جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 127: حصول جنت جا شرط، ساهمي ۽ وزنن جي ذڪر ۾

هن ۾ پاڻ وزنن ۽ ساهمين جو بيان فرمايو آهي:

الله جا بندو! توهان ۽ توهان جون هي دنيا سان وابسته ٿيل اميدون، مقرر ڪيل مدت جون مهمان آهن، ۽ اهڙا قرضدار، جن کان ادائگي جي گهر ڪئي وئي وڃي. عمر به گهٽبي پئي وڃي ۽ اعمال به محفوظ ٿيندا رهن ٿا. ڪيترا ئي ڳولا ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ وارا پنهنجي محنت اجائي ڪرڻ وارا آهن، ۽ ڪيترائي ڪوششن ۽ محبت وارا ٽوٽي ۽ نقصان ۾ وڃي رهيا آهن. توهان اهڙي زماني ۾ آهيو، جنهن ۾ ڀلائي وارا قدم پٺتي هٽي رهيا آهن ۽ برائي اڳتي وڌي رهي آهي، ۽ ماڻهن کي تباھ ڪرڻ ۾ شيطان جو حرص تيز ٿيندو پيو وڃي. جيئن ته هي اهو وقت آهي، جو ان جو (هٿ ناٽ ۽ چالاڪي) جو سر و سامان مضبوط ٿي چڪو آهي ۽ سندس سازشون پکڙجي رهيون آهن. ۽ ان جا شڪار آساني سان قابو ٿي رهيا آهن. جيڏانهن به چاهيو ماڻهن تي نگاھ رکو. توهان اهو ئي ڏسندا، ته هڪ طرف ڪو فقير، فقر ۽ فاقا ڪڍي رهيو آهي، ۽ ٻئي طرف دولتمند نعمتن کي نعمتن جي ڪفر سان بدلائي رهيو آهي، ۽ ڪو بخيل الله جي حق کي دٻائي مال وڌائي رهيو آهي، ۽ ڪو سرڪش وعظ ۽ نصيحت کان ڪن بند ڪيو پيو آهي. ڪٿي آهن توهان جا نيڪ ۽ صالح ماڻهو ۽ ڪٿي آهن توهان جا عالي حوصلن ۽ ڪريم النفس ماڻهو. ڪٿي آهن ڪاروبار ۾ (دغا ۽ فريب کان) بچڻ وارا ۽ پنهنجي طور طريقن ۾ پاڪ پاڪيزه رهڻ وارا.

ڇا اهي سمورن جا سمورا هن ذليل دنيا ۽ زندگي جا مزا وٺائڻ واري تڪڙي دنيا مان لنگهي نه ويا؟ ۽ ڇا توهان ان کان پوءِ اهڙن رذيل ۽ ادنى ماڻهن ۾ رهجي نه ويا آهيو؟ جن جي مرتبي کي حقير سمجهندي ۽ انهن جي ذڪر کان پاسو ڪندي، چپ به انهن جي مذمت ۾ کلڻ گوارا نٿا ڪن. ”انا لله و انا اليه راجعون“

فساد اڀري آيو آهي، برائي جو اهو دور اهڙو آهي، جو انقلاب جو ته ڪو آثار به ناهي ۽ نه وري ڪو روڪڻ وارو آهي، جيڪو پاڻ به ان کان پري رهي. ڇا، انهن ڪرتوتن هوندي به جنت ۾ الله جي نزديڪ رهڻ ۽ ان جي گهري دوست بڻجڻ جو اڃا به ارادو آهي.

توبھ، الله تعالى کي ڌوڪو ڏئي، ان کان جنت نٿي وٺي سگهجي، ۽ بغير ان جي اطاعت جي، ان جون رضامنديون حاصل نٿيون ٿي سگهن. الله تعالى انهن ماڻهن تي لعنت ڪري، جيڪي ٻين کي ته ڀلائي جو حڪم ڏين، ۽ پاڻ انهن کي ڇڏي ويهن، ۽ ٻين کي ته برين ڳالهين کان منع ڪن ۽ پاڻ ان تي عمل ڪندا رهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found