آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 128: ربذه مان جلا وطن ٿيڻ وقت ابوذر کي حضرت جو خطاب

جڏهن ابوذر کي ”ربذه“ ڏي جلا وطن ڪيو ويو، تڏهن حضرت کيس خطاب ڪندي فرمايو ته:

اي ابوذر! تون الله تعالى جي خاطر غضبناڪ ٿيو آهين، ته پوءِ جنهن ذات لاءِ هي سڀ غم ۽ غصو آهي، تنهن ۾ اميد به رک! هنن ماڻهن کي تو مان پنهنجي دنيا جي متعلق خطرو آهي ۽ تو کي انهن مان پنهنجي دين جي متعلق انديشو آهي، تنهنڪري جنهن ڳالھ جي لاءِ کين تو کان کٽڪو آهي، سا انهن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏي، ۽ جنهن ڳالھ جي لاءِ تو کي انهن کان انديشو آهي سا کڻي، انهن کان ڀڄي نڪر.

جنهن ڳالھ کان تون انهن کي محروم ڪري وڃي رهيو آهين، ڪاش! جيڪر هو سمجهن ها ته هو پاڻ ڪيترا ان جا حاجتمند آهن، ۽ جنهن ڳالھ کي انهن تو کان روڪيو آهي، تنهن کان تون گهڻو ئي بي پرواھ آهين، ۽ جلد ئي تو کي خبر پوندي، ته سڀاڻي فائدي ۾ رهڻ وارو ڪير آهي، ۽ ڪنهن تي حسد ڪرڻ وارا زياده آهن. جيڪڏهن هي زمين ۽ آسمان ڪنهن بندي تي بند هجن ۽ هو الله تعالى کان ڊڄي، ته اهو ان لاءِ زمين ۽ آسمان جا رستا کولي ڇڏيندو. تو کي فقط سچ سان دلچسپي هئڻ گهرجي، ۽ فقط باطل کان ئي ڊڄڻ گهرجي. جيڪڏهن تون انهن جي دنيا قبول ڪرين ها، ته اهي به تو کي چاهين ها، ۽ جي تون به ان ۾ ڪو حصو پتي پنهنجي لاءِ مقرر ڪرائين ها، ته اهي تو کان مطمئن ٿي وڃن ها.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found