آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 123: تحڪيم

تحڪيم جي باري ۾ فرمايائين ته:

اسان ماڻهن کي نه، پر قرآن کي ”حَڪم“ (فيصلي ڪرڻ وارو) مقرر ڪيو هو. جيئن ته هي قرآن ٻن دفترين جي جلد جي وچ ۾ هڪ لکيل ڪتاب آهي، جيڪو زبان سان نٿو ڳالهائي، تنهن ڪري ضرورت هئي، ته ان جي لاءِ ڪو ترجمان هجي، ۽ اهي ماڻهو ئي هوندا آهن، جيڪي هن جي ترجماني پيا ڪندا آهن. جڏهن انهن ماڻهن اسان کي اهو پيغام ڏنو ته: اسين پنهنجي وچ ۾ قرآن کي ”حَڪم“ مقرر ڪريون، ته اسين اهڙا ماڻهو نه هئاسون، جو الله جي ڪتاب کان منهن موڙيون، جڏهن الله تعالى جو ارشاد آهي، ته جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو، ته (ان فيصلي، نبيرڻ لاءِ) الله ۽ رسول جي طرف رجوع ڪريو. الله جي طرف رجوع ٿيڻ، جو مطلب اهو آهي، ته اسين ان جي سنت تي هلون. سو جيڪڏهن الله جي ڪتاب مان سچائي سان حڪم(فيصلو) ڪيو وڃي، ته پوءِ ان جي روشني ۾ سڀني ماڻهن کان وڌيڪ (خلافت جا) حقدار اسان ئي ٿينداسون، ۽ جيڪڏهن رسول جي سنت مطابق فيصلو ڪيو وڃي، تڏهن به انهن کان زياده اسان ئي ان جا اهل ثابت ٿينداسون. هاڻي رهيو توهان جو اهو قول، ته توهان ”تحڪيم“ جي لاءِ پنهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ مهلت ڇو رکي! ته اهو مون ان ڪري ڪيو ته (ان عرصي ۾) نه ڄاڻڻ وارو تحقيق ڪري، ۽ ڄاڻڻ وارو به پنهنجي مسلڪ تي پختو ٿي بيهي، ۽ شايد الله تعالى ان صلح جي ڪري، هن امت جون حالتون درست فرمائي، ۽ اها (امت به بي خبريءَ ۾) گلو گهٽي تيار نه ڪئي وڃي، جو حق سچ جي ظاهر ٿيڻ کان پهرين جلدي ۾ ڪو قدم نه کڻي ويهي، ۽ پهرين گمراهي جي پٺيان لڳي وڃي. بيشڪ الله جي نزديڪ سڀني کان بهتر اهو شخص آهي، جيڪو حق جي پيروي ڪندڙ هجي، چاهي اهو هن جي لاءِ نقصان ۽ تڪليف جو سبب هجي ۽ باطل جي طرف رخ نه ڪري، چاهي اهو ان لاءِ فائدي جو سبب هجي. توهان کي ته گمراھ ڪيو پيو وڃي، آخر توهان ڪٿان (شيطان جي راه تي) آندا ويا آهيو؟ توهان ان قوم جي طرف وڌڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهيو، جيڪا حق کان منهن موڙي گمراھ ٿي رهي آهي، ۽ اهو ڏسي ئي نٿي ته انهن کي ٺڳ يسان گمراھ ڪيو ويو آهي، جو ان کان هٽي سڌي رستي تي نٿا اچڻ چاهين. اهي ماڻهو الله جي ڪتاب کان جدا رهڻ وارا ۽ سڌي رستي کان ٽڙيل آهن، ليڪن توهان ته پختا وسيلا نه آهيو، جو توهان تي ڀروسو ڪيو وڃي، ۽ نه عزت جا سهارا آهيو، جو توهان سان واسطو رکيو وڃي، توهان (دشمن لاءِ) جنگ جي باھ وڌائڻ جا اهل نه آهيو، توهان تي افسوس آهي، جو توهان کان مون کي ڪيتريون ئي تڪليفون سهڻيون پيون آهن. آءُ ڪهڙي به ڏينهن توهان کي (دين جي مدد لاءِ) سڏيان ٿو، ۽ ڪهڙي به ڏينهن توهان سان (جنگ جون) رازدانه ڳالهيون ڪريان ٿو، مگر توهان نه سڏڻ وقت سچا جوان مرد ۽ نه راز جي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ اعتماد جوڳا ڀائر ثابت ٿيو ٿا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found