Logo

نهج البلاغه خطبو 129: امام جون وصفون

هن خطبي ۾ امام جون وصفون بيان ڪيل آهن:

اي جدا جدا طبيعتن ۽ پريشان دل ۽ دماغ وارو! جن جا جسم ته موجود آهن. پر عقل گم آهن! آءُ توهان کي نرمي ۽ مهرباني سان حق جي طرف آڻڻ چاهيان ٿو، ۽ توهان ان کان اهڙي طرح ڀڄو ٿا، جهڙي طرح شينهن جي گجگوڙ کان رڍون ۽ ٻڪريون. ڪهڙي نه دشواري آهي، جو آءُ توهان جي سهاري تي لڪل عدل کي ظاهر ڪريان يا حق ۾ پيدا ٿيل ڏنگاين کي سڌو ڪريان! بار الها! تون چڱي طرح ڄاڻين ٿو، ته هي جيڪي ڪجھ به مون کان (جنگ ۽ مقابلي جي شڪل ۾) ظاهر ٿيو، سو ان ڪري نه هو ته اسين دين جي نشانين کي (وري سندن جاين تي) موٽايون، ۽ تنهنجي شهرن ۾ امن ۽ بهبود واري صورت پيدا ڪريون، ته جيئن تنهنجي ستم رسيده بندن کي ڪو کٽڪو نه رهي. ۽ تنهنجا اهي حڪم (وري) جاري ٿين، جن کي بيڪار بنايو ويو آهي. اي الله! آئون پهريون شخص آهيان، جنهن تنهنجي طرف رجوع ڪيو، ۽ تنهنجي حڪم کي ٻڌي لبيڪ چئي، ۽ رسول الله صلي الله عليه و آله و سلم جن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به مون کان پهرين نماز نه پڙهي آهي!

(اي انسانو) توهان کي معلوم آهي، ته ناموس، خوف، مال غنيمت، احڪامن، (جو جاري ڪرڻ) ۽ مسلمانن جي پيشوائي لاءِ ڪنهن به طرح مناسب نه آهي، ته ڪو بخيل حاڪم هجي، ڇو ته هن جو ڏند مسلمانن جي مال تي لڳو رهندو، ۽ نه ڪو جاهل، جيڪو کين پنهنجي جهالت جي ڪري گمراھ ڪندو، ۽ نه ڪج خُلُق، جيڪو پنهنجي تند مزاجي سان دٻائيندو رهندو، ۽ نه ڪو مال ۽ دولت ۽ بي راھ روي ڪرڻ وارو جيڪو، ڪي ڪجھ ماڻهن کي ڏيندو ۽ ڪجھ ماڻهن کان محروم ڪندو، ۽ نه وري فيصلي ڪرڻ ۾ رشوت وٺندو هجي، جيڪو (ٻين جي) حقن کي رائگان ڪري، انهن کي انجام تائين نه پهچائيندو، ۽ نه وري سنت کي بيڪار ڪرڻ وارو (حاڪم هجي) سو امت کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2012 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.