اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 122: پنهنجي اصحابن کي فنونِ جنگ جي تعليم

پنهنجي اصحاب کي جنگ تي آماده ڪرڻ لاءِ فرمايائين ته:

زره پوش فوجين کي اڳيان بيهاريو ۽ بي زره فوجين کي پوئتي، ۽ ڏندن کي ڪرٽي ڀيڙيو، جو ائين ڪرڻ سان تلوارون سرن تان ٿڙنديون آهن، ۽ نيزن جي اُنِين جا پاسا بدلائي خالي ڪندا ڪريو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان انهن جا رخ بدلجي وڃن ٿا، ۽ اکين کي جهڪايو، جنهن کان حوصلا مضبوط ٿا رهن ۽ دليون قرار ۾ ٿيون رهن ۽ آوازن کي وڏي سڏ نه ڪريو، جنهن کان بزدلي ختم ٿي ٿئي، ۽ پنهنجي جهنڊن کي سرنگون نه ٿيڻ ڏيو ۽ نه انهن کي اڪيلو ڇڏيو. انهن کي پنهنجي جوان مردن ۽ عزت جي نگهبانن جي ئي هٿن ۾ ڏيو، جيئن ته مصيبتن جي ٽٽي پوڻ تي اهي ئي ماڻهو صبر ڪن ٿا، جيڪي پنهنجي جهنڊن جي چوڌاري گهيرو ڪري ساڄي کاٻي ۽ اڳيان پٺيان انهن جو احاطو ڪن ٿا، اهي پٺتي نٿا هٽن، (متان دشمنن جي هٿن ۾ اچن) ۽ نه اڳتي ٿا وڌن، جو انهن کي اڪيلو ڇڏي ڏين. هر شخص پنهنجي مقابلي ڪندڙ سان پاڻ خود نبيري ۽ دل و جان سان پنهنجي ڀاءُ جي به مدد ڪري، ۽ پنهنجي حريف کي ڪنهن ٻئي جي حوالي نه ڪري، متان اهو ۽ ان جو حريف ٻڌي ڪري ان تي اچي ڪڙڪن. خدا جو قسم! ته توهان جيڪڏهن دنيا جي تلوار کان ڀڄندا، ته آخرت جي تلوار کان بچي نه سگهندا! توهان ته عرب جا جوان مرد ۽ سربلند ماڻهو آهيو. (ياد رکو ته) ڀڄڻ ۾ الله جو غضب ۽ نه مٽجڻ واري خواري ۽ هميشه جي لاءِ شرمساري آهي. ڀڄڻ وارو پنهنجي عمر نٿو وڌائي ۽ نه ان ۾ ۽ ان جي موت جي ڏينهن ۾ ڪا شيءِ حائل ٿئي ٿي. الله تعالى ڏي وڃڻ وارو ته ائين آهي، جيئن ڪو پياسو پاڻي تائين پهچي وڃي. جنت نيزن جي چهنبن هيٺان آهي. اڄ حالتون پرکيون وينديون. خدا جو قسم! آءُ انهن دشمنن سان دوبدو ٿي وڙهڻ جو ان ڳالھ کان زياده مشتاق آهيان، (جيترو) اِهي (ماڻهو) پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ جا شائق هوندا آهن. خداوندا! جيڪڏهن هي حق کان انڪار ڪري ڇڏين، ته تون انهن جي جٿي کي ٽوڙي ڇڏ ۽ انهن کي هڪ آواز تي گڏ ٿيڻ نه ڏي، ۽ انهن جي گناهن جي عيوض ۾ هنن کي تباھ ۽ برباد ڪر.

هي پنهنجي موقف (شر ۽ فساد) کان ان وقت تائين هٽڻ وارا نه آهن، جيستائين مٿن نيزن جا اهڙا وار ٿين، (جنهن کان زخمن جا منهن اهڙي طرح کلي وڃن جو) هوا جون لهرون وڃي سگهن، ۽ تلوارن جا اهڙا ڌڪ لڳن، جيڪي سندن سرن کي اڌو اڌ ڪن ۽ هڏن جا ٽڪر اڏامي وڃن، ۽ ٻانهن ۽ پيرن کي ڀڃي اڇلائي ڇڏين ۽ متواتر لشڪرن جو نشانو ٿيندا رهن، ۽ اهڙيون فوجون اچي هنن تي ڪڙڪن، جن جي پٺيان (ڪمڪ لاءِ) ٻين شهسوارن جا دستا به هجن، ۽ سندن شهرن تي هڪٻئي پٺيان فوجون متواتر چڙهايون ڪن، تان جو انهن جا گهوڙا سندن زمينن کي آخر تائين لتاڙي ناس ڪن، ۽ انهن جي سائن پوکن ۽ چراگاهن کي پيلي پامال ڪن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found