خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 125: اسوه رسول جي روشني ۾ خارجين کي جواب

خارجين جي باري ۾ فرمايائين ته:

جيڪڏهن توهان ان خيال کان باز نٿا اچو ته، پوءِ مون غلطي ڪئي ۽ گمراھ ٿيو آهيان، جو منهنجي گمراهي سببان توهان محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن جي امت مان عام ماڻهن کي ڇو ٿا گمراھ سمجهو. ۽ منهنجي غلطي جو عيوضو انهن کي ڇو ٿا ڏيو، ۽ منهنجي گناهن ڪري، انهن کي ڪافر ڇو ٿا چئو؟ تلوارون ڪلهن تي ڪري هر موقعي ۽ بي موقعي جڳھ تي وار ڪندا پيا رهو، ۽ بي خطائن کي خطاڪارن سان ملائي ٿا ڇڏيو، حالانڪ توهان کي خبر به آهي، ته رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن جڏهن به زنا ڪرڻ واري کي سنگسار ڪيو، تڏهن ان جي جنازه تي به نماز پڙهيائون، ۽ ان جي وارثن کي به سندس ورثو ڏياريائون، ۽ قاتل کان قصاص ورتائون، ته ان جي ميراث جي وارثن کي به سندس گهر وارن کي ڏياريائون، چور جا هٿ وڍرايائون ۽ شادي شده پاڪدامن عورت سان  زنا ڪرڻ واري مرتڪب کي تازيانه لڳرايون، ته ان سان گڏ کين غنيمت واري مال مان به سندس حصو ڏياريائون، ۽ انهن (مسلمان هئڻ جي حيثيت ۾) مسلمان عورت سان نڪاح به ڪيا. اهڙي طرح رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن انهن جي گناهن جي کين سزا به ڏني، ۽ جيڪو انهن جي باري ۾ الله جو حق (شرعي حد) هو، تنهن کي به جاري ڪيائون، پر انهن کي اسلام جي حق کان محروم نه ڪيائون، نه وري اهل اسلام مان انهن جا نالا خارج ڪيائون. ان کان پوءِ (انهن شر انگيزين جي اها معنى آهي ته) توهان ته آهيو ئي شر پسند، بلڪ اهي جن کي شيطان، پنهنجي مقصد کي پوري ڪرڻ واري راھ تي آندو آهي، بلڪ گمراهي جي سنسان بيابان ۾ آڻي اڇليو آهي. (ياد رکو) منهنجي باري ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو تباھ ۽ برباد ٿيندا، هڪڙا حد کان زياده چاهڻ وارا، جن کي (محبت جي ڪثرت) غلط راھ تي آڻيندي، ۽ ٻيا جيڪي، منهنجي مرتبي ۾ گهٽتائي آڻي دشمني رکڻ وارا ٿيندا، جو انهن کي اها مون سان عداوت حق کان بي راھ (گمراھ) ڪري ڇڏيندي، منهنجي متعلق درمياني راھ اختيار ڪرڻ وارا ئي سڀني کا بهتر حالت ۾ هوندا. توهان انهي راھ تي مضبوط قائم رهو ۽ انهي وڏي گروھ سان ملي وڃو،ڇو جو الله تعالى جو هٿ اتفاق ۽ اتحاد ڪرڻ وارن تي آهي. تفرقي ۽ انتشار کان باز اچو. ان ڪري جو، جماعت کان جدا ٿيڻ وارو شيطان جي حصي ۾ هليو وڃي ٿو. جهڙي طرح ڌڻ کان ڌار ٿيڻ واري رڍ، بگهڙ جي ور چڙهندي آهي.

خبردار! جيڪو به اهڙا نعرا هڻي پنهنجي طرف سڏي، تنهن کي قتل ڪريو، پوءِ ڇو نه اهو هن عمامه جي هيٺان هجي (يعني آءُ خود ڇو نه هجان)، ۽ اهي ٻئي حَڪم (ابو موسى اشعري ۽ عمرو بن عاص) فقط انهي ڪري ثالث مقرر ڪيا ويا، ته اهي انهن ڳالهين کي زنده رکن، جن کي قرآن زنده ڪيو آهي، ۽ انهن ڳالهين کي نيست ۽ نابود ڪن، جن کي قرآن نيست ۽ نابود ڪيو آهي. ڪنهن به ڳالھ کي زندھ ڪرڻ جي اها معنى آهي، ته ان تي يڪجهتي سان متحد ٿي وڃجي، ۽ ان جي نيست ۽ نابود ڪرڻ جو اهو مطلب آهي، ته ان کان علحدگي اختيار ڪئي وڃي. هاڻي جيڪڏهن قرآن اسان کي انهن ماڻهن (جي اطاعت) جي طرف وٺي وڃي ها، ته پوِءِ اسين انهن جا پيروي ڪندڙ بڻجون ها، پر جيڪڏهن انهن کي اسان جي طرف آندو وڃي، ته پوءِ انهن کي اسان جي اطاعت ڪرڻ گهرجي.

توهان جو خانو خراب ٿئي! مون ڪا مصيبت ته کڙي نه ڪئي، ۽ نه ڪنهن ڳالھ توهان کي ڪو ڌوڪو ڏنو اٿم ۽ نه ان ۾ ڪا فريبڪاري ڪئي اٿم. توهان جي ئي جماعت ته اها راءِ قائم ڪئي هئي، ته ٻه ماڻهو چونڊيا وڃن، جن کان اسان اهو اقرار ورتو هو، ته هو قرآن جي انحرافي نه ڪندا، ليڪن هو چڱي طرح ڏسڻ وائسڻ جي باوجود قرآن کان ڦري ويا، ۽ حق کي ڇڏي ويٺا، ۽ انهن جا جذبات بي راه روي جا مقتضي ٿيا، جيتوڻيڪ هو انهي روش تي هليا. حالانڪ اسان ته شروع کان ئي انهن سان اهو شرط ڪيو هو، ته هو عدل ۽ انصاف سان فيصلي ڪرڻ ۽ حق جي مقصد کي پيش نظر رکڻ ۾ بد نيتي ۽ بي راه روي کي دخل نه ڏيندا. (جيڪڏهن ائين ٿيو، ته اهو فيصلو اسان جي لاءِ قابل قبول نه ٿيندو).

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found