جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 131: الله تعاليٰ جي عظمت

دنيا ۽ آخرت، پنهنجون واڳون الله تعالى کي سنونپي ڇڏيون، جنهن جي فرمان هيٺ آهن. آسمان ۽ زمين به پنهنجون ڪنجيون هن جي اڳيان رکي ڇڏيون آهن، پڻ تر و تازه، سرسبز وڻ ٽڻ صبح ۽ شام هن جي اڳيان سر بسجود آهن، ۽ پنهنجي ٽارين مان چمڪندڙ باھ (جا شعلا) پيا دکائن، ۽ هن جي حڪم سان (گل ڦل) ۽ پڪل ميون (جون ٽاريون) پيش پيا ڪن.

هي به ساڳئي خطبي جو حصو آهي:

الله تعالى جو ڪتاب توهان جي اڳيان اهڙي طرح (کُلي) ڳالهائڻ وارو آهي، جو ان جي زبان ڪٿي به نٿي اٽڪي، ۽ اهڙو گهر آهي، جنهن جا ٿنڀا نٿا، جهڪن ۽ اهڙي عزت آهي، جو ان جا مددگار ڪڏهن به شڪست نٿا کائن.

وري فرمايائين ته:

الله تعالى کين اهڙي وقت موڪليو، جڏهن رسولن جي بعثت جو سلسلو روڪيل هو، ۽ ماڻهن جا جيترا وات هئا، اوتريون ڳالهيون هيون، سو جيئن ته کين سڀني رسولن کان پوءِ آخر ۾ موڪليائين، ۽ کائن بعد وحي جي اچڻ جو سلسلو به ختم ڪيائين، پاڻ الله جي راھ ۾ انهن ماڻهن سان جهاد ڪيائون، جيڪي کائن منهن موڙي چڪا هئا، ۽ ٻين کي سندن همسر ڪيو ويٺا هئا.

وري فرمايائين ته:

(دل جي) انڌي جي نظر جي انتها هي دنيا آهي، جو هن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نظر نٿو اچي ۽ نظر رکڻ وارن جون نگاهون ان کان پار هليون وڃن ٿيون، ۽ هو ان امر تي يقين رکي ٿو ته هن کان پوءِ ٻيو هڪ گهر آهي. نگاھ رکڻ وارو هن مان نڪرڻ چاهي ٿو، ۽ انڌو هن (دنيا) تي ئي نگاھ ڄمايو ويٺو آهي. بصيرت وارو هن (دنيا) مان (آخرت لاءِ) ثمر حاصل ڪري ٿو، ۽ بي بصيرت هن (دنيا) جي ئي ٺاھ ٺوھ واري سروسامان ۾ رڌل رهي ٿو.

وري فرمايائين ته:

توهان کي ڄاڻڻ گهرجي، ته هر شيءِ مان ماڻهو ڪڏهن، ڍوءِ ڪري سير ٿئي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڪ به ٿئي ٿو. سواءِ زندگي جي هو ڪڏهن به مرڻ ۾ راحت نٿو محسوس ڪري، ۽ هي انهي حڪمت وانگر آهي ته، مرده قلب لاءِ حياتي، انڌين اکين لاءِ بينائي، ٻوڙن ڪنن لاءِ ٻڌڻ، ۽ اڃايل لاءِ سيرابي آهي، ۽ انهي ۾ ئي ڪفايت وارو سامان ۽ حفاظت جو ثمر آهي.

هي الله تعالى جو ڪتاب آهي، جنهن جي ذريعي توهان کي ياد ڏياري ٻڌائي ٿو، توهان جي زبانن ۾ ڳالهائڻ جي طاقت ٿئي ٿي، ۽ (حق جو آواز) ٻڌو ٿا. هن جا ڪجھ حصا، ڪجھ حصن جي وضاحت ڪن ٿا، ۽ (ڪي) ڪن ٻين جي صداقت جي گواهي ڏين ٿا. هي الله تعالى جي ذات متعلق جدا جدا نظريا پيش نٿو ڪري ۽ نه پنهنجي ساٿي کي ان جي راھ کان هٽائي، ڪنهن ٻي راھ تي لڳائي ٿو. (پر) توهان جي دلين جي ڪدورت ۽ گند، ڪچري تي ڦٽل ساوڪ جي خواهشن تي ٻڌي ڪري ڇڏي آهي، اميدن جي چاهت تي ته توهان ۾ صلح صفائي آهي، ۽ مال جي ڪمائڻ تي هڪٻئي سان دشمني ٿا ڪريو. توهان کي (شيطان) خبيث ڀٽڪائي ڇڏيو آهي، ۽ فريبن توهان کي گمراھ ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي ۽ توهان جي نفسن جي مقابلي ۾ الله ئي مددگار آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found