آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 126: بصره جي متعلق اهم پيشن گوئيون ۽ امير زنجه جو خروج

بصره جي متعلق اهم پيشن گوئيون ۽ امير زنجه جو خروج هن ۾ بصري شهر جي اندت برپا ٿيل هنگامن جو تذڪرو به ٿيل آهي:

اي احنف! آءُ ان شخص کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهيان، ته هو هڪ اهڙي لشڪر کي ساڻ ڪري وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ نه گرد و غبار آهي، نه گوڙ گمسان، نه لغامن جا آواز آهن ۽ نه گهوڙن جون هڻڪارون آهن. اهي ماڻهو زمين کي پنهنجي پيرن سان، جيڪي شتر مرغ جي پيرن وانگر آهن، سي لتاڙي خراب ڪري رهيا هوندا.

(سيد رضي فرمائي ٿو ته، حضرت جو اشارو حبشين جي سردار ڏانهن هو).

وري حضرت فرمايو ته:

انهن ماڻهن جي هٿان، جن جي قتل ٿيڻ تي ويڻ نٿا ڪيا وڃن ۽ گم ٿيڻ وارن کي ڳوليو نٿو وڃي. توهان جي انهن آباد گهٽين ۽ سنواريل سينگاريل جاين جي لاءِ تباهي آهي، جن جا ڪٽهڙا ڳجهن جي پرن ۽ هاٿين جي سونڍين وانگر آهن. آءُ دنيا کي اونڌي منهن ڪيرائڻ وارو ۽ ان جي طاقت جي صحيح اندازي رکڻ وارو ۽ ان جي حالات کي نگاهن سان ڏسڻ وارو آهيان.

ساڳئي خطبي ۾ ترڪن جي حالت ڏي اشارو ڪيل آهي ته:

آءُ اهڙن ماڻهن کي ڏسي رهيو آهيان، جن جا چهرا اهڙين ڍالن وانگر آهن، جن تي چمڙي جا تھ چڙهيل هجن. اهي ابريشم ۽ اطلس جا ڪپڙا پائين ٿا ۽ اصيل گهوڙن کي چاهين ٿا، ۽ اتي خون ۽ قتل جي گرم بازاري ٿيندي، تان جو زخمي مقتولن جي مٿان لنگهندا ۽ بچي ڀڄڻ وارا، قيد ٿيڻ وارن کان گهٽ هوندا.

(ان موقعي تي) سندس اصحابن مان ڪنهن شخص، جيڪو بني ڪلب جي قبيلي مان هو، تنهن عرض ڪيو، ته يا امير المومنين! توهان کي ته غيب جو علم معلوم آهي؟! جنهن تي پاڻ مشڪي فرمايائين ته: اي ڪلبي جا ڀاءُ! اهو غيب جو علم نه آهي، بلڪ علم واري حضرت (رسول صلعم) جن کان حاصل ڪيل ڳالهيون آهن. غيب جو علم ته قيامت جي گهڙي ۽ انهن ڳالهين جي ڄاڻ جو نالو آهي، جن کي الله سبحانه ”ان الله عنده علم الساعة“ واري آيت ۾ شمار ڪيو آهي.

جيئن ته الله ئي ڄاڻي ٿو ته: مائن جي پيٽن ۾ ڇا آهي، نر آهي يا مادي، خوبصورت آهي يا بدصورت آهي، سخي آهي يا بخيل آهي، بدبخت آهي يا خوش نصيب، ۽ دوزخ جي ٻارڻ لاءِ ڪوئلا ڪاٺيون ڪير ٿيندو ۽ ڪير بهشت ۾ نبين جو رفيق ٿيندو. هي اهو غيب جو علم آهي، جنهن کي الله کان سواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. باقي رهيو ٻين ڳالهين جو علم، سو اهو الله تعالى پنهنجي نبي کي ڏنو ۽ نبي صلعم جن مون کي سيکاريو، ۽ منهنجي لاءِ دعا گهريائون، ته منهنجو سينو انهن کي محفوظ رکي، ۽ منهنجون پاسريون انهن کي سميٽي رکن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found