها جو خطبو
سائڻ يزيد سان مخاطب ٿي فرمايو: افسوس اٿم جو توسان ڳالهائي رهي آهيان. جڏهن ته تو کي ان کان پست ۽ حقير ٿي سمجهان جو تو سان ڳالهايان. الله جو قسم! مان ان کان سواءِ ڪنهن کان نه ٿي ڊڄان. ۽ ان کان علاوهه ڪنهن کي دانهن به نه ڏينديس. جتري قدر ڌوڪو ۽ فريب ڪرڻ چاهين ٿو ڪري وٺ ۽ جيتري اسان سان دشمني ڪرڻي اٿئي ڪري وٺ. ليڪن تون ڄاڻي وٺ، الله جو قسم تون ڪڏهن به اسان جي ياد ۽ اسان جو ذڪر ختم نه ڪري سگهندين. اي يزيد ڇا تون ان خوش فهمي ۾ آهين ته تون اسان تي سختي ڪري، زمين آسمان اسان مٿان تنگ ڪري، اسان کي قيدي بڻائي الله وٽ اسان کي خوار ڪري وٺندين ۽ تون عزت وارو بڻجي ويندين؟ پوءِ سائڻ سلام الله عليها فرمايو: جيڪڏهن الله سائين تو کي مهلت ڏني آهي ته اها ان لاءِ آهي جو الله سائين فرمائي ٿو: ولا يحسبن الذين کفروا انما نمللي لهم خير لانفس هم انما نملي لهم ليزدادو اثما و لهم عذاب مهين

منابع 
بحار الانوار ج ۴۵ آقای مجلسي

عقينه بني ھاشم زينب کبری سلام اللہ مجموعہ مقالات 

مختلف موضوعات تي مشتمل اسلامي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ لائيڪ ڪندا اسان جا پيج:
http//www.facebook.com/almujtabafoundation
http//www.facebook.com/roshansij

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found