اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سائڻ زينب (س) جي زندگي تي هڪ اجمالي نظر

سنڌيڪار: نظير احمد بهشتي 

سندس ولادت

سندس ولادت: سائڻ زينب 5 جمادي الاول پنجين يا ڇهين هجري ۾ مديني ۾ پيدا ٿيون. اڻ ڳڻين روايتن مطابق سندس نالو پيغمبر اسلام صلي الله عليه و آله وسلم رکيو. چيو ويو آهي ته جبرائيل الله سائين وٽان اهو نالو کڻي نازل ٿيو.

سائڻ جا لقب

سندس مشهور نالو زينب آهي جنهن جي لغوي معنى ڀلو ۽ خوشبودار وڻ آهي ۽ سندس ٻئي معنى پيءُ جي زينت آهي. سندس ڪنيت ام الحسن ۽ ام ڪلثوم آهي ۽ سندس مشهور لقب عالمه غير معلمه، نائبة الزهرا، نابة الحسين، مليڪة النساء، عقيلة النساء، عديلة الخامس من اهل الڪساء، شريڪة الشهداء، سيدة العقايل، سر ابيها، سلالة الولاية، سقيقة الحسن، عقيلة خدر الرسالة، وليدة الفصاحة، رفيعة الولاية، البليغة، الفصيحة، الکاملة، عابدة آل علي، صديقة الصغری، موثقة، عقيلة الطالبين، فاضلة، معصومة الصغری، قرينة النوائب، محبوبة المصطفي، قرة عين مرتضي، صابرة محتسب، شريڪة الحسين، بطلة کربلا، عظيمة بلواها، عقيلة قريش، باڪيه، سليلة الزهرا،عقيلة جليلة، امرأة عاقله، محدثه، راضية بالقدر و القضاء وحيدة، شجاعة، زاهدة، عامله وغيره.

سائڻ پنهنجي زندگي ۾ بي انتها مصيبتون جيئن (پنهنجي نانا پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جي رحلت، سندس امڙ جون سختيون ۽ شهادت، سندس پيءُ امير المومنين جي شهادت، سندس ڀاءُ امام حسن مجتبي جي شهادت، ڪربلا جو عظيم واقعي ۾ سندس ڀاءُ امام حسين عليه السلام، سندس ٻن پٽن، ٻين عزيزن ۽ شهيدن جي شهادت، ڪوفي ۽ شام ۾ قيدي ٿي وڃڻ جهڙيون مصيبتون) ڏسڻ سبب ام المصائب جو لقب ماڻيو.

سائڻ جا والدين ۽ شوهر

سندس بابو شيعن جو پهريون امام حضرت امير المومنين علي بن ابي طالب عليه السلام ۽ سندس امڙ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها آهي.

سندس مڙس عبد الله بن جعفر بن ابو طالب هئو.

سائڻ زينب جو اولاد

ڪتاب اعلام الورى ۾ سائڻ جي اولاد جي عنوان سان چار نالا ذڪر ڪيا ويا آهن. علي، عون ۽ جعفر جي نالن سان ٽي پٽ ۽ ام ڪلثوم جي نالي سان هڪ نياڻي.

سبط بن جوزي پنهنجي ڪتاب تذڪرة الخواص ۾ چئي ٿو: عبد الله بن جعفر کي گهڻا ٻار هئا. جن منجهان علي، عون اڪبر، محمد، عباس ۽ ام ڪلثوم سائڻ زينب سلام الله عليها منجهان هئس.

سائڻ جون خصوصيتون ۽ فضيلتون

سندس علم ۽ خطابت

سائڻ زينب سلام الله عليها جي ڪوفي ۾ اهڙي ريت يزيد جي درٻار ۾ ڏنل خطبن تي نظر ڦيرائڻ سان جيڪي قرآني آيتن جي استدلال سان گڏ هئا سندس علم جو اندازو ٿئي ٿو. سائڻ پنهنجي بابا حضرت علي ۽ امڙ سائڻ زهرا سلام الله عليها کان حديثون نقل ڪيون آهن. محمد بن عمرو، عطا بن سائب، فاطمه بنت حسين ۽ ٻين کانئس حديثون نقل ڪيون آهن. امير المومنين عليه السلام جي ڪوفي ۾ رهائش واري زماني ۾ سائڻ اتان جي عورت کي تفسير قرآن جو درس ڏيندي هئي. سندس خطابت ٻڌڻ وارن کي سندس والد امير المومنين جا خطبا ياد ڏياري ڇڏيا، سائڻ پاران ڪوفي ۽ يزيد جي درٻار ۾ ڏنل خطبا ۽ سندس عبيد الله بن زياد سان ڪلام امام علي عليه السلام جي خطبن ۽ سندس امڙ سائڻ زهرا سلام الله عليها جي خطبه فدڪيه جيان هئا.

سندس عبادت

سائڻ زينب سلام الله عليها، راتين جو عبادت ۾ گزاريندي هئي ۽ پوري زندگي ۾ ڪڏهن تهجد جي نماز کي ترڪ نه ڪيو، ايتري عبادت ڪيائين جو عابده آل علي جو لقب ماڻي ورتائين.

سندس صبر ۽ استقامت

عاشورا جي ڏينهن ڀاءُ جو رت ۾ رنڱيل لاش ڏسي چيائين: اي منهنجا الله اسان (خاندان پيغمبر) پاران پنهنجي راه ۾ جان نڇاور ڪندڙ هي ننڍڙي قرباني قبول فرماء. سائڻ ڪيئي ڀيرا امام سجاد عليه السلام کي مرڻ کان بچايو، جهڙوڪ ابن زياد جي درٻار ۾، جتي امام سجاد عليه السلام ابن زياد سان گفتگو ڪئي ته ان امام جي قتل جو حڪم ڏنو، ان موقعي تي پنهنجي ڀائٽي جي گردن تي هٿ رکي چيو، جيسين جيئري آهيان ان کي ڪسڻ نه ڏينديس.

عاشورا واري واقعي ۾

سائڻ زينب سلام الله عليها جي عظمت جو اوج امام حسين عليه السلام جي قيام ۽ خاص ڪري سائڻ جي قيد واري مدي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ان وڏي ڪم جي عظمت ان مهل ظاهر ٿي جڏهن عاشورا جو مقابلو ختم ٿيو ۽ امام حسين عليه السلام جي اهل بيت کي قيد ڪيو ويو ۽ ڪربلا جي ميدان ۾ مسلح جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ سائڻ زينب سلام الله عليها ۽ ٻين قيدين جي ذميداري ۽ ظالم لشڪر جي مقابلي ۾ انهن جي ثقافتي جاکوڙ شروع ٿي. اڄ جيڪڏهن انسانن کي سنواريندڙ عظيم حسيني قيام باقي آهي ته ان جو هڪ اهم سبب سائڻ زينب سلام الله عليها جو وجود ۽ سندس للڪاريندڙ خطبا آهن.

سائڻ جي وفات

اڃا امام حسين عليه السلام جي شهادت کي هڪ سال جو عرصو ئي نه گزريو هئو جو مديني ۾ سخت ڏڪر پئجي ويو. عبد الله بن جعفر غربت سبب سائڻ زينب سلام الله عليها سان گڏ شام لڏي ويو ۽ اتي هارپي ۾ مشغول ٿيو.

ڪجھ عرصي کان پوءِ حضرت زينب سلام الله عليها کي بخار ٿي پيو ۽ سندس بيماري وڌندي وئي. هڪ ڏينهن سائڻ پنهنجي شوهر عبد الله کي چيو: منهنجو بسترو گهر جي اڱڻ ۾ تِڙڪي تي وڇاءِ. عبد الله چئي ٿو: ان وصيت تي عمل ڪندي ان جو بسترو سج جي روشني واري جڳھ تي وڇايم، جڏهن ڌيان ڪيم ته ڏٺم سندس سيني تي ڪا شي هئي ۽ لڳاتار چپ چوري ڪجھ چئي رهي هئي، پوءِ سندس ويجهو ويم ڏٺم ته ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيل خوني قميص جيڪا سندس ڀاءُ امام حسين عليه السلام جي يادگار هئي اها سيني تي رکي ويڻ پئي ڪيائين ۽ ان حال ۾ لاڏاڻو ڪيائين.

فارسي کان ترجمو ٿيل

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found