آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 124: مال جي ورهاست ۾ حضرت جي برابري واري اصول تي  ماڻهن جو اعتراض

جڏهن مال جي ورهاست ۾ حضرت جي برابري واري اصول تي، ڪن ماڻهن اعتراض ڪيو، تڏهن ان وقت پاڻ فرمايائين ته:

ڇا، توهان مون تي اها ڳالھ مڙهڻ ٿا چاهيو، ته آءُ جن ماڻهن جو حاڪم آهيان، تن تي ظلم ۽ زيادتي ڪري، (ڪجھ ماڻهن جي) مدد حاصل ڪريان؟ ته پوءِ خدا جو قسم! جيستائين دنيا جو ڪاروبار هلندو رهندو ۽ ڪجھ ستارا ٻين ستارن جي طرف جهڪندا رهندا، آءُ ان ڳالھ جي ويجهو به نه ويندس. جيڪڏهن اهو خود منهنجو مال هجي ها، تڏهن به ان کي سڀني ۾ هڪ جيترو تقسيم ڪريان ها، جيتوڻيڪ هي مال الله جو مال آهي. ڏسو! بغير ڪنهن حق جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، بي اعتدالي ۽ فضول خرچي آهي. اها پنهنجي مرتڪب کي دنيا ۾ بلند ڪري ٿي، پر آخرت ۾ پست ڪري ٿي، ۽ ماڻهن ۾ ته عزت وڌائي ٿي، مگر الله جي نزديڪ ذليل ۽ خوار ڪري ٿي. جيڪو شخص مال کي بغير ڪنهن حقدار جي يا نا اهل ماڻهن کي ڏيندو، ته الله تعالى ان کي پنهنجي ڪرم کان محروم رکندو، ۽ ان جي دوستي ۽ محبت به ٻين جي حصي ۾ هلي ويندي، پر جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن ان جا پير ترڪي ويندا (يعني فقيري ۽ مسڪيني کيس گهيري ۾ آڻيندي)، ته پوءِ انهن جي مدد جو محتاج ٿيندو، جيڪي ان لاءِ نهايت بڇڙا ساٿي ۽ ڪمينا دوست ثابت ٿيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found